شخصيتون ۽ خاڪا

آءُ اسان وٽ ويههُ (انٽرويو)

هي ڪتاب خوبصورت شاعر ۽ ليکڪ امر اقبال پاران ورتل انٽرويوز تي مشتمل آهي. جيڪي هُنَ مختلف وقتن تي ريڊيو خيرپور، ٽماهي ”پوپٽ“، يا ڪِن ٻين رسالن لاءِ ڪياآهن. انٽرويو، ڪجهه ويجھڙائيءَ ۾ ڪيل آهن ته ڪجهه وري آڳاٽا آهن، پَرَ سليقي ۽ نفاست سان ڪيل اِهي انٽرويو، جوابن جي صورت ۾ معزز ليکڪن/شاعرن پاران سامهون آيل قيمتي ويچارَن سبب، پَئي پُراڻا ناهن ٿيڻا. هي ڪِتابُ ليکڪن/شاعرن جي خيالن جي مختلف Flevers جي ڪري، نهايت دلچسپ آهي ۽ اسين سمجھون ٿا ته اوهان هِنَ ڪِتابَ کي ڪڏهن به اڌ ۾ ڇڏي نه سگهندؤ.
  • 4.5/5.0
  • 2727
  • 773
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر اقبال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آءُ اسان وٽ ويههُ  (انٽرويو)

محبت کي ڪنهن به فريم ۾ بند نٿو ڪري سگهجي

اَمر اقبال: پاڻ اُهي ساڳيا/ساڳيا ڪنارا!/سمنڊ جاڳي ٿو...... ”سمنڊ جاڳي ٿو“ کانپوءِ واري عرصي ۾ اوهان جي اندر جي سمنڊ جي ڪيفيت ڪهڙي رهي آهي؟
ادل سومرو: شاعر جو اندر ته هميشه بيچين رهندو آهي ۽ سندس Inspiration جا وسيلا ڪڏهن ماٺا ته ڪڏهن تيز رهندا آهن. جيئن سمنڊ جي ڇولين ۾ ڪڏهن تيزي ته ڪڏهن ماٺار اچي ويندي آهي.... ته شاعر جي اندر جي سمنڊ جي ڪيفيت به ائين ئي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو مهينن جا مهينا ڪجهه نه ٿو لکي سگهي، ڪڏهن موج ۾ اچي ٿو وڃي ته هڪ ڏينهن ۾ ايتري تخليق ڪري ٿو وڃي، جيتري هڪ سال ۾ به نه ڪري سگهيو هوندو. اهڙيون ڪيفيتون تقريبن هر شاعر سان ٿين ٿيون، ڪوئي به شاعر مسلسل نه ٿو لکي سگهي. جيستائين منهنجو سوال آهي، ته مان سمجھان ٿو ته مان لکندو رهيو آهيان ۽ ڪوشش رهي آهي ته ايتري وڏي gape نه اچي جو مان پنهنجي پڙهندڙن کان پري رهجي وڃان. منهنجي شاعريءَ جي پوئين ڪتاب ”سمنڊ جاڳي ٿو“ جيڪو 1994ع ۾ ڇپيو، ان کانپوءِ به مون مسلسل لکيو آهي ۽ تمام گهڻي شاعري مختلف جايُن تي ڇپجندي رهي آهي، معنيٰ ته منهنجي اندرَ جو سمنڊ به مسلسل جاڳندو ئي رهيو آهي.

اَمر اقبال: تنهنجي مرڪ ـــ تلاءَ جو، ڳوليندي چارو/ اڃان اڃارو، هرڻ منهنجي چاههَ جو..... ڇا اها اُڃَ اڃا به باقي آهي؟ انهيءَ جو ڇيههُ ڪٿي آهي؟
ادل سومرو: چاهت، محبت ۽ درد جو ڇيهه ته ٿيڻو ئي ناهي. سنڌ جي شاعريءَ ۾ يا ٻاهرين شاعريءَ ۾ اهڙو ئي اظهار ملي ٿو.

نه ڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سِڪَ
عدد ناهي عشق، پڄاڻي پاڻ لهي

يعني توهان محبت کي ڪنهن فريم ۾ بند نه ٿا ڪري سگهو ۽ نه ئي ان جو ڪو ڇيهه به آهي. محبت کي ماپي نه ٿا سگهو. سڪ جو ڪو انت ڪونهي ۽ ان جي پڄاڻيءَ لاءِ ڪو عدد مقرر نه ٿو ڪري سگهجي. هتي ڪنهن به Mathematical formula جو، ڪنهن فٽ ـــ پٽيءَ جو ڪم ناهي. بس سڄي زندگي ماڻهو اڃايل ئي رهي ٿو ۽ اها ئي اڃ آهي جيڪا انسان جي جياپي کي ڪا نه ڪا معنيٰ ڏئي ٿي.... ۽ مان سمجھان ٿو ته جڏهن اها اڃ باقي نه ٿي رهي ته روحَ جو هرڻ پاڻمُرادو مري وڃي ٿو.

اَمر اقبال: دوستيءَ کي روشني سمجھي اسان/ ڪلهه وياسي راههَ ۾ رُلجي اسان..... اها ته هئي ”ڪلهه“، ”اڄ“ اوهان ڪٿي بيٺا آهيو؟
ادل سومرو: (کلندي ۽ ان کانپوءِ سوچيندي) دوستيون، محبتون هميشه هڪ جهڙيون نه ٿيون رهن. روين جن شڪايتون تقريبن سڀني شاعرن جي شاعريءَ ۾ موجود آهن. ڪٿي انهن کي محبتون مليون آهن، ڪٿي دوستن جي روين جي ڪري ڏکارا به ٿيا آهن. مان سمجھان ٿو ته ”دوستي“ هڪ وسيع لفظ آهي. ان کي اوهان ننڍڙي معنيٰ ۾ نه ٿا وٺي سگهو. ٻن دوستن جي وچ ۾ جيڪو relationship ٿئي ٿو، اهو ڪجهه ٻي طرح ٿئي ٿو. پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ جيڪو ناتو آهي، اهو انهن کي ورثي ۾ مليل آهي، پر جيڪڏهن انهن جي وچ ۾ ”دوستي“ ناهي ته سندن رشتو اهميت وڃائي ويهي ٿو. دوستي نالو آهي ويجھڙائپ جو، پنهنجائپ جو. پنهنجائپ ۾ وري ڪڏهن ڪڏهن ڏک به ملن ٿا. اسان سڀني جا لاڳاپا اسان جي روين تي depend ڪن ٿا. جيئن هتي اڄ پاڻ ويٺا آهيون ته روين جي ڪري. اسان مان ڪو به ڪنهن سان ملڻ لاءِ پابند ناهي!.... ايترا سارا شاعر، اديب رهن ٿا، پر ضروري ناهي ته اسان مان هر ڪوئي هر ڪنهن سان ملي، اهو مدار رکي ٿو، روين تي. ڪنهن جاءِ تان محبت ملي ٿي ته اسان اوڏانهن ڇڪجي وڃون ٿا. ماڻهو attitudes جي ڪري ئي ويجهو ٿئي ٿو ۽ attitudes جي ڪري ئي پري ٿي وڃي ٿو. زندگيءَ ۾ اهي ڳالهيون رهڻيون آهن، جيستائين زندگي آهي.... تعلقات ۾ ويجھڙائپ ۽ دوري رهڻي آهي. باقي ڪنهن مان expectations نه رکڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڪنهن مان ڪجهه expect ڪري ٿو ۽ هو پورو نٿو لهي ته پوءِ ڏک ئي ٿئي ٿو. ٻيو وري Tolerance جو جذبو به آهي. رواداريءَ ۾ گهڻو ڪجهه tolerate ڪرڻو ٿو پوي. ڪيتريون ئي شيون برداشت ڪرڻيون ٿيون پون. شاعري ته اندر جي ڪيفيتن جو اظهار آهي. سماج مان مليل درد، گهرو مسئلا، محبت جا مامرا، درد جي سڀني رنگن کي شاعر پنهنجي شاعريءَ جي رنگ ۾ رنڱي ٿو ڇڏي. اهو وري پڙهندڙ جي پنهنجي approach تي آهي ته ان شيءِ کي ڪيئن ٿو perceive ڪري. دوستين ۽ بيوفائين جي مرحلن مان هر ڪوئي گذري ٿو پر ان جو اظهار نه ٿو ڪري سگهي. شاعر ڪري ٿو ته پڙهندڙ کي اها ڳالهه پنهنجي محسوس ٿئي ٿي.

اَمر اقبال: شاعر ڄڻ درٻاري آهن/سڀني آڏو ڪنڌ جھُڪائڻ/دوها ڏئي دينار وٺن ٿا/حرمسراءِ جي دروازي جي/ دَزَ چُمي پوءِ شعرَ لکن ٿا..... اسان جو شاعر، اديب ايڏو هلڪڙو ڇو ٿي پيو آهي؟
ادل سومرو: ڇاهي ته، آرٽسٽ مان جيڪڏهن انا ختم ٿي وڃي ته اهو آرٽسٽ نه ٿو رهي. خودداري، انا ۽ عزت نفس قائم آهي ته سڀ ڪجهه آهي. هتي ”انا مان“ منهنجي مُراد ”اجائي وڏائي“ ناهي. باقي عزت نفس نه ٿو رهي ته انسان، انسان ئي نه ٿو رهي. شاعر يا آرٽسٽ ته بعد جي ڳالهه آ. شاعرن جو درٻاري role به واقعي رهيو آهي. جڏهن اسان انهن کي condemn ٿا ڪيون ته معنيٰ اسان انهن کي سٺو ڪونه ٿا سمجھون. مون پنهنجي انهيءَ نظمَ ۾ سڪي جي ٻن پاسن کي واضح ڪيو آهي. هڪ شاعر جنهن وٽ پنهنجي ماڻهن، پنهنجي ڌرتي لاءِ Commitment آهي ۽ٻيو جنهن وٽ اهڙي قسمَ جي ڪا شيءِ ڪانهي، مون Committed ۽ Non Committed شاعرن/اديبن ۾ فرق بيان ڪيو آهي.
اسان جو شاعر ۽ اديب ايڏو هلڪڙو ڇو ٿي پيو آهي؟ واري سوال جو جيستائين تعلق آهي ته..... منهنجي خيالَ ۾ پنجَ ئي آڱريون برابر نه آهن. موقع پرست ماڻهو پنهنجي فن کي وڪڻن ٿا، موقعو ڏسي پنهنجي اگهه جو بينر کڻي بيهي ٿا رهن. زماني جي لحاظ کان اهي ضرور اڳتي نڪري ٿا وڃن، پر جيڪا دائمي عزت آهي، مانُ آهي، اهو وڃائي ويهي ٿا رهن. اهي ماڻهن جي دلين ۾ مري وڃن ٿا. هڪ آرٽسٽ پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ دفعو به جيڪڏهن اهڙو ڪم ڪري ٿو ته سندس ڪردار کي داغ لڳي ٿو وڃي. اديبن جي هلڪڙائپ تي مون کي هڪ واقعو به ياد ٿو اچي، پر ان کان اڳ مون کي پنهنجو هڪ شعر ٿو ياد اچي ته:

اي ڪوي! سرڪار توکي سون جو تمغو ڏنو
پر اهو تنهنجي خوديءَ جهڙو نه هو

......واقعو ائين هيو ته ڪجهه وقت اڳ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز پاران ڪجهه رائيٽرز کي پاڪستان جو ٽوئر هڻايو ويو، جنهن ۾ اسان به هياسين. ان موقعي تي منهنجي قاضي جاويد سان ملاقات ٿي جيڪو لاهور جو سُڄاڻ دانشور ۽ اڪيڊميءَ جو پنجاب لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر پڻ آهي. قاضي صاحب ٻڌايو ته: ”اسان وٽ ڪيترائي شاعر، اديب، صدارتي ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿون ۽ وزيرن مشيرن کان سفارشون ڪرائن ٿا، جيڪا هڪ عجيب ڳالهه آهي. اهڙي ئي ماحول ۾ جڏهن اديبن جون ايوارڊ حاصل ڪرڻ جي چڪرن ۾ جُتيون گسي ٿيون وڃن. تڏهن الطاف فاطمه جيڪا اردوءَ جي سينيئر رائيٽر آهي ۽ لاهور ۾ رهي ٿي...... ان ڏانهن مان ٻه دفعا صدارتي ايوارڊ وٺڻ لاءِ حڪومت جي سفارش کڻي ويس، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ دفعو ته سندس مالي حالت به ڏاڍي خراب هئي، تڏهن به هن چيو ته توهان پنهنجي اداري طرفان ڪائي assignment ، ڪوئي ترجمي جو ڪم وغيره مون کي ڏيو ته مان اهو ڪندس پر صدارتي ايوارڊ نه وٺندس“..... هن پنجاهه هزار رپيا، پلاٽ ۽ شهرت کي ٺڪرائي ڇڏيو،حالانڪه هن جو اردو ادب ۾ ڪافي سارو ڪم آهي، هوءَ deserve ڪري ٿي ته کيس ايوارڊ ڏنو وڃي پر پوءِ به هن ايوارڊ نه ورتو...... ۽ ان واقعي مان ظاهر ٿو ٿئي ته اڃا به اهڙا اديب آهن، جيڪي هروڀرو به رياستي ادارن آڏو ڪونه ٿا جھڪن. اسان جي سنڌي ادب ۾ به اهڙا ماڻهو آهن جيڪي انهن شين ۾ believe نه ٿا ڪن. جن جي لاءِ لقب، خطاب، عهدا ۽ ايوارڊ اهميت نه ٿا رکن.
جيستائين ڪنهن شاعر اديب جو پنهنجي اصولن، نظرين ۽ آدرشن تان ڦري وڃڻ جو تعلق آهي..... ته منهنجي خيال ۾ اهڙن تضادن سان ادب جون تاريخون ڀريون پيون آهن. هڪڙا جيڪي زندگيءَ ۾ ڪنهن دؤر ۾ وڏا انقلابي ليکيا وڃن ٿا، اُهي زندگيءَ جي ڪنهن ٻي دؤرَ ۾ انقلاب جي خلاف نظم لکن ٿا. ورڊس ورٿ جنهن کي ”فطرت جو شاعر“ چيو ٿو وڃي...... تمام وڏو نالو آهي. سندس هڪ ڪتاب “Lyrical Ballads” سندس دوست ”ڪولرج“ سان گڏ ڇپيو هو. ڪولرج جي ڪري ئي هو هڪ شهر مان لڏي اچي سندس شهر ۾ رهيو هو. مون ذڪر پئي ڪيو ته ورڊس ورٿ هڪ دؤر ۾ فرانس جي انقلاب جي حمايت ۾ انقلابي نطم لکيا. وري هڪ دؤر اهڙو آيو جو هن جا خيال مٽجي ويا ۽ هو چوڻ لڳو ته اهي سڀ انقلابي نعرا بڪواس آهن. انسان کي صرف ۽ صرف Nature سان هم آهنگ ٿيڻ گهرجي. ورڊس ورٿ جي سياسي/نظرياتي نقطه نِگاهه ۾ فرق ضرور اچي ويو، هُنَ جي اڳوڻن ۽ نون خيالن ۾ ٽڪراءُ ضرور اچي ويو، پر سندس شاعري اڄ به زندهه آهي. هو Social reformsيا Parliamentary reforms جي خلاف ٿي ويو هو، بلڪه انسان کي مليل Vote ڪرڻ جي حق کي به تسليم نه پئي ڪيائين. هڪ طرح سان اهي ڳالهيون رجعت پرستانه ليکي سگهجن ٿيون.
هڪ سٺو شاعر جيڪڏهن خوبصورت گيت ڏئي ٿو، زندگيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ وري نظرياتي طرح سان ان جي بلڪل ابتڙ ٿي وڃي.... ته اهي تبديليون به انسان جي زندگيءَ ۾ اچن ٿيون. هتي وري اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڪنهن شاعر جي نظرياتي ڪمزورين جي ڪري سندس فن/شاعريءَ کي reject ڪري ڇڏجي؟. جيڪڏهن سنڌ جو هڪ وڏو شاعر آهي، سندس زندگي فن لاءِ وقف ٿي وڃي ٿي پر ان جو هڪڙو عمل آهي جيڪو رياست جي فائدي ۽ عوام جي نقصان ۾ وڃي ٿو، ٻين لفظن ۾ عوام ان کي پسند نه ٿو ڪري ته ان جو اهو عمل ان جي شخصيت کي داغدار ته بنائي ٿو پر پوءِ به هن کي يا سندس فن کي مڪمل طرح سان reject نه ٿو ڪري سگهجي. اسان جي ادب جي تاريخ ۾ اهڙا الاهي سارا مثال رهيا آهن. جيئن قاضي قادن هيو، اسان جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو جائزو وٺبو ته اها سندس ذڪر کانسواءِ صفا اڌوري آهي. قاضيءَ جي شاعريءَ کي اسان اهم سمجھون ٿا پر سندس سياسي نظرين سان اسان اختلاف ٿا رکون، شخصي لحاظ کان ائين چئجي ته هو هڪ ڪمزور ماڻهو آهي، جيڪو ڌارين سان گڏجي مقامي ماڻهن تي ظلم ڪري ٿو، انهن سان ڏاڍ ۾ ڀاڱيوار آهي. هن جي سياست اسان لاءِ نفرت جوڳي آهي. سندس شاعري وري به اهميت رکي ٿي.... هِتي مان سمجھان ٿو ته اهو اسان وٽ وري به منجھيل سوال آهي ته ڪنهن شخص جي ذاتي ڪمزورين کي ڏسندي سندس فن کي ڪهڙي درجي تي رکون؟. انسان جي ڪردار جي اهميت بهرحال آهي. هڪ آرٽسٽ جي ڪنهن ذاتي غلطيءَ جي ڪري ان جي فن جي چاهيندڙن کي ڌچڪو لڳي ٿو، انهن کي ڏک ٿئي ٿو. ڪنهن آرٽسٽ جو سندس آدرشن تان ڦري وڃڻ ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي. انسان سموري زندگي آدرشن جي پويان ڊوڙي ٿو پر هڪ وقت اهڙو به اچي ٿو جو هو مايوس ٿي وڃي ٿو، ٿڪجي پوي ٿو ۽ پوءِ سوچي ٿو ته: ”ڇا جا نظريا؟ ڇا جا آدرش؟ اسان کي به زماني سان گڏ هلڻ گهرجي“. هونئن شاعر وقت ۽ زماني جي عام وهڪري کان الڳ رهيو آهي. سماج مفادن تي ٻڌل آهي. جنهن رُخَ ۾ مفاد هوندو، ان رُخَ ۾ لهي پئبو. هڪ آرٽسٽ انهن مفادن ۾ believe نه ٿو ڪري. هو زندگيءَ جي بنيادي Values ۾ ايمان رکي ٿو. انهن تي ڪنهن به قسمَ جي سوديبازي ڪرڻ نه ٿو چاهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ٿڪجي ٿو پوي ۽ هارَ مڃي ويهي ٿو رهي. اسان جي سياسي توڙي ادبي وايو منڊل ۾ ڏسجي ته ڪيترائي وڏا وڏا آدرشي، جھونا انقلابي، ڊگهو سفر ڪري آخر ۾ ٿڪجي پيا. انقلاب جا نعرا هڻي هڻي سندن نڙيون ويهجي ويون. ماڻهن کي الائي ڪهڙن رستن ڏانهن وٺي آيا ۽ هڪ موڙ اهڙو آيو جو پاڻ کسڪي ويا. ته اهي ڳالهيون جن کي هلڪڙائيءَ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. تاريخ جي هر دؤرَ جو حصو رهيون آهن.

اَمر اقبال: مان ٻُڍائپ ۾ به توکي چاهيندس/ ناهه توسان پيار منهنجو عارضي.... ته ڇا ”عشق“ لاءِ اوهان ”سچل“ واري فلاسافيءَ کي اپنايو ٿا؟
ادل سومرو: محبت اهو احساس يا جذبو آهي جنهن جي ڪا حد ڪانهي ڪا. محبت ۾ ڪا درجه بندي نه هجڻ گهرجي. ڪجهه عرصو اڳ ٽيليويزن تي بانو قدسيه جو ڊرامو هليو هو، جنهن ۾ هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي دوست سان محبت ٿي ڪري، جنهن ۾ هو ڇوڪريءَ کي چئي ٿو ته: ”مان توکان وڏي عمر جو آهيان، تون مون سان عشق ڪيئن ٿي ڪرين؟“. جنهن تي ڇوڪري جواب ٿي ڏئيس ته: ”عشق ڪا سرڪاري نوڪري ته ناهي جنهن ۾ Age Limit رکي ويندي آهي“.... ان ڪري محبت جي ڪا عمر نه ٿي ٿئي. اها هميشه رهي ٿي.

امر اقبال: نصير مرزا صاحبَ تازو هڪ اخباري انٽرويو ۾ چيو آهي: ”ته هڪ پوڙهو ۽ هڪ پوڙهي هڪ ٻئي کي زور ته ڏئي سگهن ٿا، عشق نه ٿا ڪري سگهن“..... اوهان جو ڇا خيال آهي؟
ادل سومرو: (مسڪرائيندي) نصير جي ڳالهه سان مان agree ناهيان. عشق جو تصور صرف Sex ناهي. عشق جسمن جي ميلاپ جو نالو ناهي. عشق ته روحن جو ميلاپ آهي. منهنجي نظر ۾ اها محبت آخر تائين رهي ٿي. ”عشق“ ۽ “Sex” کي مان الڳ الڳ ٿو سمجھان.

اَمر اقبال: پينگهه تي او پوپري! تنهنجو لڏڻ/ ڪين ٿو وسري سگهي تنهنجو کلڻ.... ڇا اهو ”کلڻ“ اڃان تائين ناهي وسريو اوهان کان؟
ادل سومرو: (هڪ وڏو ٽهڪ) اهي ڳالهيون ته هاڻي زندگيءَ جو حصو آهن. زندگيءَ ۾ جيڪي عڪس ٿين ٿا. محبتن جا، چاهتن جا، اُهي هڪڙا وڏا داستان ٿين ٿا. ماڻهو جتان جتان گذري ٿو..... واقعا، حالتون، ڪيفيتون انهن کان ضرور inspire ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪنهن منظر مان متاثر ٿجي ٿو.... اهي جيڪي آهن Sources of inspiration آهن. فطرت مان، خوبصورت چهرن مان، واقعن مان متاثر ٿي ئي شاعر سٺو شعر تخليق ڪري ٿو. مان سمجھان ٿو..... ته هڪ شاعر جو تخيل ته حقيقت کان به وڌيڪَ خوبصورت ٿئي ٿو. زندگيءَ جا منظر سهڻا آهن، پر شاعر جڏهن انهن کي سٽن ۾ سمائي ٿو ته اهي وڌيڪَ سهڻا ٿي وڃن ٿا. حقيقت جيئن جو تيئن ايتري خوبصورت ناهي جيتري هڪ آرٽسٽ، مصور يا شاعر ان کي معنيٰ ڏئي، ان کي اڃان به وڌيڪَ Powerful بنائي ٿو ڇڏي.

اَمر اقبال: سونهن جا اُجرن پکين ۾ ٿي رهي/شاعرن جي سا دلين ۾ ٿي رهي..... پاڻ وٽ اڄوڪين حالتن ۾، اوهان جي اها ڳالهه، بلڪل ڪتابي ڳالهه نه ٿي لڳي؟
ادل سومرو: اصل ۾ ائين ٿئي ٿو جو شاعر هميشه جتي ڪٿي حسن، نيڪي ۽ چڱائيءَ جي ڳولا ڪندو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جيئن چيو هو:

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو
هر ڪا دل هيرن جي کاڻِ

....ته ڇا واقعي، هرڪو ماڻهو ”موتيءَ داڻو“ آهي ۽ هرڪا دل ”هيرن جي کاڻ“ آهي؟ هڪ شاعر جي اک هر ماڻهوءَ کي موتيءَ داڻو ۽ هر دل کي هيرن جي کاڻ ڏسڻ جي خواهشمند آهي. شاعر ته هڪ عام انسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪَ معتبر يا کڻي چئجي منفرد ٿئي ٿو. ان جو اندر يقيناً اجرن پکين وانگر سهڻو هئڻ گهرجي . اها منهنجي خواهش آهي ته جيئن سندس تخليقون خوبصورت آهن، ائين ئي سندس مَنُ به هُجڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن هڪ شاعر اسان کي سُهڻا سُهڻا شعر ڏئي ٿو پر سندس اندر ۾ ڪوجھائپ ڀري پئي آهي ته سندس شاعري لفاظيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿي رهي.

اَمر اقبال: ”پوپٽن جون محبتون/۽ گلن جي دوستي/ شاعريءَ مون کي ڏني“ ۽ ”ڪوتا جي ڳولا ۾ ٿياسي. مرڪ ـــ نگرکان دور/ڏات اسان تي ڇانوَ نه ڪئي پر نانو ٿيا مشهور“..... انهيءَ تضاد جي وضاحت ڪيئن ٿا ڪريو؟
ادل سومرو: اهو تضاد ائين آهي ته هڪ هجي ٿي روحاني خوشي ۽ ٻيون ٿين ٿيون زماني جون حالتون. هاڻي هڪ شاعر کي سندس پڙهندڙن وٽان ته محبت ۽ عزت ملي ٿي.... اها کيس روحاني طرح خوش رکي ٿي. زماني جي نقطئه نِگاهه کان شاعر کي Society ۾ جيڪو Social status ملڻ گهرجي اهو نه ٿو ملي. دلي سڪون ۽ محبتون پنهنجي جاءِ تي پر سماج ۾ survive ڪرڻ لاءِ کيس ٻيو به گهڻو ڪجهه کپي ٿو. جيئن شيخ اياز چيو هو ته: ”شاعريءَ ۾ پئسو ۽ پئسي ۾ شاعري ناهي“..... ته هڪ شاعر جي حيثيت ۾ جڏهن هڪ شاعر اسٽيج تي شعر پڙهي ٿو ته ”واهه واهه“ ٿئي ٿي، تاڙيون وڄن ٿيون پر جڏهن هو گهر موٽي ٿو، ته اُتي اٽو ڪونهي، چانور ڪونهن..... وري هڪ ٻيو الميو به آهي ته جيڪي اديب سماجي Status جي لحاظ کان سگھارا آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ غريب اديب کي مڃتا گهٽ ٿي ملي. طبقاتي سماج (Class Society) ۾ ايئن ٿئي ٿو. توڙي جو اسان ان ڳالهه ۾ Believe نه ٿا ڪريون، پر پوءِ به اسان وٽ ايئن ٿئي ٿو. جيئن ٻين Societies ۾ ڪنهن به تخليقڪار جو قد ان جي تخليقن جي بنياد تي طئه ٿئي ٿو، هتي وري سندس قد جي ڪٿ سندس مالي حالتن، واسطن، اثر رسوخ جي حساب سان ڪئي ٿي وڃي. مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ ڏات ڇانوَ نه ٿي ڪري.... ڪو اديب بيمار ٿئي ته ان جو علاج نه ٿو ٿي سگهي، معمولي دوا لاءِ پئسا نه ٿا ٿي سگهن، وڏا پرڏيهي علاجَ ۽ لکن جا خرچَ ڪونه ٿا ليکيون. نثار بزميءَ جو مثال آهي، جنهن لاءِ معمولي علاجَ جو بندوبست ٿي نه سگهيو. ڪيترائي ٻيا اهڙا شاعر اديب آهن جن وٽ علاج لاءِ، کائڻ لاءِ وسيلا ڪونهن.... ته اها جيڪا تنگدستي آهي، اها نه هجڻ گهرجي. جڏهن اسان چئون ٿا ته شاعر اسان جي سماج جو معتبر فرد آهي.... پرٻئي پاسي اسٽيٽ طرفان ان کي ڪوئي Shelter نه ٿو ڏنو وڃي. ٽاڪ منجھند، شاعر بيروزگار.... معنيٰ ڏاتِ اها ڇانوَ نٿي ڪري ۽ شاعر مالي لحاظ کان Society ۾ اهو مقام حاصل نه ٿو ڪري سگهي، جيڪو هڪ رانديگر حاصل ڪري ٿو وٺي. اسان جن کي معاشري جي Cream ۽ سماج کي Change ڪندڙ ذهن چئون ٿا، اُهي ٻين کي اميد جي روشني ڏين ۽ پاڻ اونداهين ۾ ئي رهن.... انهيءَ تضادَ کي مون لکيو آهي.
اسان وٽ سوين تجربا آهن. خود اسان جي ننڍي عُمر ۾ يا هاڻي ڏاڍي ڏکوئيندڙ ڪيفيت نظر آئي آهي. اسان وٽ رائلٽيءَ جو به مسئلو آهي. رائيٽر جي ڀيٽ ۾ راڳي، اداڪار يا مصور وري به ڪجهه نه ڪجهه earn ڪري ٿا وٺن، شهرت سان گڏ پئسو به ڪمائي ٿا وٺن. هڪ راڳيءَ کي جڏهن ڪنهن پروگرام ۾ گهرايو ٿو وڃي ته ڏهه پندرنهن هزار رپيا اسان کيس advance ۾ ڏيون ٿا، پر جڏهن ڪنهن شاعر کي ڪنهن مشاعري جي صدارت لاءِ گهرايون ٿا ته سفر جو ڪرائو به کيس پنهنجي کيسي مان ڪرڻو ٿو پوي. سنڌي ادبي سنگت ۾ ئي، منهنجو ذاتي تجربو آهي ته دوستن ڪوئي ادبي ميڙاڪو، ڪوئي جشن celebrate ڪرڻ لاءِ پنجاهه سٺ هزار رپيا مخصوص ڪيا، راڳيءَ کي ڏهه ويهه هزار رپيا ڏنا، پر جيڪو اديب ان جشن جي صدارت ٿو ڪري، ان کي ٽرانسپورٽ جي سهولت به مهيا نه ٿي ٿئي. اديب ويچارو وڏي اسٽيج جي سڀ کان اوچي ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ۽ واپس وڃي ڊٺل جھڳيءَ ۾ ڇنل کٽ تي سمهي ٿو.... ته ان کي ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته: ”ڏات اسان تي ڇانوَ نه ڪئي“.... اسان جو هڪ اديب جي ايم سومار سومرو، جنهن ”سائنس ۽ جادو“ جي نالي سان هڪ بهترين ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ترجمو ڪيو ۽ ٻيا به ڪافي سُٺا ترجما ڪيا، پر هو انتهائي تنگدستيءَ جي حالت ۾ هڪ اخبار ۾ پورهيو ڪري ڪري مشڪل ۽ گمنام حالت ۾ گذاري ويو. خود مولائي شيدائي ڏسو. سندس ذاتي زندگي، ڊائريءَ جا ورق، پڙهندؤ ته ڪڏهن ڪڏهن وٽس ويلو کائڻ لاءِ به نه هوندو هو. ٻچڙيوال ماڻهو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ abnormal حالت ۾ فوت ٿي ويو. هڪ ماڻهو جيڪو سڄي زندگي ٻولي ۽ ادب کي ارپي ٿو. ريلوي ۾ گارڊ ٿي ڪري، ٻولي ۽ تاريخ کي contribute ٿو ڪري، ان کي موٽ ۾ اسان جي ادارن طرفان پذيرائي، محنتن جو ثمر ڪونه مليو. اسان جي معاشري ۾ ڪتاب کان وڌيڪَ رانديڪي جي اهميت آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ايئن ته ٿيڻو ئي آهي.

اَمر اقبال: منهنجو پيءُ نيرولي آهي/ هن جو ٺاهيل ڪوئي اجرڪ/ شايد اوهان جي گهر به هجي.... ”نيروليءَ جو خواب“ وارو ”نيرولي“ جيڪو اوهان جو والد صاحب آهي. ان فنڪار جي فن جو ”ادل سومري“ جي فن تي ڪيترو ۽ ڪهڙو اثرُ آهي؟
ادل سومرو: هي جيڪو اجرڪ ٺاهڻ جو هنر آهي، ان جو purely سنڌ جي ثقافت سان واسطو آهي. منهنجي لاءِ cultural محبت به inspiration جو وسيلو رهي آهي. ٻيو ته وري اسان جا جيڪي هنرمند آرٽسٽ آهن، سماج ۾ انهن جي exploitation ٿئي ٿي. اهي ڳالهيون به اثر ڇڏين ٿيون.... ۽ منهنجي شاعريءَ ۾ اهڙن موضوعن جو اچي وڃڻ به فطري آهي. ماحول جو وڏو اثر ٿئي ٿو. هاريءَ جي ٻارَ کي Nature کي ويجھو کان ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو، اهڙي نموني سان وري منهنجي آس پاس اجرڪ جا ڪاريگر اجرڪون ڇريندا هئا ته اهي تشبيهون منهنجي شاعريءَ ۾ اچي ويون.

اجرڪ جي ڦُلڙيءَ ۾ جيڏي، هوندي آهه اڇاڻ
منهنجي من ۾ اهڙو اجرو پيار اوهان جي ڪاڻِ

يا وري هڪ ٻيو شعر آهي ته:

اجرڪ جا رنگ اڏري ويندا
جي ڪلچر آهي خوف ۾ ورتل

اجرڪ جي باري ۾ منهنجو هڪ تحقيقي مقالو پڻ ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيو هو.... ته اهو ڪهڙي process مان گذري تيار ٿئي ٿو.... ۽ هي نظم جيڪو ”نيروليءَ جو خواب“ آهي، ان ۾ جيڪو نيرولي آهي، اجرڪ ڇُريندڙ، جنهن کي رنگريز به چون ٿا..... اهو هڪ علامت آهي. اهو انهن سڀني هنرمندن کي represent ڪري ٿو جيڪي سنڌ ۾ آهن جيڪي زوال ۾ هليا ويا آهن. جن کي ڄاڻي واڻي پوئتي ڌڪيو ويو آهي، انهن جي سرپرستي ناهي ڪئي وئي..... ۽ نتيجي ۾ انهن وٽ صرف خواب رهجي ٿا وڃن.
اسان جي سوسائٽيءَ جا معيار به fudalist آهن، هڪ هنر مند جيڪو سماج کي خوبصورت بنائڻ ۾ پنهنجون صلاحيتون خرچ ڪري ٿو ان جي عزت ان ڪاموري کان مٿاهين نه ٿي هجي، جيڪو رشوت خوري ڪري پنهنجا کيسا ٿو ڀري ۽ جيڪو سوسائٽيءَ کي disbalance ڪرڻ ۽ process کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ٿو ادا ڪري. لطيف سائينءَ پورهئي جي اهميت کي سمجھيو ۽ اسان کي ٻڌايو:

هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن
ڳنڍن سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا

جنهن سماج ۾ اصل عزت لائق فردن کي اهميت ۽ عزت نه ملندي آهي، اهو سماج مصنوعي ۽ ڏيکاءُ وارو سماج هوندو آهي، اسان وٽ اهڙي قسم جو کوکلو سماج اڳتي نڪري رهيو آهي. اسان جي خوابن، اسان جي تصور وارو سماج ڳوليو ڪونه ٿو لڀي، جيئن پاڻيءَ ۾ ڪک ترندا آهن ۽ هيرا تري ۾ رهجي ويندا آهن.... بلڪل ائين اسان جي سماج ۾ سطحي ڳالهين کي اهميت ملي ٿي وڃي ۽ ٺوس ۽ حقيقي ڳالهين کي اهميت نه ٿي ملي، ”نيروليءَ جو خواب“ اهڙي سوسائٽيءَ خلاف هڪ احتجاج به آهي.

اَمر اقبال: زندگي آ مختصر/نفرتن جي جاءِ تي/ پيار جو اظهار ڪر/ هر گهڙي هر بار ڪر.... ڇا زندگي گذارڻ لاءِ ڏنل اوهان جو اهو فارمولو هڪ ”ڪامياب زندگي“ جو فارمولو آهي؟
ادل سومرو: نه ائين ناهي، ماڻهو ڪافي جاين تي re-act به ڪري ٿو، باقي هي فلسفو پراڻو به آهي.... ان ۾ تصوف جو رنگ آهي. اها منهنجي ڪافي آڳاٽي شاعري آهي، پر مان اڃان ان تي قائم آهيان.

امر اقبال: ڇا اوهان عيسيٰ واري ڳالهه ته هڪ ماڻهو توهان کي هڪ ڳل تي چماٽ......
ادل سومرو: نه ائين به ناهي.... عيسيٰ جي چوڻ مطابق ڪوئي توهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي ته ان کي ٻيو ڳل آڇيو واري ڳالهه تي مان اعتبار نٿو ڪريان. باقي هڪ شاعر، تخليقڪار سوسائٽيءَ کي ٻي angle کان ڏسي ٿو. تشدد، فساد، فتنو.... انهن جي خلاف شاعري به هڪ جهاد آهي. نفرتون، گندگي، وحشتون، استحصال، انهن سڀني خلاف شاعري هڪ جهاد آهي. اسان چاهيون ٿا ته سوسائٽيءَ مان اهي شيون ختم ٿين، خوبصورتي اچي ۽ نفرت کي محبت سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿو، نفرت جي موٽ ۾ نفرت ڏيڻ سان نفرت ختم ڪونه ٿيندي، اها ٻيڻي ٿي ويندي. منهنجي ان شعر ۾ اها ئي فلاسافي آهي. جڏهن اسان کي خبر آهي ته زندگي تمام ٿورڙي آهي، مختصر آهي ته ڇو نه ان ننڍڙي زندگيءَ ۾ پيار ڪجي، نيڪيءَ کي ڦهلائجي. مختصر زندگي جيڪڏهن نفرتن، دشمنين، ساڙ ۽ حسد ۾ گذري وڃي ته output ڇا ملندو؟!... شاعر ته سماج کي سهڻو ڏسڻ جو خواب لهندو. اهو ٿئي يا نه ٿئي، اها ٻي ڳالهه آهي. هن جي ڪوشش پنهنجي جاءِ تي قائم آ ۽ سندس شعر به ان ڪوشش جو حصو آهن.

آدميءَ کي مان ڏي
درد جو درمانُ ڏي

انسان کي، انسانَ کي مانُ ڏيڻ گهرجي، مان سمجھان ٿو جيڪڏهن اهڙي قسمَ جا خيالَ نه هجن ته سوسائٽي اڃان به وڌيڪَ بگڙجي سگهي ٿي. اسان جي صوفي شاعرن پڻ اهڙو ئي نياپو ڏنو آهي. هنن tolerate ڪرڻ جو درس ڏنو آهي. لطيف ڪونه چيو آهي ته:
هو چونئي تون مَ چئه، واتان ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينَ ڪي

ڪينو رکندڙ، تعصب رکندڙ ۽ ٻيائي رکندڙ ڪڏهن به ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهندو. اڳرائي ڪندڙ aggressive ڪردار هميشه نقصان ۾ رهندا آهن. رواداري ته اسان جي سنڌي سماجَ جي مزاجَ ۾ رهي آهي..... اصل کان وٺي.

اَمر اقبال: ”سڀني نانءَ پنهنجي پرين جا کنيا پر/اسان سنڌ! ويٺاسين تنهنجو سڏائي“ يا ”مون لئه ٻئي مقدس آهن/ دلبر تنهنجو در ۽ سنڌ“.... توهان ”محبوب“ ۽ ”ڌرتيءَ“ کي اهميت جي ڪهڙي ڪهڙي ڏاڪي تي بيهاريو ٿا؟
ادل سومرو: ٻنهي جي اهميت آهي ۽ هر شاعر انهن ٻنهي کي ڳايو آهي. اهي ٻئي شيون هڪ وسيع ڪينواس ۾ اچي ٿيون وڃن. ”سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري“.... ”سڄڻ“ ۽ ”ساڻيهه“ تمام وڏا موضوع آهن. اسان جي جيڪا سنڌي شاعري آهي. ان ۾ ”سڄڻ“ سان گڏوگڏ ”ساڻيهه“ جو به ذڪر آهي، ڪلاسيڪل شاعري به انهن موضوعن سان ڀري پئي آهي. انهن موضوعن کي الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. اصل ۾ جڏهن داخلي ڪيفيتن جو دائرو خارجي ڪيفيتن ڏانهن وڌي ٿو ته محبوب جي محبت جو ڪئنواس وڌي وڃي ٿو. وسيع ڪئنواس ۾ ڌرتيءَ جي محبت، خود محبوب سان محبت جو حصو بڻجي ٿي وڃي. ڌرتيءَ جي محبت ۾ وري ان جا وڻ ٽڻ، ماڳ مڪان، پهاڙ، ندي..... مطلب ته سڄي سنڌ اچي ٿي وڃي. لطيف جن جن ماڳن کي ڳايو، انهن جي اهميت وڌي وئي ۽ اهي اسان جي اتهاس جو حصو بڻجي ويا. اياز جڏهن ڪينجھر ۽ ڪارونجھر جو ذڪر پنهنجي شعرن ۾ ڪيو تڏهن اهي وڌيڪَ اهم ٿي ويا، هڪ عام ماڻهو به ڪينجھر ۽ ڪارونجھر کي ڏسڻ جي تمنا ڪرڻ لڳو..... ”ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين، توکي چشمن چايان“.... ته وطن سان محبت مان مراد ان جي سڀني شين سان محبت آهي. سڄڻ جي محبت فرد جي داخلي ڪيفيت ۽ وارتا آهي. ان ڪيفيت کي جڏهن ڦهلاءُ ملي ٿو ته ان جو دائرو وطن تائين ڦهلجي وڃي ٿو. وطن ۾ وري به سڄڻ ٿو اچي وڃي. سڄي سنڌ پياري آ اسان کي..... بلڪل ان ۾ ڪو به شڪ ناهي، ان سان محبت جي دعويٰ به آهي، پر جيئن ته توهان خيرپور ۾ رهو ٿا ته خيرپور توهان کي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪَ پيارو هوندو. بلڪل ائين سڄي سنڌ اسان جي اکين جو نور آهي، پر جيئن ته ”محبوب“ جيڪو اسان جو، رڳو اسان جو آهي، ان ڪري ان جي اهميت به پنهنجي حيثيت رکي ٿي.

اَمر اقبال: لفظن کي ڄڻ لوڻ لڳل آ/ تنهنجو لهجو ساڳيو ناهي.... لوڻ لڳل لفطن ۽ بدليل لهجن کا آخر هڪ حساس دل ڪيئن ٿي بچي سگهي؟ اوهان وٽ ان جو ڪو حل؟!
ادل سومرو: مان سمجهان ٿو ته اهي ڳالهيون شروع کان ئي وٺي انساني سماج ۾ هڪ ٻئي سان گڏ رهيون آهن. محبت به آهي ته نفرت به آهي. مٺاڻ به آهي ته ڪڙاڻ به. جڏهن اسان مٺاڻ جي ذائقي جي طلب ٿا ڪريون ته لازمي ڳالهه آ ته لوڻ جو ذائقو به چکڻو پوندو. هونئن به جتي روشني هوندي اتي اوندهه ضرور هوندي. ڏک، سک، محبت، نفرت، گل، ڪنڊا، گڏ گڏ رهڻا آهن. اهي سڀ ڳالهيون زندگيءَ جو حصو آهن. هڪ حساس ماڻهو جيڪڏهن ميٺ محبت ڀرئي سماج کي imagine به ڪري ته صرف imagine ئي ڪري سگهي ٿو. ڪدورتون، ساڙ، بغض، لهجن جي ڪوڙاڻ.... اهي شيون رهڻيون آهن ۽ انهن کي face ڪرڻ جي همت پيدا ڪرڻ گهرجي. حساس دليون اهڙي Polution ۾ بيزار ٿي وينديون آهن. لطيف جي شاعري مختلف ڪيفيتن سان ڀري پئي آهي. ڪٿي ڪنهن ڪيفيت ۾ ڪنهن ٻئي ڪيفيت جو رد ٿو ملي.... ته اهي ڳالهيون، اهي ڪيفيتون زندگيءَ ۾ اچن ٿيون. ماڻهوءَ کي ڪوشس ڪري positive طرف ڏانهن ئي پنهنجي سوچ جو رُخ ڪرڻ گهرجي.

اَمر اقبال: هي ماڻهن جو پيارُ ۽/ ڪنڊا رستي ۾/سوچي شيخ اياز ٿو.... شيخ اياز جي حوالي سان يا هونئن ئي generally هڪ آرٽسٽ لاءِ رستي جي ڪنڊن هٿان مليل زخمن لاءِ، ماڻهن جو پيار ڪيتري حد تائين مرهم بنجي سگهي ٿو؟
ادل سومرو: هڪ تخليقڪار کي زماني طرفان محبت به ملي ٿي ۽ سندس مخالفتون به ٿين ٿيون. پر هُو محبت کي، ڀلي اها ٿوري ئي ڇو نه هجي، وڌيڪَ اهميت ڏئي ٿو. توهان پاڻ حساس ذهن رکندڙ آهيو ۽ ائين ئي محسوس ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن ڪنهن آرٽسٽ سان هڪ سؤ ماڻهو پيار ڪن ٿا ته هو ان پيار کي هزار ماڻهن جي مخالفت کان وڌيڪَ اهم سمجھندو. هڪ هزار ماڻهن پاران ڏنل زخمن لاءِ هڪ سؤ ماڻهن جي محبت بلڪل مرهم بنجي سگهي ٿي. شيخ اياز جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته سندس رستي ۾ ڪنڊا وڇايا ويا، کيس ذهني اذيتون مليون، کيس پنهنجي ماڻهن کان شڪايتون به هيون. هڪ طرف تمام گهڻا ماڻهو کيس محبت ڏئي رهيا هئا ته ٻي طرف ڪجهه حلقا کيس ذهني اذيتون ڏئي رهيا هئا. اهي ڳالهيون سموري زندگي ساڻس لاڳو رهيون ۽ آخري عمر تائين کيس اهو خيال هيو ته ڪجهه ماڻهو کيس torture ڪري رهيا آهن. اسان مان ئي دوستن لکت ۾، بيانن وسيلي اياز جي راهه ۾ ڪنڊا وڇايا، اها هڪ حقيقت آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته کيس محبت ڏيڻ وارا سندس مخالفن کان تمام گهڻا آهن. پيار ٿورو به گهڻو هوندو آهي. ائين کڻي چئجي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص تي هڪ هجوم مان پٿر وسي رهيا آهن ۽ ان هجوم ۾ ٻه ماڻهو آهن جن جي اکين ۾ ان شخص لاءِ پيار آهي ته اهو ٻن ماڻهن جو پيار ان شخص لاءِ هڪ اميد بنجي وڃي ٿو..... اها اميد ته معاشري مان اڃا سڃاڻپ ختم ناهي ٿي. هونئن به چڱائيءَ وارا ڪردار بُرائيءَ وارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندا آهن ۽ ان ڳالهه تي مايوس به نه ٿيڻ گهرجي. ٿورڙي چڱائي به اميد جو اهڃاڻ آهي. هڪ تخليقڪار اهڙي صورتحال ۾ مايوس نه ٿو ٿئي، جتي ڪنڊا آهن ته اتي گل آڇڻ وارا به آهن.

اَمر اقبال: ڍنڍ ـــ اکڙين ۾ ٿيا لڙڪ تنهنجا ڪنول/مان ڏسان ٿو ڪنول ۾ لکان ٿو غزل...... اڄ ڪلهه غزل لکڻ لاءِ Inspiration ڪٿان ٿا وٺو؟
ادل سومرو: ڍنڍ جهڙيون اکيون، ڪنول جهڙا لڙڪ.... اهي سڀ Inspiration جا مختلف ذريعا آهن، پر اڄ جو غزل مڪمل طرح سان change ٿي ويو آهي. ان جي definition ئي بدلجي وئي آهي. ان جا ڪئنواس به وسيع ٿي ويا آهن. اردوءَ ۾ ته ان ۾ وڏا تجربا ٿيا آهن.

اَمراقبال: اردوءَ ۾ ته آزاد غزل به لکيو ٿو وڃي؟
ادل سومرو: جي بلڪل.... ته ان لاءِ Source of inspiration به مختلف وارتائون هجن ٿيون. اسان جو آس پاس، اسان جو اندر، پيار..... پيار کانسواءِ ته ماڻهو شاعري ڪري ئي نه ٿو سگهي. محبت هڪ وڏو وسيلو آهي، هڪ تخليقڪار جي تخليق لاءِ basic source آهي. محبت ئي کانئس لکرائي ٿي. وري هڪ تخليقڪار جي ذهني approach جو به عمل دخل هجي ٿو. شيون ته آهن اسان جي چوڌاري ۽..... سڀ ڪنهن لاءِ آهن، پر هر شاعر جي پنهنجي پنهنجي پهچ آهي ته هو انهن شين تائين ڪيئن ۽ ڪيترو پهچي سگهي ٿو..... ته اهي سڀ ڳالهيون آهن جيڪي اڄ به مون کي inspire ڪن ٿيون ۽ غزل لکجن پيا.