ناول

دنيا دم درياءُ

هيءُ ناول سنڌي سماج توڙي بيوروڪريسي جي مٿان چڙهيل نقلي نقاب کي بي نقاب ڪري ٿو ته ٻئي طرف سنڌ جي موجوده حالتن جي محرومين ۽ مجبورين جي عڪس بندي به پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ دادلو زهراڻي بيوروڪريسي جو حصو پڻ آهي هن پنهنجي صغير ۽ شعور کي سماج آڏو جوابده سمجهي پنهنجي دامن کي بچائي هليو اهي. جنهن ڪري هن جو دامن اڄ به اجرو آهي.
Title Cover of book دنيا دم درياءُ

اداري پاران

سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جو هي 33هون ڪتاب آهي جيڪو سنڌي ادب ۽ بوليءَ جي ڀرجستي ڪهاڻيڪار دادلي ناصر زهراڻي جو ناول ”دنيا دم درياهه“ جي نالي سان ٻيو ڀيرو شايع ٿيو اهي. هيءُ ناول سنڌي سماج توڙي بيوروڪريسي جي مٿان چڙهيل نقلي نقاب کي بي نقاب ڪري ٿو ته ٻئي طرف سنڌ جي موجوده حالتن جي محرومين ۽ مجبورين جي عڪس بندي به پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ دادلو زهراڻي بيوروڪريسي جو حصو پڻ آهي هن پنهنجي صغير ۽ شعور کي سماج اڏو جوابده سمجهي پنهنجي دامن کي بچائي هليو اهي. جنهن ڪري هن جو دامن اڄ به اجرو آهي. جنهن تي سنڌ ۽ تاريخ کي هميشه فخر رهندو. هن غربت جا سڀ جهان اکين سان ڏٺا آهن ان ڪري هن پنهنجي سموري درد ڪٿا پڻ هن ناول ذريعي اظهاري آهي.
اسان پُراميد آهيون ته هي ناول سنڌي ادب، سماج ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن اڳيان گهربل عزت ۽ مانُ ضرور ماڻيندو.


عيسيٰ ميمڻ
چيئرمين
سرسوتي ساهت گہر