باب ٻيون : مان موٽي نه ايندس.......
سخت سرديءَ ۾ هر ساهوارو، لڳي ائين ٿو، ڄڻ ساهه بچائڻ خاطر لڪي ويو آهي، نه ڪنهن گدڙ جي اوناڙ نه ڪنهن ڪُتي جي ڀونڪ.
اهڙين خاموش سرد ۽ اونداهين راتين ۾ قدرت جا ڪرشما ظاهر ٿيندا آهن. اهڙيئي رات ۾ ڪنهن گوتم کي نرواڻ ملندو آهي ۽ سروم دکم دکم جوانت ٿيندو آهي. اهڙيئي رات ۾ ڪو سالڪ صوفي حقيقت جي جهان ۾ غرق ٿي، معرفت جو معراج ڪندو آهي. اهڙيئي رات ۾ سنڌين جو مرشد اعليٰ تنبوري جي تند تي هٿ هڻي چوندو آهي، ”جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سا مهون.“
اهڙي ئي رات ۾ عاشق لوڙهو ٽپي ڪنهن اگري جاءِ تي اچي پنهنجي محبوب کي سيني سان لڳائي، جلديءَ ۾ جسماني لطف وٺي الوپ ٿيڻ جي ڪوشش ۽ وري ملڻ جو واعدو ڪندو آهي. اهڙي ئي رات ۾ ڪلهي ۾ ڪلاشن لٽڪيل ۽ منهن تي ڪاري ٻُٽ ٻڌل ڪنهن غريب جي گهر ۾ ٻَڌلُ، ان جي آخري اميد، ڌيءُ جي شادي، پٽ جي وهانوَ يا گهر جي ڇت اَڏائڻ لاءِ ٻڌل ڪو ڍور ڍنگر ڇوڙي پوءِ اونداهيءَ ۾ ٻلي جيان چمڪندڙ اکين سان هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندي جلد کان جلد ڳوٺ جي حدن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
پر مون وٽ ته هن رات ڪاشيءَ ڪانهي ڪا، سواءِ موت جي انتظار جي، انتظار، جنهن لاءِ استاد بخاريءَ چيو؛
”زهر کان تلخ تر، لهر کان بيقرار انتظار انتظار.“
ذرا تصور ڪريو، ڪئنسر جي آخري ڏاڪي تي پهتل هڪ انسان جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي.
مون کي هن خاموشيءَ کان وحشت ٿيڻ لڳي آهي. دل چوي ٿي، هي در ۽ ديوار ڳالهائين ڇو نه ٿا؟ هي وڻ جهومي جهومي مون کي آٿت ڇو نه ٿا ڏين؟ گدڙ اوناڙون ڪري ۽ ڪتا ڪؤنڪاٽ ڪري منهنجي حال ڀائي ٿيڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿا ڪن؟ ڪنهن گوتم جي اچانڪ آمد ڇو نه ٿي ٿئي؟ هو مٿان اچي، پنهنجو مسيحائي هٿ منهنجي پيشانيءَ تي رکي چوي، ”تون منهنجو ڀڪشو ته نه آهين، پر مان ته دنيا ۾ دک دور ڪرڻ جي لاءِ مقرر ٿيل آهيان. اي منهنجا ڀڪشوئن جهڙا ٻچڙا اچ اچ ته مان توکي، تنهنجي پيڙا جي پڄاڻيءَ جي خوشخبري ٻڌايان“.
ڪو سالڪ صوفي پنهنجي مراقبي مان منهن مٿي کڻي، منهنجي وجود کي پنهنجي رحمت جو چولو پارائي ڇڏي ۽ ڪائنات ۾ سرور جي هڪ لهر ڦهلجي وڃي. ٻيو نه ته، ڪو چور ئي در مان داخل ٿئي، مون کي داٻو ڏيندي چوي ”خبردار جو اٿيو آهين، سڌيون هڻندو سانءِ.“ ۽ مان پنهنجي وجود جو سارو ست گڏ ڪري کيس عرض ڪريان ”يار! اهِو ڪرم ڪرڻ ۾ دير ڇو ٿو ڪرين.“
مون کي اتي مرشد جي سٽ ٿي ياد اچي، ”کوءِ سا کاڻي راتڙي، جا پرين ري پيئي.“
پرين، هن مهل منهنجي لاءِ موت کانسواءِ ٻيو ڪهڙو پرين ٿي سگهي ٿو. موت؟ موت الاءِ ڪٿي، ستن پردن ۾ لڪو پيو آهي.
هي ڇا، اچانڪ درد جي لهرن مان منهنجي سوچ جي دري کلي ٿي. پنهنجو دلبر دوست سخاوت علي اکين اڳيان اچي بيهي ٿو. سخاوت علي ذهين، سلڇڻو، مٺڙو سخاوت علي، جڏهن اسان مئٽرڪ ۾ پڙهندا هئاسين، تڏهن هن رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي هئي.
ائين ٿو لڳيم ته سخاوت علي منهنجي اکين اڳيان بيٺو آهي. مرڪندي مرڪندي مون کي چوي ٿو، ”يار گهٻرائين ڇو ٿو. ياد ڪر، جڏهن منهنجو درد حد کان وڌي ويو هو ته، مون ڇا ڪيو هو؟“
درد جي هڪ گهري لهر منهنجي اندر مان اڀري ٿي، پر مان محسوس ڪريان ٿو، هيءَ لهر ڪئنسر جي درد واري لهر نه آهي. هن لهر جو پيرو ته، پوئتي ٿو موٽي، ٻيهر پنجٽيهه سال پوئتي، جڏهن اسان مئٽرڪ پڙهندا هئاسين ۽ سخاوت علي خودڪشي ڪئي هئي.
هي ڇا، ڪئسنر جو درد ماٺو ٿيڻ لڳو آهي ۽ سخاوت عليءَ جي درد ڪهاڻي منهنجي ذهن جي پردي تي فلم جيان هلڻ لڳي آهي.
سخاوت علي اسان جي ڪلاس جو روشن ستارو هو. سنهڙو، لئي جي لڪڻ جيان لچڪندڙ، سانورو ۽ قد جو ڊگهو. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته سهڻا ٽوهه پٽن تي پيا آهن. سونهن اميري غريبيءَ کي نه ڏسندي آهي. ڌيءُ ته محلات ۾ رهندڙ ڪنهن وڏي زميندار جي به سهڻي ٿي سگهي ٿي ۽ ٽٽل جهوپڙيءَ ۾ رهندڙ ڪنهن غريب هاري ناري ۽ مزدور جي به. فرق صرف ايترو آ ته، محلات ۾ رهندڙ ناري نرمل، سندس هر هڪ ادا لک لهي ۽ سندس هر لفظ حڪم. امير جي ڌيءُ ڪپڙا پائيندي پائيندي ايترو ته تنگ ٿي وڃي جو ائين فيشن ڪري ڄڻ ويچاريءَ جي گهر ۾ ڪڏهن ڪنهن پاٽولي پير ئي نه پاتو آهي. ان جي ابتڙ غريب جي ڌيءُ، الا ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اميرزاديءَ جي لاءِ اميد وار هوندا شاديءَ لاءِ شهزادا. يا اهي، جن تي صاحبزاديءَ جي نظر ڪرم پوي.
غريب زادي ويچاريءَ جو حسن وبالِ جان، موت جو پيغام. ٽٽل جهوپڙي، جسم پرست عاشقن جا لامارا. پيءُ ويچارو، رات جو سمهي ته هوا جي کڙڪي تي به لُڏي وڃي. متان ڇوري................
صبح جو اٿي ته پنهنجي ٽوپي يا پٽڪي کي ڏِسي، ٿڌو ساهه ڀري سوچي، شڪر آ، اڃان ته عزت بچيل آهي. ماءُ، ماءُ ويچاري وتي مهيني جي ڏينهن ڏينهن جو حساب ڪندي. جي هڪ اڌ ڏينهن چڙهي وڃي ته سندس ساهه سُڪي وڃي، هنيانءُ مُٺ ۾ اچي وڃيس. خيال ڊوڙائي، ڇوري ڪٿي ڪٿي وئي هئي، ڪنهن ڪنهن سان بيٺي هئي. اڙي مٺيس. فلاڻي، پڪي ڀڙوي. الئه ڪيترن جا حظ لاهي ڇڏيائين. ربّ منهنجا پناهه ۾ رکجانءِ. سک جو ساهه تڏهن کڻي جڏهن، ڌيءُ کي هيٺيون ڪپڙو ڌوئندي ڏسي.
۽ ڌيءُ.............. ڌيءُ ويچاري، پيءُ جي بي چيني ۽ ماءُ جي تڙپ کي ڏسندي به ۽ سمجهندي به نه سمجهڻ جو ڍونگ ڪري. ڪهڙي گهڙي ڪهڙو پل اهڙو هوندو جنهن ۾ هوءَ سينڍ جو آواز، آئيني جو اولڙو، مڇ جو تاءُ، جلال جو ڪلام نه ٻڌندي.
سچ ته اهو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن سينڍ، ڪنهن نه ڪنهن آئيني جي اولڙي، ڪنهن نه ڪنهن مڇ ۽ ڪنهن نه ڪنهن جلال جي ڪلام تي، سندس اندر ۾ اٿل پٿل ٿيندي، اکيون ڳولڻ شروع ڪنديون، ڪن واجهائڻ شروع ڪندا ۽ دل تيز ڌڙڪڻ لڳندي پر پوءِ اکين اڳيان اڀرندو، پيءُ جو اداس چهرو.
ماءُ جو هيسيل وجود.
خاندان جي عزت.
جذبا خوف ۾ ٿڌا ٿي ويندا.
ٿي سگهي ٿو ته اکيون اڌرات جو وهاڻي جي ڇَوَ کي آلو ڪنديون هجن. بيوسي ۽ لاچاريءَ جو اڻ کٽ عذاب غريب لاءِ.
مرشد جي سٽ ”سرجيس تان سور، سامائي ته سک ويا“ حقيقت جو روپ، بيرحم حقيقت، دل کي جهوريندڙ حقيقت جو روپ وٺي وڃي.
ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته، هڪ حُسن، ٻيو غربت نه تال نه ميل.
ان غربت ۽ حسن جي تال ميل تي هڪ چڱي مڙس جي ٻڌايل ڳالھه ٿي ياد اچيم. هو ڳالھه ٻڌائيندو هو.
”لک لعنت آهي غريبيءَ تي. وري ڪروڙ لعنت آهي ان غريبي تي جنهن سان حُسن گڏ هجي. سو اسان سان به اهيا مصيبت هئي، هڪ غريب، مٿان وري رنون حسين. پوءِ جي رنون ڪنهن ڪم ڪار، رونبي لاب، گاه پٺي، يا پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪرن ته، پوءِ ماڻهو ڪن انتظار. چي، اڙي بيهو بيهوا جهو ٿا جتن جا ٻار اچن، ٿورڙي فلم ڏسون، مزو وٺون.“
الله جي ڪرڻي ائين ٿي، تڙپي تڙپي اڳيان وڌياسين مڇي ماني وارا ٿياسين ته، اهيئي ساڳيا ماڻهو جيڪي ڪالھه تائين اسان جي رنن جو انتظار ڪندا هئا، سي هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا، ”اڙي پاسو ڪيو پاسو، جتن جا ٻار ٿا وڃن.“
ڳالھه ڪٿان شروع ٿي ۽ ذهن ڪاڏي لڙي ويو. ها ته چوندا آهن ته ”سهڻا ٽوهه پٽن تي پيا آهن.“ جيئن سونهن اميري غريبيءَ جي محتاج نه هوندي آهي اهڙي طرح، ذهانت به رنگ نسل، ذات پات، اميري غريبيءَ جي محتاج نه هوندي آهي. سو سخاوت علي، ڪهڙو سبجيڪٽ هو جنهن ۾ ماهر نه هو. انگريزي، ڄڻ ته پئدا ئي انگريز جي گهر ۾ ٿيو هيو. حساب ۽ سائنس ڄڻ ته آئن اسٽائين جو شاگرد هو. سنڌي، ڄڻ ته تمر فقير ڀٽائيءَ سان گڏ گهمندو هجي. سندس پڙهڻ جو قصو به عجيب هو. سندس پيءُ جيڪو دايو هو تنهن کيس رسم رواج مطابق سنڌي اسڪول ۾ داخل ته ڪرايو هو. سوچيو هئائين، ڇوڪرو پنج درجا پڙهندو پوءِ کيس پنهنجي ڪم سان لڳائيندس.
پر قسمت کي ڪِي ٻيو منظور هو.
جڏهن پنجين درجي جا امتحان ٿي ويا، تڏهن سخاوت عليءَ جي پيءُ کي سائين محمد دائم سڏايو. کيس چيائين ”شمن علي وڏي ڀاڳ وارو آهين جو اهڙو سلڇڻو هوشيار پٽ پيدا ٿيو ٿئي. ان کي ائين نه وڃاءِ، سندس ذهانت کي زنگ نه هڻجانءِ. کيس انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪرائينس.“
”سائين دائم! “شمن علي وراڻيو” مان هڪ ته آهيان هيڪل وسورو. سڄو ڏينهن وتان گڏهه هڪليندو. مان ڇا ڄاڻان انگريزي ٻنگريزيءَ مان. ڇورو پنج پڙهيو. کوڙ ٿيس. هاڻي مون سان هٿ ونڊائي ته مان به ڪو سک جو ساهه کڻان“.
”نه شمن علي نه“ سائين دائم سختيءَ سان وراڻيو. ”ائين نه ٿيندو. هہڙي ذهين ٻار کي گڏهه هڪلڻ لاءِ نه ٿو ڇڏي سگھجي. هن کي هر حال ۾ پڙهائڻو آهي.“
”سائين غريب جو ٻار آهي. پڙهندو ته ڪہڙو ڪليٽر ٿيندو. ڇڏينس ته وڃي ابي ڏاڏي جي ڪار سان لڳايانس.“
”ائين نه چئه شمن علي“ سائين دائم وراڻيو. ”ڌڻيءَ چاهيو ته ڪليڪٽر به ٿيندو. ڪنہن کي ڪا خبر نه آهي ته انسان جي قسمت ڪہڙي مہل ٿي ڦيرو کائي. توکي خبر آ ته مان ڪيئن پڙهيو ۽ ماستر ٿيو آهيان.“
”نه سائين مون کي ڪہڙي کبر.“
”شمن علي!“ سائين دائم ڳالہه کي اڳتي وڌايو.
”منهنجو بابو به ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو. چار درجا پڙهي پوراڪيم ته مون کي به پنهنجي اباڻي ڪرت سان لڳايائين. پر الاءِ ڇو منهنجي دل ڊکاڻڪيءَ ۾ نه لڳندي هئي. چڱو ٿيس ته مان انبن ۽ زيتونن جي باغن جا ٺيڪا کڻڻ لڳس.“
شمن علي دلچسپيءَ سان قصو ٻڌڻ لڳو ۽ سائين دائم پنهنجو بيان جاري رکيو. ”هڪ ڀيري سخت گرمين جا ڏينهن هئا. انبن جي موسم هئي. ٽاڪ منجھند جو انبن جي پيتي مٿي تي هئي. سڄو پگھر ۾ شل هيس. اڃ هئي جنہن هيڻو ڪري وڌو هو. لاڙڪاڻي شہر ۾ جيئن ئي داخل ٿيس تيئن ئي هڪ وڏي واڻڪي ڪشادي جاءِ تي نظر پئي. در کليل هو، مٿان هي جوالا اڇلائيندڙ آسمان، هيٺان هي ڌرتتي. بس مان به اندر ٽپي ويس. اندر جو ويس ته ڏٺم ته هڪ همراه ويٺو هو. سامہون پنج ڇہه نوجوان ويٺا هئس. لڳي پيو ته همراهه ماستر هو. پڙهايائين پئي. پہريان ته مان مٽ مان ٻه ٽي گلاس ڏوڪيا. پوءِ ساہه پٽڻ لاءِ ويہي رهيس.“ سائين دائم ڳالہه جو وقفو ڪندي ساہه کنيو. شمن علي جي اکين ۾ تجسس پري کان پڌرو هو. سائينءَ ڳالہه کي اڳتي وڌايو.
”همراهه سڄو لقاءُ ويٺي ڏٺو. جڏهن مون دم پٽيو، مون کان پڇيائين، “جوان مرد ڪير آهين، ڪٿان جو آهين؟“
”وراڻيم، “سيد جي ڳوٺ جو ڊکڻ آهيان.“
”ڇا ڪندو آهين؟“
”انبن ۽ زيتونن جي ٺيڪيداري ڪندو آهيان.“
پڇيائين ”گھڻو پڙهيل آهين؟“
چيم ”پنج درجا پڙهيل آهيان.“
همراهه ٿوري دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو، پوءِ چيائين، ”اڙي يار! ڪہڙو ته ٺاهوڪڙو جوان آهين. ۽ پنهنجي حالت ته ڏس. هاڻي هيئن ڪر. ڇڏ ان ٺيڪيداري ٻيڪيداري کي. اچ ته توکي فائنل جي تياري ڪرايانءِ. جيئن ئي امتحان پاس ڪندين، ماستر يا تپيدار ٿي ويندين.“
”شايد گرمين سردين جي هڻ وٺ، ٺيڪيداري جي کوٽن ٽوٽن، غريبي، هڻ وٺ، سڀني منهنجي جواني کي هڻي هيڻو ڪري وڌو هو. مون کي به الله سمڪ ڏني، کڻي ها ڪيم.“
”ويچاري سائين جھامنداس، الله سرڳ نصيب ڪريس، سندس اولاد کي سکيو ستابو رکي. مون سان ڏاڍي محنت ڪئي. مون به دل سان محنت ڪئي. فائنل پاس ڪيم. ماستر ٿي ويس. اڄ تنہنجي سامہون ويٺو آهيان. ٽن چئن سالن کان پوءِ رٽائر ٿي ويندس. جي سائين جھامنداس الله کيس سرڳ نصيب ڪريس، اولاد کي سکيو ستابو رکيس، نه هجي ها ته منہنجو اڄ الاءِ ڪہڙو حال هجي ها.“
سائين دائم ڇوڪري کي پاڻي پيارڻ جو چيو. شمن عليءَ جي ماٺ اڃان به وڌيڪ گہري ٿي وئي. پوءِ سائين محمد دائم وري ڳالہايو، ”شمن علي منهنجان ڀاءُ چوڻ جو مطلب آهي ته، انسان جي ڏينہن ڦرندي دير نه لڳندي آهي. تنهنجو ڇوڪرو هيرو آهي هيرو. ان کي ائين نه وڃاءِ. کيس ڇہين جماعت ۾ داخلا وٺي ڏينس ۽ انگريزي پڙهائينس.“
”سائين دائم!“ شمن عليءَ وڏي وقفي کان پوءِ ڳالہايو. ”تون چوين سچ ٿو، پر اسان مسڪين ماڻہو زالين مردين گڏهيون هڪليون ته پوءِ وڃي پيٽ گذر ٿئي. مان ڇوڪري جي پڙهائيءَ جا خرچ ڪٿان پورا ڪندس.“
”تون فڪر نه ڪر.“ سائين دائم شمن عليءَ کي آٿت ڏيندي چيو. ”الله وڏو آهي، پاڻهي ڪو نه ڪو رستو پيدا ڪندو. هاڻي ته ڇہين جماعت جي داخلا جو ۽ ڪتابن جو خرچ مان ڀريندس. اڳتي به الله مالڪ آهي.“ ٻي ڏينهن سائين محمد دائم سخاوت علي کي انگريزي ۾ داخل ڪرايو. اسان جو ڪلاس رنگن جو گلدستو. وڻ وڻ جي ڪاٺي.
ان زماني ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي وبا اڃان عام نه ٿي هئي. امير ۽ غريب جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ ساڳين بئنچن تي ويہي پڙهندا هئا. ان جي باوجود اميري ۽ غريبيءَ جو سنڌو واضح هو. شہري، وڏيرڪا ٻار صبح جو تيل ڦليل ڪري، ڌوتل استري ٿيل ڪپڙا، سٺا بوٽ پائي سائيڪلين تي چڙهي ايندا هئا. ڪلاس ۾ رات جو هليل ٽي وي ڊرامن، اداڪارن ۽ اداڪارائن جون ڳالہيون ۽ تبصرا ڪندا هئا.
جڏهن ته اسان جہڙا مسڪين اِبِن مسڪينن کي اٺين ڏينہن ڌوپچندڙ هڪ وڳو، پيرن ۾ پاتل ٻه ڪہيون چپلون. تيل ڦليل اسان جي ابن ڏاڏن نه ڪيو هو ته اسان ڪہڙو ڪنداسين. صبح جو ڪچا رستا ۽ اسان جون گوڏا گاڏيون هونديون هيون. اسڪول پهچندي پهچندي مٽي جا تہه پيرن تي جورابن جي ڪمي پوري ڪري ڇڏيندا هئا. ۽ پوءِ ڪو دل جليو اميراڻو ٻار اسان کي طعنو هڻندو هو، ”هل ڙي هل پنہنجا کُچ ته ڌوئي آ.“
اهڙي ئي ماحول ۾، اسان جي ڪلاس جو چمڪندڙ سج، روشن ستارو هوندو هو سخاوت علي سندس قميص ڦاٽل ۽ سٿڻ لنڊي هوندي هئي ته ڇا ٿيو، سندس ذهانت ڪَٿڻ کان ٻاهر هئي. سندس جتي ڦاٽل هئي ته ڇا ٿيو، سندس علم جي تلاش جو پنڌ ڪنہن جُتي ذات جو محتاج به نه هو. هن جو مٿو تيل کان وانجھيل هو ته ڇا ٿيو، قدرت واري سندس ذهن کي ذهانت جي عطر جي درياءَ مان ٽٻيون ڏياري هن ڌرتيءَ تي موڪليو هو.
شمن علي دايي جي خوشيءَ جي حد ئي نه رهندي هئي، جڏهن کيس اسڪول جو ڪو استاد چوندو هو، ”شمن علي مبارڪ ٿي، تنہنجو پٽ هر امتحان ۾ پہريون نمبر ٿو اچي. هڪ ڏينہن هو ضرور وڏو ماڻہو ٿيندو.“ شمن علي دايي جو سينو ويڪرو ٿي ويندو هو. اکين ۾ انوکي جوت اڀري ايندي هئس. ۽ پوءِ سڄي خوشي جو ڇيہه اچي سخاوت علي جي ماستري يا تپيداري تي ٿيندو هو. هو اتاولائيءَ مان استاد کان پڇا ڪندو هو، ”سائين! ڀلا مون وارو پٽ ماستر يا تپيدار ته ٿيندو نه؟“
”ماستر يا تپيدار؟؟ اڙي ميان شمن علي ڪہڙيون پيو ڳالہيون ڪرين. تو وارو ڇوڪرو ڪليڪٽر ٿيندو ڪليڪٽر.“
”ڪليٽر!!؟؟“ شمن عليءَ کان خوشيءَ گاڏڙ رڙ نڪري ويندي هئي.
”ها ها، ڪليڪٽر. تون وڏين وڏين گاڏين ۾ گھمندين. جڳ سلامي هوندو تنهنجو.“
”وڏيون وڏيون گاڏيون“ شمن سوچڻ لڳندو هو. هو جدي پشتي دايو هو، پر هن مہل تائين گڏہه گاڏو نه وٺي سگھيو هو. اهو وڏين وڏين گاڏين ۾ گھمندو، سندس جڳ سلامي ٿيندو. وڏي گاڏي شايد گڏہه گاڏي، فٽ فٽي، پر وڏيري جي وڏي گاڏيءَ جہڙي گاڏي. اهيو ڪيئن ٿي سگھندو؟ شمن علي دايي جا اهڙا نصيب ڪٿي، پوءِ مايوسي شمن عليءَ جي ذهن کي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهڻ لڳندي هئي. مايوسي ۽ آقائن جون گاريون سنڌين جا ٻه موروثي زيور. ورهاڱي کان اڳ هڪڙي ڪانگريسي آقا چيو ”اڙي اهي آهن ڇا، ننڍو صوبو ننڍا دماغ“(1) سنڌي قدرت جي عطا ڪيل حقيقت سمجهي سهي ويا.
ورهاڱي کان پوءِ، ملڪ جي نئين پناهگير بادشاهه فرمايو، ”گڏهه چاريندڙ قوم سڌري وڃو.“(2) نئين مسلمان ڀاءُ جو ڏنل تمغو سنڌي ڪيئن ٿي رد ڪري سگهيا.
اسان جي سانڀر ۾ ملڪ جي باوردي صدر سنڌي چئنل تي انٽرويو ڏيندي چيو، ”آهي ڪو توهان ۾ اهل آفيسر، جنهن کي مان آءِ جي يا چيف سيڪريٽري لڳايان.؟“(3) انٽرويو وٺندڙ چئنل جي مالڪ جون ڪنن تائين ٽڙيل واڇون، ان ڳالهه جو اقرار، ”قبلا سچ ٿا فرمايو” يا “سائين ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.“
1. سردار ولڀ ڀائي پٽيل جا چيل لفظ.
2. لياقت علي خان جا چيل لفظ.
3. صدر جنرل پرويز مشرف جا چيل لفظ.
۽ تازو ئي ڪلھه ڪلهوڻي ڳالهه آهي. هڪ اعليٰ عدليه جي جج صاحب اعلان ڪيو، ”سنڌين وٽ ته اسلام نالي ڪاشيءِ ڪانهي ڪا.“(4) ڀلا انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺل ڪو منصف غلط ڳالھه ڪري سگهي ٿو!!.
سو شمن علي دايي جي دل ۾ پيدا ٿيندڙ نا اميدي ۽ نراسائيءَ واريون لهرون ڄڻ ته قومي ورثي جو حصو هيون. پر نا اميدي ۽ نراسائيءَ جي هوندي به اميد حد کان وڌيڪ سگهاري هئي. سخاوت علي، يارُ سخاوت علي پنهنجي پڙهائيءَ ۾ مگن هو. هُو ڪتابي ڪيڙو هو. سڄي شهر ۾ جيڪي به سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارون اينديون هيون، هو ڳولي ڳولي پڙهندو هو. شهر جو هڪ درزي سندس اخبار پڙهڻ جي جنون کي ڏسي چوندو هو، ”ميان سخاوت علي! لڳي ٿو ته ماءُ تنهنجا ببا اخبار تي ڇڏايا آهن.“ جنهن جنهن ماڻهوءَ وٽ ڪتابن جو ذخيرو هوندو هو، سخاوت علي ان کان اڌارا وٺي به ڪتاب پڙهندو هو ۽ پوءِ اخبارن ۽ ڪتابن ۾ پڙهيل ڳالهيون اسان ڪلاسين کي ٻڌائيندو هو.
اسان نڀاڳا، جن کي ڪورس جا ڪتاب به ڏينڀوئن جيان ڏنگيندا هئا سي سخاوت عليءَ جون پڙهيل ڳالهيون ٻڌي حيران ٿي ويندا هئا سين. هڪ ڏينهن هن شهر جي هڪ ڪامريڊ کان روسي اديب ٽالسٽاءِ جو ڪتاب ”بچپن، لڙڪپن اور جواني پڙهي آهي“. وٺي پڙهيو. پڙهڻ کان پوءِ هن هڪ ڏينهن ٻهڪندي ٻهڪندي مون کي چيو، ”يار خبر ٿئي تازو ڪهڙو ڪتاب پڙهيو اٿم؟“
______________________________________
4. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مشير عالم جا چيل لفظ.
مون هميشه جيان چيو، ”نه“.
”مون ٽالسٽاءِ جي آتم ڪهاڻي يچپن، لڙڪپن اور جواني پڙهي آهي“ آنءٌ ٻوگهلو، ڪتابن کي ڏسان ته ننڊ اکين ۾ آکيرو ٺاهي. ٽالسٽاءِ جو نالو ئي اهڙو ڏکيو، جي مان اچارڻ شروع ڪيان ته پڙهيل لکيل کِل ۾ ٻڏي وڃن.
مون پنهنجي جهالت جو اظهار ڪندي چيو، ”يار ڪتاب ته تون پڙهندو رهندو آن، ته پوءِ ان روسي همراهه جي ڪتاب ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالھه آهي، جنهن تو کي ايڏو خوش ڪري ڇڏيو آهي.“
”اصل ڳالھه هيئن آهي ته ٽالسٽاءِ پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ ڇوڪري ليوخن جو ذڪر ڪيو آهي.“
”ته پوءِ؟“
”اصل ۾ ليوخن ڏاڍو غريب پر هوشيار ڇوڪرو هو. سڀ اميرن جا ٻار به هن کان پڙهائيءَ ۾ مدد وٺندا هئا.“
”تو وانگر“. مون پنهنجي يار جي تعريف ڪئي.
”پهريان پوري ڳالھه ٻڌ.“ هن مون کي روڪيندي چيو.
”تو کي خبر آ، روس ۾ ايڏي برف ۽ ٿڌ پوندي آهي جو روڊن ۽ رستن تي ڄڻ ته برف جا جبل وڇائجي ويندا آهن. انهن ڏينهن ۾ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ باهه جا مچ ٻاري ان جي چوڦير ويهي سوپ پيئندا آهن ۽ قصا ڪهاڻيون پڙهندا ۽ ٻڌندا آهن“
”اڙي اهيو وري سوپ ڇا ٿيندو آ؟“ مون پنهنجي نااهل ۽ نڪمي هجڻ جو ثبوت ڏيندي سوال ڪيو.
”ڄٽ. سُوپ ائين ٿيندو آ، جيئن سياري ۾ پنهنجي شهر ۾ مرغيءَ جو رس ٿيندو آهي. پر اتان جي سوپ ۾ جانورن جو گوشت وجهندا آهن.“
”خير، مون کي ڳالھه پوري ڪرڻ ڏي.“ هن شفيق استاد جيان مون کي دڙڪو ڏيندي چيو، ”ليوخن ويچارو ته هئو پاڻ جيان ڪنگال. سوپ پيئڻ جا پئسا ڪٿان آڻي. سو هو ڇا ڪندو هو ته، اميرن جا ٻار اٻاريل سوپ مان جيڪي هڏيون ڪڍي اڇلائيندا هئا، ليوخن اهي هڏيون پاڻيءَ ۾ اوٻاري سوپ ٺاهي پيئندو هو ۽ چوندو هو، مان پنهنجي غريبيءَ جو انتقام اميرن جي ٻارن کي پڙهائيءَ ۾ مدد ڪري، انهن جي اڇلايل هڏين کي اوٻاري ان مان سوپ ٺاهي وٺان ٿو.“ شايد ڳالھه پوري ٿي وئي هئي.
شفيق استاد جو دڙڪو مون کي ياد هو.
وڌيڪ پڇڻ جي مون ۾ همت ڪانه هئي ته پڇان، ”قبلا ڳالھه جو آخر مطلب ڇا آهي“.
منهنجي ذهين يار. ڄڻ ته منهنجي اندر ۾ پيدا ٿيل سوال کي پڙهي ورتو هو. هن وڌيڪ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”مون کي به سڀ ماڻهو چوندا آهن ته، مان هوشيار آهيان ذهين آهيان، مون کي به هاڻي لڳي ٿو ته قدرت واري مون کي ذهانت ڏئي شايد منهنجي غريبيءَ جو اميرن کان انتقام ورتو آهي.“
هاءِ ڙي منهنجا جاني يار. اسان جي اسڪول جا روشن ستارا. ذهانت جا مجسم اعليٰ. اڄ موت جي بستري تي جڏهن تنهنجو قصو ياد آيو آهي، منهنجي اڳيئي ڪانڊاريل لونءِ وڌيڪ ڪانڊارجي وئي آهي. سڏڪا نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا آهن. چاهيان ٿو ته تنهنجي ڏکوئيندڙ ياد جو باب اتيئي بند ٿي وڃي. مون ۾ وڌيڪ برداشت ڪرڻ جي سگهه ڪانهي ڪا. پر لڳي ٿو، منهنجي سوچ به هن ملڪ جي جلادن جو روپ ڌاري ورتو آهي. جلاد جيڪي وطن پرست قيدين کي آخري ساهه تائين ان اميد سان ڏنڀ ڏيندا آهن ته کانئن مرڻ کان اڳ ۾ قيديءَ کان تحريڪ جا سڀ تفصيل معلوم ڪري وٺجن.
سوچ جو جلاد سچ پترو کنيون بيٺو آهي.
سخاوت عليءَ جي ذهانت جيڪا غريبيءَ تي ٺٺول هئي، سا سندس زندگيءَ لاءِ عذاب بڻجي وئي.
شمن علي دايي جي اميدن جو ڏيئو ائين اجهامي ويو. جو روشنيءَ جي ڪا اميد باقي نه رهي.
اسان جي ڪلاس جو روشن سج ٻڏي ويو.
ڪائنات، هڪ سڏڪو ڀريو، جڏهن سخاوت عليءَ کي لحد ۾ لاٿو ويو.
سخاوت عليءَ جي برباديءَ جي ابتدا به ان پرائمري اسڪول مان ٿي هئي جتي سائين محمد دائم پنج سال اڳ، سندس روشن مستقبل جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو.
هڪ ماستر هن جي زندگي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ٻي ماستر هن جي زندگيءَ کي برباد ڪري ڇڏيو.
هڪ ماستر نيڪ سيرت فرشتو هو.
ٻيو ماستربي رحم شيطان.
شيطان جي شيطانين جي ابتدا ۽ انتها ان سال ٿي جڏهن اسان مئٽرڪ جو امتحان ڏنو هو.
مئٽرڪ جي امتحان ڏيڻ ۽ رزلٽ اچڻ ۽ فرسٽ ائير ۾ داخلا وٺڻ واري ڇهن ستن مهينن ۾ سڀڪجھه برباد ٿي ويو.
خوابن جي اُڻت اُڊڙي وئي.
پوپٽ جا پر مروڙجي ويا.
ذهانت قتل ٿي وئي.
غريبي حسب معمول جنگ هارائي وئي.
عجيب ڳالھه هئي جڏهن اسان مئترڪ جي امتحان جي تياري ڪندا هئاسين، تڏهن سخاوت عليءَ کي ناول لکڻ جو شوق ٿيو. ان سان گڏ کيس عشق جو به سيڪ اچڻ شروع ٿيو.
ڪتابن پڙهڻ جي شوق ۽ گهڻ طرفي مطالعي کانپوءِ ناول لکڻ جو شوق ته سمجھه ۾ اچڻ جوڳو هو پر عشق. سخاوت علي ۽ عشق. ڳالھه سمجھه کان مٿي هئي.
اسان جو هڪڙو چالاڪ ڪلاسي هو رَکيل. هو اسان جهڙن ڳوٺاڻن اٻوجھه ڇوڪرن تي رعب وجهڻ لاءِ روز ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪري جو خط کڻي ايندو هو. هو ڪڏهن چوندو هو ته کيس جميلا خط لکيو آهي ته ڪڏهن نسرين ته ڪڏهن نورين ته ڪڏهن عابدهه ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته هن جي بقول سندس محلي جي هر بالغ ڇوڪري سندس عشق ۾ گرفتار هئي.
اسان جهڙا، احساس ڪمتريءَ جا ماريل، تن لاءِ رکيل جا عشق ڪنهن ايٽم بم کان گهٽ نه هئا. هن جي عشق جون ڳالهيون ٻڌي، اسان جو انگ انگ روئڻ لڳندو هو. پوءِ اسان مان جيڪي به ٿورڙا وڌيڪ عقلمند ۽ چالاڪ هئا، تن رکيل جو ٽوڙ ڳولهي لڌو هو.
هُو به روز ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪريءَ جي عشق جو داستان رکيل جي سامهون ٻڌائيندا هئا.
احساس ڪمتري ۽ عشق جي جنجهٽ مان ڪو آزاد هو ته، اهو هو سخاوت علي. نه ته هن کي رکيل ڏانهن آيل ڪوڙن خطن ۾ ڪا دلچسپي هئي ۽ نه وري ٻين جي طرفان گهڙيل جوابي داستانن ۾. هن جي لاءِ عشق ٻشق سڀ بيوقوفي هئي. اسان سڀني جو متفقه خيال هو ته ڪتابي ڪيڙو سخاوت علي عشق جي معاملي ۾ پٿر هو.
پر هي ڪہڙو واءُ وريوهو. ڪہڙو انقلاب آيو هو، جو سخاوت عليءَ کي به عاشقيءَ جو شوق جاڳي پيو هو. ابتدا سخاوت عليءَ جي طرفان ٿي هئي يا ٻي طرفان.
هن جو نالو مريم هو ۽ هوءَ ڳوٺ جي سڀ کان سہڻي ڇوڪري هئي. ڳوٺ جو هر نوجوان هن تي مرندو هو.
پر هڪ وڏي مصيبت هئي.
هڪ وڏو عذاب هو.
هڪ وڏو ڊپ هو.
هن جو ڀاءُ ڪاٽڪو چور هو. ان ڪري هر نوجوان هن تي مرندو به هو پر هن جي رستي تي بيہڻ، هن ڏي اشارو ڪرڻ، هن ڏي ڪو پيغام موڪلڻ کان لنوائيندو هو.
سخاوت عليءَ جي قسمت ڪجھ نرالي هئي.
هوءَ جيڪا ڳوٺ جي هر نوجوان جي خوابن جي شہزادي هئي.
اُها، خبر ناهي ڇو؟ ڪيئن؟ ۽ ڇا جي لاءِ سخاوت عليءَ تي عاشق ٿي پئي.
هڪ ڏينہن هوءَ ۽ سخاوت علي گھٽيءَ ۾ هڪ ٻئي جي آمہون سامہون ٿي ويا. هُن نه ڪئي هم نه تم سخاوت عليءَ کي چيو، ”وڏو موتبر ٿيو پيو گھمين. اڃان ته گورنرڙو يا ماسترڙو ٿيو ناهين، پر اکيون کڻي ڪياڙيءَ ۾ رکيون ٿي. هيڏي هوڏي ڏسين ئي نه ٿو ته ڪو رستي ۾ بيٺو انتظار ٿو ڪري.“
هڪ لمحي لاءِ سخاوت عليءَ جي پيرن هيٺان زمين کسڪي وئي. هڪ لمحي لاءِ هن اڇي ڪہاڙيءَ کي هوا ۾ وڄ وانگر چمڪندي ڏٺو. هڪ لمحي لاءِ هن کي لڳو، سندس دل سينو چيري زمين تي ڪرڻ لڳي آهي. ان ئي هڪ لمحي ۾ الاءِ ڪٿان هن جي وجود ۾ طاقت پيدا ٿي. سَتُ ۽ سگھ پيدا ٿي. پوءِ هن وراڻيو، ”نه اهڙي ڳالہه نه آهي.“
پنجن لفظن هن جي زندگيءَ جي رُخ کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. هُو عام انسان مان عاشق بڻجي ويو.
عاشق ۽ عشق ڇا هو. جڏهن به هو هڪٻئي جي آمہون سامهون ايندا هئا، ”خوش آهين، خوش آهين.“ ٿيندي هئي. هوءِ پنهنجي رستي تي، هي ڌڙڪندڙ دل سان پنہنجي رستي تي ڪڏهن ڪڏهن هوءَ هن کي ڪو کٽمٺڙو يا ٽافي، ڪو مٺائيءَ جو ٽڪرو ڏيندي هئي ۽ ها، هڪ دفعي هڪ رومال به ڏنو هئائينس اسان جو يار سخاوت عليءَ پرباش هو.
مئٽرڪ جي امتحان ۾ A-I گريڊ جي اميد نه بلڪه پڪو يقين هيس.
ڳوٺ جي سڀ کان خوبصورت ڇوڪريءَ جو عشق ۽ ناول لکڻ جو جنون. ڀلا خوابن جو به ڪو ڇيہه هو ڇا؟
اچانڪ هڪ نئون موڙ آيو، جنہن سڀ ڪجھ ڊانواڊول ڪري ڇڏيو، تباهه ڪري ڇڏيو، بقول شاعر منٺار سولنگيءَ جي.
خواب جيڪي لڌئي، سي ته وکري ويا،
ڪو نه ٿي ملي تن جي، ذري سان ذري.
سخاوت عليءَ جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ماستر جان محمد بدلي ٿي آيو. هن هڪ ڏينہن سخاوت عليءَ کي اسڪول ۾ گھرائي چيو، ”سخاوت عليءَ مان تنہنجي ڏاڍي تعريف ٻڌي آهي. ٻڌو آهي ته تون ڏاڍو هوشيار ۽ محنتي ڇوڪرو آهين. مان ڏاڍو اصول پرست انسان آهيان تون ائين ڇو نه ٿو ڪرين ته هن اسڪول ۾ ٻار پڙهائڻ ۾ منہنجي مدد ڪرين.“
سخاوت عليءَ وٽ ننہن ڪرڻ جو ڪو جواز ڪو نه هو. هن ماستر جان محمد سان گڏ ٻار پڙهائڻ شروع ڪيا.
هوريان هوريان جان محمد کُلڻ لڳو. هن سخاوت عليءَ کي ٻڌايو ته هو شاعر به هو ۽ سندس تخلص ”جانب“ هو. هن سخاوت عليءَ کي پنہنجي شاعري ٻڌائي.
ڇڏي وئين يار هٿڙا ڇڏائي،
پيرڙا ڪڍرائي،
روئان ٿو تنہنجي عشق ۾ پرين،
وئين مون کي مون مان لڏائي.
سخاوت عليءَ هن کي ٻڌايو ته هو به ناول لکي ٿو.
ماستر جان محمد جانب سندس تعريف ڪئي ۽ هن کي چيو ته هو رات جو جيڪو ڪجھ لکي، صبح جو کيس ڏيکاري ته جيئن سندس اصلاح گڏ گڏ هلندي رهي.
ائين ٿيڻ لڳو. سخاوت عليءَ ناول جا ٻه ٽي صفحا لکندو هو ۽ صبح جو ماستر جان محمد جانب کي ڏيکاريندو هو. ماستر کيس صلاحون ڏيندو هو. ماستر جان محمد مٺي گفتگو ڪندڙ شخص هو. آهستي آهستي جان محمد هن جي شخصيت مان متاثر ٿيڻ لڳو.
ماستر جان محمد هن کي پنہنجي زندگيءَ جا عجيب عجيب قصا ٻڌائيندو هو جيڪي گھمي ڦري اچي ماستر جي عشق تي ختم ٿيندا هئا. سخاوت عليءَ جي نڪور اديباڻي ذهن لاءِ ماستر جا قصا الفَ ليلا جي قصن جيان هئا.
”مان آهيان اصول پرست ماڻہو.“ ماستر جان محمد جو تڪيو ڪلام هوندو هو. هو اڪثر ڪري سخاوت عليءَ کي چوندو هو، ”سخاوت عليءَ مان به غريب جو ٻار آهيان پر مان آهيان اصول پرست ماڻہو. نه ڪڏهن پئسن جي پرواهه ڪئي اٿم، ۽ نه ئي وري ڪڏهن ڪنهن وڏيري ننڍيري جي پرواهه ڪئي اٿم.. حسن پرستي منہنجي رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي، غريبيءَ جي باوجود به دل کولي پيار ڪيو اٿم.“
ماستر جي هر قصي جي ابتدا ۽ انتها شاندار، پرخطر ۽ ڪامياب عشق سان ٿيندي هئي. هونءُ سخاوت عليءَ کي ماستر جان محمد جا عشق جا داستان شايد موهي نه سگهن ها، پر هن جي عشق جي نئين ابتدا هئي. ان ڪري هر قصي ۾ هو محسوس ڪندو هو ته هن جي لاءِ ڪونه ڪو نياپو هو ۽ ڪونه ڪو سبق هو.
خبر ناهي ماستر جان محمد جي عشق جي قصن ۾ ڪيترو سچ هو، ڪيترو ڪوڙ، پر قصا هوندا دلچسپ هئا.
اهو 14فيبروريءَ جو ڏينهن هو. عاشقن جو عالمي ڏينهن ان ڏينهن جڏهن ماستر جان محمد اسڪول آيو، ته سندس چهرو روئڻهارڪو هو. ڄڻ ته زال سان وڙهي آيو هو. يا سندس گهر ۾ چوري ٿي وئي هئي. ماستر جان محمد جي اهڙي ڪيفيت اصل ۾ اشارو هوندي هئي ته، اڄ نئين عشقيه داستان جي آمد ٿيندي.
رسيس وقت ماستر جان محمد سخاوت عليءَ کي پاڻ وٽ سڏ ڪيو. سخاوت عليءَ کي سمجهڻ ۾ رتي برابر به دير نه لڳي ته قصي جي آمد جو وقت اچي ويو آهي.
ماستر هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. پڪ ڪيائين ته ڪير ٻُڌي ته ڪونه ٿو. پو قميص جي هيٺان پاتل صدريءَ ۾ اهڙي ته رازداريءَ سان هٿ وڌائين، ڄڻ ته ڪو قيمتي هيرو کيسي مان ڪڍندو هجي. پر جڏهن هن جو هٿ ٻاهر نڪتو ته، سندس هٿ ۾ هڪ ڦوٽو هو. ڦوٽو سخاوت عليءَ کي ڏيندي ماستر چيو، ”سخاوت علي هي ڏس، هي اٿئي منهنجي زندگيءَ جو پهريون پيار.“
”پهريون پيار؟“ سخاوت عليءَ کي پنهنجو پيار ياد اچي ويو. هن به سوچيو، ڪاش هو به مريم جو ڦوٽو کيسي ۾ رکي سگهي.
”ڪهڙن خيالن ۾ ٻُڏي وئين؟“ ماستر جان محمد هن جي خيالن جو سلسلو ٽوڙي وڌو.
”مان آهيان اصول پرست ماڻھو.“ ماستر قصي جي شروعات ڪئي. ”اڄوڪو ڏينهن سڄي دنيا لاءِ خوشين ڀريو ڏينهن هوندو آهي. اڄڪلھه ته اڄوڪي ڏينهن تي شهر ته ڇڏيو، ٻهراڙين جا عاشق به پنهنجي محبوبائن کي نوان نوان تحفا ڏيندا آهن. پر مون بدنصيب جي دنيا ته اڄوڪي ڏينهن تي اجڙي وئي هئي. منهنجو پهريون پيار، منهنجي يار، منهنجي دلربا، اڄوڪي ڏينهن تي مون کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي هئي. وڇڙي ڇا هميشه لاءِ هن دنيا مان هلي وئي هئي.“
”مطلب سائين!“
”مطلب ته اڄوڪي ڏينهن تي منهنجي پيار منهنجي جدائي نه سهندي، پنهنجو انت آندو هو.“
فضا ۾ افسوس جون صدائون اڀريون.
ماستر جان محمد روئڻ جي اداڪاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سخاوت عليءَ جي دل ڌڙڪي. مريم جي سلامتيءَ جي دعا نڪتي.
”ڪيئن ڀلا سائين، ڪيئن؟ اهيو وري ڪيئن ٿيو؟“ سخاوت عليءَ افسوس ڀري اتاولائيءَ مان پڇيو.
”ها“ ماستر ٿڌو ساهه ڀريو. قصو ڪَرُ کڻڻ لڳو ۽ بيان اڳتي وڌڻ لڳو.
”اهيا ڳالھه نه پڇ، سخاوت عليءَ“ ماستر هڪ دفعو ٻيهر ٿڌو ساهه کڻي محسوس ڪرايو ته هو، سخت ڏک مان پيو ڳالھائي.
”منهنجو هن سان پيار جو پيچ پائڻ جو قصو به ڏاڍو عجيب آهي.“
”اها انهن ڏينهن جي ڳالھه آهي جڏهن، جڏهن منهنجي عمر ويھه ورهيه مس هئي. نئين نئين ماستري ملي هئي. ان زماني ۾ نئين ماستر کي ٻي تعلقي ۾ موڪليندا هئا. سو سائين مون کي به درگاهه يوسف شاه جيلانيءَ جي ڀرسان، هڪ ڳوٺ ۾ ماستر ڪري موڪليائون.“
”هڪ ڏينهن الله جي ڪرڻي ائين ٿي، صبح جو سوير، اسڪول لاءِ نڪتس. هڪ جواني، ٻيو پيرن هيٺان سهراب سائيڪل. سومان به واءُ مينهن ڪندو پئي ويس. اڌ رستي تي مس پهتو هوندس ڇاٿو ڏسان، هڪ گاڏير بيٺو هو. گاڏيءَ تي ٻه مايون ٻُڪل هنيون ويٺيون آهن. انهن مان هڪ اڌڙوٽ عمر جي هئي. ٻيءَ جي عمر سورنهن سترنهن سال مس هئي. ڇا ته مولا ڇوڪريءَ کي حُسن ڏنو هو. گاڏيءَ جو ڦيٿو نڪري ويو هو. مان ويجهو وڃي سائيڪل کي بريڪ هنئي.“
گاڏير چيو، ”ڀائو تنهنجا وڏاوڙ ٿيندا، قرب ٿيندا، احسان ٿيندا، جي مون سان گاڏيءَ جي ڦيٿي وجهرائڻ ۾ مدد ڪندين.“
مون چيو، ”ڇو نه سائين، اهيا به ڀلا ڪا ڳالھه آهي.“ گاڏير ڏنڊو ڏوٽو، پهلوان مڙس هو، مون کي چيائين، ”ڀائو! آئون ٻارن کي هيٺ لاهيان ڪونه ٿو، مان گاڏيءَ جي سرائيءَ کي پنهنجي گوڏي تي رکان ٿو، تون ڦيٿو سرائيءَ ۾ وجهه.“
ڦيٿو گاڏيءَ ۾ وجهندي، نظر کڻي جو ڏسان ته نينگري مون ۾ جُوهه وجهيون ويٺي آهي.
نظرون نظرن سان مليون.
هن به مشڪيو مون به مشڪيو.
مون کي چوڻي ياد آئي، ”هنسي تو ڦنسي، مسڪرائي تو گود ۾ آئي.“
اکين جي پيغام اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي ڏني.
دل جو ڌڙڪو وڌي ويو.
جيئن تيئن ڪري مون ڦيٿو گاڏيءَ ۾ وڌو. گاڏير مهرباني چئي، گاڏيءَ تي ويٺو. گاڏي رواني ٿي.
مون کي ٻي ته ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي، سواءِ ان ڳالھه جي ته ان گاڏيءَ سان منهنجي دل به وڃي پئي.
هن مون ڏانهن مڙي ڏٺو. ڄڻ ته چوندي هجي، ”وڃين ڪاڏي ٿو، مون ڏي اچ نه! ان مهل شاهه ڀٽائيءَ جو بيت ياد اچي ويم؛
سوڙهين گهٽين سپرين، گونگا ٿي گڏيام،
ڦٽيل هئا فراق ۾، ڪُڇي ڪين سگهيام،
نهاريندي ويام، نماڻين نظرن سان.
”ادا سخاوت عليءَ نماڻين نظرن جي گهاوَ جو توکي اڃان تجربو نه ٿيو آ.“ ماستر پنهنجي ڳالھه. کي وزن وٺائيندي چيو.
سخاوت عليءَ کي مريم جون نظرون ياد آيون. هن جي دل چيو، ماستر کي سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏي.
ماستر ڳالھه کي اڳتي وڌايو ۽ چوڻ شروع ڪيائين.
”مان به ٿي پيو هئس نيڻن جو وڍيل، بس، نه ڪيم هم نه تم. لڳي پيس گاڏير جي ڪڍ.
گاڏي پنهنجي ڌن ۾ هلندي رهي ۽ مان به گاڏيءَ سان مناسب فاصلي گڏ هلندو رهيس.
ڪجھه وقت کان پوءِ گاڏي هڪ ڳوٺ ڏي لڙي وئي ۽ ڏٺم ته هڪ گهر ۾ داخل ٿي. گهرُ هڪ پڪي ڇَنِ هئي ۽ چوڦير لوڙهو ڏنل هو.
مون کان اسڪول، ٻار، صاحب، سڀ وسري ويا. هڪ ئي ڌن سوار ٿي وئي ته ڪيئن نه ڪيئن ڪري نماڻن نيڻن واريءَ سان ملان. ان ڳوٺ مان نڪتس. سڌو رُخ رکيم نورل جي ڳوٺ.
نورل منهنجو دوست هو. وڏو ڪاٽڪو چور هو. جُوءِ جُوءِ جو پاڻي پيتل هئس.پاڻ به شوقين مڙس هو. پاڙي اوڙي جو ڪو به ڳوٺ، ڪا به حسينا کانئس ڳجهي ڪانه هئي، آئون سمجھان ٿو. ڪچڙيءَ منجھند ڌاران نورل وٽ پهتس.
نورل کي سڏڪيم.
نورل نڪري آيو.
”اڙي هي ڇا؟“ مون کي ڏسي نورل کان رڙ نڪري وئي چيائين، ”ماستر ڇاٿيو آ، منهن ته ڏس سُڪي ٺوٺ ٿي ويو ٿئي. اکيون ڪا ٻي ٻولي پيون ڳالھائين خير ته آهي؟“
مون نورل کي پيرائتي ڳالھه ڪري ٻڌائي.
نورل ڳالھه ٻڌي مون کي تسلي ڏني ۽ چيائين، ”ماستر بس ايترڙي ڳالھه تي اچي ملول ٿيو آهين. فڪر نه ڪر، گهٻراءِ نه، ڪو بلو ڪري ٿا وٺون. پهريان تون ٿورو آرام ڪر، ماني ڌاني کاءُ پوءِ ڪجھه ڪري ٿا وٺون.“
منهنجو ته قرار لٽجي ويو هو، سو مون کي ڪٿان ٿي ماني وڻي ۽ آرام اچي.
خير، سڄو ڏينهن آنڌ مانڌ ۾ گذريو.
الاهه الاهه ڪري سج لٿو.
سومهڻي ڌاران نورل مون کي چيو، ”اُٿ.“
اسين ٻئي اٿياسين. نورل اڳ ۾ سمجهي ويو هو ته، منهنجي روح ڪهڙي ڳوٺ ۾ رهجي ويو آهي. نورل ٻه بندوقون ۽ ڪارتوسن جا ڪنڍلا کنيا ۽ اسان ٻئي اهي کڻي روانا ٿي وياسين. نورل مون کي برفيءَ جو پُڙو ۽ رابيل جي گلن جو هار ڏنو ۽ چيائين ته، ”رک پاڻ وٽ.“
منهنجي ته پيرن ۾ ڄڻ هوائي جهاز جا پَرَ لڳي ويا هئا. اصل اُڏامندو پئي ويس. دل چاهيو پئي ته بس دير نه ٿئي، محبوب جو ديدار ٿئي نه ته دم پرواز ڪري ويندو.
اڌ رات هئي جو اسين پرينءَ جي پار پهتاسين. سانوڻ جي نئين شروعات هئي. سڀڪو پنهنجي اڱڻ تي ستو پيو هو. ڪاٽڪو چوندا آهن ته اڌ رات جو يا ته عاشق يا جِن جاڳندا آهن. سو سائين برابر ائين ئي هئو. ماڻھو ته ڇا، ڪتو، ٻلو، پکي پکڻ سڀ ائين سُتا پيا هئا ڄڻ ته سڀ مئا پيا آهن.
نورل منهنجي لاءِ گهر ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ٺاهيو، مون کي برفيءَ جو پُڙو ۽ گلن جو هار ڏيندي چيائين، ”ماستر، تون خيال سان اندر وڃ، مان ٻاهر بيٺو آهيان. ڪيئن به ڪري ڳولي ڦولي، برفيءَ جو پُڙو پنهنجي محبوب جي ڀر ۾ ۽ گلن جو هار سندس وارن ۾ ٻڌي آ. خيال ڪجانءِ ڪا گڙٻڙ نه ٿئي.“
عشق انسان کي ڇاڇا نه ٿو ڪرائي. ڪهڙا ڪهڙا ڪشالا ٿو ڪڍرائي.
”سخاوت علي صاحب، سچي ڳالھه اهيا هئي ته ان مهل منهنجي دل ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ نه هو، ڪوخوف نه هو. بس هڪ ئي خيال هئو، هڪ ئي تمنا هئي، هڪ ئي خواهش هئي ته محبوب سان ملان“.
جونءِ پير سُرندو سُرندو، هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو پرينءَ جي تلاش ۾ اڳتي وڌيس. اچانڪ هڪ خوشبو آئي.
ها، خوشبو، جيڪا محبوبن جي مخصوص مهڪ هوندي آهي. کڻي جو ڏسان، ٿورو پرڀرو، ٻه کٽون پيون آهن.
هڪ کٽ تي اهائي اڌڙوٽ عمر جي مائي (جيڪا مون کي پوءِ خبر پئي ته پرينءَ جي ماءُ هئي) ۽ ٻي کٽ تي منهنجي پَري سُتيون پيون هيون.
ٿوري دير لاءِ بي خود ٿي ويس.
سوچيم پرينءَ کي چنبڙي وڃان، سندس انگ انگ کي چمان، نس نس سان پيار ڪريان. کيس جاڳايان ۽ چوان ته ڏس مان ڪيڏا ڪشالا ڪٽي تو وٽ آيو آهيان. پر مون کي نورل جي نصيحت ياد آئي؛
”پرينءَ کي جاڳائجانءِ نه، ڳالهائجانءِ نه، صرف برفي ۽ گل رکجانءِ.“ نصيحت ياد ايندي ئي پير جهلي ويس.
ٿوري دير لاءِ پرينءَ جي سيرانديءَ کان بيٺس. هڪ نظر وڌم، سبحان الله چنڊ جهڙو جهڙو، بستري تي واسينگن جيان وڇايل وار.
خير پاڻ پليندي، برفي سندس ڀرسان رکيم ۽ گل هوريان هوريان سُرڪائي سندس چوٽيءَ سان ٻڌم.
دل ته نه پئي چيو، پر پوءِ به پويان پير ڪري واپس وريس.
نورل مون کي ڏٺو، ڳراٽڙي پاتائين ۽ چيائين، ”پرينءَ جو ديدار مبارڪ ٿئي.“
مون کان رهيو نه ٿيو، دل جُهري پيم، اکين ۾ پاڻي اچي ويم. نورل کان پڇيم، ”يار! پرينءَ جو پاسو ڪڏهن نصيب ٿيندو؟“
تسلي ۽ دلاسو ڏيندي چيائين ”گهٻراءِ نه، هنيانءُ نه هار، اهيو ڏينهن به پري ڪونهي ڪو.“ اسان ٻئي نورل جي وٿاڻ تي موٽي آياسين. نورل مون کي چيو ته، پاڻ کي هاڻي ٻه ٽي ڏينهن ائين هلڻو پوندو ۽ ڪاروائي ڪرڻي پوندي.”
مان نورل کان موڪلائي روانو ٿيس.
منهنجي لاءِ پل پل، ورهين برابر ٿي ويو هو.
سڌو روانو ٿيس اسڪول. سڀ کان پهريون ڪم اچي اهيو ڪيم ته، اسڪول مان ڏهن ڏينهن جي موڪل ورتم.
اسڪول مان نڪري سڌو آيس ناڪي جوڳيءَ وٽ.
ناڪو جوڳي هو، گدا ڪندو هو، سوز سان مرلي وڄائيندو هو، نانگ نچائيندو هو، ڍارو هڻندو هو ۽ ڳوٺ ڳوٺ، گهر گهر پيرين پنڌ گهمندو هو.
ناڪو جهونو جوڳي، نورل جيان مون کي پهرين نظر ۾ سمجهي ويو ته معاملو گڙٻڙ آهي.
ناڪي کي به سڄي ڳالھه پيرائتي ڪري ٻڌايم.
ناڪي به مون کي تسلي ڏني ۽ هڪ رستو ڪڍيو.
پنهنجي لٺ، گودڙي، مرلي، ڍارو، نانگ جي ٽٻڻي کنيائين ۽ مون کي به لٺ ۽ گودڙي ڏنائين ۽ جوڳين وارو ويس پارايائين.
هئه ڙي عشق تنہنجا رنگ.
گدا ڪندا سڌا آياسين پرينءَ جي ڳوٺ.
خبر ناهي ڪيئن، پر منہنجي اندر مان سئنون سينو چيري ٿي نڪتيون.
ناڪي مون کي سوز مان سئنون هڻندي ڏسي چيو،
”يار ڪو ڪونه سمجھندو ته تون ڪو ٻہروپيو آهين.
هر ڪوئي ائين سمجھندو ته تون ڪو خانداني، جنم جنم جو پينو فقير آهين.“
حسبِ روايت ڪا خيرات کڻي آئي، ڪنہن ڍارو هڻايو.
ڍاري هڻائيندڙن جي اڪثريت مان ڪنہن پڇيو پئي،
منہنجي گھر ۾ برڪت ڪانہي ڪا. هيڏانہن اچي هوڏانہن وڃي. اوڏن وانگي ڪمايون،پر پوري پاندي ڪانہي ڪا.
ڪنہن پڇيو، فقير ڍارو هڻي ڏي گھر ۾ ڪروڌ آهي. هر ڀاتي ٻئي جو منہن پٽيون کايون پيو وڃي ڄڻ ته هڪ ابي امڙ جي اولاد ناهن، ڄڻ ته جاني دشمن آهن.
ڪنہن چيو فقير، گھر ۾ بيماري گھرُ ڪري ويٺي آهي.
ڪڏهن اسان جي پچر ڇڏيندي.
ناڪي، سڀ ڪنہن کي اهڙا ڍارا پئي هڻي ڏنا جو وڃي ٿيا خير.
منہنجيون اکيون ته پرينءَ جي تلاش ۾ هيون.
پرين، جنہن جو نه پتو ٿي پيو، نه ڪو کرو ٿي لڳو.
ٿوري دير کان پوءِ جڏهن رش ختم ٿي، ڏٺم ته هوءَ اٽي جي لپ کنيون ٽلندي اچي پئي.
منہنجي دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي وئي.
اکين ۾ چمڪ اچي وئي.
بيقراري وڌي وئي.
دل چاهيو، اٿي وڃي پرينءَ کي ٻکُ هڻان.
منہنجي حالت ڏسي ناڪي مون کي ٺونٺ هنئي ۽ اشارو ڪيائين، صبر ڪر.
منھنجي لاءِ صبر جو پَل پَل صدين برابر ٿي ويو.
هوءَ آئي. ناڪي کي خيرات ڏنائين. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي تسلي ڪيائين ته ڪير ڏسي ته ڪونه ٿو. پوءِ ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين، ”جوڳي فقير مون کي به ڍارو هڻي ڏي نه.“ ناڪي چيو، ”ڇوڪري توکي وري ڪهڙي ڳالهه جو ڍارو هڻي ڏيانءِ.“
چيائين، ”فقير رات جو مسافر مون کي ملندو به يا سڄي عمر تڙپندي رهندس.“
ناڪي هن ڏانھن ڏٺو ۽ اک ٽيٽ ڪري مرڪندي مون ڏانھن ڏٺائين، پوءِ ڍاري کي هيڏي هوڏي ڦيرائيندي ۽ زمين تي ڦٽو ڪندي چيائين؛.
”آ ڍارا پنئون ٻارها، پڻڪو ٻڌاءِ هن نينگر جي من جي مراد ڪڏهن پوري ٿيندي يا نه.“
۽ پوءِ ڍاري ڏي ڏسندي خوشي ڀري رڙڪيائين، ”اڙي هي ڇا! ڍارو سڄي زمين گھمي آيو، سڄو آسمان گھمي آيو. اتر ڏٺائين ڏکڻ ڏٺائين. پورب ڏٺائين پڇم ڏٺائين. سنڌ ڏٺائين هند ڏٺائين. پر نينگر جي من جي مراد ڪٿي نظر نه آيس.“
پوءِ ٿورو ساهه پٽيندي چيائين، ”لڳي ٿو ته نينگر جي من جي مراد هتي آسپاس ۾ ڪٿي آهي.“
پهريان ته منهنجو پرين وائڙو ٿي ويو. کيس ڪا ڳالهه سمجھ ۾ نه آئي. پوءِ شايد ”هتي آسپاس“ جي لفظن تي سوچيائين. پهريا ناڪي ڏي، پوءِ مون ڏي غور سان، ڏٺائين. جيئن ئي اسان جون نظرون مليون، خبر ناهي ڇا ٿيو، ڪيئن ٿيو، ٻنهي جي اکين مان ڳوڙهن جو درياهه وهڻ لڳو.
عشق چريو ديوانو.
نه پڇي ڏات نه ذات.
نه ڏسي ڪو وقت، ڪا گھڙي، ڪا مهل.
هوءَ چرين جيان اڳتي وڌي.
منهنجي هٿ کي چرين جيان چمڻ لڳي.
۽ مان به هن جي هٿ کي چرين جيان چمڻ لڳس.
شڪرآ، ناڪي کانسواءِ ٻيو ڪو ڪو نه هو.
عشق منزل ماڻي،
پرين تائين پهتو.
وصل جو واس ٿيو.
دل ڪوڙين قرارن ۾ ٻڏي وئي.
انجام ٿيا اقرار ٿيا.
ائين لڳو زندگي ختم ٿي وئي، جنت ملي وئي.
پر قسمت کي ڪجھ ٻيو منظور هو.
سکن پٺيان ڏکن کي اچڻو هو.
زندگيءَ جي ڪڍ، موت لڳي ويو.
اسان جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
رات جو نورل منهنجو ساٿي هو ۽ ڏينهن جو ناڪو جوڳي پر چوندا آهن عشق مشڪ، خون کٿوري لڪائيندي نه لڪندا آهن.
”سخاوت علي توکي خبر آ ته، عشق جي خبر سڀ کا پهريان ڪنهن کي پوندي آهي.“ ماستر جان محمد جانب ڊگھي خود ڪلاميءَ کانپوءِ سخاوت علي کان سوال ڪيو.
”نه سائين“. سخاوت علي مختصر جواب ڏنو.
”عشق جي پهرين خبر پوندي آ ماءُ کي. اسان سان به ائين ئي ٿيو. منهنجي پرينءَ جي ماءُ کي به کڙڪ پوندي ڪا گھڻي دير نه لڳي.“
جڏهن هن کي خبر پئي، پهريان ته وائڙي ٿي وئي. پوءِ غضي ۾ منهنجي پرينءَ کي ڪپڙن ڌوئڻ واري سوٽيءَ سان سٽيائين. پوءِ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائينس. پوءِ ڌوتن ذريعي منهنجا پار پتا به معلوم ڪري ورتائين. هڪ دفعو مون سان به ملي. مون کي به داٻا ڏنائين، سمجهايائين. ”مڙي وڃ نه ته منھنجا ڇورا ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندئي.“
پر عشق ڪٿي ٿو مڙي.
اسان سڀني سختين باوجود به ملڻ کان نه مڙندا هئاسين ماءُ جڏهن ڏٺو ته، ڇوري صفا نه ٿي مڙي، رَنِڪو هُنر هلائي منهنجي پرينءَ جي تٿ تاريخ ٻڌي چڏيائين.
منهنجي پرينءَ شاديءَ کان صفا انڪار ڪري ڇڏيو.
هڪ رات جڏهن ملياسين ته هن مون کي صاف صاف لفظن ۾ چيو ”مون کي کڻ نه ته مان پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيندس.“
مان وائڙو ٿي ويس. مان اصول پرست ماڻهو اِهيو ڪڌو ڪم ڪئين ٿي ڪري سگهيس، مان پنهنجو پاڻ تي اِهيو ٽِڪو ڪيئن ٿي لائي سگهيس.
هوءَ نه مُڙي.
پنهنجي ڌمڪي سچي ڪري ڏيکاريائين.
14 هين فيبروريءَ تي، جڏهن هن جي شادي رٿيل هئي، هن جونئن مار دوا پي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو.
منهنجي دنيا لٽجي وئي.
دل دردي ٿي پئي وئي.
اندر خالي ٿي ويو.
اندر جي خال کي ڀرڻ لاءِ ۽ اُڃ اجهائڻ لاءِ مان اصول پرست ماڻهو آهيان. ايترو ته عورتن سان پيار ڪيو اٿم، جيترو ڪير پاڻي پيئي.
پر منهنجي اُڃ نٿي اُجهامي.
منهنجي دردي دل جو زخم نه ٿو ڀرجي.
اڄوڪي ڏينهن تي مان ڪارا ڪپڙا پائيندو آهيان ۽ پنهنجي پرينءَ جو ڦوٽو سڄو ڏينهن پنهنجي سيني سان لائي رکندو آهيان.
ماستر جان محمد جانب پنهنجي عشق جي ڊگھي قصي کي پڄاڻيءَ تي پڄايو.
اکين کي زور ڏئي روئڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر عجيب اتفاق هو، سندس اک مان ڳوڙهو ڪونه نڪتو.
دئونس ۾ ٽي ڪوپ چانهه جا پي ويو.
رسيس تي ويل ٻار موٽي آيا هئا.
ماستر صاحب جي پڙه ٻائڻ جو ڪو ارادو ڪونه هو.
ويٺي ٻه درخواستون لکيائين.
هڪ، ته ويٺي ويٺي سندس ويهڪ واري جڳھ تي ڦرڙي نڪري پئي آهي، ان ڪري کيس اڌ ڏينهن موڪل ڏني وڃي.
ٻي، ته کيس سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ ۾ ڪم آهي ان لاءِ کيس چار ڏينهن موڪل ڏني وڃي.
ان ڏينهن هڪ عجيب اتفاق اِهيو هو ته ماستر باربار سخاوت عليءَ کان ورور ڏئي پڇندو رهيو ته سندس به ڪنهن سان اک اڙي آهي يا نه. سخاوت هر نئين عاشق جيان جيڪو پنهنجي عشق جي ڳالھ ته هر ماڻهو کي ٻڌائڻ چاهيندو آهي، پر ڊپ مان ڪنهن کي ٻڌائي ڪونه سگھندو آهي. هو چاهيندي به باربار ماستر جي اڳيان انڪار ڪندو رهيو.
ڪجھ دير ويهڻ کانپوءِ ماستر جان محمد جانب، سخاوت عليءَ کي چيو، ”سخاوت علي، پاڻ آهيون اصول پرست ماڻهو، اڄ پنهنجي دل ڪنهن ٻي دنيا ۾ آهي. رات مان ڪراچيءَ نڪري ويندس، وري ڇنڇر تي اسڪول ايندس هاڻي اسڪول آ حوالي تنهنجي، پٺيان جي پارت اٿئي.“
ماستر جي وڃڻ کانپوءِ سخاوت علي ماستر جي ڪهاڻيءَ تي سوچيندو رهيو.
ڪهاڻيون ته ماستر اڳ ۾ به ٻڌائيندو هو، پر هيءَ ڪهاڻي نرالي هئي.
ماستر جي هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪونه ڪو عجيب واقعو هوندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن سخاوت علي سوچيندو هو ته ان ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت ڪيتري هئي ۽ افسانو ڪيترو، پر حضور شرميءَ سبب هو ماستر کان سوال نه ڪري سگهندو هو.
هڪ ڳالهه سخاوت علي سمجهي ورتي هئي ته ماستر عجيب ماڻهو هو ۽ شايد ٿورو ڪوڙو به.
چار ڏينهن گذري ويا.
ڇنڇر تي ماستر اسڪول موٽي آيو.
ڪراچيءَ مان موٽڻ کان پوءِ، ماستر ڏاڍو خوش هو.
سندس انگ انگ خوشيءَ ۾ ٻهڪيو پئي.
ائين ٿي لڳو ڄڻ ته کيس خزانو ملي ويو آهي.
ان ڏينهن ماستر ٻارن کي اڌ ڪلاڪ اڳم رسيس ڏني.
سخاوت عليءَ کي سڏيو.
چانهه جا ڪوپ ڀريا.
۽ نئين قصي جي ابتدا ٿي.
”سخاوت علي“ ماستر بغير پڇڻ جي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”اسان اصول پرست ماڻهن تي به الله سائينءَ جون عجيب ڪرم نوازيون اٿئي. ڳالهه ٻڌندين ته اصل صفا حيران ٿي ويندين.“
”سائين ٻڌايو ڀلا، ڇا ٿيو وري.“
سخاوت علي ٻيو ڀلا چئي به ڇا ٿي سگهيو. هو جيڪڏهن ماستر کي چوي به ها ته، سائين ڇڏيو ڳالهه کي ته ڀلا ماستر مڙي وڃي ها ڇا.
راوي بيان ڪرڻ لڳو، قصو شروع ٿيو.
”لاڙڪاڻي مان جيئن ريل تي چڙهيس، ڀينسان پيرڌرڻ جي جاءِ نه هئي. اسان هياسين ٻه ڄڻا، مان ۽ منهنجو دوست ماستر موليڏنو. ڀلو ٿئي ٽي ٽيء جو جيڪو اسان جو واقفڪار نڪري پيو. ويهڻ لاءِ ٻه سيٽون ڏنائين.
گاڏي اڳتي هلي. هائو ٻيلي راڌڻ مان همراهه چڙهيو ساڻس ٻه مايون گڏ هُيون.
اتفاق سان هو اچي اسان جي ڀروارين سيٽن تي ويٺا، مون غور سان ڏٺو، اڙي هي ڇا هي ماڻهو ته ڪنهن زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا ۽ پوءِ راڌڻين لڏي ويا هئا.
خير گاڏي هلي.
ٿوري دير کانپوءِ مان همراهه سان حال احوال شروع ڪيا.
منهنجو اندازو صحيح هو. هو اسان جي پراڻي ڳوٺائي غلام رسول جي اولاد مان هئا.
پنهنجائپ نڪري آئي، ان ڪري ويجھڙائپ وڌي وئي، پتو پيو، غلام رسول جي چئن پٽن مان هڪ کي ڪراچيءَ ۾ نوڪري ملي هئي ۽ هو ڪراچي لڏي ويو هو.
ٿوري دير کانپوءِ مون جو ڌيان ڪيو، مون کان رڙ نڪري وئي. مار ڀينسان هڪ مائيءَ جون نظرون مون ۾ کتل هيون.
اسان به آڙيڪاپ ماڻهو.
گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتل.
رن جي لوڏ مان سمجهون ته ڪهڙي خيال جي آهي. سو مونکي سمجھندي دير ئي نه لڳي ته مائي مون تي عاشق ٿي پئي آهي. اڃان جو ٿورو وڌيڪ غور ڪيم، مارڀينسان هيءَ ته اهائي ڇوڪري هئي جيڪا ننڍي لاءِ اسان سان گڏ کيڏندي هئي.
اچانڪ مون کي هن جو نالو ذهن تي تري آيو .
مون همراهه کي چيو، ”ڀائو ڳالھ ته ٻڌ هن مائيءَ جو نالو سرداران ته ناهي.“
هڪ لمحي لاءِ همراهه وائڙو ٿي ويو ۽ پوءِ کلي وراڻيائين، ”برو بر ڀائو، هي اسان جي ننڍي ڀيڻ سرداران آهي.“
سرداران پنهنجو نالو ٻڌي ٽڙي پئي.
سچي ڳالھ آهي ته منهنجي دل ۾ به گلاب ٽڙي پيا.
سخاوت علي، سفر ۾ جي دل گھريو ساٿي ملي وڃي ته پوءِ سفر، سفر نه رهندو آهي.
مون ڪچهري ته همراهه سان ڪئي پر منهنجو سڄو ڌيان سرداران ڏي هو.
۽ سرداران، سرداران ته مون مان اک ئي نه ٿي ڪڍي.
اسان جي اکين هڪٻئي سان ٿي ڳالهايو، اسان جي روح هڪ ٻئي، سان ٿي رهاڻ ڪئي.
سرداران، اشارن ئي اشارن ۾ مون کي ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ ملجي.
تون هن کان ايڊريس وٺ.
مون سرداران کي اشارن ئي اشارن ۾ ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ ملڻ محال آهي، ڇو ته ڏاڍي مصروفيت هوندي. پر جي الله چاهيو ته مان سندس ڳوٺ وڃي ملاقات ڪندس. پوءِ مون اشارن ئي اشارن ۾ سرداران کي چيو، ڀلاڪا نشاني ته ڏي نه هن به موٽ ۾ مون کان ساڳي گھر ڪئي.
مان سوچيو، هن مہل ريل ۾ هلندي سرداران کي ڪہڙي سوکڙي ڏيان.
اچانڪ پنہنجي هٿ ۾ پاتل منڊيءَ ڏي خيال ويو.
مون منڊيءَ ڏانہن اشارو ڪيو.
هاڻي مسئلو هو ته، تحفا همراهه جي سامہون ڏجن ۽ وٺجن ڪيئن.
خير الله جي ڪرڻي ائين ٿي. ڪوٽڙيءَ کان اڳتي جيئن ئي ريل هلي، همراهه کي ننڊ اچي وئي.
لڳ ڀڳ سڄو گاڏو سمہي پيو هو، سواءِ اسان ٻن جي.
مون منڊي لاهي پنہنجي هٿ جي تريءَ رکي.
هن باز جيان جہپڙ ڏئي، منہنجي هٿ تان منڊي کڻي ورتي ۽ خبر ٿئي، موٽ ۾ مون کي ڇا ڏنائين؟
هي رومال.“
ماستر جان محمد جانب پنہنجي صدريءَ جي کيسي مان رومال ڪڍيو.
رنگ ٿيل سوٽي رومال هو، جنہن جي هڪ ڪنڊ تي ماستر جان محمد جانب جو نالو لکيل هو.
رومال ڏسي سخاوت عليءَ جي دل ۾ دهڪو ٿيو.
کيس مريم جو ڏنل رومال ياد آيو، جيڪو هو سڀني کان چوري پنہنجي سيني سان لڳائي سمہندو هو.
مريم جي رومال جي خوشبوءَ ۾ هن کي ماستر جان محمد جانب کان سوال ڪرڻ وسري ويو ته، ڀلا سائين، سرداران توهان کي هلندي ريل ۾ رومال ڏنو ته پوءِ ان تي نالو ڪيئن لکيل هو.
خير. الا ڇو سخاوت علي جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته، اڄ هو به ماستر جان محمد جانب کي ٻڌائي.
جيڪڏهن ماستر صاحب آڙيڪاپ عاشق هو ته گھٽ گھر جو هي به ڪو نه هو.
غريب هو ته ڇا ٿيو!
ڳوٺ جي سڀ کان سہڻي ڇوڪريءَ سان سندس پيار هو.
سخاوت عليءَ کي پنہنجي عشق جي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ گھڻو انتظار ڪو نه ڪرڻو پيو.
ماستر جان محمد جانب هن کي، خيالن ۾ ٻڏل ڏسي چيو، ”سخاوت علي ڇا ٿو سوچين، مان ته توکان سدائين پڇندو آهيان ته تنہنجي به ڪٿي اک اڙي آهي ڇا؟“
اڄ سخاوت عليءَ جو شرم ۽ حياءُ نينہن نہوڙي ڇڏيو.
ماستر جي ٻڌايل قصي جو رد عمل يا اندر جو اُڌمو هو. اڄ سخاوت علي پنہنجو سڄو سينو ماستر جان محمد جانب جي اڳيان کولي رکيو.
هن ماستر کي پنہنجي عشق جي پيرائتي ڳالہه ڪري ٻڌائي.
ماستر هن جي ڳالہه غور سان ٻڌڻ کانپوءِ چيو، ”واهه ڙي سخاوت علي واهه، تون ته الاءِ ڪہڙي ڪنڊ ۾ لِڪو پيو هئين. هو چوندا آهن نه، ته مارجي ته مير مارجي ڪنہن جو کير نه کارجي. سو سائين مڃڻو پوندو ته تو واقعي مير ماريو آهي. پر خيال ڪجانءِ ڇوڪريءَ جو ڀاءُ اٿئي ڏنگو مڙس.“
سخاوت عليءَ اهڙي نموني ڪنڌ ڌوڻيو ڄڻ ته نيڪ مشوري لاءِ شڪريو ادا ڪندو هجي.
ان ڏينہن کانپوءِ ماستر جي رويي ۾ عجيب تبديلي اچي وئي. هن جي سخاوت عليءَ جي ذهانت ۾ دلچسپي ختم ٿي وئي.
هن لاءِ سخاوت عليءَ جو ناول بي معنيٰ ٿي ويو.
هن لاءِ ٻار پڙهائڻ به بيڪار ڪم ٿي پيو.
بس هن کي هڪئي دلچسپي هئي، اها هئي سخاوت عليءَ جو عشق.
هو وَرُ وَرُ ڪري سخاوت عليءَ کان تفصيل وٺندو هو.
ڪٿي ملي؟ ڪيئن ملي؟ ڇا ڳالہايائين؟ تو ڇا چيو؟ ڪنہن ڏٺو ته ڪو نه؟ ڪنہن کي ڪا خبر ته ڪو نه پئي؟ ڪو شڪ ته ڪو نه ٿيو؟
سخاوت عليءَ جي لاءِ ماستر جو تجسس همدردانه هو ۽ مشورا قيمتي.
ڪجھ ڏينہن کان پوءِ سخاوت عليءَ تي هڪ نئون انڪشاف ٿيو.
ماستر مُشڪ سان ڀريل هڪ مس ڪپڙي کڻي آيو ۽ اعلان ڪيائين ته هو تعويذ لکڻ جو ماهو هو. هن جو تعويذ ڪنہن به ضديري معشوق جو ڪنڌ جھڪائڻ لاءِ نڪ ۾ پوندڙ ناڪيليءَ جيان هو.
هن هڪ تعويذ سخاوت عليءَ کي تحفي ۾ ڏنو ۽ کيس چيائين، ”ان تعويذ رکڻ سان سخاوت عليءَ جي عشق کي ڪو لہر لوڏو نه هو.“
ڪجھ ڏينہن کانپوءِ، ماستر جي تعويذ لکڻ جي ڳالہه سڄي ڳوٺ ۾ ڦہلجي وئي.
ماستر پڙهائڻ کان وڌيڪ تعويذ لکڻ کي اهميت ڏيڻ لڳو.
مينہن ٺہي نه ٿي مِڙي، ان لاءِ تعويذ.
گھوٽ ڪنوار جي پاڻ ۾ نه ٿي لڳي، ان لاءِ تعويذ.
ننڍڙيءَ کي دست نه ٿا ڇڏين ۽ رات جو ننڊ نه ٿي اچيس ان لاءِ تعويذ.
مائٽي نٿي ٿئي، ان لاءِ تعويذ.
غرض ته، ڪہڙو مرض هو جنہن جي لاءِ ماستر وٽ تعويذ نه هو.
ٿوري وقت ۾ هو مقبول ترين عامل هو ڳوٺ جو.
پر حيرت جي ڳالہه اِهيا هئي ته تعويذ ته ڳوٺ جي سڀني عورتن ٿي لکرايا. پر ماستر صاحب جي مريم جي ماءُ تي نظر ڪرم ڪجھ وڌيڪ هئي.
هوءَ جنهن وقت جنهن گھڙي، جنهن مسئلي لاءِ ماستر وٽ آئي ٿي، هن لاءِ تعويذ وٺڻ تي ڪا بندش ڪا نه هئي. ڪا رنڊ روڪ ڪا نه هئي، ڪو اڱاري جمعي جو حساب ڪونه هو. هن لاءِ هر گھڙي سعد هئي ۽ تعويذ حاضر هو.
ماستر جي مريم جي ماءُ تي نظر ڪرم، دوستيءَ ۾ بدلجڻ لڳي. ماستر، مريم جي ڀاءُ سان به دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪري ورتا.
هن کي به پنهنجي حفاظت ۽ شڪار ۾ سولائي لاءِ تعويذ ڏيڻ لڳو.
هڪ ڏينهن ماستر جڏهن آيو ته هن جي سائيڪل تي اڳٺن ٺاهڻ جو هڪ خوبصورت فريم رکيل هو.
هن مريم جي ماءُ کي گھرايو.
فريم، مريم جي ماءُ کي تحفي ۾ ڏنائين.
سخاوت علي سڀ ڪجھ حيرت مان ڏسندو هو.
هن کي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي آئي.
بلڪه ائين چوڻ بهتر ٿيندو ته هن سمجھڻ جي ڪوشش ئي ڪونه ٿي ڪئي.
هو پنهنجي دنيا ۾ مست هو.
مريم سان رستي هلندي، ”خوش آن، خوش آن“ جهڙو دلفريب عشق جاري هو.
مئٽرڪ جي رزلٽ اچڻ واري هئي ۽ نتيجي کانپوءِ شهر جي هڪ نيڪ مرد هن کي فرسٽ ييئر ۾ داخلا وٺي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. هن طئه ڪيو هو ته، پري انجنيئرنگ ۾ داخلا وٺندو ۽ اڳتي هلي انجنيئر ٿيندو.
پر چوندا آهن، بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي. ۽ ڇا ته حسين جملو چيو هو حضرت ابنِ ابو طالب، ”مون پنهنجي ارادن جي ٽٽڻ مان پنهنجي رب کي سڃاتو.“
هڪ ڌماڪو ٿيو.
سڀ ڪجھ مَٽجي ويو.
هڪ ڏينهن ماستر جيئن اسڪول آيو، رسيس جي انتظار ڪرڻ بنا، سخاوت عليءَ کي سڏيائين. ۽ پوءِ وقت وڃائڻ بنا سخاوت عليءَ کي چيائين. ”سخاوت علي گھڻن ڏينہن کان وٺي مان تنهنجي باري ۾ سوچيندو رهيو آهيان. تون ڏاڍو هوشيار ڇوڪرو آهين پنهنجي هوشياريءَ کي ائين برباد نه ڪر.“
”سائين مون سمجھيو نه.“ سخاوت علي پريشان ٿيندي وراڻيو.
”بابا تون ڇوري مريم جي چڪر کي ڇڏي ڏي. اهيي بار ڏاڍا باري اٿئي. تنهنجي کڻڻ کان ڏاڍا ڳرا آهن، تون غريب جو ٻار آهين، سڙي، ڳري تباهه ٿي ويندين.“
سخاوت علي ماستر جو نئون رخ ڏٺو. ظالماڻو، بي رحماڻو. ماستر سخاوت عليءَ کي ڳالھائڻ جو موقعو ڏيڻ بنائي چوڻ شروع ڪيو، ”تون متان سمجھين ته ان ۾ ڪا منھنجي بد نيتي آهي. توکي ته خبر آهي ته مان آهيان اصول پرست ماڻهو. مان تنهنجو ڀلو ٿو چاهيان. مون ڏي ڏس مون ڏي.“ ماستر پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”مان به جڏهن ننڍو هئس، ته تو وانگر، بلڪه تو کان ڏهه دفعا وڌيڪ هوشيار هوندو هئس. سڀڪو چوندو هوته هي ڇوڪرو ته الاءِ ڪهڙي منزل ماڻيندو، الاءِ ڪهڙي عهدي تي پهچندو.
پر پوءِ ڇا ٿيو، مون کي به تو وانگر عشق جي لت لڳي وئي. منزل کان ڀٽڪي ويس. ڪاڏي ويون پڙهايون، ڪاڏي وئي هوشياري ۽ آخر ۾ جو ٿيس، تنهنجي اڳيان ويٺو آهيان. خسيس پرائمري ماستر. ان ڪري مان تنهنجي ڀلي لاءِ ٿو چوان، ان چڪر مان نڪري وڃ.“
ماستر جي منھن تي شيطانيت رقص ڪرڻ لڳي.
سخاوت عليءَ جي نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊا ڦُـــٽا هئا.
سندس چپ خشڪ ٿي ويا.
منھن جو رنگ سفيد.
لفظ ساٿ ڇڏي ويا.
هن کي سمجھ ۾ نه ٿي آيو ته ڪالھ تائين جيڪو ماستر کيس عشق تي همٿا ئيندو هو، کانئس ذري پرزي جا تفصيل وٺندو هو. اڄ ان کي ڇا ٿي ويو.
هن کي سمجھ ۾ نه ٿي آيو ته هو، ڇا ڳالھائي. ماستر کي ڇا جواب ڏئي.
هن جيئن تيئن ڪري پنھنجي اندر جي سگھ گڏ ڪئي ۽ چيائين، ”سائين مان ڪوشش ڪندس.“
”ڪوشش نه بابا توکي ائين ڪرڻو پوندو.“ ماستر حڪم، هڪ حاڪم جيان ٻڌايو.
ڳالهه اتي ختم نه ٿي، ڏينهون ڏينهن مُنجھندي وئي.
ماستر جي مريم جي ماءُ ۽ ڀاءُ سان دوستي گھري ٿيندي وئي.
سخاوت عليءَ کان پڙهڻ وسري ويو.
ناول لکڻ وسري ويو.
هن جي لاءِ هر ڏينھن عذاب هو.
ماستر روز سخاوت عليءَ کان پڇا ڪندو هو ۽ تنبيھ ڪندو هو.
زندگي عذاب، اڻ کٽ عذاب.
سخاوت عليءَ ٻار پڙهائڻ ڇڏي ڏنا.
اهي رستا پيچرا ڇڏي ڏنا جنهن تان ماستر جو گذر ٿيندو هو. پر ماستر هن جي پچر ڪٿي ٿي ڇڏي.
هو ڳولي ڳولي سخاوت عليءَ سان ملندو هو.
هاڻي ماستر جي رويي ۾ تنبيهه گھٽ، دهمان ۽ ڌمڪيون وڌيڪ شامل ٿي ويون. هو سخاوت عليءَ کي ٻڌائيندو هو ته، سخاوت علي ڪهڙي ڪهڙي رستي تي مريم سان مليو هو ۽ ڇاڇا ڳالهايو هئائين.
سخاوت علي ڪيڏو به ذهين هئو، هئو ته غريب جو ٻار نه!
دٻيل، هيسيل، هراسيل.
هو اڃان به وڌيڪ دٻايو ويو. هيسايو ويو. هراسيو ويو. هڪ ڏينهن حد ٿي وئي.
ماستر سخاوت عليءَ کي سڏرايو. نه چاهيندي به سخاوت علي ماستر وٽ ويو. ماستر جو لهجو بي رحم هو، ننگو هو. هُن چيو، ”مان ايترن ڏينهن کان وٺي توکي سمجھايان ٿو پيو. تون نٿو سمجھين، تنھنجي ڀلا مرضي ڇا هي؟“
سخاوت علي همت ڪئي، جواب ڏنائين، ”سائين ڀلا توهان منھنجي ڪڍ لڳا ڇو آهيو. مان آخر توهان جي خطا ڪهڙي ڪئي آهي.“
”عجيب ماڻهو آهين، تو خطا ڪهڙي ڪئي آهي؟ ٻئي ڳوٺ جي سڀ کان سهڻي ڇوڪريءَ سان عشق ٿو ڪرين.“
”ته پوءِ ان ۾ توهان کي ڪهڙي تڪليف.“
”تڪليف، تڪليف! ميان مان اصول پرست ماڻهو، توکي ٻڌايان ٿو ته، مريم منھنجو شڪار آهي،
تون هٿ ڪڍي وڃ.“
سخاوت عليءَ کي لڳو، سج نيزي پاند لهي آيو آهي، آسمان ڦاٽي پيو آهي. ڌرتي ڌٻڻ لڳي آهي.
”جي اِهيا ڳالهه آهي نه ته پوءِ مريم صرف منھنجي آهي.“ سخاوت عليءَ به مضبوطيءَ سان جواب ڏنو.
”مريم تنهنجي آ بيهه ته ڀلا ڏيکاريانءِ ته مريم ڪيئن تهنجي آهي.“ ماستر صدريءَ ۾ هٿ وڌو. ننڍڙو ٽيپ ريڪارڊر ڪڍ يائين، ان کي هلايائين، اڙي هي ڇا، ماستر وٽ ته سخاوت عليءَ جي سڄي گفتگو ريڪارڊ ٿيل هئي.
هڪ دفعو ٻيهر سج نيزي پاند اچي ويو.
هڪ دفعو ٻيهر آسمان ڦاٽي پيو.
هڪ دفعو ٻيهر ڌرتي ڌٻي پئي.
وڻن ۾ واويلا پئي.
ڳيري غون غون ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
طوطي ٻولڻ ڇڏي ڏنو.
۽ چٻري وڏو ٽهڪ ڏنو.
ماستر ڳالهايو، ”اڄ تو مون اصول پرست سان زبان درازي ڪئي آهي. بد تميزي ڪئي آهي، بد اخلاقي ڪئي آهي ۽ بي فرماني ڪئي آهي. هاڻي توکي نه رڳو مريم مان هٿ ڪڍڻا آهن، پر ان کي ائين به چوڻو آهي ته هوءَ ماستر جان محمد جانب جي آهي. جي تو ٻن ڏينهن ۾ ائين نه ڪيو ته، خبر ٿئي ڇا ڪندس هيءَ ٽيپ سڌو مريم جي ڀاءُ کي ڏيندس باقي تون سياڻو آهين.“
زندگيءَ جي پيرن هيٺان زمين کسڪڻ لڳي.
سخاوت عليءَ جي اکين اڳيان، اڇي ڪہاڙي وِڄ جيان وراڪو ڏنو.
عاشق بيرحميءَ جي اڳيان روئي ڏنو.
سخاوت علي سڄي رات سمہي نه سگھيو.
ٻي ڏينہن صبح جو سوير هو اٿيو.
رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏيائين.
جڏهن ماءُ کي خبر پئي، هن پنہنجو ڦاٽل رئو ڦٽي ڪيو، ۽ وارن ۾ خاڪ وڌي.
پيءُ انگوڇي جو ٻڌل پٽڪو لاهي ڦٽي ڪيو ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي.
مريم ڳجھ ڳوهه ۾ پنہنجي سيني کي هٿ هڻڻ لڳي.
سڄو ڳوٺ شام غريبان ٿي پيو.
غريب جي گھر جو چراغ اُجھامي ويو.
هاءِ هاءِ شامِ غريبان، هاءِ هاءِ شامِ غريبان.
هر ماڻہوءَ جي اک آلي ٿي وئي.
ماستر جان محمد جانب تڏي تي ويٺي، پنہنجي مُڇ کي هٿ هڻي ڳالہه شروع ڪئي، ”مان آهيان اصول پرست ماڻہو............“