ناصر زهراڻي؛ تاريخ جو روشن باب آهي
سنڌي ادب جي هن سفر ۾ سائين ناصر زهراڻيءَ جو هيءُ ناول ”دنيا دم درياهه“ پڻ هڪ زبردست اضافو آهي- ناصر زهراڻيءَ جو تعارف هونئن ته ادب جي دنيا ۾ هڪ ڪهاڻي ڪار جو رهيو آهي. جنهن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون جهڙوڪ ”لوڙهو“ ”رنڊيءَ جو پٽ“، مان ”ٿڪجي پيو آهيان“، ”غربت جو زهر“، ”چچريل آڱريون“ وغيره سنڌي ادب ۾ اهم جڳھ والا رين ٿيون. هي ناول جيڪو وک وک تي سماج جي پيڙائن جو ذڪر ڪندي، ماڻهوءَ جي ڪيفيت ئي تبديل ڪري ٿو ڇڏي. ناول شروع ڪرڻ کان ختم ڪرڻ تائين پڙ هندڙ کي پنهنجي سحر ۾ رکي ٿو ته هڪ ئي وقت شهري زندگي توڙي ٻهراڙيءَ جي سماج جي تصوير به پيش ڪري ٿو. جنهن ۾ قبائلي جهيڙن جي منظر ڪشي، بک جو احساس، ڪينسر جي مريض جون ڪيفيتون، آفيسر شاهيءَ جون بدمعاشيون، هيٺين ڪلاس جون محروميون ۽ مجبوريون پسي سگهجن ٿيون. جنهن ۾ انهن المين سان گڏ شاهه لطيف، شيخ اياز شاعريءَ کان وٺي حضرت علي جي قولن تائين فڪري طور تي تراشيندو رهي ٿو. ”ناول“ جيڪو پنهنجو ڀرپور اثر ته ڇڏي ٿو پر پڙهندڙ جي ذهني ڪيفيت به تبديل ڪري ٿو ڇڏي ته اتي تاريخ جا به دروازا کولي ٿو. هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛
چاليهي جي ڏينهن ۾ اتر سنڌ ڪچڙي منجهند جو ائين ويران ٿي ويندي آهي ڄڻ ته رڳو ”گهوڙا ڙي گهوڙا ڙي“ جو آواز بلند ڪري مدد خان پٺاڻ جي لشڪر جي آمد جو اطلاع ڏنو ويو آهي.“
ناول نگار نه صرف حالتن جو پسمنظر پيش ڪري ٿو ان سان گڏوگڏ انهن حالتن جو پيشمنظر به کولي رکي ٿو ته ساڳي وقت آفيسر شاهيءَ جي اندر ۾ لڪل بدمعاشي جو ذڪر ڪندي، ڊي سي صاحب جو به ذڪر ڪري ٿو. اهو ڪامورو جيڪو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي گهراڻي جو چشم چراغ آهي پر آفيسر شاهيءَ جي نشي ۾ چُور ٿي مظلوم ماڻهن جو رت چوسڻ کان وٺي، عورتن جي عصمت دريءَ تائين سڀ عمل ڪري ٿو پوءِ به سماج جي نگاهه ۾عزت لائق آهي. هي سڀ درد جا داستان ناول نگار پنهنجي اکين سان نه صرف ڏٺا آهن پر انهن جو گهرائيءَ سان مشاهدو به ڪيو آهي.
هي اهوئي ناصر زهراڻي آهي جيڪو 27 مئي 1971ع تي ڏوڪري جي اوڀر-اتر ۾ 3 ڪلو ميٽر پري ڳوٺ ڏني واهڻ ۾، ان دؤر جي تاريخ جو اهم نانءَ غلام حسين موريل زهراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو هو، غلام حسين موريل زهراڻيءَ جنهن جا پورهيت هٿن، ڏوڪريءَ جي روڊن تي ويهي جتن کي ڳنڊيو ۽ ان وقت جي نوجوانن توڙي سياسي، سماجي ۽ ادبي ڪارڪنن جي ذهني ۽ فڪري پرورش ۾ به ڪردار ادا ڪيو. هن ناصر نه صرف پنهنجي والد جي ڇڏيل فڪري ۽ علمي ڪم کي اڳتي وڌايو آهي پر پنهنجو الڳ تعارف ۽ مقام به پيدا ڪيو آهي. جيڪو ايندڙ نسلن جي رهنمائي لاءِ مشعل راهه رهندو. هن جو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۾ ڪيل ڪم هجي يا موهن جو دڙو سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن ڏوڪريءَ ۾ علم جون شمعون ٻارڻ هجڻ، اهي سڀ عمل تاريخ جو روشن باب آهن. هي ناول ان روشن باب ۾ زبردست اضافو به آهي ۽ حوالو به آهي.
عيسيٰ ميمڻ