ناول

دنيا دم درياءُ

هيءُ ناول سنڌي سماج توڙي بيوروڪريسي جي مٿان چڙهيل نقلي نقاب کي بي نقاب ڪري ٿو ته ٻئي طرف سنڌ جي موجوده حالتن جي محرومين ۽ مجبورين جي عڪس بندي به پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ دادلو زهراڻي بيوروڪريسي جو حصو پڻ آهي هن پنهنجي صغير ۽ شعور کي سماج آڏو جوابده سمجهي پنهنجي دامن کي بچائي هليو اهي. جنهن ڪري هن جو دامن اڄ به اجرو آهي.
Title Cover of book دنيا دم درياءُ

باب چوٿون : تون راڻو ربّ آن.......

رات جي ٻئي پہر جو آخري پہر.
زندگي ۽ موت جو کيل جاري آهي. مون کي پڪ آهي، يقين آهي، ان راند ۾ هارائڻو زندگيءَ کي آهي، پر جي اِهيا پَڪ ٿي پويم ته، اڄ رات ئي موت زندگيءَ جي مٿان حاوي ٿي ويندو ته شايد منہنجي درد ۾ ڪو افاقو اچي وڃي.
پر موت ته غيب جي پردن ۾ لڪل نخريلي معشوق جيان آهي. سڏيندس ته ايندو ڪو نه، ايندو ته رُڪندو ڪو نه!
هاءِ الله ڇا ڪيان، ڪاڏي وڃان. مرشد جي سِٽ ذهن ۾ ترڻ لڳي آهي؛
”واٽون ٿيون ويہه ڪوهه ڄاڻان ڪيہي ويا....“
مرشد، او منہنجا مرشد، ڀٽ تي ستل منہنجا ڀلارا مرشد! تون به ڪمال آهين، محبوب جو وڇوڙو هجي، يا موت جو اوسيئڙو، هر جڳہه تي هرحال ۾ تون موجود آهين. هن مہل ائين ڇو ٿو لڳي ته واٽون ٿيون ويہه وارو اشارو منہنجي لاءِ آهي؟ آئون نه ته سَسئي آهيان، نه ئي پنہون آهيان، آئون ته غريب گلو پٽيوالو آهيان.
غريبيءَ ۾ پيدا ٿيل، غريبيءَ ۾ جيئندڙ ۽ غريبيءَ ۾ هي دنيا ڇڏيندڙ.
”واٽون ٿيون ويہه،“ ”واٽون ٿيون ويہه.“...پڙاڌو بڻجي ويو آهي. برابر آئون ويہن واٽن تي ته بيٺل آهيان. زندگيءَ جي طلب ۾ موت جو منظر نه زندگي مون کي پنہنجي ڀاڪر ۾ ڀري ٿي نه ئي موت ان ڀاڪر جي آسري مان جان ڇڏائي ٿو.
نتيجو؟؟ ڊسمبر جي سرد رات، ڪئنسر جو بي رحم درد.
رات جي ٻي پہر جو آخري پہر.
رات جي ان پہر ۾ ئي بندي ۽ بندگيءَ جو فيصلو ٿي ويندو آهي. هڪ پاسي گرم بسترا نفسن جي مريدن کي قيد ڪري، کين مٺڙي ننڊ تي اتساهيندا آهن ته ٻئي پاسي الله جا بندا مرشد جي لفظن ”ڇڏي سُک ساڻيہه، مٿي گنگا گجيا.“ جي تصديق ڪندا آهن.
ان ئي گھڙيءَ، آسمان مان ٻه صدائون اڀرنديون آهن، هڪ افسوس جي صدا، انهن لاءِ جن لاءِ مرشد فرمايو؛
”ايءُ ڪم ڪميڻين، جي سمهن پير ڊگھا ڪري.“ ۽ ٻي خوشخبريءَ جي صدا انهن لاءِ جن لاءِ مرشد فرمايو؛
”ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو.“
پوءِ اڌ رات جي انهن گھڙين ۾ ساري رات سبحان ياد ڪندڙن لاءِ، الاهي اسرارن جا پردا پري ٿيڻ لڳندا آهن، سالڪ عالم محويت ۾ مگن ٿيڻ لڳندا آهن.
هاءِ افسوس منهنجي زندگيءَ تي، آئون سڄي عمر ڪميڻين جيان پير ڊگھا ڪري سمهندو رهيس. مون کي پوري رات جاڳڻ تي مجبور ڪنهن ڪيو؟ ڪئنسر!!
درد ۾ وٿي ان گھڙيءَ ٿي اچي جڏهن ڪونه ڪو واقعو ياد ٿو اچيم. صوفن جو پل پل مرڻ مون ننڍ پڻ ۾ ڏٺو هو. صوفن اچانڪ غائب ٿي ويو هو.
مختلف ماڻهن جا مختلف خيال هئا. هڪڙن جي خيال هو ته، مڪا فات عمل پنهنجو پاڻ کي ورجايو هو. صوفن سدا سکي واهه ۾ ٻڏي ويو هو،، سندس لاش کي مڇيون، ڪُميون، ڪڇون ۽ پاڻيءَ جي ٻي مخلوق کائي پنهنجو پيٽ ڀريو هو. ٻين جو خيال هو ته، هُو وڏو پهتل بزرگ هو. ٽٻي جو هنئين هئائين......سڌو وڃي مديني نڪتو هو.
خير جيڪو ڪجھ به هو، هڪ ته صوفن جي ياد منهنجي درد جو ٿوري دير لاءِ درمان ڪيو، ٻيو، ته مان به درد کان جان ڇڏائڻ ٿو چاهيان، الوپ ٿيڻ ٿو چاهيان، ٽٻي هڻڻ ٿو چاهيان.
ڀلا منهنجي خواهش جي عملي شڪل اختيار ڪري ها ته مان هن هيڻي حال ۾ ڇو هجان ها!!!
مان پنهنجي ذهن کي رُڌل رکڻ ٿو چاهيان. منهنجي ذهن ۾ ٻي ته ڪا سوچ نه ٿي اچي. مان ذڪر ڪرڻ ٿو چاهيان ”الله هو“.......”الله هو.“ ....”الله هو هو......“
اڙي هي ڇا! هي ڇا، هي ڇا، هي ڇا...........هيءَ ته مون تي اهائي ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳي آهي.

جيڪا منهنجي شاعر دوست خير بخش خيراڻ تي ٿي هئي.
ڏاڍو عجيب هئو خير بخش خيراڻ جي جي زندگيءَ جو سفر. چون ٿا ته ڪنهن شخص جي عمر 120 سال هئي. هر چاليهن سال کانپوءِ هن جو نئون سفر شروع ٿيندو هو.
پهرين چاليهن سالن تائين هو ملهه پهلوان هو. نامي گرامي مُلڪان ملڪ مشهور هن جي سامهون سندرو ٻڌڻ کان اڳم چڱن ڀلن پهرئين جوڙ جي پهلوانن جون ڄنگهون ٿڙڪنديون هيون. هو استاد هو، استاد، ملھ جو استاد.
پر الاءِ ڇا ٿيو. چاليهن سالن جو ٿيو اکاڙو اڃان به سندس قدمن سان ڌُٻندو هو. سيکڙاٽ پهلوان کانئس سڳو ٻڌرائيندا هئا. ۽ سڀ پهرين جوڙ وارا ميدان ۾ اچڻ کان اڳم سندس پيرن تي هٿ هڻندا هئا. دهل تي ڏونڪو تيستائين نه لڳندو هو جيستائين هو اشارو نه ڪندو هو.
پر الاءِ ڇا ٿيو.
ڪنهن کي ڪا خبر نه پئي، ڪا پروڙ نه پئي.
استاد اچانڪ سڀ ڪجھ ڇڏي ڏنو.
هن محفل جو مور ٿيڻ ڇڏي ڏنو، هن سيکڙاٽن کي سڳو ٻڌڻ ڇڏي ڏنو.
پنهنجي پيرن تي هٿ رکندڙن کي منع ڪري ڇڏي.
هن پنهنجو گھر گھاٽ، ٻار ٻچا ڇڏي ڏنا.
ايستائين جو هن ان نچڻيءَ کي به مٿي تي هٿ رکي ، رئو پارائي ڀيڻ ڪري ڇڏيو جنهن جي حُسن ۽ ناچ جي هنڌين ماڳين هاڪ هوندي هئي. اهو ميلو ٻُسو ۽ بي چسو هوندو هو جنهن ميلي ۾ هوءَ نه ايندي هئي. پر هوءَ ته ميلي ۾ صرف ”استاد“ لاءِ ايندي هئي. هي شام جو ملهه وڙهندو هو۽ هوءَ اڌ رات تائين نچي نچي ساڻي ٿي پوندي هئي. پر اسرويل جڏهن هوءَ استاد جي ٻک ۾ ايندي هئي ته، سندس سارا ٿڪ لهي ويندا هئا. هوءَ اهڙي ته تازي تواني ٿي پوندي هئي جو ڀانءِ ته کيس ڪو الڪو ڪونه هو، هوءَ صدين تائين نچندي رهندي.
پر الاءِ ڇا ٿيو استاد ان نچڻيءَ جي ميڙن منٿن، آزين، نيازين جو به ڪو قدر نه ڪيو.
هن جهنگ منهن ڪيو. سيلاني ٿي ويو. ملڪن جا ملڪ پيرين پنڌ ڏوريائين. الاءِ ڪنهن ڪنهن سان مليو. الاءِ ڪنهن ڪنهن کان فيض پرايائين. الاءِ ڪهڙي ڪهڙي جُوءِ ڏوريائين بقول مرشد جي؛
”سا جوءِ ڏوري آيا، جا سُئي نه ٻُڌي“..
هو جڏهن چاليهن سالن کان پوءِ موٽيو ته جيتوڻيڪ سندس وجود چاڪ وچوبند ۽ چست هو پر جسماني طور هور ڳري ويو هو. هڏن جي مٺ وڃي بچيو هو. سندس منهن ۾ عجيب مڻيا اچي وئي هئي. سندس زبان ۾ عجب سوز ۽ مٺاڻ هئي هاڻي هو انسان ۽ انسان سان لاڳا پيل مسئلن سان گڏ، سلوڪ ۽ معرفت جا نُڪتا بي ڌڙڪ شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻ لڳو هو.
اڳي ميلا هن جي پهلوانيءَ جي ڪري مچندا هئا، هاڻي محفلون هن جي سوز ڀري شاعريءَ سان آباد ٿيڻ لڳيون. هن جڏهن هڪ سؤ ويهه سالن جي عمر ۾ هن دنيا مان الوداع ڪيو، پيالو ڪيو، تڏهن هو مسلسل چاليهن سالن تائين شاعري ڪندو رهيو هو.
ڳالهه ڪوڙي هئي يا سَچي، خبر ناهي، پر مون ٻڌي هئي، باربار ٻڌي هئي ڳوٺ جي محفلن ۾ ٻڌي هئي، سگھڙن سالڪن کان ٻڌي هئي.
جڏهن مان خير بخش خيراڻ سان مليس ته مون کي پهلوان شخص جي ٻڌل ڳالهه صفا سچ لڳي. بلڪه ائين چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو ته ٿوري گھڻي ڦيرڦار سان خير بخش خيراڻ هڪ سؤ ويهه سال عمر ماڻيندڙ اهو پهلوان هو جيڪو جُوڻ مٽائي اسان جي اڳيان اچي ويٺو هو.
خير بخش خيراڻ جي زندگيءَ جا ٻه ٽي دؤر هئا پهريان هو خيرو هو. پوءِ هو خير بخش ٿيو ۽ آخر ۾ خير بخش خيراڻ . ڀلوڙ شاعر، پر غريبيءَ جي ديوَ جي وات ۾ پيل شاعرن جيان گمنام.
هو جڏهن خيرو هو، جوان همٿ ڀريو هاري به هو ته، رازو به ڪم جو ڪو ڏيو. ميلن ملاکڙن جو شوقين، محفلن جو مور شڪل اهڙي هئس جو چئجي کڻي ته بد شڪل هو. اکيون، دوڏا ٻاهر نڪتل، قد ڊگھو، نڪ بي ڍنگو رنگ ڪارو ڪٺ.
جيتري سندس شڪل ڪوجھي هئي، اوترو ئي وري قدرت واري سندس زبان ۾ رس ڀريو هو ۽ ڳالهائڻ جو ڍنگ عطا ڪيو هو. جڏهن به، جنهن به محفل ۾ خير بخش خيراڻ پهتو، اتي محفل ۾ ڳالهين جو هڳاءُ اٿندو، زعفران جي خوشبو ڦهلبي، موتين ۽ ياقوتن جي جڙاوت ٿيندي ۽ مزاح جو واچوڙو سڀني کي ويڙهي ويندو. کلندي کلندي سڀ پنهنجي پيٽ کي هٿ ڏئي ويهندا.
خير بخش جو ٽن ڀائرن ۾ وچون نمبر هو.
سندن پيءُ کبڙ موچي ، شھر ۾ موچڪو ڪم ڪندو هو. هو پنهنجي ڪم جو ماهر هو جوتن جي جراح جي نالي سان سڃاتو ويندو هو.
کبڙ پنهنجي زندگي ڏک ۽ غم جي پاڇي ۾ گذاري هئي. جڏهن سندس پٽ جوان ٿيا ته قسمت جي ديوي اچانڪ هن تي مهربان ٿي پئي هئي. ٻه پٽ سنئون سڌو هار پو ڪندا هئا. خير بخش کي هن ننڍي لاءِ هڪ رازي جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. خير بخش به ڀائرن سان هار پي جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ سان گڏ، رازڪو ڪم به سکي ورتو هو.
ٽي ڪمائيندڙ پٽ. گھر تي ڀلو ڏاندن جو جوڙو. ٻه ٽي مينهون. ان جا انبار، کبڙ جوتن جو جراح شام جو موٽي ته ججھي جرالي ڀاڄي ڀُتي وٺيون اچي نه ڪپڙي لٽي جي ڳڻتي، نه شادي غميءَ جي خرچ جو اُلڪو. نه ماني نه ملڻ جو خوف ڏسندي ڏسندي کبڙ جو گھر، خاندان غربت جي ڏائنڻ جا پير ڏنڀي سکيو ستابو، مڇي مانيءَ وارو گھر ٿي پيو هو. ڏسندي ڏسندي هنن ٽن ڪمرن ۽ هڪ ورانڊي واري جاءِ به ٺاهي ورتي هئي.
ماڻهن کي ڏندين آڱرين، اچڻ سان گڏ، حسد ۽ ساڙ ٿيڻ لڳو. چوڻ لڳا، ”ڪلهه ڪلهوڻو ڏينهن آهي، کبڙ پنندو هو، ولوءَ جي ٽڪرن تي پلبو هو، جوڻس هئي جو.....۽ اڄ سائين همراهه ٽِٽ سان سوپاري ٿو ڀڃي. ڪنهن تي فلڪ ئي ڪونه ٿو آڻي. بس وقت وقت جي ڳالهه آهي. الله جون شان آهي، گَرو گنجو خان آهي، موچي، موچيءَ جو پُٽ، اڄ سائين طرم خان ٿو سڏجي.“
کبڙ جو قافلو خوش وخرم هلندو رهيو.
ساڙ جو جھولو، الاءِ ڪيترن مٽن مائٽن، پاڙي اوڙي وارن کي اندرئي اندر ۾ ساڙيندو رهيو.
چوندا آهن ته، ساڙ ۽ وهم جو علاج ته لقمان حڪيم وٽ به ڪونه هو. وهمي ويچارو ته پنهنجي اندر ۾ پيو پچندو پڄرندو ۽ ڳرندو آهي. ساڙيلي جي ساڙ جو تئه ۽ سيڪ ته سڄي دنيا کي محسوس ٿيندو آهي.
چون ٿا، هڪ همراهه هو. ان وٽ گڏهه هو سڄو ڏينهن گڏهه تي مزوري ڪندو هو. شام جو ٿڪوٽٽو وٿاڻ تي واپس ورندو هو. وٿاڻ تي ورڻ کانپوءِ، سندس اندر مان ٿڪ جو احساس چٻري جيان ڀڙڪو کائي اڏامي ويندو هو. ان جي جاءِ اچي وٺندو هو ساڙ، ڪينو، بغض، حسد.
ڳالهه هيئن هئي ته، شام جو جڏهن هو واپس ورندو هو، گڏهه جي جوٽ کولي، گڏهه کي ليٽائي. جڏهن ان کي داڻو ڏيندو هو، عين ان مهل، سندس پاڙيسري جنهن وٽ هڪ ڀلي ڳئون هئي. ڳئونءَ کي ڪونر ۾ گاهه پٺو ڏئي. سندس پٺيءَ تي پيار مان هٿ ڦيري ڳئونءَ جي شان ۾ ٻه ٽي تعريفي جملا چئي، ونگ وجھي ڳئونءَ کي ڏهندو هو. ڳئون ڇا ڏهندو هو، ڳئونءَ جي ٿڻن مان نڪتل هر گوهو، گڏهه جي مالڪ لاءِ ڄڻ ته سيني ۾ لڳندڙ هڪ زهريلو تير هو.
وري ظالم ڳنوار جو ظلم ته ڏسو، ڳئون ڏهڻ کانپوءِ اتي جو اتي گها گهر مان وٽو گرم کير جو ڀري پيئندو هو.
کير جو وٽو گڏهه جي مالڪ لاءِ توب جو گولو هو.
هو پنهنجي ڀسم ٿيندڙ وجود سان هٿ مٿي ڪندو هو ۽ ليلا ئيندو هو، ”او منهنجا مٺڙا مالڪ، اومنهنجا سچا ڌڻي، او پاڪ پروردگار، او سهڻا رب هن بندي گندي جو عرض اگھاءِ، هن ساڙيلي، درديلي، ڪميني منهنجي پاڙيسريءَ جي ڳئونءَ کي مار ته جيئن پتو پويس ته گڏهه سان گڏ گڏ لوڙڻ ۽ شام جو ڳئونءَ جو کير پي اوڳرايون ڏيڻ ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙو فرق آهي.“
ڳئونءَ جي مالڪ کي پتو ڪونه هو ته ڪو سندس پاڙيسري ساڙ ۾ سڙندو رهي ٿو.
ڏينهن گذرندا ويا.
گڏهه جي مالڪ جي سيني ۾ باهه جا اُلا وڌندا رهيا.
دعائن جي لاءِ کنيل هٿن ۾ عاجزيءَ کان وڌيڪ شڪايت جي شدت هئي.
هڪ صبح جو جڏهن گڏهه جو مالڪ اٿيو، ذوالجلال، پنهنجي جلال جو اظھار ڪري چڪو هو.
پر، اڙي هي ڇا؟ ٿوري دير لاءِ گڏهه جي مالڪ جي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي.
پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ڪيائين.
اکيون زور زور سان مہٽي ڏٺائين.
پر حقيقت پڌري پَٽِ پئي هئي.
دعائن جو اثر ٿي چڪو هو.
پر الٽو.
ڳنوار جي ڳئونءَ، بدران سندس گڏهه مئو پيو هو.
هن کي يقين نه ٿي آيو. ائين ڪيئن ٿي ٿي سگھيو.
هن الله کان گھريو به ڇا هو، صرف پاڙيسريءَ جي ڳئونءَ جو موت. ان ۾ بُري ڳالهه به ڀلا ڪهڙي هئي.
۽ ڳئونءَ جو مالڪ، ڪندو ڇا هو، صرف ڳئونءَ جي لاءِ گاهه پٺو ۽ پوءِ منهن تي تازي ڏڌل کير جو وٽو، مُڇن تي هٿ، اکين تازگي، جسم ۾ چُستي.
ڪڏهن غريب پاڙيسريءَ جو خيال ڪيائين ڀلا؟!!
خير حقيقت پڌري پٽ هئي.
دعائن جو اثر الٽو ٿيو هو.
ڳنوار جي ڳئون زندهه هئي.
هن جو گڏهه مئل هو.
هو ٿوري وقت کان پوءِ صدمو سهسائي ويو. شايد پهريون دفعو پيار مان مئل گڏهه جي پٺيءَ تي هٿ ڦيرايائين.
اڄ کيس ياد آيو، هي گڏهه سندس ڏک سک جو ساٿي جو. پيٽ پالڻ جو ذريعو هو. سندس اکين ۾ آب اچي ويو. ڀنل نيڻ نيڻ مٿي کنيائين ۽ چپن ۾ ڀڻڪو ڪيائين، ”او منهنجا خدا، ايترا سال خدائي ڪندي ٿيا اٿئي، پر توکي ڳئون ۽ گڏهه جو سَنڌو سمجھ ۾ نه آيو.“ گڏهه جي مالڪ جيان حسد ڀريون نظرون ۽ بد دعائون بيشمار هيون، کٻڙ اڪيلو.
قافلو هلندو رهيو ۽ ساڙيلا سڙندا رهيا.
کبڙ جو گھر، مٽن مائٽن، پاڙي اوڙي وارن جي اکين ۾ چڀندو رهيو.
پر قافلو هلندو رهيو.
اچانڪ هڪ ڏينهن، خوشحاليءَ جي سفر سان ٽمٽار قافلي جي مٿان قهر ڪڙڪي پيو.
ساڙيلن جون بد دعائون هن دفعي گڏهه جي مالڪ جي بد دعائن جي بر عڪس سڌو سنئون اچي پنهنجي اصلي نشاني تي پيون.
ڏمر نازل ٿي ويو.
آفت اچي وئي.
ائين لڳو، ڄڻ آسمان تان وِڄ وراڪو ڏنو ۽ بجلي ڪڙڪي اچي ان جاءِ تي ڪِري، جتي کبڙ جو گھر هو.
اڌ رات جو وقت هو. اچانڪ ڳوٺ ۾ چور چور ٿي پوءِ هڪدم ”چور چور“ جو آواز هر گھر ۾ پڙا ڏوبڻجي گونجڻ لڳو.
هر طرف کان آوازن جو پڙ لاءُ اڀريو ”آيو آيو“،
”نه ويندين“، ”وٺينس“، ”متان ڇڏيو اٿسي.“
آوازن جي ان شور ۾ هڪ نالي بندوق جا ٻه فائر ٿيا . ڊز ڊز بندوق جا ٺڪاءَ هڪ پل لاءِ آوازن جي پڙلاءَ تي حاوي ٿيا، پر پوءِ هڪدم وري آوازن جي شور ۾ دٻجي ويا.
ٿوري دير کانپوءِ جڏهن صورتحال واضح ٿي، تڏهن سونامي غريبن جي لوڙهي کي لوڙهي چڪي هئي.
سڀ ڪنهن ڏٺو، ڪرمون کبڙ جي لوڙهي جي ٻاهران مئو پيو هو.
ڪرمونءَ کي مئل ڏسي. ٿوري دير لاءِ سڀڪو پنڊ پهڻ ٿي ويو. هي ڇا ٿي ويو؟ ڪرمون علائقي جو مشهور لوفر هو لچن، لوفرن، چورن چڪورن جو نه رڳو ڪرمون يارُ ۽ نانڙي هو، پر پاڻ به لچ لوفر ۽ چور هو. رنن جو شوقين ڇورن جو پياسي. الاءِ ڪيترن جا لوڙها لتاڙيا هئائين، الاءِ ڪيترن جون عزتون لٽيون هئائين.
ان ئي ڪرمونءَ کي جڏهن سڀني، رت ۾ ٻڏل ڏٺو تڏهن سڀ ڪنهن جي دل، شايد شڪر جو ورد ڪيو.
پر ٻي گھڙي سندن دليون خوف مان ڪنبڻ لڳيون اڳتي الاءِ ڇا ٿيندو. ڇو ته ڪرمون جيتوڻيڪ حرامي ماڻهو هو پر سندس سڄو خاندان تر ۾ ڏاڍي مڙس جي نالي سان مشهور هو. هو، ڪرمونءَ جي هر عمل ۾ نه رڳو ڪرمونءَ جو ساٿ ڏيندا هئا، پر ڪرمونءَ جي نالي ۾الاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪُڌا ڪم ڪندا هئا.
يا اِلاهي خير اڳتي الاءِ ڇا ٿيندو!!....
کبڙ ۽ کبڙ جي ٽنهي پٽن جڏهن ڪرمونءَ کي لوڙهي جي وَٽِ ۾ مئل ڏٺو، تڏهن هڪ پل لاءِ به هنن کي اِهيو سمجھڻ ۾ دير نه لڳي آفت سندن مٿان اچي ڪڙڪي آهي.
ڪرمونءَ جي پوين دير ئي نه ڪئي، سڌو سنئون وڃي ڪيس داخل ڪيائون ته، کبڙ جي وڏي پٽ جا نوءَ ڪرمونءَ کي پنهنجي گھر گھرائي، پنهنجي ٻنهي ننڍن ڀائرن، خيرو ۽ پريل سان گڏجي قتل ڪيو آهي.
حاسدن جو حسد ڪم ڪري ويو.
ڀريو تريو گھر اجڙي ويو.
ٽي جوان پٽ جيل ۾ پٺيان گھر ۾ بچيا کبڙ، کبڙ جي زال ڦاپل، ٻه ڌيئرون شانل ۽ جندل الهه تلهه ته پهرين ئي ڏينهن پوليس جي ڦيرن ۾ جٽ ٿي ويو.
پٺيان بچيو مٺڙي الله جو نالو
ڀاڳ جي موٽ ٿي.
ان جو پليون خالي ٿيون.
ڍورن جا ڪِلا اجاڙ ٿيا. نئين ٺهيل جاءِ ۾ ڏار پوڻ لڳا.
ماڻهن جون زبانون کليون ڪهاڻيون شروع ٿيون.
گھڻن چيو، ”جھڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، ڪرمون ڪهڙي رهائي هئي. تر سڄو کڻي اُکين تي کنيو هئائين. اڳي پوءِ ته مرڻو ائين ئي هونه ڪتي وانگر. سومر دود مري ويو.“
ٻين جو خيال هو ته، ”ڪرمونءَ کي سندس ساٿين ئي ماريو آهي پر الزام ويچاري کبڙ جي پٽن تي لڳو هاءِ ڙي منهنجا مولا. حقئون به رکجانءِ ناحقئون به رکجانءِ.“
ٽين جو وري خيال هو، ”ڪرمون کڻي ڪيئن به هجي، ڪتو چڱو جو مئو. ملڪ تان ڏپش ۽ ڏمر لٿو. پر هڪڙي ڳالهه پڌري پٽ آ،
ڪرمون کبڙ جي ڇوري شانل جي ڪڍ ته الاءِ ڪيتري وقت کان هونه. ڪنهن کان ڳالهه ڳجھي آ، ڪنهن کان ڍڪ ڍڪيل آ، بس ڇوري خيروءَ کي مٿي ۾ شر هو. مامنهنس ولوءَ جو، جو ڏڍ هئس ولوءَ جو ڏڍ نه هجيس ها ته، موچيءَ جو ٻار وري ڪرمونءَ سان اهڙو ڪم ڪري ها. بس رات جو جيئن موقعو مليس.
ڇوري خيروءَ دير ئي نه ڪئي، هڻي گھرڙي لاٿائينس هاڻي وري چون ٿا ته، اسان جي ته ملائڪن کي به خبر ڪانهي ڪا.“
جڳ جهان کي ڪرمونءَ جي ڪرتوتن جي خبر هئي چون ٿا ڪرمون پهريون خون پندرنهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي مائٽ محرم عليءَ جو ڪيو هو.
محرم علي به آڙيڪاپ چور هو ۽ هُن ئي ڪرمونءَ کي هن ڪرت تي لاٿو هو. چون ٿا ته پهرين رات جڏهن محرم علي ڪرمونءَ کي پنهنجي ٽولي ۾ کنيو هو، ان رات ڪرمونءَ جي حالت ڏسڻ وٽان هئي هو تِڏِين جي آواز کان به ائين ٿي ڊنو ڄڻ ته ڪلا شنڪوف جا فائر ٿيندا هجن. تڏهن محرم عليءَ جي جگري دوست بِدن ٽوڪ مان محرم عليءَ کي چيو، ”لتاڙياسين ماڻهن جا ڳِلا، ڪڍيوسين پنهنجو نالو.“
محرم علي موٽ ۾ صرف مرڪي ڏنو.
ڪجھ مھينن کان پوءِ چوراڻي لڏي ۾ هڪ ڀاڳيي جي هاهوڪار مچي وئي. وٽس ڀلو ڏاندن جو جوڙو هو. پر مصيبت اهيا هئي ته ٻن خونخوار ڪتن کان علاوه هو پاڻ به وڏو سچيت مڙس ماڻهو هو. رات جي مهل ڪهڙي به هجي، کڙڪو کڻي سُئيءَ جي ڪِرڻ جو هجي، همراه جي کنگهڪار جو آواز اچڻ ۾ رتيءَ جيتري به دير نه لڳندي هئي. جُوءِ جي آڙيڪاپ چورن حرفتون هلايون، ڦيرا ڏنا، داءَ پيچ آزمايا، پر نتيجو ٻڙي.
جوءِ جي سڀني ٽولن ۾ شرطون لڳي ويون ته ڪير ٿو ان قلعي جي ڀت ڪيرائي، ڪير ٿو اِهيو لوڙهو ساڙي، ڪير ٿو اهي ڏاند چورائي.
هڪ رات محرم عليءَ جو ٽولو، جنهن ۾ ڄڻا ئي چار هُوا. محرم علي، بِدن، رمضان ۽ هڪ ٻٽ ٻڌل ڇوڪراٽ، شڪار تي نِڪتا. هو پنهنجي وٿاڻ کان اڃا ٿوروئي اڳتي وڌيا ته ٻُٽ ٻڌل ڇوڪراٽ چيو ”استاد!“
محرم عليءَ ڇوڪراٽ ڏي ڏٺو، ڇوڪراٽ ڳالهايو،
”استاد اڄ ٻي پاسي ڪاڏي به ڪونه هلبو، اڄ لتاڙبو صرف زور آور ڀاڳيي جي لوڙهي کي اڄ کاٽ هڻبو ته صرف زور آور ڀاڳيي جي گھر. پل کن لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي.
ٿوري دير لاءِ بِدن ۽ محرم عليءَ جون نظرون مليون
ها.......ننهن جي ٻولي ڳالهائي وئي.
ڪجھ گھڙين کان پوءِ سڀني جو رخ ۽ قدم، زور آور ڀاڳيي جي ڳوٺ ڏانهن هئا.
ٻُٽ ٻڌل ڇوڪراٽ پنهنجي ٽنهي ساٿين کي ٻاهر بيهاريو.
وٽس الاءِ ڪهڙو جادو هو، الاءِ ڪهڙو ڍنگ هو،
الاءِ ڪهڙي مڻيا هئي، جو ڇوڪري واقعي زورآور ڀاڳيي جو لوڙهو لاهي وڌو، هو ڏاندن جو جوڙو ٻڌي آيو.
جڏهن هو ڀاڳين جي ڀاڻ کان گھڻو اڳتي نڪري آيا ته ٿوري دير ساهه پٽڻ لاءِ بيٺا.
اتيئي هنن کي احساس ٿيو ته، هنن اڄ ڪيڏو وڏو هٿ هنيو هو. ڪيڏي کيپ کٽي هئي. هنن وڏن وڏن نالن کي مات ڏني هئي.
هنن اهڙي چوري ڪئي هئي جنهن جي هاڪ جو پڙاڏو هنڌين ماڳين ٻڌبو.
الاءِ ڪيترن جون دليون ساڙ ۾ سڙنديون الاءِ ڪيترن جون دليون ٽٽنديون،.
الاءِ ڪيترا شرط هارائيندا.
اِهيو سڄو ڪم ڪيو ڪنهن هڪ سيکڙاٽ ڇوڪري. محرم عليءَ پيار مان ٻٽ ٻڌل ڇوڪراٽ ڏانهن ڏٺو ۽ دل جي خوشي ۽ جوش مان سندس زبان تي نعرو نروار ٿيو، ”ڪيو قادري قلندري مست، ياعلي، ڪر ڀلي.“
نعري کانپوءِ محرم عليءَ بِدن کي چيو، ”بدن ڏس ڏس، چتائي ڏس، سڃاڻين ٿو هن کي.“ هن ٻٽ ٻڌل ڇوڪراٽ ڏانهن اشارو ڪندو چيو. ”اهوئي اٿئي جنهن تي ڪجھ مهينا اڳ تون کِليو هئين ۽ چيو هيئي ته، هاڻي اسان به چوريون ڪيونسين. اڄ ڪر خبر، ان ئي تنهنجي نظر ۾ ڀاڙي نوجوان اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو جو تنهنجو سِر بلند ٿي ويندو ۽ ٻين جا وات ڪِٽلي ٿي ويندا.“
محرم عليءَ جي لهجي ۾ فخر هو، غروروهو، ڪامياب استاد جي جھلڪ هئي.
بِدن ڇوڪراٽ ڏي غور سان ڏٺو.
ڇوڪراٽ ٻُٽ لاٿي.
بدن وڌي وڃي ڪرمونءَ جي نرڙ کي چمي ڏني.
ڪرمونءَ پهريان جھڪي محرم عليءَ کي پيرين پيو ۽ پوءِ بدن کي ٻنهي کان ٻانهون ٻڌي دعا جي طلب ڪيائين.
بدن ۽ محرم علي سندس پٺي ٺپري.
زورآور ڀاڳيي جي چوريءَ کان پوءِ، ڪرمونءَ جو نالو هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويو هو. نون ته نون ڪيترن ئي پراڻن چورن به کانئس سڳا ٻڌايا.
اچانڪ هڪ اڻ ٿيڻي ٿي وئي.
محرم علي گم ٿي ويو.
سندس يارن، دوستن، مائٽن وڏي ڳولا ڪئي پر مڙس مليو نه.
ڪرمونءَ جي اکين مان ڳوڙها بيٺا نه ٿي چئي منهنجي استاد سان الاءِ ڪهڙو قِيس ٿيو، الاءِ ڪاڏي ويو.
ڪجھ ڏينهن کانپوءِ منجھيل سٽ سلجھي ويو.
ڳجھارت ڀڄي پئي.
معاملو حل ٿي ويو.
محرم عليءَ جو لاش سارين جي ٻار مان مليو. کيس ٻارنهن ڪهاڙيون لڳل هيون.
جڏهن ڳالهه جي ڳنڍ کلي ته پتو پيو ته، سڀ کان گھڻا ڳوڙها ڳاڙيندڙ، وارثن کان وڌيڪ هنيانوَ ڦاڙ رڙيون ڪندڙ ڪرمونءَ پنهنجي مائٽ ۽ استاد محرم عليءَ کي بي درديءَ سان قتل ڪري، سندس لاش ٻارِ ۾ لڪايو هو.
گھڻن چيو، محرم عليءَ، ڪرمونءَ سان زيادتي ڪئي هئي، ان جي بدلي ۾ ڪرمونءَ کيس بيدرديءَ سان ڪهي ڇڏيو هوس. گھڻن وري چيو ته، ڪرمون، محرم عليءَ کان سندس وڏور ڌيءُ جو سڱ گھريو هو، محرم عليءَ انڪار ڪيو هو. ان ڪري ئي ڪرمونءَ کيس ماري ڇڏيو.
ڳالهه ڇا به هئي، پر ان واقعي کانپوءِ ڪرمونءَ جي چوراڻي هاڪ سان گڏ سندس سفاڪيت جا قصا به مشهور ٿي ويا. ان کانپوءِ ڪرمونءَ الاءِ ڪيترا قتل ڪيا هئا ۽ الاءِ ڪيترا گھر اجاڙيا هئا، الاءِ ڪيترا دفعا جيل ويو هو.
عجب ستم ظريفي اها هئي ته، جڏهن هو مئو ته کبڙ جو گھر اجاڙيون ويو.
ويچارو کبڙا، بيوس، لاچار.
ڀريو تريو گھراک ڇنڀ ۾ اجڙي ويو هوس.
ٽي پُٽ جيل ۾، الهه تلهه چٽ ٿي ويو.
موچڪي ڪم جي ڪمائي ايتري مس ٿي جو پيٽ مشڪل سان ٿي ڀريو.
ٻه جوان ڌيئرون، زال، اڪيلو گهر کبڙ جي ته زندگي زهر ٿي وئي هئي.
پٽن جو آڳو پيڇو ڪري ته ڪير؟ ڪري ان جنجل مان جان ڇڏائي ته ڪير؟ ان آئي آفت کي ٽاري ته ڪير ٽاري؟
هميشه جيان، اوندهه ۾ روشنيءَ جي لاٽ اُڀري.
خيروءَ جن جي مامي ولي محمد پٽڪو مٿي تي ٻڌو ۽ ميدان ۾ لٿو.!
عجيب هو ولي محمد به! سڳو نه هوندي به اها ڪهڙي ڏک جي گھڙي هئي، اها ڪهڙي مشڪل مهل هئي، جنهن ۾ ولي محمد کبڙ جي ڪم نه آيو هو، ڦاپل، کبڙ جي زال سان ڀائريءَ جو ناتو نه نڀايو هئائين؟
کبڙ جي اها ڪهڙي خوشي هئي، جنهن ۾ ولي محمد چار چنڊ نه لڳايا هئا بلڪه ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه هوته کبڙ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ وارو ۽ مڇي مانيءَ تائين پهچائڻ وارو به ته ولي محمد هئو.
هڪ زمانو گذري ويو هو جو ولي محمد ڦاپل سان رشتو جوڙيو هئو“ هُن جي شادي اڃان مس ٿي هئي ته ولي محمد ڦاپل کي ڀيڻ ڪري سڏيو هو.
۽ ڦاپل، ڦاپل به ته ڪمال جي عورت هئي. سھڻي، سيبتي، سلڇڻي، سگھڙ، هر غريب عورت جيان سونهن ڦاپل جي به دشمن ٿي پئي هئي. هن جي انگ انگ مان جو ڀن جي جوت جرڪي ٿي جتي هن جا پير پيا ٿي، اتي حسن پنهنجي هاڪ ڇڏي ٿي.
حُسن مٿان وري ڀرپور جواني، الاءِ ڪيترين ئي دلين کي درد وڪوڙي ويو، چڱن ڀلن، ڏاڍن مڙسن سوچيو، ڦاپل غريب مسڪين موچياڻي اڪ جي ماکي، مٿان وري ٿي اٿس هڪڙي قهرن جي ڪوجھي سان شادي، اجھوٿا لاهيونس لاهوت ۾.
پر هاءِ ڙي رب تنهنجا ڪم! محلن ماڙين واريون دل هٿ ۾ کنيون وتن، چڱن ڀلن ڏسڻن وائسڻن جون اڍنگن ۽ بيڍنگن سان وتن اکيون ملائينديون. الاءِ ڪيتريون حويليءَ مالڪياڻيون اندر ئي اندر ڀڄي ڀري پون ۽ پوءِ ويچارو ماڻڪ، قلم کڻي ۽ لکي ”حويليءَ جا راز“.
اتي ڦاپل، غريب مسڪين محرم موچيءَ جي ڌيءُ ۽ غريب کبڙ موچيءَ جي زال، کيس الاءِ ڪيترا اشارا ٿيا، ميشون مليون، اکيون لڳيون، رستن تي ٿڌا ساه کنيا ويا، سڄي سنڌ جي مُلنِ کان دعائون تعويزُ ڪرايا ويا ته ڦاپل جو ڪنڌ ڪيرائجي. ان هيريءَ کي ٽوڙي ٽڪر ٽڪر ڪجي ۽ پوءِ پنهنجي ڪاميابيءَ جو جشن ملهائجي.
پر مسڪين ڦاپل جي سوچ امير هئي، هن جي عزت آسمان کان به اوچي هئي، سڀ ڪجھ ڏسندي، ٻڌندي ۽ سمجھندي به ڄڻ ته انڌي هئي، ٻوڙي هئي، گونگي هئي. اشارا، ميشون ٿڌا ساهه نه ڏٺائين نه ٻڌائين ۽ نه سمجھيائين.
ڦاپل جي شرافت سڀني عاشقن کي رذالت لاءِ اڃان به وڌيڪ اڀاريو ٿي. سندن دل ۾ اڃان به وڌيڪ تڙپ پيدا ٿي ڪئي. ڏسندي ڏسندي ڦاپل جو حسن ۽ بي پرواهي تر جي اوطاقن جو وڏو موضوع بڻجي ويو.
انهن ڏينهن ۾ ولي محمد جي به رات هئي. پنجاهه سٺ جريب زمين، ياري دوستي.
تر ۾ هو سڀ کان مشهور چورن جي نانڙي ۽ ترجو وڏو پاٿاريدار، ولي محمد هئو به ٺاهو ڪڙو، قد جو ڊگھو، سنهو، سنها شهپر هلڪي چاپئين ڏاڙهي سچي ڳالهه اهيا ته الاءِ ڪيتريون هن تي مرنديون هيون ۽ الاءِ ڪيترا مير هن ماريا هئا.
ڦاپل جي ڳالهه ڦري گھري اچي ولي محمد جي اوطاق تي به ٺڪاءُ ڪيو هو. هر چور ڦاپل سان ياري رکڻ جو خواهشمند هو. ولي محمد خود ڦاپل کي ڏٺو هو. ڀلا ڏسي به ڪينئن نه ها، سندس تر جي ته هئي.
ولي محمد کان ڪا ڳالهه ڳجھي ته ڪانه هئي.
سياري جي سرد رات هئي. ولي محمد جي اوطاق تي وڏو چهچٽو وڏي چہل پهل هئي. پر پري کان شڪاري اچي ڪٺا ٿيا هئا.
سڀ باهه جي مچ جي چوڦير ويٺا هئا. ٿوري دير پهريان ولي محمد ٻه ڇيلا ڪُٺا هئا، سڀني يارن جوڙيوالن جي خاطر مدارت لاءِ. ڪچهريءَ ۾ ڳالهين جي ابتدا ته جُوءِ جي وآءُ سواءُ سان ٿي ته ڪٿي ڪٿي مال ڪٺو ٿيو هو. ڪنهن وٽ ڀلي مينهن، ڀلو ڏاند هو. ڪنهن جي گھر ۾ ڪيترو سون هو ڪهڙي ڳوٺ جو ڪهڙو لوڙهو لتاڙڻ ڏکيو هو ۽ ڪهڙي ڳوٺ جا مرد رات جو ڄڻ ته مري ويندا آهن. هو پنهنجو رنون صبح جو اٿي ڳڻيندا آهن ته پوريون آهن يا ڪنهن ڏنو ٺڪاءُ. پر سڀني جي ڳالهه ڦري گِري اچي ڦاپل جي حُسن ۽ ارڏائپ تي ٿي ختم ٿي. لڳو ائين ٿي ته ڦاپل ڄڻ ته سڀني شڪارين جون ڪھاڙيون ۽ بندوقون ڦُري پنهنجي پيرن ۾ ڦٽيون ڪيون هيون.
عجيب ڳالهه اِهيا هئي ته سڀني پنهنجي پنهنجي ڳالهه ڪئي ٿي ۽ اچي ڦاپل تي ختم ڪئي ٿي. ختم ڪرڻ کان پوءِ ٿڌو ساهه کنيون ٿي، پرولي محمد سڀن جون ڳالهيون خاموشيءَ سان ويٺي ٻڌيون، هن هڪ لفظ به نه ڳالهايو.
اڌ رات جو جڏهن باهه جو مچ ٿڌو ٿيڻ لڳو، رات جي مسافرن جي اکين ۾ وحشت بجاءِ اداسي جھلڪڻ لڳي، ان گھڙيءَ ولي محمد ڳالهايو، ”ڪمال جي ڳالهه آهي، وڏي ڪمال جي ڳالهه آهي. هڪ ڪمذات ڪني رن، سڀني کي ونگ وجھي ڇڏيا آهن. سڀني جون بندوقون بيڪار ۽ ڪهاڙيون مڏيون ٿي ويون آهن ان کان به وڌيڪ ڪمال جي ڳالهه اِهيا آهي ته، اڄ ڏينهن تائين هيڏا ارڏا، اڙٻنگ نام ڪٺيا، رن کي ريجهائي نه سگھيا آهن. حيف آهي توهان جي مڙسيءَ تي، لعنت آهي توهانجي مردانگيءَ تي.“
سرد رات جي خاموشيءَ اڃان به وڌيڪ گھري ٿي وئي. ولي محمد جا لفظ سڀني لاءِ ڀالو بڻجي ويا. سندن چپ خشڪ ٿي ويا، زبانون گونگيون.
هڪ ڄڻي پنهنجي زبان چپن تي ڦيري چپن کي آلو ڪيو. پوءِ هڪ ڳيت ڏئي نڙيءَ کي به آلو ڪيائين ۽ پوءِ ڳالهايائين، ”ولي محمد ڳالهه ته تنهنجي صحيح آ. پر تو ته باهه ۾ هٿ وڌو ئي ناهي نه، ان ڪري توکي سڙڻ جي خبر به ڪانه ٿي پوي. رن ڪنهن ڏي مجال جو اک کڻي نهاري. جي اهڙي ڳالهه ته تون به الا توهر ڪري. ڏس گھڙي پئه تون به گھير ۾، تر تون به درياهه ۾ ته پاڻهئي پتو پئجي ويندءِ.“
ڀالي جي موٽ ٿي، واپس اچي ولي محمد جي سيني ۾ ٺڪاءُ ڪيائين. ولي محمد پنهنجي مڙسيءَ کي للڪار چڱيءَ ريت محسوس ڪئي.
ان رات محفل ۾ هڪ شرط لڳي.
طئه اِهيو ٿيو ته، واري واري سان هڪ هڪ مهينو سڀڪو ٻيهر ڦاپل کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندو. جنهن جو وارو پورو ٿيندو، هو ٻيهر ڪوشش نه ڪندو، جيڪڏهن ڪنهن سان پنهنجي واري اندر ڦاپل ٺهي وئي ته ٻيا سڀ وري ڦاپل ڏي اک کڻي نه ڏسندا.
ولي محمد سڀ کان آخر ۾ ڪوشش ڪندو. جيڪڏهن هو به ڦاپل کي ڦاسائڻ ۾ ناڪام ويو ته ولي محمد پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙائيندو ۽ ڦاپل کي قتل ڪري درياءَ ۾ لوڙهيو ويندو.
غريب ۽ غيرتمند عورت جي زندگي، ديوان جي دڪان جي سودي کان به وڌيڪ سستي.
هن جھڪڻ کان انڪار ڪيو. وحشين جي وحشت بي لغام ٿيڻ لڳي.
ڦاپل! ارڏي ڦاپل! غيرتمند ڦاپل جي لاءِ فيصلو ٿي ويو ته، هوءَ جيڪڏهن ڪنهن جي مڇ جو مٿاهون وار نه ٿي ته ماري ويندي. درياءَ ۾ لوڙهي ويندي. پنهنجي ڪنهن مٽ مائٽ، مڙس، پيءُ ڀاءُ يا پٽ هٿان نه، پر انهن جي هٿان جن جو هن سان صرف ايترو واسطو هو ته هُنن جي ڪڌي ڪرت ۽ ڪرتوتن جي اڳيان لوئي نه ٿي لڄائڻ چاهي.
ڦاپل، جنهن لاءِ مرشد فرمايو؛
”ستــي ســيــل مَ ٽــوڙ، لوئــي هــڏ مَ لاهه،
ڪامڻ تنهنجي ڪرجي، اِهيا وڏائي آهي“.
مرشد جي ڪامڻ ڦاپل،
غيرتمند ارڏي، اڙٻنگ ڦاپل جي ڪنڌ ڪپڻ جو فيصلو ٿي ويو.
سچ چيو اٿن؛
غيرتمندن، ارڏن، اڙٻنگن جو مقدر مقتل گاهه ئي هوندو آهي.
شڪاري ان ڏينهن شڪار تي نڪتا، بس سڀني هڪ ٻئي سان واعدو ڪيو. ڦاپل کي جھڪائڻ جو يا ڪهڻ جو، ڦاپل پنهنجي گھر ۾ آرامي. پري ڪنهن پاٿاريدار جي اوطاق تي ٿيل ڪٺ ۽ ان جي فيصلي کان بي خبر، سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ کانپوءِ ٿڪيل، ننڊ ۾ الوٽ.
قادر جي قدرت پنهنجي فطر تي اصولن تحت روان دوان. عجب جي ڳالهه اِهيا خبر نه ٿي پئي ته، قادر جي قدرت ۾ ظالم شڪارين لاءِ پيار هو، يا غيرتمند ڦاپل لاءِ بي رحمي.
وقت اڳتي وڌيو.
هرڪو فيصلي مطابق پنهنجي قسمت آزمائڻ لڳو.
تر جون نامي گرامي ڌوتيون، جن جي لاءِ مشهور هو ته، اڏرندڙ پکيءَ جا پر ڳڻي وڃن. تتر هيٺان آنا ڪڍي وڃن. ڪانءَ کي غليليءَ سان ڪيرائي وجھن. آسمان ۾ اڏامندڙ باز جي چهنب مان چوزو ڇڏائي وڃن. تن کي ڦاپل جي ڪڍ لڳايو ويو. ميلن ملاکڙن جو مساڳ ۽ مٺايون هار سينگار، چوڙيون، زيور، ڪپڙا لٽا، سڀ داءَ پيچ آزمايا ويا. پر اڳيان به ڦاپل هئي. نَنهن کي نَوَ ڪوٽ مجال آجو ڪنهن شيءِ ڏي اک کڻي ڏسي. ڌوتين سان اهڙيون ته لفظي تعديون ڪيائين جو هرڪا بانءِ ڪري توبنهن ڪري، زاري ڪري وٺي ڀڳي.
ان رات ولي محمد جي اوطاق تي گڏ ٿيل حرفتين مان هڪ هڪ ڪري سڀني پنهنجا هنر هلايا، پر نيٺ ٿڪجي پيا نيٺ ولي محمد جي اڳيان آڻ مڃيائون ۽ چيائون ته هاڻي وارو ولي محمد جو هو. ائين چوڻ سان گڏ کيس اِهيو به ياد ڏياريائونس ته ناڪاميءَ جي صورت ۾ کيس ڇا ڪرڻو هو.
ولي محمد ميدان ۾ نڪتو.
هن ڍٻي پنهنجي ڪلهي تي کنئي.
جيڪو به چوڳو هيو، پٽ تي پٿاريائين.
هر اهو بندوبست ڪيائين، جنهن ۾ پکيءَ جا سڀ رستا بند ڪيا ويا. جنهن به رستي کان هو اُڏار ڪري، ڌو اچي ڪرڻو ولي محمد جي وڇايل ڍٻيءَ ۾ هو.
چوندا آهن ته پٿر جي مٿان پاڻيءَ جو ٽيپو ٽيپو پيو ڪري ته نيٺ پٿر ۾ به سوراخ ٿي ويندو.
وک وک تي جي پٿر وڇايا پيا هجن، ته انسان نيٺ ته ٿاٻو کائيندو.
شڪاري ڪتا، ريگستان ۾ ڪنهن هرڻيءَ جي ڪڍ لڳن ته ويچاري هرڻي ڪيستائين بچندي، پاڻ بچائيندي نيٺ ته ڪِرندي.
سو ڦاپل سان به ائين ئي ٿيو.
پکيئڙي جا پر ڇڻڻ لڳا.
هن ٿاٻو کاڌو.
پٿر ۾ سوراخ ٿيو.
هيسيل هراسيل هرڻي ڪر پئي.
ولي محمد جي منهن تي مرڪ اچي وئي. پهرين ملاقات ڳوٺ جي ڀرسان وونئڻن جي وٽ ۾ رٿي وئي.
شام جو پهر هو.
ولي محمد ڪهاڙيءَ کي روهيءَ تي رهڙ ڏئي ٺپيو.
ڀلا ڪپڙا پاتائين.
اکين ۾ سرمون پاتائين.
هالا جو ٻه پُڙيو اجرڪ ڪلھي تي رکيائين.
گھران نڪرڻ کان اڳ، هن هڪ دفعو آئيني جي اڳيان پنهنجي مُڇن کي فاتحانه انداز ۾ مهٽيو، ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريائين.
هڪ جي جڳھ تي ٻه وکون کڻندي وقت کان اڳي اچي مقرر جڳھ تي ويٺو.
بيچيني هن کي سڪون سان ويهڻ نه ٿي ڏنو.
باربار، اکيون کڻي اوڏانهن ٿي ڏٺائين جتان ڦاپل اچڻي هئي.
گھڙي گھڙي سندس ذهن ۾ خيال ٿي آيو ته، جي نه آئي ته پوءِ... جي نه آئي ته پوءِ، جي آئي ته پوءِ.... سندس دماغ ۾ پڙاڏو بڻجي گونجڻ لڳو.
”جي نه آئي ته پوءِ،“ کان اڳتي ڪجھ سوچڻ کان پهريان هن ڪهاڙيءَ جي ڳن ۾ هٿ وڌو.
هائو ٻيلي، ٿوري دير کان پوءِ ڏٺائين ته ڦاپل آئي ٿي.
هو ڏاڍو ۽ مڙس ماڻهو هو، پاٿاريدار هو پوءِ به سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي.
جيئن ئي ڦاپل ويجھي پهتي. هو اٿي بيٺو بي اختيار سندس زبان مان نڪري ويو، ”بسم الله، جيتري به تنهنجي تعريف ڪجي ڦاپل سا گهٽ آ“، ڦاپل ڪو جواب ڪونه ڏنو، ڄڻ ته هوءَ گونگي هئي. هن اجرڪ زمين تي وڇايو. ڦاپل کي ويهاريائين ڪهاڙيءَ کي اڃان به ويجھو ڪري رکيائين.
”ڦاپل!“ هن وري ڳالهايو، ”ڏاڍي پڪي آهين ڦاپل! ڪيڏا ڪشالا ڪرايا اٿئي، ڪيڏو تڙپايو اٿئي. تنهنجي ڪري الاءِ ڪيترن دوستن جون پڳون اچي پيرن ۾ ڪريون آهن. شڪر آ جو منهنجو قدر ڪيئي، مون سان مليئن جي مون سان نه ملين ها ته...............“
هن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
ڦاپل ساڳي بي زبان، گونگي سندس زبان مان هڪ لفظ به نه ٿي نڪتو.
”ڦاپل“ هو وڌي ڦاپل جي ويجھو ٿيو. هڪ هٿ ڦاپل جي پٺيءَ تي رکيائين، ٻئي هٿ سان، ڦاپل جي منهن کي پنهنجي ويجھو ڪيائين. ”ڦاپل ڳالهايائين ڇو نه ٿي. ڊڄين ٿي چري ڊڄ نه تون مون کي نه ٿي سڃاڻين ته ڪير آهيان. ڪير نالو وٺندو هاڻي تنهنجو ٻيرا ٻيرا نه ڪري ڇڏيانس.“
”ولي محمد.“ ائين لڳو ڄڻ ته معجزو ٿيو، ڦاپل جي زبان کلڻ لڳي. ”ولي محمد، مون کي پيشاب لڳو آ.“
ولي محمد حيرت مان ڦاپل ڏانهن ڏٺو. پهرين ملاقات جو پهريون حصو هو ۽ ڦاپل ڳالهايو هو ته ڇا ڳالهايو هو.
”ٺيڪ آهي پريان ويهي پيشاب ڪر.“
ڦاپل اٿي، اڳتي وڌڻ لڳي. ولي محمد وري ڳالهايو، ”ڦاپل اڳتي ڪاڏي اتيئي ويهي رهه نه.“
”مون کي لڄ ٿي اچي، مان پريان ويهي ٿي اچان.“ ڦاپل وراڻيو.
”لڄ“ لفظ ٻڌي ولي محمد سوچيو، هو ڦاپل کي چوي. ”نڪتي آهين يار سان ملڻ، وري ڪرين ٿي لڄ“ پر الاءِ ڇو هو چپ رهيو.
ڦاپل وونڻن جي ٻي پاسي ڏانهن هلي وئي.
ڪافي دير گذري وئي. هوءَ واپس نه وري.
ولي محمد ٿوري دير انتظار ڪيو، پوءِ هو ڪاوڙ مان اٿيو.
هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. ڦاپل ڪٿي نظر نه آئي.
هو ڪاوڙ ۾ مست اٺ جيان بي قابو ٿيڻ لڳو.
وونڻن جي فصل مان نڪتو، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. پوءِ جيڪو ڏٺائين تنهن تي پهريان کيس ويساهه نه ٿي آيو. پر کيس جڏهن اعتبار اچي ويو تڏهن، تڏهن محسوس ڪيائين ته، سندس سارو دٻدٻو مليا ميٽ ٿي ويو هو. سندس مردانگيءَ کي هڪ عورت ٿڪ هڻي ڪڍي هئي. سندس ڏاهه کي نانگ ڏنگي وڌو هو، سندس غيرت کي هڪ عورت پنهنجي پيرن جي مٽيءَ برابر به نه سمجھيو هو.
هن ڏٺو، ڦاپل ايتريون تکيون وکون کڻندي ڳوٺ ڏانهن واپس پئي وئي.، ڄڻ ته سندس ڪڍ ڪو ڇتو ڪتو لڳو هو. هڪ لمحي لاءِ هن کي خيال آيو، هو ڊوڙي وڃي ڦاپل جو اڳ جھلي اتيئي کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏي، پر دير ايتري ٿي چڪي هئي جو ڦاپل پنهنجي ڳوٺ جي ويجھو پهچي وئي هئي.
هو به پنهنجي وٿاڻ ڏانهن وريو.
هن جا قدم ڪنهن گرڀ وتي عورت جيان کڄڻ لڳا.
سندس منهن هيڊو ٿي ويو هو. ان مهل کيس ڪير ڏسي ها ته، يقينن سمجھي ها ته، ڪنهن کيس وَڍُ ڏنو آهي ۽ سندس سڄو رت وهي ويو آهي.
هڪ عورت سندس وڏيرپ کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو هو. سندس پاٿاريداريءَ جي ڀرم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو.
هن کي شرط ياد آئي.
هن پنهنجي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريو.
سندس اندر مان آواز آيو، هو تر جو وڏيرو، مشهور پاٿاريدار وڏيرو ولي محمد نه، پر دردر تي تاڙيون وڄائي، نچي خيرات وٺندڙ نامرد، کدڙو هو.
هو جيئن تيئن ڪر گھر پهتو. هيڏي ذليل شڪست کانپوءِ کيس ماني ڇا کائڻي هئي. هو ڪمرو بند ڪري کٽ تي ڪري پيو. سڄي رات سوچيندو رهيو، لڇندو رهيو،. تڙپندو رهيو.
هن جو ستن راڄن ۾ نالو هلندو هو. هو راڄن جو راڻو هو. پر اڄ ته هن کي پنهنجي حيثيت جي تعين لاءِ ڪو نالو به نه ٿي سُجھيو. سندس عذاب ۾ ان وقت اڃان به وڌيڪ واڌارو ٿي ويو، جڏهن هن سوچيو ٿي ته هڪ غريب موچياڻي سندس اڳيان آڻ نه مڃي هئي.
صبح جو ڪمري مان نڪتو.
هو فيصلو ڪري چڪو هو ته، پنهنجي ذلت جو بدلو وٺندو. ان موچياڻيءَ کي ڳڀا ڳڀا ڪري، سندس لاش کي ڪفن نصيب ٿيڻ نه ڏيندو. هو ان جي لاش کي ڪتن کان کارائيندو.
پر ان فيصلي تي عمل ڪرڻ کان اڳ ۾، ڦاپل کان پڇندو ته هن کيس ائين ڇو ذليل ڪيو هو.
هن هڪ ڌوتيءَ کي نياپو ڏنو ته ”وڃ ان موچياڻيءَ کي چئه ته، هوءَ جيڪڏهن اهڙي غيرتمند هئي ته مون سان ها ڇو ڪيائين، مون وٽ هلي ڇو آئي؟. هاڻي کيس وڃي چوينس ته ماريندو سانس هونءَ به، پر هڪ دفعو اچي مون کي ٻڌائي ته مون سان ائين ڇو ڪيائين. مون وٽ ايندي ۽ ڳالهه ٻڌائيندي ته ڪجھ ڏينہن لاءِ زندگيءَ جي امان ڏيندو سانس. ان امان جو ضامن آهي وسيلو پاڪ. پر جي رضا خوشيءَ سان نه ايندي ته اغوا ڪندو سانس. پوءِ جيڪا حالت ڪندو سانس اها پاڻ سمجھي ٿي.“
ڌوتيءَ ٻه ٽي ڏينہن وٺ وٺان ڪئي. نيٺ ڦاپل ولي محمد سان ملڻ لاءِ راضي ٿي وئي. ملاقات جي مہل ۽ هنڌ اتي ئي طئه ٿيو، جتي پہرين ملاقات ٿي هئي.
اڄ جڏهن مليا ته، ولي محمد ڦاپل جي ويہڻ لاءِ زمين تي اجرڪ نه وڇايو. هن جي رويي مان ڳالهه پڌري هئي ته هو، ڦاپل کي ڪچو کائڻ ٿو چاهي.
ڦاپل ٻَني تي بيٺل گاهه جي مٿان ويہي رهي. هو به ويہي رهيو. ڪہاڙيءَ کي ڦاپل ۽ پنہنجي وچ تي رکيائين، ڄڻ ته وسيلي جي امان جو اظہار ڪندو هجي.
هن پنہنجي پوري نفرت، حقارت، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مختصر جملي ۾ اوتيو، ”ٻڌاءِ ڪميڻي ڪُتي ٻڌاءِ، تو مون سان اهڙي تعدي ڇو ڪئي؟“
ڦاپل جون نظرون ٻني ۾ کتل هيون. ائين پئي لڳو ڄڻ ته هوءَ پنہنجي نظرن سان زمين جو سينو چيري ڇڏيندي. لڳو ائين ڄڻ ته هن ولي محمد جي لفظن جي زهر کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو هجي ۽ ڳالہائڻ شروع ڪيائين،
”ولي محمد!“ اکين جي بندن کي ڀڄڻ جو ڄڻ ته لفظن جو انتظار هو. ”ولي محمد زال ذات آهيان. غريب آهيان. عيبدار آهيان. گناهگار آهيان، جڳ وس ڪيا، مون سان ياري رکڻ لاءِ. پر مون ته ڪنہن ڏي اک کڻي به ڪو نه ڏٺو. پر تون جڏهن منہنجي پٺيان پئين ته گھڻي ننہن ننہن ڪندي الائي ڇو منہنجو ڪنڌ نِوي پيو، تو وٽ هلي آيس،“
هن روئيندڙ اکين کي اگھڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي. محسوس ائين ٿيو ڄڻ ته سڏڪو سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو آهي.
ڳالہه کي جاري رکندي چوڻ لڳي، ”ان ڏينہن جڏهن حيا، لڄ ۽ شرم جا سڀ ليڪا لتاڙي تو وٽ آئي هئس ته سوچيو هئم ته سڀ ڪجھ تنہنجي مِلڪ ڪري ڇڏيندس. پر جڏهن تون منہنجي ويجھو آئي هئين، ان مہل منہنجي غريب، مسڪين موچي ابي جي اڇي ڏاڙهيءَ اکين اڳيان اچي وئي هيم. لڳم ته هو مون کي چوندو هجي،! امڙ غريبيءَ جو مطبل اهيو ته نه آهي ته تون وٽ عزت لٽائيندي. منہنجي اڇي ڏاڙهيءَ جو ته خيال ڪر. جڏهن ابي جي اڇي ڏاڙهيءَ تي نظر پيم، سہي نه سگھيس دل چيو زمين ڦاٽي پوي ته اندر هلي وڃان بس توکان مِنہُن ڪري ڀڄي ويم.
دٻيل سڏڪا اوڇنگارن ۾ بدلجي ويا.
آسمان مان اڏامندڙ ڳيرو اچي وڻ تي ويٺو.
صبح ڌرتيءَ کي آخري سلام ڪيو.
ڀٽ تي تنبوري جي تنوار تي ٻَرُ ٻَرُ ٿي؛
”جيہاڪِي تيہا، مون مارو مڃيا.“
ڦاپل پنہنجي اوڇنگارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”ابي جي اڇي ڏاڙهيءَ کي لڄائي نه ٿي سگھان، جيئن تون چوين ٿو، مان ائين نه ٿي ڪري سگھان. هاڻي آ تنہنجي مرضي، مارين يا جيئدان ڏين.“
آسمان ۾ پہريون تارو ظاهر ٿيو.
جھرڪي پنہنجي ٻچڙن کي پنہنجي ڪوڙي هيٺ آندو.
کڏ ۾ سنہڙي مڇي پاڻيءَ واتڙيي جي جھپڙ مان خوشقسمتيءَ سان نڪري وئي.
ماءُ پنہنجي ابهم ٻار کي سيني سان لائي امن ۽ سلامتيءَ جي دعا ڪئي.
ولي محمد، ڪادير روئندڙ ڦاپل کي ڏسندو رهيو.
هو ٻه واٽي تي اچي بيٺو. ڇا ڪري ڦاپل کي ڪُہي پلاند پاڙي ليکو سڌو ڪري، يا هن جي اڻ ٽٽ غيرت کي سلام ڪري داد ڏئي؟؟
اچانڪ ولي محمد جون اکيون به ڇم ڇم ڪرڻ لڳيون.
هڪ انسان بدليو، زندگيءَ جو انداز بدليو. هو اٿيو، ٿوري دير اڳ جنہن ڦاپل جي ويہڻ لاءِ هن اجرڪ نه وڇايو هو، اهو اجرڪ پنہنجي ڪلہي تان لاهي ڦاپل جي مٿي تي وڌائين سندس ڳوڙها اگهيائين نرڙ چميائين ۽ چيائين، ”ڦاپل سچ چيو آ سالڪن، ته غريب جي ميراث ان جي غيرت آهي. مون گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتو آ، الاءِ ڪہڙا ڪہڙا مير ماريا اٿم پر تو جہڙي غيرتي ڪا نه ڏٺم. بس ڦاپل ڪو نه سڏاوي!! دنيا ۾ ڦاپل هڪڙي ئي آهي، ٻه نه ٿينديون. اڄ کان پوءِ تون منہنجي ڀيڻ آهين. اڄ کان پوءِ ڏسان ته ڪہڙو ٿو مائيءَ جو لال تنہنجو اڳ وٺي، تو ڏي گندي نظر سان ڏسي.“
ولي محمد ڦاپل کي جيڪو چيو اهو ڪري ڏيکاريو. هن ڀاءُ جو رشتو برابر نڀايو، ڏک سک، خوشي غميءَ ۾ ولي محمد ڀائرن جيان ڦاپل جو ڀرجھلو ٿي بيٺو. ڦاپل به هن کي ڀائرن جيان ڀائنڻ لڳي. بلڪه ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هو، ولي محمد جي گھر جي وڏي ٿي وئي.
ڀاءُ ڀيڻ جو اهيو قرب ڏسي گھڻن جون دليون جلڻ لڳيون. پر ولي محمد جنہن جو هر طرف دٻدٻو هو، ان ڪري ڪُڇي ڪين ٿي سگھيا. هو پنہنجي شڪست ۽ ناڪاميءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ کبڙ جا ڪن ڀرڻ لڳا. جي، اڙي ميان سمجھ، سمجھ، ڪجھ سوچ ڪر. توکي خبر ناهي ته ولي محمد ڪہڙي قسم جو ماڻہو آهي. اِهيو ڀاءُ ڀيڻ جي ڳالهه مڙئي ناٽڪ ٿئي ناٽڪ.“
کبڙ جي جواب، سڀني مخالفن جا منہن بند ڪري ڇڏيا، چيائين، ”ڀائو ولي محمد جي منہنجي زال کي ڀيڻ سڏي ڪڌو ڪم ڪندو ته پوءِ منہنجي دانہن بس الله کي آ.“
خير، زندگي روان دوان رهي. ولي محمد جا ڏس پتا، مشورا، صلاحون، جن تي هلي کبڙ ۽ کبڙ جي پٽن سک جو ساهه کنيو هو، غريبيءَ جي آڙاهه مان نڪتا هئا.
پر قسمت کي ڪجھ ٻيو منظور هو. عين انہن ڏينہن ۾ جڏهن کبڙ جي گھر جو بخت بلنديءَ ڏي روان دوان هو ته، ڪرمون سندن لوڙهي جي وٽ ۾ قتل ٿي ويو.
سڀ واهون بند ڏسي حسب معمول ڦاپل ڀڳي پنہنجي ڀاءُ ولي محمد، ڏانہن، ولي محمد جيتوڻيڪ هاڻي جہونو ٿي ويو هو پر مڙس ۾ حشمت ۽ ڏيا اهائي هئي. ڀيڻ ڦاپل سڏ ڪري ۽ ولي محمد نه ورنائي اهيو ڪيئن ٿي ٿي سگھيو؟ هن معاملي ۾ ڪرمونءَ جي مائٽن سان ڳالہايائين، کين ڪرمونءَ جا ڪرتوت ياد ڏياريائين، کين ٻڌايائين ته، چور مُئو ته ڄڻ ڪتو مئو. ان کان به اڳتي، کين صاف لفظن ۾ ڌمڪي ڏنائين ته هو کبڙ کي اڪيلو، غريب، لا وارث نه سمجہن. جيڪڏهن کبڙ جي گھر کي ڪجھ به ٿيو ته، ائين سمجھو ڄڻ ته ولي محمد کي نقصان پہتو.
ڪرمونءَ جا مالڪ کڻي ڪيڏا به لچ ۽ لوفر هئا، پر هو ولي محمد جھڙا سرنديءَ پڄنديءَ وارا ته نه هئا نيٺ راڄوڻي فيصلي تي راضي ٿيا خيروءَ جن کي ٻڌايو ويو ته ٻه لک ڏنڊ سان گڏ تڏو بخشرائيندا.
فيصلي کانپوءِ چٽيون چوريون ڀري، جڏهن خيرو ۽ سندس ڀائر ٻاهر نڪتا ته دنيا بدلجي وئي هئي.
آشيانو اجڙي ويو هو.
خيروءَ جو وڏو ڀاءُ نظر محمد پٺيان ٻه ننڍڙيون ڌيئرون ۽ زال کي ڇڏي سعودي عرب هليو ويو. خيروءَ جي ٻئي ڀاءُ نبن، خيروءَ جن کان الڳ ٿي وڃي حيدرآباد جا وڻ وسايا.
رهيو خيرو. ته خيرو به بدلجي ويو، هو ساڳيو نه رهيو.
هن پنہنجي پيءُ ماءُ، ٻن ڀينرن، ٻن ننڍڙين ڀائٽين ۽ ڀاڄائيءَ کي ساڻ وٺي پنہنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي ٻئي ڳوٺ ۾ اچي اَجھو اڏيو.
هن هارپ ڇڏي ڏني. مڪمل طرح سان راز ڪو ڪم ڪرڻ سان گڏ سگھڙائپ به ڪرڻ لڳو. هو خيروءَ مان خير بخش سڏجڻ لڳو. گھر جو چرخو اڳي جيان ته نه رهيو هو پر پوءِ به گذاري لائق هو. خيرو راز ڪو ڪم ڪندو هو. کبڙ شہر ۾ موچڪو ڪم، عورتون گھر ۾ ڀرت رليءَ جو ڪم ڪرڻ لڳيون گاڏو هلي پيو.
جيل، خيرو عرف خير بخش جي زندگيءَ کي بدلائي ڇڏيو هو. هن جو ذهن ڄڻ ته کلي پيو هو. گفتار جو ماهر ته هو اڳئي هو، ويتر سندس سگھڙائپ جي گفتن سندس شہرت کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا. هو سڀني سگھڙن جي محفلن جو ستارو ٿي اڀرڻ لڳو. سندس شہرت ڪيترن ئي گھاگھه جھونن سگھڙن جون متيون منجھائي ڇڏيون. هڪ سگھڙ ته شعر ۾ به چئي ڏنو؛
جھيڙن ۾ آهي ٺاهه ڀلو،
گاهه آهي سائو ڀلو،
باڊهه جو آهي مائو ڀلو،
خيرو موچي کائو ڀلو.

ڏسندي ڏسندي هو ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جي پروگرامن ۾ نه رڳو شرڪت ڪرڻ لڳو، پر پنہنجي گفتن جو اثر به ڀرپور طريقي سان ناظرين تي ڇڏڻ لڳو هو.
کبڙ، جيڪو تڪليف جي طوفان مان گذريو هو، تنہن کي خيروءَ جي شہرت ۽ ڪم ڪار هڪ عجيب سڪون بخشڻ لڳو. غربت. خوشحالي وري غربت جي سفر ۾ خيروءَ جي شہرت ڄڻ ته سندس مٿان مرهم جو ڪم ٿي ڪيو.
انہن ئي ڏينہن ۾ خيرو تازو تازو ٽي ويءَ تي پروگرام ڪري آيو هو. هڪ همراهه کي خيروءَ ۾ ڪم هو، هن کبڙ کان سندس اڏي تي اچي پڇا ڪئي، ”استاد ڪر خبر خيرو ڪٿي آهي.“
کبڙ همراهه ڏي کائيندڙ نظرن سان ڏٺو ۽ پوءِ غصي ۾ چيائينس، ”توهان ۾ ته ڪو ماڻہپو ئي ڪونہي، ڪا تميز ئي، ڪانہي. خيرو خيرو، اڙي ڇا جو خيرو، ڪہڙو خيرو؟ منہنجي پٽ جو نالو آهي خير بخش خيراڻ.“
پڇا ڪندڙ همراهه وائڙو ٿي ويو. ڀڄڻ ۾ ئي عافيت سمجھائين. رهي کبڙ جي ڳالهه، سا ملڪان ملڪ لطيفي طور مشهور ٿي وئي. ان ڏينهن ئي خير بخش جو ٽيون جنم لفظ ”خيراڻ“ سان ٿيو هو.
هر ڏينهن جي پٺيان رات هوندي آهي. هر خوشي ڪنهن نه ڪنهن غم جو انت هوندي آهي. چوندا آهن ته هر هڪ ٽهڪ ڏيندڙ چهرو، پنهنجا ڳوڙها پاڻ پيئڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سو، خيرو عرف خير بخش عرف خيراڻ جي ٽهڪن پٺيان به درد جون جھوريندڙ ڪهاڻيون لڪل هيون. غريبي، مختصر خوشحالي، جيل، وري غربت. سندس ڏک جا اهڃاڻ هئا. پر جڏهن هو خيروءَ جو سفر پوري ڪري خير بخش خيراڻ ٿيو هو تڏهن سندس درد جي دنيا ۾ هڪ نئين درد خيما کوڙيا هئا.
خير بخش جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ، پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان لڏو کڻي اچي جڏهن ٻي ڳوٺ ۾ ويٺو هو، تڏهن سندس عمر ٽيهن کان ٽپي چڪي هئي. پر سندس شادي نه ٿي هئي. سندس سادي شڪل صورت سبب ڪو مٽ مائٽ کيس سڱ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. هڪ ٻه دفعو ائين ٿيو ته، سندس مائٽن کيس سڱ ڏيڻ لاءِ هام ڀري، ڳالهيون ٻولهيون ٿيون. نڪاح جي تاريخ طئه ٿي، دهل دمام وڳا، هار سينگار ٿيا. خير بخش ڄڃ وٺي نڪاح لاءِ اچي ٿيڻ وارن ساهرن جي ڳوٺ پهتو.
پر يا الله هي ڇا ٿي ويو.
سڀ ڪجھ اُلٽو ٿي ويو.
سومهڻيءَ کان پوءِ جو وقت هو، خير بخش پنهنجي يارن دوستن، مٽن مائٽن جي وچم موڙ ٻڌيون ويٺو هو. مولانا صاحب نڪاح جي تياري ڪري رهيو هو، ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو به بي صبريءَ سان پتاشن جو انتظار ڪر رهيا هئا.
اچانڪ ڦرڪو ڦِريو.
ڪنوار جو چاچو اٿيو. رڙڪري پنهنجي ڀاءُ کي چيائين، ”اڙي ڪم نسل، ڪمذات ڪمينا اڙي تون پنهنجي نياڻيءَ لاءِ وڃي وڃي وَرُ لڌو ته کبڙ جو پٽ خيرو! گھوٽ جي شڪل ڏٺي اٿئي، اکيون ڏٺيون اٿس، هليو آهي اسان جي گھران لانئون لهڻ. ڏسان ته ڪهڙو مائيءَ جو لال ٿو نڪاح پڙهي ڪهڙي ماءُ جو پٽ ٿو دعا لاءِ هٿ کڻي.“
هڪ گھڙيءَ لاءِ موت جهڙي ماٺ ڇانئجي وئي.
گھڙي کن جي خاموشيءَ کان پوءِ، ماٺ جي چادر هيٺان چرپر ٿي. ڄاڃين ڪنن ۾ سُس پس پئي ڪئي.
مولانا صاحب نڪاح نامو بند ڪري ڪڇ ۾ قابو ڪيو. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ته، جھيڙي جي صورت ۾ ڪهڙي پاسي کان سلامتيءَ سان نڪري سگھي ٿو.
خير بخش جي ڌرمان هڪڙو همراهه اٿيو، رڙ ڪري چيائين، ”ڀائو! اسان توهان ڏي قرآن کڻي ڪونه آيا هئاسين، نياڻيون ميڙ ڪونه ڪيون هيونسين، ڀائپي برادريءَ جي ڳالهه آهي، توهان سُر ڏنو، اسان ڳالهه چوري سين. جڏهن ڳالهيون پڪيون ٿيون تڏهن ئي اسين نڪاح لاءِ آياسين. اسان ڪو جيتن جيان زمين مان امالڪ ته نه نڪتا آهيون جي توهان جي اهڙي حور هئي ته نه ڏيڻي ڪيو ها نه، اسان کي. اسان زور ته نه ڪيو هو نه. سيد سونهارا ته توهان جي درتي ڪونه وٺي آيا هئاسين.“
ڪنوار جي چاچي وڻ سان گھوڙو ٻڌڻ نه ٿي ڏنو. مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويو. غيرت جو سوال ته خير بخش جي ڌر لاءِ به هو کين سڏائي بيعزتي ڪئي وئي هئي. وري به شابس هجي خير بخش کي جنهن پنهنجي ماڻهن کي ٺاري ٿڌو ڪيو. سور دل ۾ پي ويو، ڄڃ واپس وٺي گھر موٽي آيو.
خير بخش جي منهن تان لٿل موڙن ۽ ڄڃ جي واپسيءَ جو درد صرف اهوئي محسوس ڪري سگھيو ٿي، جنهن ڪڏهين زندگيءَ ۾ ڪنهن لٽيل، اجڙيل قافلي کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هجي.
ٻيو دفعو به خير بخش کي ٻڌل موڙن سميت نڪاح مان واپس ڪيو ويو هو. هن دفعي وري ٿيڻ واري ڪنوار جي ڀاءُ گوهاندي ڪئي هئي.
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو. تيئن تيئن خير بخش جي اڪيلائي گھري ٿيندي وئي. هن پنهنجي احساس محروميءَ جو شاعريءَ ۾ اظھار ڪيو؛-
”توڏي ايندي اوسانئڻ، ميل جو پٿر ٿي ويو آهيان.“
هڪٻئي پٺيان سندس پيءُ ۽ ماءُ به هن دنيا مان موڪلايو.
صدمن مٿان صدما. هڪ ڏينهن هو ڪنهن جي ڀت ٺاهي رهيو هو ڏينهن جي شروعات حسب معمول ڀوڳن ٺڪائن سان ٿي. ڪچڙي منجھند جو ڪم بند ڪيو ويو. ماني لڳائي وئي. ڪم جي مالڪ حسب روايت مهمان نوازيءَ جو مظاهرو ڪندي رڙ ڪئي، ”ڀائو، مانيءَ کائڻ ۾ لڄ نه ڪجو پيٽ ڀري کائجو، سڀاڻي متان ائين چئو ته ڪم تي وياسين، ڪنجوس منها ئتي ماني به نه کارائي.“
خير بخش منهن مٿي ڪرڻ بنا، گرانهن چٻاڙيندي چيو، ”ڀائو تون فڪر نه ڪر، پاڻ ڪهڙو پنهنجي گھران ٿا کائون جو کائڻ ۾ خيال يا لڄ حياءُ ڪنداسين.“
ٿوري دير لاءِ ميزبان وائڙو ٿي ويو. هن کي سمجھ ۾ نه آيو ته، خير بخش چوي ڇا ٿو، پر جڏهن ڳالهه جي گھرائي سمجھ ۾ آيس ته محفل ۾ ٽهڪن جو طوفان گونجيو.
ماني کائي ٿورو آرام ڪري سڀئي وڃي ڪم سان لڳا.
مزدورن ۾ ڪنهن گارو ٿي ڪيو، ڪنهن گارو ڪاهيو ئي، ڪنهن تغاري ٿي کنئي، ڪنهن سرون ٿي پهچايون.
خير بخش رڙ ڪئي، ”اڙي، اِهيا ڪاري ڪلي کڻي ڏيو ته گاري جي مٿان تهه ڏيان.“
هيٺان ڪنهن مزور جواب ڏنو، ”استاد ڪَلي ته ڪاري ڪانهي“.
خير بخش جي طرفان ٺهه پهه جواب آيو، ”جي ڪَلي ڪاري ڪانهي ته خير آ، مان پنهنجي منهن سان مهٽيندو سانس پاڻهي ڪاري ٿي ويندي.“
هڪ دفعو ٻيهر ٽهڪن جو طوفان اڀريو.
پر هاءِ ڙي قسمت، ان ٽهڪن جي طوفان ۾ مٿان اچي هڪ مصيبت ڪڙڪي. الاءِ ڪيئن خير بخش جو پير ترڪي ويو، هن اچي هيٺ زمين تي ڦهڪو ڪيو.
ٿر ٿلو مچي ويو. وٺ وٺان ٿي وئي. خير بخش کي گھر کڻي آيا. خير بخش کي ائين لڳو ته سندس ٽنگ ٽڪر ٽڪر ٿي وئي هجي. ڪنڀر کي گھرايائون. پتو پيو ته، پير جو مُرو ٿڙي ويو هو ۽ گوڏي جي ڍڪڻي نڪري وئي هئي.
خير بخش ڪيترائي مهينا بستري ڀيڙو رهيو. جڏهن هو اٿيو ته، سندس ڄنگھ ۾ ساڳيو دم نه رهيو هو. ستت ئي کيس احساس ٿيو ته هاڻي هو رازڪي ڪم جي لائق نه رهيو هو.
زندگيءَ جو نئون ورق وريو. خير بخش ۽ سندس ڀائر جڏهن جيل مان نڪتا هئا ته سندن ننڍو ڀاءُ نبن کانئن الڳ ٿي وڃي ٻئي ڳوٺ ويٺو هو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ نظر محمد پنهنجون ٻه ننڍڙيون ڌيئون ۽ زال کي خير بخش جي سهاري ڇڏي سعودي عرب هليو ويو هو. هو سال ٻن ۾ هڪ دفعو مهيني کن لاءِ ايندو هو. هن هڪ ڪم اِهيو ڪيو هو ته، هن سعودي عرب جي ڪمائيءَ مان گھر جي چڱي جاءِ ٺهرائي هئي.
خير بخش پنهنجي ڀائٽين کي ڌيئرن جيان پاليو هو. هُن هنن کي پڙهايو هو. جڏهن خير بخش جو حادثو ٿيو هو ته، ان مهل سندس وڏي ڀائٽي مئٽرڪ ۾ ۽ ننڍي اٺين ڪلاس ۾ هئي. ستم ظريفي اِهيا ٿي ته جڏهن خير بخش ڪمائڻ کان ذري گھٽ ويهي ويو هو، ان مهل سندس ڀاڄائي گھر ۾ ڀنڊڻ ٻاريو ۽ چوڻ لڳي، ”تون منهنجي مڙس جي سڄي سہودي جي ڪمائي کائي ويو آهين، هاڻي اسان تو سان گڏ نه رهنداسين“.
هن گھر جي وچان ويري ڪڍرائي، خير بخش کي الڳ ڪري ڇڏيو.
يا الاهي هي ڇا ماجرا هئي. هي ڪهڙو امتحان هو؟
خير بخش جي عمر چاليهن کان چڙهي هلي هئي.
هن عمر ۾ جڏهن انسان کي سڪون جي ضرورت هوندي آهي، ان عمر ۾ هو چاهيندو آهي ته جڏهن ڪم ڪار کان واندو ٿي شام جو گھر اچي ه رُکي سُکي ٺهيل ٺڪيل ماني ملي، آرام لاءِ هنڌ بسترو هجي ۽ ننڍڙا ٻار هجن جن سان هوڪي پل کيڏي، ڪُڏي، پنهنجي دل وندرائي.
پر خير بخش جو قصو ئي الٽو ٿي ويو هو.
گھر ۾ ويريون اچي ويو هيون.
روزگار ختم ٿي ويو هو.
شام جو گھر واپس ورڻ، عمر قيد جي سزا برابر هو.
اڪيلو گھر، جتي ماني ٽڪيءَ جو بندوبست خود کي ئي ڪرڻو هو پر چوندا آهن ته وقت جي رفتار ۾ ڪوبه ونگ نه ٿو وجھي سگھي. سو وقت پنهنجي رفتار ساڻ وڌندو رهيو.
خير بخش پنهنجي زندگيءَ کي نئون رنگ ۽ ڍنگ ڏيڻ لڳو. هو روز گار لاءِ شهر ۾ سبزيءَ جو ريڙهو لڳائڻ لڳو هو. ماني ٽڪي خود ڪري کائڻ لڳو هو.
انهن ئي ڏينهن ۾ هن جي ذهن ۾ به تبديلي اچي وئي. هو سگھڙائپ ڇڏي عروضي شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.
سڀ کان اهم ڳالهه اِهيا ٿي ته هن خدا جي وجود کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن اعلان ڪيو ته هو دهريو آهي.
هي اهي ئي ڏينهن هئا، جڏهن خير بخش سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي. انهن ڏينهن ۾ مان سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن هئس. هڪ ڏينهن خير بخش اچانڪ اچي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ شامل ٿيو.
شايد غريبيءَ جو رشتو هو، يا ٻيو ڪجھ، پر ان ڏينهن کان وٺي منهنجي، خير بخش خيراڻ جي ياري پڪي ٿي وئي. خير بخش خيراڻ ڀلوڙ شاعر مان، مان صرف ڪتاب پڙهندڙ، اديبن جي محفلن ۾ ڪرسيون ڪلهن تي ڍوئي، اسٽيجون سجائيندڙ، وڏيون وڏيون تقريرون، وڏن اديبن جون ننڍڙيون ۽ خسيس ڳالهيون ٻڌندڙ.
شاعريءَ ۾ به خير بخش خيراڻ خوب نالو ڪمايو.
انهن ڏينهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر، قسمت جي ديوي خير بخش تي مهربان ٿيڻ لڳي هئي.
هن جي شاعريءَ جي هڪ مداح، شهر جي هڪ معزز ماڻهوءَ کي هن جي حال تي رحم اچي ويو. هن هڪ ڏينهن خير بخش کي موٽرسائيڪل تي کنيو، سڌو ويو ايم پي اي جي اوطاق تي. ايم پي اي صاحب کي هٿ ٻڌي عرض ڪيائين، ”سائين! مان سڄي عمر اوهان جي خدمت ڪئي آهي. اڄ به اوهان جو ساڳيو نوڪر، ساڳيو خادم آهيان. هي جيڪو عرض اوهان جي اڳيان رکان ٿو، سو نه ته منهنجي پنهنجي ذات لاءِ آهي ۽ نه وري ڪنهن مٽ مائٽ لاءِ هي عرض مان اوهان کي علم ۽ ادب لاءِ رکان ٿو. خير بخش خيراڻ ڀلوڙ شاعر آهي، پر غريب مجبور ۽ تنگ دست آ. مهرباني ڪري هن کي ڪا نوڪري وٺي ڏيو.“
ايم پي اي جدي پشتي وڏيرو تنهنجي لاءِ عام ماڻهو ته گھوڙي جي هڻڪار کان به گھٽ اهميت وارو هو، سو علم ۽ ادب جو ڪهڙو قدردان هوندو. پر هو پنهنجي پراڻي خادم، شهر جي معزز ماڻهوءَ جو چيو ٽاري نه سگھيو. هن خير بخش خيراڻ کي تعليم کاتي ۾ پٽيوالي وٺي ڏني.
نوڪري ملڻ کان پوءِ هڪ ٻيو معجزو ٿيو.
خير بخش جنهن کي ٻه دفعا ٻڌ موڙن سان محفل مان اٿاريو ويو هو، سندس بيعز تي ڪئي وئي هئي، الائي ڪيترا دفعا مائٽي ٿيندي ٿيندي رهجي وئي هئي، تنهن کي سندس سڳي سؤٽ سڏي وڏور ڌيءُ جو سڱ ڏنو.
خير بخش جڏهن لانئون لڌيون ان مهل خير بخش جي عمر اڻونجاهه سال هئي.
زندگي ست رنگي.
خير بخش خيراڻ، جي زندگيءَ جي ابتدا غربت،
مختصر وقت لاءِ ٽي ويلا پيٽ ڀري ماني،
جيل، جلاوطني،
ڪم ڪندي ڀت تان ڪري پيو، ڪم جي اهليت نه رهي.
پنهنجا ساٿ ڇڏي ويا، رڻ ۾ رولي ويا.
قسمت جي ديويءَ رنگ بدليو.
پٽيوالي.
اوڻونجاهه سالن ۾ منهن تي موڙ.
هاءِ ڙي زندگي ست رنگي!
خير بخش خيراڻ جي نوڪريءَ ۽ شاديءَ کان پوءِ ستت ئي مون کي به سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پٽيوالي ملي وئي. هاڻي اسان جي دوستيءَ جي رنگن ۾ پٽيوالي به هڪ مشترڪ رنگ هو.
ڪنهن زماني ۾ مون ڪنهن کان چوندي ٻڌو هو، ”يار بس جي ڪنڊ ڪٽر، هوٽل جي بيري، گند گي صاف ڪندڙ ڀنگي ۽ چڪلي جي ڀڙوي سان ڪڏهن به نه الجھجي. ڇو ته هو سڄي سماج جون ذلتون پنهنجي ڪلهي تي کڻي هلندا آهن.“ پر جڏهن مان پٽيوالو ٿيس، تڏهن مون کي پتو پيو ته مٿين چئن ڪردارن سان اسان پٽيوالن کي به شامل ڪرڻ گھرجي.
اسين ڇا به هُجون، ڪيترا به پڙهيل لکيل هجون، ڪيترا به علم ادب جا مداح هجون، اسين زماني جي نظرن ۾ بس هوندا پٽيوالا آهيون. خيربخش ۽ مان پٽيوالا هئاسين.
ٻئي صاحبن جي ذلالتن جو بار پنهنجي ڪلهي تي کڻندڙ. هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي. اسان جو هڪ ڳوٺائي هڪ سنڌي ٽي وي چئنل تي ڪم ڪندو هو. هو مون کي باربار چوندو هو، ”يار گلو ڪڏهن اچ منهنجي آفيس. اچ ته توکي ڏيکاريان ته ٽي وي ڪيئن هلندي آهي. هڪ ڏينهن مان به وڃي سندس آفيس پهتس.
ڳوٺائيءَ تمام گھڻو قرب ڏنو، خدمت ڪئي، ٽي ويءَ تي ڪم ڪيئن ٿيندو آهي ڏيکاريائين، ان کان پوءِ هڪ همراهه سان ملايائين.
همراهه نالي وارو ڄاتل سڃاتل هو، شاعر هو، ڪالم نگار هو، ڊرامه نگار هو، ليڪچرار هو ۽ ليڪچرارن جي تنظيم جو چڱو مڙس هو. سڄي سنڌ ۾ سندس وڌا مداح هئا. سچي ڳالهه اِهيا آهي ته مان به سندس لکڻيون وڏي شوق سان پڙهندو هوس. ساڻس ملي دل ئي دل ۾ گد گد ٿيڻ لڳس ته اڄ ڀاڳ ڀلا جو سنڌ جي هڪ نالي واري اديب سان ملاقات ٿي رهي هئي. مون واري ڳوٺائيءَ منهنجو تعارت ڪرايو، ”سائين هي اسان جي ڳوٺ جي گُلو آهي، ڪتابن جو ڏاڍو شوقين، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پٽيوالو آهي.
ناليواري اديب مون ڏانهن هٿ ائين وڌايو ڄڻ ته مون کي ڪوڙهه جو مرض هجي. بيدليءَ سان هٿ ملائڻ کانپوءِ چيائين، ”پٽيوالا به ڪتاب پڙهندا آهن ڇا؟“
مون وارو ڳوٺائي وائڙو ٿي ويو.
منهنجي اندر ۾ تير لڳو.
ذلت، روميءَ جي درويشن جيان رقص ڪرڻ لڳي.
ان ڏينهن مون کي پوري سماج جي ذلتن جو بار پنهنجي ڪلهي تي محسوس ٿيو.
سو، خير بخش ۽ مان پٽيوالا هئاسين.
مان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ۽ هو گرلس هاءِ اسڪول ۾ هُو شاعر هو، درد کي گھرائيءَ سان محسوس ڪندڙ، ذلت جو گھرائيءَ سان ادراڪ رکندڙ، تڏهن ئي ته سندس روح مان شاعريءَ جي روپ ۾ رڙ نڪتي هئي؛
”متان خير کي تون پٽيوالو سمجھين.“
رکي پنهنجي سيني ۾ هُو ڀي دل ٿو.“
خير بخش جي زندگيءَ جو گاڏو گِڙڻ لڳو هو. اڻونجاهه سالن جي عمر ۾ سندس شادي ٿي هئي. پنجونجاهه سالن جي عمر تائين کيس ٽي ٻار، ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي پيدا ٿيا.
خير بخش خوش هو، بيحد خوش. گهر، روزگار، زال، ٻار سڀڪجھ ته هئس، باقي کيس ڇا کپندو هو.
هو پٽيوالي ڪندو هو، گھر جو گاڏو هلائيندو هو.
شام جو واپس اچي پنهنجي ٻارن سان روح رهاڻيون ڪندو هو ۽ سوچيندو هو ته هو هنن کي ڀلي تعليم ڏياريندو ته جيئن وڏا ماڻهو ٿي سگھن.
اسرويل اٿي شاعري ڪندو هو ۽ پنهنجو ڪتاب ڇپرائڻ جي منصوبه بندي ڪندي هو.
سڀڪجھ ٺيڪ ئي ته هو.
پر ستت ئي، سڀڪجھ ٺيڪ نه رهيو.
غريب جي جواني ۽ خوشي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندي آهي غريب جي جنازي جي تياري ڄمڻ سان شروع ٿيندي آهي.
خير بخش خيراڻ بيمار رهڻ لڳو، کيس پيٽ ۾ سور جي تڪليف رهڻ لڳي. هن پنهنجي حال آهر چڱن چڱن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو پر هر علاج بي اثر هو. ڦڪين فرق ڪرڻ کان ڄڻ انڪار ڪري ڇڏيو هو. آخر ۾ ڊاڪٽرن کيس مشورو ڏنو ته ڪراچيءَ وڃي جناح اسپتال ۾ علاج ڪرائي.
پٽيوالو ۽ ڪراچيءَ ۾ جناح اسپتال ۾ علاج، خير بخش جي پيرن هيٺان زمين ترڪڻ لڳي.
پر هو خير بخش خيراڻ هو. سورن جنهن سان ننڍيئي نينهن ڪيو هو. ڏکن ۽ مصيبتن جو هن سان ازل کان واسطو هو. هو تڪليفن ۾ منهن موڙڻ وارو نه هو.
هن مون سان رابطو ڪيو ۽ اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ صحت کاتي ۾ پٽيوالو هئس. هڪ ڳالهه ته مڃبي، وڏي واڪي مڃبي، سنڌ سيڪريٽريٽ جا پٽيوالا جنهن به کاتي ۾ هوندا آهن، انهن کي سمجھيو فقير ويندو آهي، پر سندن عزت فقيرن کان اتم درجي جي ڪئي ويندي آهي.
وقت به وقت ڪم به اعليٰ درجي جا ڪندا آهن. فائيل ڪهڙي به حالت ۾ ۽ ڪٿي پيو آهي کان وٺي صاحب جي ڪرسيءَ تي موجودگيءَ تائين جو صحيح اطلاع صرف پٽيوالو ئي ڏئي سگھندو آهي.
سو مان به فقير کان اتم درجي وارو صحت کاتي جو پٽيوالو هئس. منهنجو يار خير بخش خيراڻ سڏ ڪري ۽ گلو نه ورنائي. مون وڃي اسپتال ۾ هڪ ڊاڪٽر جو در جھليو. کيس سڄي ڳالهه ٻڌايم.
هن مونکي چيو، پنهنجي يار کي وٺي اچ. خير بخش خيراڻ پنهنجي زال جون واليون کپائي، اچي مون وٽ پهتو.
خير بخش خيراڻ سان گڏ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي ڪڍ رُلندي مون کي پتو پيو ته اسپتال ڪوس گھر جو ٻيو نالو آهي.
هڪ شاعر چيو آهي؛
ڪنہن جي آهي ڀل،
ٿاڻي اندر
پوکيا آهن گل.
منهنجي دل خيربخش خيراڻ سان اسپتال ۾ رلندي سوچيو ڪاش شاعر چوي ها؛-
هي ڪنهن جي آهي ڀل
آڻي اسپتال ۽ ٿاڻي اندر
پوکيا آهن گل.
خير بخش خيراڻ وارڊ نمبر ست ۾ داخل ڪيو ويو. هِن ٽيسٽون ڪرايون. مان شام جو آفيس مان واپس سڌو خير بخش خيراڻ وٽ ايندو هئيس. جناح اسپتال جي ڪئنٽين ۾ نم جي وڻ هيٺان ويہي ڪچہري ڪندا هئاسين. خيربخش خيراڻ جيتوڻيڪ جسماني طرح نٻل، ڏٻرو ۽ ڪمزور ٿي ويو هو، پر سندس حاضر جوابي ۽ مزاح جو اڃان تائين ڪو جواب ڪو نه هو.
خيربخش خيراڻ سان ڪچہري ڪندي مون محسوس ڪيو ته منہنجو يار جنہن جي زندگيءَ جو قافلو اڙانگن پيچرن تان گذريو هو، هن پنہنجي اندر ۾ درد سانڍي، سڀني ۾ مرڪون ورهايون هيون، سو بيحد اداس هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته ڪو غم آهي جيڪو اندرئي اندر ۾ کائي ٿو پيو. پر مرڻ گھڙيءَ تائين هن مون سان درد جو داستان نه بيان ڪيو.
..........................................................
..........................................................
انہن سڀني ڳالہين جي باوجود هو ڏاڍو پر اميد هو ۽ خدا جي وجود کان منڪر. هن جو خيال هو ته، ڊاڪٽرن جو خيال ته کيس شايد آنڊي جو ڪئنسر آهي، هڪ خام خيال هو. هو پنہنجي پٽ کي سٺي نموني پڙهائڻ ۽ شاعريءَ جي ڪتاب ڇپرائڻ کان اڳ ۾ نه مرندو.
ڊاڪٽرن ٽيسٽن جو هڪ ڊگھو سلسلو شروع ڪيو.
ٽيسٽن کان پوءِ، ڊاڪٽرن مون کي چيو ته، آئون خيربخش خيراڻ کي في الحال گھر وٺي وڃان. ٽيسٽن ۾ مرض جي خبر پوڻ کانپوءِ وڌيڪ فيصلو ڪيو ويندو.
آئون خيربخش خيراڻ کي پنہنجي گھر وٺي آيس. گھر جنہن ۾ اسين پنج ڇہه ڇڙا گڏجي رهندا هئاسين. وقت جي بيرحميءَ کان بي نياز اسين سڀ شام جو ٿڪا ٽُٽا گھر موٽندا هئاسين ته خيربخش خيراڻ جون ڳالہيون اسان کي عرق ياقوت جيان تازو توانو ڪري ڇڏينديون هيون.
هفتي جي انتظار کان پوءِ،
ڌرتي ڌٻي،
آسمان ۾ ٿرٿلو پيو.
هڪ غريب لاچار بيوس شاعر جي مرض جو اعلان ٿيو. ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو، ”يار گلو ڪئنسر تنہنجي همراهه جا ڪم لاهي ڇڏيا اٿئي. هاڻي جي هن جي ڪيموٿراپي ڪنداسين ته به ڪو فائدو ڪونہي ڪو. بہتر اِهيو اٿئي ته هن کي ڳوٺ واپس وٺي وڃ.“
اُها رات ڏاڍي ڏکوئيندڙ هئي.
محفل جو مور خيربخش خيراڻ پنہنجي ڳالہين سان کلائي رهيو هو منهنجو اندر اڌ هو، منہنجو يار، منہنجو همسفر، آنڊن جي ڪئنسر ۾ آخري اسٽيج تي هو.
هڪ غريب شاعر موت جي دروازي تي هو.
موت جيڪو سندس اڱڻ کي اجاڙي ڇڏيندو.
آڪہه کي رولي ڇڏيندو.
سندس ٻار يتيم ٿي غربت جي اڻ کٽ بار هيٺان دٻجي ويندا. هن جو شاعريءَ جو مجموعو ڇپائڻ جو خواب وکري ويندو. هو بي يارو مددگار تڙپي تڙپي مري ويندو.
هو جيڪو ادبي سنگت جو روح روان هو.
پر ستم ظريفي اِهيا هوندي ته ادبي سنگت سندس شعري مجموعو ڇپرائڻ يا ورسي ملہائڻ ته پري جي ڳالہه ٿي، سندس موت تي ڪو ٺلہو تعزيتي بيان به جاري نه ڪندي.
اديبن مان ڪو سندس اچي اولاد جا ڳوڙها اگھڻ ته پري جي ڳالہه هئي، ڪو سندس تڏي تي ٻه وکون کڻي به نه ايندو ڇو ته هو غريب شاعر هو.
سنڌ ۾ غريب شاعر ۽ ڪاري ڪري ڪٺل جو موت هڪجھڙو هوندو آهي. ٻئي ڪفن لاءِ محتاج، ٻئي پنهنجن جي ڪلہي تي بار.
وقت مون کي ڪہڙي ٻه واٽي تي اچي بيہاريو هو.
مون کي غريب شاعر کي ٻڌائڻو هو ته، سندس درد جنہن کي هن هڪ غزل جي بند ۾ اوتيو هو
ڀري پيالو پيئڻ لاءِ ڏنائين،
اڃان هٿ وڌايم ته هاري ڇڏيائين.
گلن جي گسن تي رکي پير پنہنجا،
ڪنڊن سيج تي اسان کي سمہاري ڇڏيائين.
مون کي شاعر کي ٻڌائڻو هو ته هن کي ڪئنسر هو ۽ هن جو انت قريب هو. بہرحال مون دل ٻڌي ڳالہايو، ”خيراڻ تو واريون رپورٽون ملي ويون آهن ۽ ڊاڪٽرن کي ڏيکاري به آيو آهيان.“
”پوءِ ڇا چيو ڊاڪٽر.“ هن اتاولائيءَ مان پڇيو.
منہنجي دل چيو، روئان، رڙيون ڪيان. کيس سيني سان لڳايان پر مون کي پنہنجي ڏک کي اندر ۾ گھٽڻو هو ۽ مون بيدرديءَ سان ان کي گھٽيو مون لفظن جي چونڊ ڪئي ۽ چيو،
”ڊاڪٽر چيو آ، ٻيو ته مڙيئي خير آ، پر لڳي ٿو ته شايد ڪئنسر آهي.“
ڪمري ۾ سانت ڇائنجي وئي.
خيربخش خيراڻ جو ڪنڌ هيٺ جھڪي ويو.
هو جھانديده ماڻہو هو. ڳالہه کي سمجھڻ لاءِ هن کي ڪو گھڻو دماغ ڪو نه هلائڻو پيو.
اسان سڀني جون نظرون به زمين ۾ جھڪي ويون.
اچانڪ هڪ آواز گونجيو،
اسان سڀني حيرانيءَ مان ٻڌو.
خيربخش خيراڻ شروع ڪيو، ”بسم الله الرحمٰن الرحيم، الحمد الله....“ ۽ پوءِ کيس جيتريون به قرآن جون آيتون ياد هيون پڙهي ويو.
جڏهن هن بس ڪئي ته مون هن کان پڇيو، ”خيراڻ هي ڇا پيو ڪرين؟ تون ته الله کي نه مڃيندو آهين.“
هن مون ڏانہن ڏٺو ۽ چيو، ”اڙي چريو آن، چوت آن، ڇا آهين؟ مان الله کي ڇو نه مڃيندو آهيان؟ نه مڃڻ جو ته مان مڙئي توسان ڀوڳ ڪندو هوس.“
خيربخش خيراڻ ڳالہه ختم ڪئي. اسان سندس موت کان بي نياز ٿي پيٽ کي هٿ ڏئي ٽہڪ ڏيڻ لڳاسين.