باب ڇهون : رحمان علي ٽنڊڻ.......
ڀاڳڀريون هنڌن ۾ پاسا مٽيندي گُهپ اونداهيءَ ۾ پنهنجي اگهورننڊ ستل ابهم ٻارڙن کي پيار مان ڇهندي ننڊ جي ديويءَ کي دور ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي مال چوڻي ۽ ڍور ڍڳي جو اونو ڪرڻ لڳنديون آهن.
واڙن ۾ ٻڌل سئاتو مال به پنهنجي ڀاڳڀريءَ جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪندي، اوڳر ورائي پنهنجي ٻچڙي کي پنهنجي زبان ۾ سڏ ڪري کير لاهيندو آهي.
مؤذن سرديءَ کي دل ئي دل ۾ گاريون ڏيندي سوڙ مان نڪرڻ جو سوچيندو آهي.
صوفي، پنهنجي ڪيل مراقبي ۽ نتيجي ۾ مليل رباني انعام جو ڪي گهڙيون سُرور محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
مڌ پياڪ، دنيا جهان کان بي خبر ايئن الوٽيو پيو هوندو آهي ڄڻ ته، رات جي ابتدائِي ان پهر کان ٿي آهي.
عاشق جي اکين ۾ آيل ڳوڙها ٿوري دير اڳ وصل جي داستان جو المناڪ انجام بيان ڪندا آهن.
ڪائنات بيداريءَ ڏانهن پهرين وک وڌائيندي آهي. پر مان گلو پٽيوالو ستوئي ڪڏهن آهيان.
هڪ گهڙي، هڪ لمحي لاءِ دل ۾ سڪون پيدا ٿيو. امير بخش سچ چيو هو ته، اسان جهڙن کي ته ڍنگ سان مرڻ به ڪونه ايندو.
امير بخش ڪاريهر ڪلورن جا ڪهڙا ته سيڪريٽريٽ ۾ داستان ڇڏيا هئا ۽ آخر ۾ خود به داستانن جو حصو ٿي ويو هو.
سندس چوٿين زال جنهن سان امير بخش ٻاونجاهه سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي هئي، سندس گهر مان لکين روپين جا زيور روڪ رقم کڻي پٺاڻ ڊرائيور سان ڀڄي وئي هئي. معاملو ڪورٽ تائين پهتو. ڇوڪريءَ ڪورٽ ۾ امير بخش جون اهڙيون اهڙيون ته ڳالهيون ڪيون جو ٻڌندڙ به پنهنجي ڪنن تي هٿ رکڻ لڳا هئا.
سيڪريٽريٽ وارن لاءِ ته امير بخش جا قصا ڪنهن رنگين فلم جهڙا هئا جيڪي اسان هڪٻئي کي وري وري مرچ مصالحا هڻي ٻڌائيندا هئاسين.
پر اڄ موت جي بستري تي مان سڀ ڳالهيون ياد ڪرڻ چاهيان ٿو. يادون ئي ٿوري دير لاءِ ئي سهي منهنجي درد جي دوا ۽ دارون آهن.
پر هاءِ ڙي قسمت، اڄ ته يادون ۾ بي لغام جهنگلي گهوڙي جيان آهن جو وٺ ئي نه ٿيون ڏين.
ڦڦڙن جو ڪئنسر، موت جو طئه ٿيل سفر.
ڪڏهن؟..........پتو ناهي،
مان اڪيلو. سرد رات.
اڪيلائي ته مون پنهنجي لاءِ پاڻ چونڊي هئي نه چاهيان ها ته، جناح اسپتال جي وارڊ ۾ علاج ڪرائيندي، يا ڪراچي واري پنهنجي سرڪاري ڪوارٽر ۾ لڇندي ڦٿڪندي تڙپندي مران ها.
پر جڏهن ڊاڪٽر ٻڌايو هو ته مون کي ڪئنسر آهي، تڏهن مون کي پڪ ٿي وئي هئي ته ڊاڪٽر ڇا به چوي بچڻ منهنجو محال آهي.
روح رڙ ڪئي هئي. دل ڇڪ کاڌي هئي، واپس وَرُ ان جاءِ ڏانهن جنهن ۾ تنهنجي پيءُ جو ڪئنسر ۽ امڙ جو غريبيءَ سان وڙهندي انت ٿيو هو.
منهنجو مقدر به شايد خير بخش خيراڻ جهڙو هو جو پنجيتالهين سالن جي عمر تائين منهنجي به شادي نه ٿي هئي. ان ڪري ٻار ٻچي جو اونو فڪر هو ڪونه پر پوءِ به روح رڙ ڪئي هئي، دل سٽ کاڌي هئي ابي امڙ جي گهر واپس ورڻ جي.
موت جي پنڀي تي ويٺي ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي ڪو ته مون وڏي ڀاءُ کي سيڪريٽريٽ مان مليل پئسن کي پائي پائي ڪري اباڻو گهر ٺهرائي ڏنو هو ۽ سندس هڪ پٽ کي پڙهايو به هو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي انگلش جو شاگرد هو.
بس روح رڙ ڪئي دل سٽ کاڌي.
بلو لائين جي ٽڪيٽ ورتم سڌو اچي گهر پهتس.
گهر پهچڻ کانپوءِ جڏهن سڀني کي پتو پيو، اَدي سيني سان لائي او ڇنگار ڏني. ڀاڄائيءَ جو منهن ڦري ويو، ڀائٽيا انت جي آمد کي سمجهي اداس ٿي ويا.
ڀاڄائيءَ منهنجو بسترو گهر کان ٿورو پرڀرو ٺهيل ڪوٺيءَ ۾ لڳايو هو. هي اها جاءِ هئي جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ اسان ڳئون ٻڌندا هئاسين ۽ سياري ۾ امڙ سانئڻ چلهه ٻاريندي هئي جنهن ۾ اسان سڀ ٻار ٻه ڀائر ٽي ڀينرون دائرو ٺاهي ويهندا هئاسين.
اڄ ان ئي جڳهه تي منهنجو بسترو هو.
اَها................................درد سمنڊ جي لهر جيان اٿيو ۽ شڪر آ جو لهر جيان ئي واپس ويو............پر هان، هي ڇا؟
منهنجا ڳٽا گرم ٿيڻ لڳا آهن. اڙي اڙي هي ته مون کان ڳوڙها وهڻ لڳا آهن. مون تي عجب ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳي آهي. ڳوڙها ڳوڙها. ڪا ياد جي دونهين دکائي رهيا آهن. ها. ها. ها مون کي ياد اچڻ لڳو آهي. اڄ جي ڳوڙهن ۾ ته بلڪل اهو رنگ، ڍنگ ۽ درد آهي جيڪو مون رحمان علي صاحب جي ڪڌي ڪرتوت کي ڏسندي محسوس ڪيو ۽ ڳوڙها ڳاڙيا هئا.
رحمان علي صاحب سڄي سيڪريٽريٽ جي پٽيوالن، ڊرائيورن چوڪيدارن ۾ ٽنڊڻ جي نالي سان مشهور هو.
ٽنڊڻ؛ خبر ناهي مٿس اهو نالو ڪيئن پيو هو، پر هڪ ڊرائيور ڳالهه ٻڌائي هئي؛
رحمان علي صاحب لاڙ جي هڪ ضلعي ۾ ڊي سي هيو. ان زماني ۾ ڊي سي معنيٰ ضلعي جو بادشاهه. اڇي ڪاري جو مالڪ. سو رحمان علي صاحب به لاڙ ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ هو. هلندي هلندي ان ڳالهه جو به سرٻاٽ هلندو هو ته، صاحب کي ڊي سي لاڙ جي هڪ شودي مقرر ڪرايو هو، جنهن جو اقتداري ايوانن ۾ وڏو اثر رسوخ هو. ڊي سي شپ، رحمان علي صاحب کي سندس بي پناهه چاپلوسي ۽ خوبصورت عورتن جي مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪاڪسر نه ڇڏڻ جي سلسلي ۾ عطا ڪئي وئي هئي.
خير، ذڪر هليو ٿي رحمان علي صاحب جي ”ٽنڊڻ“ سڏجڻ جو. ڳالهه ڊرائيور وٽان هلي هئي ۽ سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي وئي هئي.
صاحب لاڙ ۾ ڊي سي هو.
هڪ ڏينهن ڪيڏانهن ويندي ويندي اچانڪ هڪ پرائمري اسڪول ۾ لڙي پيو.
ان زماني جي سنڌ ۾ اسڪولن ۾ ويزا سسٽم جي وبا نه ڦہلي هئي.
استاد وڏيرن جي اوطاقن تي دلا ۽ مٽ نه ڀريندا هئا، ٻهاريون نه ڏيندا هئا، وڏيري صاحب جون جتيون صاف نه ڪندا هئا. ڪڪڙ نه ويڙهائيندا هئا. جوا نه کيڏندا هئا، اسڪول جي ٽائيم تي پنهنجا دڪان نه هلائيندا هئا.
ان زماني ۾ استاد، ”سائين“ هئا. هرننڍو وڏو سائين سان جهڪي ملڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو.
۽ سائين، سائينءَ جي فرض جي پاسداريءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي. گرمي هجي، سردي هجي، طوفان هجي، مينهن هجي، سائين اسڪول ۾ مقرر وقت کان اڳ ۾ پهچندو ۽ مجال آ جو مقرر وقت کان هڪ گهڙي، هڪ پل، هڪ سيڪنڊ اڳ ۾ اسڪول ڇڏي.
ڪيڏا خوش ٿيندا هئا ٻار جڏهن سائين بيمار ٿيندو هو ۽ هڪ ٻه ڏينهن اسڪول نه ايندو هو. پوءِ ته ٻارن جا ٿيندا هئا جاوا، مزا، عيدون. ٻار خوشيءَ مان هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا ته هنن سائينءَ جي بيمار ٿيڻ لاءِ الله سائينءَ کان ڪيئن دعائون گهريون هيون.
هي اهو ئي زمانو هو جڏهن چوڻي مشهور هئي ته، جي ٻارن جي دعا اگها مي ها ته دنيا ۾ هڪ به ماستر نه هجي ها.
ان ئي زماني ۾ رحمان علي صاحب لاڙ ۾ ڊي سي هيو، ۽ ڪم سان ڪيڏانهن ويندي ويندي، هڪ پرائمري اسڪول ۾ لڙي پيو هو.
پرائمري اسڪول ۾ ڊي سي! غريب جي گهر بادشاهه مهمان جي مصداق هو.
ڊي سي صاحب اسڪول ۾ داخل ٿيو. ٻار ادب ۾ اٿي بيٺا. استاد جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون ”سائينءَ“ ويرم وڄائڻ بنا سڄي سنڌ جي پيرن فقيرن کان دعائون گهريون ته خير ٿئي، ڊي سي صاحب استاد سان مخاطب ٿيو، ”ڇا حال آهي، نالو ڇا اٿئي؟“
استاد ڳالهائڻ کان اڳ ٻه ٽي ڳيتون ڏئي خشڪ ڳلي کي آلو ڪيو ۽ ادب مان جواب ڏنائين ”گلاب“.
نالو ٻڌائڻ سان ئي، استاد جي دل ۾ گلاب ٽڙيا ۽ کيس هڪ پراڻي ڳالهه ياد آئي.
چون ٿا ته هڪ غريب مسڪين ماڻهو مختيارڪار صاحب جي آفيس ۾ روزانو ڪم ڪار سان ويندو هو.
هڪ ڏينهن الله جي ڪرڻي ائين ٿي ته، مختيارڪار صاحب اچانڪ سامهون اچي، ويو. ۽ اتفاق اهڙو ٿيو، جو مختيارڪار صاحب، عرضدار سان بيٺي بيٺي ٻه ٽي جملا ڳالهايا.
همراهه جڏهن گهر موٽيو، هڪ عجيب واقعو ٿيو. هو کَٽ تي ويٺو، زال ڊوڙي وٽس، دلي مان ٿڌي پاڻيءَ جو وٽو کڻي آئي. کانئس حسب عادت پڇيائين،
”ربوءَ جا پيءُ ڀلا ڪا وسيلي پاڪ واهرڪئي، ڪم ٿيو؟“
جيئن همراهه سان زال ڳالهايو، هن منهن کڻي ٻي پاسي ڦيرايو.
زال وائڙي ٿي وئي، سندس ذهن ۾ رات کان وٺي هن مهل تائين گذاريل وقت ڦرڻ لڳو. ياد جي ذخيري کي ور ور ڪري ڦوليائين، کيس ڪٿي به ڪوجهول نظر نه آيو. ڪا اهڙي ڪو تاهي نظر نه آيس جنهن ڪري، زال مڙسن ۾ ڪا اڻبڻت ٿي هجي.
هوءَ ويچاري وائڙي ٿي وئي.
حيران ٿي وئي.
پريشان ٿي وئي.
هن اڃان به پنهنجي لهجي ۾ ماکي ڀري چيو، ”ربوءَ جا پيءُ خير ته آهي. طبيت ته سهي آ نه، ڪا ڏينهن جي لهس ته نه آئي ٿي؟“
ربوءَ جي پيءُ جي منهن تي اڻوڻندڙ تاثر اڀريا. منهن ڦيرائي وري ٻئي پاسي ڪيائين. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ته نه ڳالهائڻ جو ئي قسم کاڌو اٿائين.
هاڻي ربوءَ جي ماءُ جو مزاج بدلجڻ لڳو. هن! چڙندي چيو، ”مئا ماريا ٿيو ڇا ٿئي. ڳالهائين ڇو نه ٿو، لوهر کان زبان ڪٽرائي ته نه آيو آهين؟“
ربوءَ جي پيءُ جي نظر ۾ ڪاوڙ هئي، ڪروڌ هو. نفرت هئي. غصو هو، غضب هو ۽ ڌڪار هئي.
نيٺ ربوءَ جي پيءُ جي زبان کلي، هن ڳالهايو، ”رن ڇا تي ٿي ڪٻرين واري ٽين ٽين ڪرين. اڄ جيڪا زبان مختيار ڪار صاحب سان ڳالهائي آئي آهي، سا وري تو چٻريءَ سان ڳالهائيندي ڇا؟“
هاءِ ڙي غريب جي زندگي.
مختيارڪار جي زبان ٿي، ڄڻ ته پاڪ زبان، جنهن ۾ نڪتل ٻن جملن، غريب جي سوچ کي بدلائي ڇڏيو.
پراڻي ڳالهه ياد ڪري، سائين گلاب جي دل ۾، گل ٽڙڻ سان گڏ جهومڻ به لڳا.
ڊي سي صاحب. ٻارن سان ڳالهائڻ لڳو. هو پهرين درجي جي ٻار کان سبق پڙهائڻ لڳو. ٻار سبق پڙهڻ لڳو. الف اک، ب بلا، ٻ ٻُڪ. ٻار سبق پڙهندي پڙهندي. زور سان پڙهڻ لڳو، ٽ ٽنڊڻ.
ڊي سي صاحب اچانڪ ٻارن کان سوال ڪيو، ”بابا توهان ٽنڊڻ ڏٺو آهي.“
سبق پڙهندڙ ٻار سبق پڙهڻ بس ڪيو. سڀني ٻارن يڪ زبان ٿي چيو، ”ها.“
ڊي سي صاحب اچانڪ ٻارن کان سوال ڪيو، بابا ٽنڊڻ ڪيئن ٿيندو آهي؟ ٻار مُنجهي پيا، هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا.
ڊي سي صاحب چيو، ”بابا مون ڏانهن ڏسو مون ڏانهن ڏسو، ٽنڊڻ ائين هوندو آهي، جيئن مان آهيان.“
استاد ڇرڪ ڀريو. ٻارن کان کل نڪري وئي.
ڊي سي صاحب، اسڪول مان نڪتو، ۽ ڳالهه به اسڪول مان نڪتي ۽ نڪرندي نڪرندي سڄي تر ۾ پهتي ته ڊي سي صاحب ٽنڊڻ آهي.
تر مان نڪتي ته سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي وئي.
رحمان علي ڪهڙو، چي ٽنڊڻ.
اُها بهار جي موسم هئي، سنڌ سيڪريٽريٽ نمبر ٽي جي ٽين ماڙ تي اسان جي آفيس ۾ خبر ڦهلجي وئي ته اسان جو پراڻو صاحب بدلي ٿي ويو ۽ نئون صاحب رحمان علي اچي ٿو.
اسان پٽيوالن هڪ ٻئي ڏي نهاريو. اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي کي پيغام ڏنو ته ”ٽنڊڻ“ صاحب اچي پيو. ۽ الله کان دل ئي دل ۾ دعا گهري، الله وقت خير سان گذاري.
ٻي ڏينهن تي رحمان علي صاحب جڏهن چارج وٺڻ آيو ته، مون هن کي غور سان ڏٺو. وچولو قد ڀريل جسم، سانورو رنگ ۽ ٽڪڻ روڊ.
حسب معمول چارج وٺڻ کانپوءِ سڀني سيڪشن آفيسرن، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽريءَ کي گڏجاڻيءَ لاءِ سڏايو.
اسان صاحبن جي خدمت ۾ لڳي وياسين.
چانهه پاڻي پياريندي مون رحمان علي صاحب کي چوندي ٻڌيو، ”بابا مان سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي گهراڻي جو چشم وچراغ آهيان. اسان جي خاندان جون سنڌ جي لاءِ، تمام وڏيون خدمتون آهن.
اسان جي خاندان مان عالم پيدا ٿيا، اديب پيدا ٿيا، شاعر پيدا ٿيا ۽ وزير پيدا ٿيا. اسان جو مقصد ئي آهي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ، مان هن کاتي کي زمين کان کڻي آسمان تائين پهچائيندس. توهان فڪر نه ڪريو. ها باقي رشوت ٻشوت جي چڪرن ۾ نه پئجو. اهيا شيءِ مان برداشت نه ڪندس.“
گڏجاڻي پوري ٿي.
صاحب گهنٽي وڄائي ۽ مون کي حڪم ڏنو، ”سيڪشن آفيسر جنرل کي سڏي اچو.“ (سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر جنرل اڪثر ڪري کاتي جو خرچ پکو هلائيندو آهي.)
صاحب ڳالهايو، ”صوبيدار خان (سيڪشن آفيسر جو نالو) مون ٻڌو آ ته توهان پراڻا ماڻهو آهيو. ڏاڍا محنتي ۽ ڪم وارا آهيو. شاباس شاباس بابا ائين ئي ڪم ڪندا رهو مان به محنتي ۽ ايماندار ماڻهن جو قدردان آهيان.“
صاحب ساهه کڻڻ لاءِ گفتگو جو سلسلو، ٿوري دير لاءِ بند ڪيو. ساهه کڻڻ کانپوءِ وري ڳالهايائين؛
”صوبيدار خان، هاڻي توهان هڪڙو ڪم ڪيو، توهان جيڪي اندر باٿ روم ۾ چپلز رکرايون آهن، ڏاڍيون سٺيون آهن. هينئن ڪيو، جو اهڙيون ٽي چپلون وٺي منهنجي گهر موڪليو“.
سيڪشن آفيسر صوبيدار خان حڪم جي تعميل لاءِ ٻاهر نڪتو.
ايمانداريءَ دري مان ٽپو ڏنو،
سنڌ، ڏکويل اداس ۽ لٽيل سنڌ! هڪ سڏڪو ڀريو.
وقت گذرڻ سان رحمان علي صاحب جي شخصيت کلڻ لڳي. اسان پٽيوالن وٽ سندس ماضيءَ جي قصن جو ڀنڊار لکڻ لڳو ۽ حال جو حال پنهنجي پوري شدت سان ظاهر ٿيڻ لڳو.
رحمان علي صاحب جي رنگين مزاجيءَ جا قصا، سنڌ سڪيريٽريٽ نمبر ٽي جي ٽين ماڙتي ڀنڀورين جيان اڏامڻ لڳا. هر روز نئون قصو، هر روز نئين ڳالهه، واندڪائيءَ وقت اسان سڀ پٽيوالا، ڊرائيور چوڪيدار ائين ويجهو ٿي ويهندا هئاسين ڄڻ ته سياري جي باهه اسان جي وچ تي هجي. ۽ پوءِ اچانڪ ڪو ڳالهائيندو، ”اڙي خبر ٿوَ جڏهن لاڙ ۾ ٽنڊڻ صاحب ڊي سي هئو ته ڪهڙو ڪار نامو ڪيو هئائين.“
اسان کي سمجهڻ ۾ ڪاويرم ڪونه لڳندي هئي ته، ڪارنگين ڀنڀوري اڏامڻ واري آهي.
سريلن قوالن جيان اسان جو هڪ آواز نڪرندو هو، ”ٻڌاءِ ٻڌاءِ ڇا ڪيو هئائين؟“
همراهه هيڏي هوڏي ڏسي پڪ ڪندو هو ته اسان مان ڪو جاسوس ته ڪونهي ڪو. پڪ ٿيڻ کان پوءِ ڀنڀوريءَ جي اڏام تيز ٿيندي هئي؛
ٽنڊڻ صاحب جڏهن لاڙ ۾ ڊي سي هوندو هو. هڪ ڀنگياڻي ڊي سي هائوس تي ڪم ڪندي هئي. ڀنگياڻي جوان هئي، سهڻي هئي، سندس لاءِ مشهور هو ته، سندس ماءُ سيدن جي حويليءَ تي ڪم ڪندي هئي. حال چال مان ڀنگياڻي گهٽ، شهزادي وڌيڪ لڳندي هئي.
همراهه ساهه پٽيو ۽ ڳالهه اڳتي وڌائي؛
ٽنڊڻ صاحب جو ڀنگياڻيءَ کي ڏٺو ته سندس ننڊ حرام ٿي وئي. پوءِ هڪ ڏينهن ڀنگياڻيءَ کي اندر ڪمري ۾ سڏرايائين.
هوءَ غريب مسڪين ٻهاريندار ڀنگياڻي، ڏڪندي ٿڙڪندي ڊي سي صاحب جي اڳيان حاضر ٿي.
ٽنڊڻ صاحب هڪ دفعو غور سان ڀنگياڻيءَ کي ڏٺو. چپن تي زبان ڦيريندي کانئس پڇيائين، ”نالو ڇا ٿئي؟ ڀنگياڻيءَ جون نظرون زمين ۾ ائين کُتل هيون ڄڻ ته زمين جي هيٺان ڪو قيمتي خزانو لڪل هجي، جنهن کي هن ڳولي لڌو هجي ۽ هاڻي ان تان نظرون هٽائڻ نه چاهيندي هجي.
جهڪيل نظرن سان ڀنگياڻيءَ وراڻيو، ”صاحب، رتنا“. صاحب جي جهولندڙ ڪرسيءَ جو جهولڻ تيز ٿيو، سندس زبان هڪ دفعو ٻيهر چپن تي آئي ۽ پوءِ چيائين، ”رتنا، تون رتنا ناهين، تون ته ليڊي ڊيانا آهين، مڌو بالا آهين، ماڌوري ڊڪشت ۽ جوهي چاولا آهين، تون بابرا شريف آهين.“
مندر جو گهنڊ خاموش ٿي ويو.
جهڪيل نظرون اڃان به جهڪي ويون.
صدين جو ظلم سهندڙ انسان جو معصوماڻو احساس بيدار ٿيو.
رتنا ايندڙ خطري کي محسوس ڪري ورتو.
هاڻي رتنا پنهنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيرائي کين آلو ڪيو. اڌوراڻي ساڙهيءَ جي پلوءَ سان اگهاڙي جسم کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪيائين. پوءِ هٻڪندي هٻڪنديَ وراڻيائين، ”صاب، صاب مان ته، غريب مسڪين ڌپر ٻهاريدار ڀنگياڻي آهيان.“
اچانڪ صاحب ڪرسيءَ تي جهولڻ بند ڪري سڌو ٿي ويٺو ۽ چوڻ شروع ڪيائين، ”نه نه رتنا، ڪير ٿو چوي ته تون ڌپر، ٻهاريدار ڀنگياڻي آهين. تون ته گلاب جو گل آهين، پئرس جو پرفيوم آهين، اسڪاٽلينڊ جي وهسڪي آهين، مان سنڌ جي علمي ادبي، سياسي گهراڻي جو چشم وچراغ آهيان. منهنجو گهراڻو ائين سمجهه حسينن جو دوڪان آهي پر منهنجي گهراڻي جون سڀ حسين ڇوڪريون تنهنجي پير جي ننهن تان قربان.“
ويچاري رتنا ڀنگياڻي.
ان کان اڳ جو هُو گلاب جي گل جي خوشبوءَ کي محسوس ڪري ستن نسلن جي تاريخ کي دل ۾ دهرائي، اهيو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته سندس ستن پيڙهين ۾ شايد ڪنهن کي پئرس جي پرفيوم ۽ اسڪاٽلينڊ جي وهسڪيءَ جو ڪو احساس، ڪا خبر هئي.
ويچاري رتنا ڀنگياڻي، بستري تي صاحب جي هيٺان هئي.
هلڪي چيخ بلند ٿي.
چيغ، صدين جي ستايل انسانن جي پنهنجي درد، پنهنجي ذلت کي ستين آسمان تي پهچائڻ جي ناڪام ڪوشش.
تاريخ جو بيرحم ڦيٿو ڦريو.
مظلوم، بيوس، لاچار انسانن جي باربار ورجايل ڪهاڻي اڳتي وڌي.
طاقت، ڪمزور کي ڪچلي ڇڏيو.
وحشت اسپين جي مست ڍڳي جيان ڊوڙڻ لڳي، گل مرجهائجي ويو.
پئرس جو پرفيوم، ڊي سي هائوس جي بيڊروم ۾ وکرجي ويو.
اسڪاٽلينڊ جي وهسڪي کلڻ کان اڳئي پنهنجو ذائقو وڃائي ويٺي.
او خدايا!
رب ڪريم!
ڀڳوان!
ايشور!
او جنت ۽ دوزخ جا خالق!
او سرڳ ۽ نرڳ جا مالڪ!
او گاڊ!
هي نمائشي شڪوو ناهي.
هي رت گاڏڙ ڳوڙهن سان ازل کان لکيل سوال آهن. ائين ڇو آهي ته؟ تنهنجي هن ڌرتيءَ تي هڪ ساهدار جنهن جو نالو انسان آهي، انهن انسانن جي وڏي اڪثريت هر دؤر ۾ ڇو پامال ڪئي ٿي وڃي؟
ڇو انهن کي جانورن کان به بدتر سمجھيو ٿو وڃي؟
ڇو انهن جي منڍين جا مينار ٺاهيا ويا؟
ڇو هو آقائن جي مَنڊين ۾ غلام ڪري وڪرو ڪيا ويا؟
ڇو هو ملڪ مُهين ۾ اجتماعي قتل ڪَيا ويا؟
ڇو هو پرئميڊن جي ديوارن ۾ زنده دفنايا ويا؟
ڇو هو آفريڪا جي جهنگلن مان جانورن جيان هڪليا ويا؟
ڇو هو يروشلم جي گھٽين ۾ بي آبرو ڪيا ويا؟
ڇو هو، آمريڪا جي ميدانن ۾ چونڊي چونڊي ماريا ويا؟
ڇو انهن جا هنرمند هٿ ڪٽيا ويا ۽ هنن جي گلن مان جوتا ٺاهيا ويا؟
انهن جي جوانڙين کي بسترن جو سينگار ڪيو ويو؟
پوءِ جڏهن هُو جھونڙيون ٿيون ته انهن کي خارشي ڪُتين جيان درن تان ڌڪاريو ويو؟
انهن جي جوانڙين مان هڪ جو انڙي رتنا ڊي سي هائوس جي بستري تي ساڻي لڳي پئي هئي.
سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي گھراڻي جي چشم و چراغ کي اچانڪ احساس ٿيو هو ته، رتنا گلاب جو گل نه هئي. پئرس جو پرفيوم نه هئي، اسڪاٽلينڊ جي وهسڪي نه هئي. هوءَ ته غريب، ٻھاريدار، ڌپر ڀنگياڻي هئي جنهن سان هن زبردستي هم بستري ڪئي هئي.
جيئن صاحب جي من ۾ اهيو احساس اڀريو، هن ويرم وڃائڻ بنا باٿ روم جو رخ ڪيو.
صاحب جڏهن خوشبودار صابڻ، ولايتي شيمپوءَ سان وهنجي، امپورٽيڊ ٽوال سان پاڻ کي اگھندو غسلخاني مان ٻاهر نڪتو هو، ان محل رتنا بستري تي بلڪل ائين ويٺي هئي، جيئن مصور هڪ اجڙيل، لُٽيل ۽ برباد ٿيل عورت جي تصوير ٺاهيندا آهن.
رتنا جا وار وکريل هئا. هوءَ بستري تي ڪانڀ واري اسٽائيل ۾ پنھنجي گوڏن کي جھليون ويٺي هئي. هن پنھنجي جسم کي ڍڪڻ جي بيدلي ڪوشش ڪئي هئي پر سندس جسم اڌ اگھاڙو هو.
صاحب رتنا ڏانهن ڏٺو، پوءِ حڪم واري انداز ۾ چيائين، ”اٿ اٿ وڃ باٿ روم ۾، اڄ کان پوءِ تون لاڙ جي راڻي سڏبينءَ ۽ ڊي سيءَ جي يار سڏبينءَ.“
رحمان علي صحب رتنا جي ڳوڙهن ڀريل اکين ڏي ڏسڻ کانسواءِ، گھنٽي وڄائي، نائڪ، ”جي سائين جيءٌ سائين.“ چوندو اندر آيو.
نائڪ ويهن سالن جي نوڪريءَ ۾ صاحبلوڪن جا اهڙا ڪرشما باربار اکين سان ڏٺا هئا. ان ڪري رتنا کي ان حال ۾ ڏسي نائڪ کي ڪو عجب ڪونه لڳو. الٽو هن کي هڪ ڳالھ ياد آئي.
نائڪ کي ياد آيو؛
گھڻو گھڻو اڳ- هڪ ڊي سي صاحب جڏهن نئون نئون بدلي ٿي آيو هو. تڏهن حسب معمول هن نائڪ کي پنھنجي پسند ۽ ناپسند ٻڌائي هئي ۽ ان پسند ۽ ناپسند جي ٻڌائڻ دوران، هڪ پسند جڏهن نائڪ جي ڪنن تي پئي هئي ته نائڪ کان ڇرڪ نڪري ويو هو. ان زماني ۾ نائڪ کي نوڪري ڪندي ڏهه ٻارنهن سال گذري ويا هئا. ان وچ ۾ چار پنج ڊي سي آيا هئا، جن جي پسند جو هو انتظام ڪندو هو ۽ بندوبست ڪندو هو ته ناپسند صاحب جي ڀلجي به ويجھو نه وڃي.
پر هي عجب جي ڳالھ هئي. نائڪ صاحب جي واتان پنھنجي پسند جو ٻڌي پهريان حيران ٿيو، پوءِ پريشان ٿيو ۽ آخر ۾ وائڙو ٿي ويو هو.
پر صاحب بنا ڪنهن حيراني ۽ پريشانيءَ جي نائڪ کي ٻڌائي رهيو هو ته، عورت ذات کان هن کي نفرت هئي، ڪڏهن به ڪا عورت ڊي سي هائوس ۾ داخل ٿي، نه نائڪ جو خير نه هو. ها باقي ڊي سي هائوس تي سهڻن ڇوڪرن جي اچڻ تي ڪا جھل پل ڪانه هئي ۽ وقت سر نائڪ کي ئي سهڻي ڇوڪري جو بندوبست به ڪرڻو هو.
نائڪ ويچارو غلام ابن غلام!
هو جڏهن نئون نئون نوڪريءَ ۾ آيو هو، تڏهن سندس سينئر نائڪ کيس تربيت ڏني هئي ته مٿي خدا هو، هيٺ ڊي سي صاحب. ڊي سي صاحب جيڪڏهن رات کي ڏينهن ۽ ڏينهن کي رات چوي ته بلاشڪ ڊي سي صاحب جي ڳالھ سچي هوندي. ڊي سي صاحب جو هر حڪم فقط حڪم هو، جنهن جي پابندي ۽ پاسداري ڪرڻ هر نائڪ جو پهريون ۽ آخري فرض هو.
جڏهن نائڪ ڊي سي جي عجب جھڙي فرمائش ٻڌي هئي تڌهن، حيران، پريشان ۽ وائڙو ته ضرور ٿيو هو.
پر ”نه“ جو خيال هن جي دماغ جي ڪنهن آخري ڪنڊ ۾ به ڪونه اڀريو هو.
نائڪ غلام ابن غلام، صاحب جي حڪم جي تعميل دل و جان سان ڪرڻ لڳو.
هو صاحب جي حڪم جي تعميل ته ڪرڻ لڳو، پر نائڪ کي هر رات هڪ پل صراط تان گذرڻو پوندو هو.
صاحب جي عادت هاڻي راز نه رهي هئي. ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان جو پڙاڏو هو. وري صاحب ان عادت سان گڏ هڪ نئون عذاب به مسلط ڪرڻ لڳو هو. هو پنھنجا سڀ شوق شڪار پورا ڪري، رات جو نائڪ کان هڪ سوال ڪندو هو، ”نائڪ ٻڌاءِ ڀلا ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون؟“
نائڪ غلام ابن غلام- ويچارو صاحب موصوف کي ڇا ٻڌائي. هن ته نوڪريءَ جي پهرئين ڏينهن کان وٺي هڪ ئي جواب سکيو هو. ”سائين توهان جي نيڪ ناميءَ جي ڇا ڳالھ ڪجي. ضلعي جي هر ماڻھوءَ جي وات تي صرف توهان جو نالو آهي. توهان جيڪي ڪم ڪيا آهن ۽ ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا ته تن جو مثال نه ته اڳ مليو ۽ نه پوءِ ملندو“.
ڊي سي صاحب- خوشيءَ مان ٻهڪي اٿندو هو. هن کي يقين هو ته نائڪ جيڪو ڪجھ چيو ٿي، هن جي نيڪ نامي ته، ان کا ڪيئي دفعا وڌيڪ هئي.
پر وري به خير
نائڪ لاءِ مصيبت جو سلسلو جاري رهيو.
هر رات ساڳيو سوال،
ساڳيو جواب.
هڪ ڏينهن نائڪ کي به الاءِ ڇا ٿيو. چڙ لڳس، جو جڪي لڳس، يا مشڪريءَ جو خيال آيس.
صاحب جيئن ئي سوال پڇيو، ”نائڪ! ڪر خبر ڀلا ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون؟“
نائڪ وراڻيو، ”سائين بس خير ڇڏي ڏيو، ماڻھو چون ٿا ته، توهان جي صاحب جھڙو ته هن ضلعي ۾ نه اڳ آيو نه پوءِ ايندو، واوا سبحان الله پرسائين. نائڪ ڳالھ اڌ ۾ ڇڏي ڏني.
”پرڇا، پر ڇا نائڪ ٻڌاءِ ته.... پر ڇا......“ صاحب اتاولائيءَ مان پڇيو.
نائڪ چپ رهيو.
”نائڪ !“ صاحب جو آواز گونجيو، ”ٻڌاءِ نه پر ڇا؟“
”سائين.......“ نائڪ جو آواز ڏڪڻ لڳو، ”ماڻھو توهان جي لاءِ چون ٿا ته، توهان جھڙو ماڻھو ته روءِ زمين تي پيدا نه ٿيو آ، نه ٿيندو. پر توهان ٿورڙا پنج منٽ پوئتي آهيو.“
نائڪ ڳالھ پوري ڪئي. خوف جون لهرون سندس دل ۽ دماغ کي چيري، نرڙ تي پگھرجي صورت ۾ ظاهر ٿيون. هن محسوس ڪيو سندس ڄنگھون ڏڪڻ لڳيون آهن.
ٿوري دير چپ رهڻ کان پوءِ صاحب ڳالھايو. ”اڙي نائڪ ماڻھن مجھولن جي منهن ۾ اٿئي ڌوڙ. ماڻھن جون ڳالھيون ٻڌي اسان پنھنجو مزو خراب ڪنداسين ڇا؟“
صاحب جي منهن تي مُرڪ تري آئي.
نائڪ محسوس ڪيو، سندس ڄنگھن ڏڪڻ چڏي ڏنو هو ۽ نرڙ تان پگھر سڪڻ لڳو هو.
”نائڪ !“ رحمان علي صاحب رڙڪئي، ”اڙي ڪهڙن خيالن ۾ ٻڏي ويو آهين. اڌ اگھاڙيون ڇوريون اڳم نه ڏٺيون ٿئي ڇا؟“
”نه نه قبلا سائين! اهڙي ڳالھ نه آهي. مان مان.........“ نائڪ جي زبان اٽڪڻ لڳي.
”ٺيڪ آ ٺيڪ آ.“ رحمان علي صاحب نائڪ کي اڌ ۾ روڪيندي چيو، ”هيئن ڪر، اڪائوٽنٽ کي چئه ته اڄ جو اڄ هن ڇوريءَ جي لاءِ ڀليون ڊريسون ٺهرائي. هڪ ٻه سٺو پرفيوم وٺي هتي رکائي ڇڏي.“
صاحب ٿورو ساهه پٽيندي چيو، ”اڄ کان پوءِ هيءَ ڇوري بنگلي تي ٻهاري نه ڏيندي. صبح جو روزانو تون هن کي وهنجاري سهنجاري نوان ڪپڙا پارائي، پرفيوم هڻي، مون ڏانهن اندر موڪليندو ڪرينس.“
ويچاري رتنا واپس پنھنجي بستيءَ ۾ موٽي آئي هئي. خبر ناهي ان رات ڀنگين جي بستيءَ ۾ جشن ٿيو هو يا ماتم. پر هڪ ڳالھ جو سڀني کي عجب لڳو هو ته راجو ڀنگي هر روز جي معمول جي ابتڙ هڪ گلاس ٺري جي بدران لاڳيتا پنج گلاس پيتا هئا ۽ پوءِ ڪنهن مہل کليو ٿي ته ڪنهن مہل رنو ٿي.
غريبن، مسڪينن، مجبورن ۽ لاچارن جي ذلتن جا سلسلا، بي انت ۽ اڻ کٽ- ان ئي سلسلي ۾ رتنا بس هڪ بي نام واڌارو هئي. هن جي زندگيءَ ۾ بس هڪ ئي واڌارو ٿيو هو. هوءَ ڊي سي هائوس تي ويندي هئي، سرُهِي صابڻ سان وهنجندي هئي، پرفيوم هڻندي هئي ۽ صاحب جي بستري جو سينگار ٿيندي هئي.
ڊي سي هائوس کان ٻاهر نڪرندي هئي ته ساڳين ئي ڀنگين جي ڪپڙن ۾ ڀنگياڻي هوندي هئي.
رات جو راجوءَ جي ٽهڪن ۽ سڏڪن ۾ سندس دل بي چين ٿي پوندي هئي. پوءِ هوءَ به سُڏڪڻ لڳندي هئي. انهن ئي سڏڪن ۾ هن کي ياد ايندو هو ته هوءَ ٻاهر ”صاحبياڻيءَ“ جي نالي سان مشهور ٿي وئي هئي.
لاڙ، سنڌ جي روح جي تجلي، سنڌ جي سونهن جو تاج، سنڌ جي تاريخ جو اڻ کٽ باب.
لاڙ، جنهن جون هوائون هڳاءٌ سان ڀريل هونديون آهن ۽ ماڻھو محبت سان.
لاڙ ۾ جيڪڏهن ڪنهن جون شامون ڪنهن صديق ڪنڀار ڪنهن مير پرديسي، ڪنهن چندر ۽ ڦوٽي ٽري، ڪنهن تاداڪو مسڪين سان گڏ ڪچهري ڪندي ناڪام عشق جا قصا ٻڌندي ۽ ٻڌائيندي، ڪنهن ديوار تي قدرتي ٺهيل لاڙ جي شودي جي تصوير ڏسي ٽهڪ ڏيندي ڏيندي لکن ۽ ڪروڙن جون ڳالھيون ڪندي گذريون هجن تنهن لاءِ لاڙ جي ياد، شاهه ڪريم جي ان بيت جھڙي ٿي پوندي هوندي.
پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جَرَ تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
ان ئي لاڙ ۾ رحمان علي عرف ٽنڊڻ صاحب هڪ نئين ۽ نرالي ڍنگ جو ڊي سي ٿي اڀريو هو- هو هر ڪم جي نگراني خاص ڪري ڊوميسائيلن جي تصديق ۽ اهي به ڇوڪرين جا جيڪي هونئن ته تپيدار ۽ ڪوٽوار ڪندا هئا، ڊي سي صاحب خود ڪرڻ لڳو هو.
سندس تصديق ڪرڻ جو طريقئه ڪار به نرالو هو. هو پوليس گارڊ کان سواءِ پنھنجي ٻن خاص واٺن سان گڏ رات جو نڪري پوندو هو. ڊوميسائيلن جي لسٽ سندس واٺن جي هٿ ۾ هوندي هئي. هو خود در کڙڪائيندو هو ۽ ڇوڪريءَ جي مالڪن سان ملندو هو، ڇوڪريءَ کان تصديق ڪندو هو ۽ پوءِ ڊوميسائيل جاري ڪندو هو.
ڊي سي صاحب جي ان ادا تي لاڙ ۾ هڪ ٻيو لطيفو مشهور ٿيڻ لڳو هو.
لاڙ پريس ڪلب ۾ ويٺل صحافي رکيل پنهنجي مينديءَ رتي ڏاڙهيءَ کي کنهندي مخصوص اسٽائيل ۾ مرڪندي ڳالهه شروع ڪئي، ”يارو ٻڌو ٻڌو اڄ جي تازه ترين خبر ٻڌو.“
سڀ رکيل ڏانهن متوجه ٿيا. رکيل نظرياتي طرح ته جماعتي مُلو هئو پر عملن ڪامريڊ وڌيڪ لڳندو هو.
هن وٽ مولانا مودودي جي ڪتابن پڙهڻ کان وٺي ننگيون فلمون ڏسڻ تائين سڀ علم ئي علم هو. سندس ڳالهيون مزيدار ۽ چسڪيدار هونديون هيون، جيڪي پريس ڪلب کان سواءِ لاڙ جي هر حلقي ۾ وڏو مزي ۽ لطف سان ٻڌيون وينديون هيون. جڏهن هن ”يارو ٻڌو يارو ٻڌو يا جو اعلان ڪيو ته، ڏانهنس سڀني جو متوجه ٿيڻ لازمي هو.
هڪڙي چيو، ”ملان اڄ ڪاوري نئين بندوق ڇوڙيندين ۽ ڇوڙڻ کانسواءِ مڙندين ڪونه، سوادا ڪر ڳالهه پوري.“
رکيل ڏاڙهيءَ کي کنهندي مرڪيو ۽ مرڪندي مرڪندي ڳالهه شروع ڪيائين، ”اڄ هو پاڻ وارو سدورو سيٺ مليو، ڏاڍي عجب جهڙي ڳالهه ٻڌايائين. ٻڌي مون کان ته اصل ٽهڪ بيهن نه پيا.“
”مولانا! هڪ اڌڙوٽ عمر جي صحافيءَ جو آواز ڀريو ”هاڻي ڊيگهه پٽاڙ کي ڇڏي، سڌي سنئين ڳالهه کڻي ڪر ته ٿيو ڇا.“
رکيل اڌڙوٽ عمر صحافيءَ ڏانهن نهاريندي ڳالهه کي اڳتي وڌايو. ”سدوري چيو، يار اسان ته وڏي وڏي ويل، وڏي عذاب مان اچي ڦاٿا آهيون.“
رکيل ساهه پٽڻ کان پوءِ چيو ”آئون پچيو ميان ٿيو ڇاهي؟“ سدوري چيو ڏسو هي پوءِ خبرڙي ضرور اخبار ۾ ڏجانءِ ان رات مون سان وڏي واردات ٿي آهي. ڪوئي رات جا يارنهن ٿيا هوندا ته اچانڪ در زور زور سان کڙڪڻ لڳو. اسين لاڙي ماڻهو، چوريءَ چڪاريءَ کي ڀانيون پٽ پاراتو. اويلي مهل در جي کڙڪڻ دل ۾ دهڪو وجهي ڇڏيو. خير سوچيم، ڪو خارشي ڪتو متان در سان مٿو مهٽيندو هجي. وڃي در کوليم.“
رکيل ساهي کنئين ۽ وري سدوري جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳو، سدوري چيو، ”يار رکيل درُ جو کوليم. فلحال ته آئون ذري گهٽ بيهوشيءَ ٿي ڪِريس ڏٺم ته ٻن ماڻهن سان گڏ ڊي سي صاحب در تي بيٺو هو.“
”هي گهر سيٺ سدوري جو آ؟“
”جي جي سائين.“ سدوري ڏڪندي جواب ڏنو ۽ دل ۾ سوچڻ لڳو ته الاءِ ڪهڙي خطا ٿي آهي جو هن اويلي مهل اچي ڊي سي در مٿان ڪڙ ڪيو آهي.
”سائين خير ته آهي؟“
ڊي سيءَ جي ڳالهائڻ کان اڳ هڪ چمچي چيو،
”بابا خير آهي خير. هوءَ تو واري ڇوڪريءَ ڊوميسائيل لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي نه، ته ڊي سي صاحب وڏو سخت آهي ته مٿان ڪو غلط ڊوميسائيل نه جاري ٿي وڃي ۽ غريب جو حق مارجي وڃي، ان لاءِ هو پاڻ ڊوميسائيل جي جاچ پڙتال ڪندو آهي.“
ڊي سي صاحب جي خاص ڪري ڇوڪرين جي اڌ رات جي ڊوميسائيل جي تصديق جيتوڻيڪ ٽنڊڻ سان گڏ کيس ”اڌراتي ڪتي“ جي لقب سان نوازيو هو، پر لقب القاب ڪهڙي به قسم جا هجن ان جو ڪهڙو ٿو فرق پوي. غريب کي ڪير سڃاڻي، بادشاهن کي ئي ته پر پٽ گاريون ملنديون آهن.
ڊي سي صاحب جي اڌ رات جي تحقيقات صاحب کي هڪ رات وڃي لاڙ جي هڪ چڱي خاصي ڄاتل سڃاتل ماڻهوءَ جي در تي بيهاريو. در کڙڪيو گهر جي مالڪ کان وسري ويو هو ته، سندس نياڻي انٽر جي امتحان کان پوءِ ڊوميسائيل ٺهرائڻ جي درخواست ڏني هئي. هن حسب معمول سمجهيو ته اڌ رات جو درتي ڪو خارشي ڪتو آيو آهي.
همراهه در کوليو.
در کلڻ سان ئي راز جو پردو هٽي ويو.
ڊي سي صاحب پنهنجي ٻن چمچن سان گڏ در تي بيٺو هو.
همراهه کي سمجهندي ويرم ئي ڪونه لڳي ته سندس وڏي ڌيءُ خاتون ڊوميسائيل ٺهرائڻ جي درخواست ڏني هئي. گهر مالڪ، لاڙ جي ڄاتل سڃاتل شخصيت هو. جهانديده هو، کليل دل ۽ دماغ وارو هو. هو ڊي سي صاحب کي صلاحي گهر اندر وٺي ويو. ڊي سي صاحب جي مناسب خاطر تو اضع سان گڏ کيس پنهنجي نياڻي خاتون کي به ڊي سي صاحب جي سامهون پيش ڪيائين.
ڊي سي صاحب، سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي گهراڻي جو چشم چراغ، سندس عاامانه، ظريفانه ۽ اديبا نه نظرن خاتونءَ جي حسن جو جلو و پسيو ۽ خاتونءَ جي جسم کي ائين ڪٿيو ۽ ڪَڇيو جيئن ڪو تپيدار زمين ڪڇيندو آهي.
پوءِ جنهن جي اميد هئي، اهيو ئي ٿيو.
ڊي سي صاحب جي رتنا ۾ دلچسپي ختم ته نه گهٽ ضرور ٿي وئي. هوءَ هڪ دفعو ٻيهر ڀنگياڻي بڻجي وئي هئي.
صاحب هر رات، خاتوُنءَ جي پيءُ جي چانهه پيئڻ لڳو.
ڊي سي صاحب بيحد، سٺو ۽ مهربان هو. سال اندر خاتونءَ جو پيءُ، لاڙ جي وڏن سرڪاري ٺيڪيدارن ۾ ڳڻجڻ لڳو هو.
۽ خاتونءَ جي، بغير ڪنهن تڪليف جي ۽ بغير گهربل مارڪن جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ٿي وئي هئي. هوءَ خاتوُنءَ مان ڊاڪٽر خاتون سڏجڻ لڳي هئي.
جڏهن خاتون ڊاڪٽريءَ جي ٻي سال ۾ پهتي هئي، تڏهن سڄي لاڙ اندر هڪ ڌماڪو ٿيو.
پهريان ماڻهن کي مٺيان لڳي.
حيرت لڳي.
اچرج ٿيو.
پوءِ لاڙ ۾ ڳالهه لطيفي جيان مشهور ٿي وئي.
سڄي لاڙ ۾ ڊي سي رحمان عليءَ جي طرفان خاتوُنءَ جي شاديءَ جا ڪارڊ ورهايا ويا هئا. سڀ حيران ۽ پريشان هئا ته آخر ڊي سي صاحب جي منظور نظر جو گهوٽ ڪير هو.
شادي هال جي در تي ڊي سي صاحب سڀني جو پيار پاٻوهه ۽ خلوص سان استقبال ٿي ڪيو. پر سڀني ڄاڃين جي ذهن ۾ سوال هو ته، آخر گهوٽ ڪير هو.
جڏهن راز کليو ۽ پتو پيو، پهريائين ته سڀ حيران ٿيا ۽ پوءِ مرڪڻ لڳا.
سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي گهراڻي جي چشم و چراغ ڊي سي رحمان علي صاحب ڊاڪٽر خاتوُنءَ جي شادي پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان ڪرائي هئي.
ساڍن ٽن سالن کان پوءِ جڏهن رحمان علي صاحب لاڙ مان بدلي ٿيو هو، رتنا جي هنج ۾ هڪ ڌيءُ هئي.
ڪنهن اڄاتي درد سبب راجو ٻالو چريو ٿي ويو هو. هو پنهنجا رات ۽ ڏينهن ڪچري جي ڍير تي گذارڻ لڳو هو. ڪڏهن کلندو هو ۽ ڪڏهن روئندو هو.
ڊاڪٽر خاتوُن، رحمان علي صاحب جي محبوبا سان گڏ ڀاچائي به هئي.
رحمان علي صاحب جي ننڍي ڀيڻ جي شادي ته سندس سڳي سؤٽ سان، ان شرط سان ٿي هئي ته هوءَ لاڙ جي شودي جي تا عمر سريت ٿي رهندي. اهيو ئي ته سبب هو جو لاڙ جي شودي رحمان عليءَ جي ڀيڻ کي ڪراچيءَ جي هڪ مهانگي علائقي ۾ هڪ فليٽ تحفي ۾ ڏنو هو.
رحمان علي عرف ٽنڊڻ صاحب جڏهن اسان جو صاحب ٿي آيو هو، ان عمر ۾ پنجاهه کان مٿي چڙهي هليو هو، پر هن جي رنگين مزاجيءَ ۾ تِر جيترو به فرق نه آيو هو.
انيڪ عورتن سان گڏ هن جو پنهنجي اڻويهه ورهين جي ايم بي اي جي شاگردياڻي پنهنجي ساليءَ سان عشق جو قصو هر هڪ کي معلوم هو. ۽ معلوم هجي به ڇو نه، آخرڪار رحمان علي صاحب سنڌ جو بالا عهدي تي پهتل آفيسر، سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي گهراڻي جو چشم و چراغ هو.
سيڪريٽريٽ ۾ هڪ رواج آهي، جڏهن ڪو نئون صاحب ايندو آهي، ته وقت گذرڻ سان گڏ کاتي جا ڪجھه ماڻهو سندس ويجها سمجهيا ويندا آهن.
اها منهنجي خوشقسمتي هئي يابد قسمتي جو ٿوري وقت اندر سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي گهراڻي جي چشم و چراغ رحمان علي عرف ٽنڊڻ صاحب مون کي پنهنجي خاص ماڻهو هجڻ جو شرف بخشيو هو.
خاص ماڻهوءَ جو مطلب هو؛
آءٌ صاحب جي هر جائز يا ناجائز خواهش پوري ڪرڻ جو نه صرف پابند هئس پر راز کي به راز رکڻ منهنجي ذميواري هئي.
آئون صاحب جو خاص ماڻهو هوس.
پراڻن بادشاهن جا خاص خادم، بادشاهن جي خِلوتن جا شاهد، رازدان ۽ امين ۽ پاسبان هوندا هئا.
مان صاحب جو خاص خادم هئس.
آئون شاهد هئس ته صاحب پنهنجي نوجوان سهڻي ساليءَ سان ڪراچيءَ جي مهانگي علائقي ۾ رنگ رليون ملهائيندو هو.
آئون رازدان هئس ته صاحب سرڪاري فون تي سرڪاري ڪم گهٽ ۽ ساليءَ سان زباني جنسي فعل وڌيڪ ڪندو هو.
آئون رازدان هئس ته وڌيل عمر سبب، صاحب ساليءَ کي ڪڏهن ڪڏهن ناراض ڪري ويهندو هو ۽ پوءِ صاحب لاءِ ڇا به ٿي پوي، زمين ۽ آسمان مان ڪٿان به مون کي وياگرا پيدا ڪرڻي هوندي هئي.
اڳي ڪتابن ۾ پڙهيو هو ته سنڌ جا وڏيرا حڪيمي نسخن جا ديوانا هوندا هئا. پر صاحبن جي خادمي ڪندي مون پنهنجي گنهگار اکين سان ڏٺو ته سنڌ جا صاحب وياگرا ۽ حڪيمي نسخن جي لاءِ ائين ديوانا هئا، جيئن ڪتو هڏيءَ جي لاءِ!
آئون امين هئس ته، صاحب جون ڏنل سڀ امانتون بغير ڪنهن کي ٻڌائڻ جي صاحب جي محبوب ساليءَ وٽ امانت با سلامت پهچايان. آئون پاسبان هئس ته صاحب جون تنهائيون خير خوبيءَ سان گذرن.
ڳالهه اُتي دنگ نه ڪيو.
قصو اڳتي وڌيو.
منهنجي رازداني، ايمانداري ۽ پاسباني مون کي صاحب جي اڃان به وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو.
مون کي نئون صلو مليو.
مون کي سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي گهراڻي جي چشم و چراغ جي قائم ڪيل انٽرٽينمينٽ هائوس تي ڊيوٽيءَ جو موقعو ملڻ لڳو.
پهريان ته مون کي ”انٽرٽينمينٽ هائوس“ نئون نالو سمجهه م نه آيو.
جڏهن راز کليو ته منهنجي حيرت جي حدنه رهي.
جڏهن، ملڪ جي حڪمرانن کي خيال آيو ته، پيشور عورتن جي بازارن جي اسلام جي نالي تي قائم ڪيل هن ملڪ جي ماڻهن جي اخلاقن تي برو اثر ٿي پيو، تڏهن هنن ساحر لڌيانويءَ جي ”ڪوچئه دلڪشي“ جي گهٽين تي بندش وجهي ڇڏي.
تڏهن ٿيو ڇا.
ڪجهه عقلمند شريفن، اميرن ۽ ڪبيرن پاڻ ۾ سر جوڙيو. گڏجي ويٺا.
ذهنن کي جهونجهاڙيو.
صلاح مصلحت ٿي.
غور و فڪر ٿيو.
۽ پوءِ هڪ شاندار
نتيجو نڪتو.
عقلمند شريف اميرن سوچيو؛
”ڪوچئه دلڪشي“ جا بدصورت دلال نه شڪل صورت چڱي نه ڳالهائڻ جي تميز، نه علم ۽ عقل.
سندن آکاڙن جو نالو، ”ڪوٺا“ ڪيڏو بدصورت ۽ دل ۾ ڪِرڀ پيدا ڪندڙ نانءُ.
۽ انهن ۾ رهندڙ.
ڌنڌي واريون.
ڪِنيون ڪو جهيون.
نسل در نسل هلندڙ.
نه ته ڪوئي احساس تازگي ۽ نه ئي ور نواڻ يعني ماڊرنٽي (Modernity).
عقلمند شريف اميرن ڪبيرن جي سوچن رنگ لاتو.
شاندار نتيجو نڪتو.
نام نهاد دلڪشي گهرن جي جڳهه تي، معزز شريفن، اميرن، ڪبيرن شاندار نالي واري ”انٽرٽينمينٽ هائوس“ جو بنياد رکيو. جتي، مان، رتبي ۽ اهليت مطابق، شراب ۽ شباب جون محفلون مچڻ لڳيون ۽ مجرا منعقد ٿيڻ لڳا.
ٿوري وقت ۾”انٽرٽينمينٽ هائوسز“ هڪ وڏي ڌنڌي جي شڪل اختيار ڪري ورتي. جتي سياستدان، منصف، آفيسر، ورديءَ وارا صاحب سڀ سر جہڪائڻ لڳا...
صاحبن ڏٺو، سندن سڻڀيون ڪرسيون لُڏندي ڪا دير ڪانه ٿي لڳي، پَل ڀر ۾ ڪرسي کسڪيو وڃي. صاحب وتي رلندو.
انيڪ صاحبن ٽَل ڪئي ۽ ”انٽرٽينمينٽ هائوس“ ڪرسيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ کين صمد بانڊ جيان لڳو.
پوءِ هر ڪنهن پنهنجي اهليت ۽ توفيق آهر”انٽرٽينمينٽ هائوس“ کوليا.
پوءِ زمانو ڏسڻ لڳو. جن صاحبن وٽ انٽرٽينمينٽ هائوس هئا، انهن جي ڪرسين کي ڪڏهن به لوڏو نه ٿي آيو، بلڪه اقتدار جي ايوانن جو هر ماڻهو سندن سلامي هو.
آئون جڏهن رحمان علي صاحب جي خاص الخاص پٽيوالن ۾ شامل ٿيو هوس، تڏهن مون کي پتو پيو هو ته، سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي گهراڻي جي چشم و چراغ جو هر وقت سڻڀين پوسٽن تي رهڻ جو راز مختلف جاين تي قائم ڪيل چار انٽرٽينمينٽ هائوس هئا.
جڏهن ڪا خاص شراب ۽ شباب جي محفل ٿيندي هئي تڏهن صاحب مون کي ۽ ڊرائيور نواب عليءَ کي به خدمت چاڪريءَ لاءِ گهرائيندو هو.
اها سياري جي سرد رات هئي جڏهن صاحب ڪراچيءَ جي ٻهراڙيءَ ۾ قائم ڪيل هڪ انٽرٽينمينٽ هائوس تي مون کي ۽ نواب علي ڊرائيور کي گهرايو هو. ڪمال جي محفل هئي. ڏهه ٻارنهن ڇوڪريون هيون ۽ سنڌ جا پندرنهن ويهه اعليٰ عملدار، سياستدان، جج ۽ فوجي هئا.
رحمان علي صاحب محفل جو مور، هر هڪ کان ور ور ڪري ٿي پڇيائين ته ڪنهن کي ڪا تڪليف ته ڪانه هئي، ارينجمينٽس ۾ ڪا ڪوتاهي ته ڪانه هئي. هر ڪنهن دل کولي صاحب جي انتظامن کي داد ڏنو هڪڙي صاحب کلندي کلندي صاحب کي چيو، ”رحمان علي ارينجمينٽس جي پرفيڪشن کي ڏسي ته ائين ٿو لڳي، ڄڻ ته توهان ستن پيڙهين کان وٺي انٽرٽينمينٽ هائوس هلائيندا ٿا اچو.“
صاحب هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، جنهن ۾ شايد ڳالهه جي سچائيءَ جو اقرار هو، يا حسرت هئي ته ڪاش!
اهيو سچ هجي ها.
آهستي آهستي محفل مچڻ لڳي.
حسين نينگرين جا پير ڌرتيءَ کي ڌُٻائڻ لڳا.
ڌرتي ڌُٻڻ سان دليون به ڌٻڻ لڳيون.
دليون ڌٻڻ سان ئي بوتلن جا منهن کليا.
جام ڀرجڻ ۽ خالي ٿيڻ لڳا.
اسين نوڪر چاڪر ٻاهر دروازي وٽ اندر ٿيندڙ تماشي تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ لڳاسين. جيترا هئا وات اوتريون هيون ڳالهيون. هر هڪ پنهنجي پنهنجي وس وت ۽ اهليت آهر راءِ جو اظهار ڪرڻ لڳو.
پر الاءِ ڇو منھنجي ذهن ۾ مرحوم موريل جو شعر ڦرڻ لڳو؛
تماشي ۾ ٿي نياڻي نچي،
ڪو پئسا ڏئي، ڪو پئسا وٺي.
جيئن رات گھري ٿيڻ لڳي، تماشي جي رنگيني به وڌڻ لڳي. نرتڪين جا قدم تيز ڦرڻ لڳا، جسمن ڳالھائڻ شروع ڪيو. جام ڀرجڻ لڳا ۽ بوتلون خالي ٿيڻ لڳيون.
اڌرات هئي، سياري جي اڌرات.
اچانڪ محفل ۾ رڙيون پئجي ويون.
انهن رڙين ۾ مون کي ۽ نواب عليءَ کي اندر سڏ ٿيو.
محفل جي موج ۽ رڙيون اسان لاءِ ڪانئين ڳالھ نه هئي. پر اڄوڪيون رڙيون هنيانءٌ ڦاڙ هيون.
ائين پئي لڳو، ڄڻ ته ڪنهن انسان کي ڪاتيءَ سان پيرن کان ڳترا ڳترا ڪيو ٿي ويو.
يا ڪنهن انسان کي ٽياس تي ٽنگي سندس هٿن ۽ پيرن ۾ ميخون پيون هنيون وڃن.
ان دل کي ڌوڏيندڙ رڙين ۾ سڀ کان انوکي ڳالھ هئي مون کي ۽ نواب عليءَ کي سڏ. اسين ته شودر هئاسين ”بزم شاهي“ ۾، اسان غريبن جي ڪهڙي جاءِ هئي.
پر سڏ هو، صاحبن جو سڏ.
اسان ٻئي ”جيءٌ سر، جيءٌ سر“ ڪندا اندر ڀڳاسين.
اندر جو منظر، اهڙو ته ڪريهه هو جو شايد ملائڪ ڏسن ها ته به روئي ڏين ها.
رحمان علي صاحب جو وات هڪ سترنهن ارڙنهن سالن جي نچڻي ناريءَ جي ڇاتيءَ ۾ هو. نچڻي بيوس، لاچار، سندس ڪيهن آسمان جو سينو ٿي چيريو.
پر حاضرين محفل اڪثر پنھنجي مستيءَ ۾ مست هئا. ڪجھ ماڻھن پري کان رحمان عليءَ کي وات ڪڍڻ لاءِ چيو ٿي.
رحمان عليءَ جي ڪيفيت بکايل بگھڙ يا ڇتي ڪتي جھڙي هئي. لڳو ائين ٿي ته، ڇوڪريءَ جي سيني کي ڪچو کائي ويندو.
مون کي ۽ نواب عليءَ کي همت اچي وئي، اسان صاحب کي ڇڪي ڇڪي، ڇوڪريءَ جي ڇاتيءَ مان منهن ڇڏايو.
آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڇوڪري سيني تي هٿ ڏئي قالين تي ويهي رهي. هوءَ اُڀ ڏاريندڙ رڙين کي ضابطي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. رحمان علي صاحب کي سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ جيتريون به گاريون ياد هيون ڏيڻ لڳو. ۽ گارين ئي گارين ۾ اسان کي حڪم ڏنائين ته ان نالائق رنڊيءَ کي سندس هوٽل ۾ پهچايون.
نواب علي ٻاهر گاڏي لڳائڻ لاءِ ڀڳو.
ڇوڪريءَ جو هٿ سيني تي هو. سندس رڙيون سڏڪن ۾ بدلجي ويون هيون.
رحمان علي صاحب هڪ پيگ پي ورتو.
محفل ۾ جامن جي کڙڪڻ ۽ ڇيرين جي ڇم ڇم ۾ تيزي اچڻ لڳي.
مون سُڏڪندڙ ڇوڪريءَ کي سهارو ڏئي اچي گاڏيءَ ۾ پٺين سيٽ تي ويهاريو.
گاڏي هلڻ لڳي.
ڇوڪريءَ جي سڏڪن ۽ ڳوڙهن رڪجڻ جو نالو نه ٿي ورتو.
منھنجو اندر اڌ ٿيڻ لڳو. ڇوڪريءَ جي ڳوڙهن ۾ مون کي منھنجي جيجل ماءٌ جو چهرو ۽ ڳوڙها ياد اچي ويا. اها به سياري جي هڪ سرد رات هئي. سياري جي سرد راتين ۾ اسان سڀئي ڀائر ڀينرون چُلھ جي چوڌاري ٿي ويهنداسين. امان اڪثر اسان کي چڻن مٽرن جي اڻڀي رڌل پلي، جنهن ۾ لوڻ مرچ پيل هوندو هو ۽ چانورن جي ماني کارائيندي هئي. پوءِ ڳالھ ٻڌائيندي هئي؛
”هڪ مائي هئي جنهن کي ولر ٻارن جو هوندو هو. پوءِ به سوچيندي هئي ته منھنجي ٻارن ۾ ڪا برڪت پوي، اڃا به گھڻا ٿين.
سياري جي مند ۾ مائيءَ وٽ مرشد آيو. مائي مرشد کي عرض ڪيو، ”سهڻا سائين، مرشد ڀلارا، دعا ته گھر ته منھنجي ڪھول ۾ برڪت پوي ۽ منھنجي آڪهه اڃان گھڻي ٿئي.“
مرشد سائين، الله جو ولي، رب جو پيارو، سُهڻي سائينءَ مائيءَ کي چيو، ”مائي ڪا ڳالھ ڪانهي. رب سڻائي ڪندو. هيئن ڪر، اڄ رات تون چڱيون ڪاٺيون گڏ ڪري رات جو باهه جو وڏو مچ ٻارجانءِ ۽ پنھنجي آڪهه کي باهه جي چوڦير ويهارجانءِ. پاڻهي تنھنجي ڀاتين ۾ برڪت پئجي ويندي ۽ وڌي ويندا. تو وٽ ويهڻ جي جاءِ کُٽي پوندي.“
مائي مرشد جي چوڻ تي سڄو ڏينهن پاڻ ۽ پنھنجي اولاد سان گڏجي ڪاٺيون گڏ ڪيون. رات ٿي پنھنجي ڀاتين کي باهه جي چوڦير ويهاري کڻي وڏو مچ ٻاريائين.
جيئن باهه جو ڀڀڙمتو تيئن ماڻھن کي تئه آيو.
جيئن ماڻھن کي تئه آيو تيئن باهه کان پري ٿي کُلي ويٺا. جيئن کُلي ويٺا، تيئن مائيءَ چيو، ”حق سچا مرشد، بيشڪ مڃيو مانءِ. هڪ رات ۾ تو منھنجي تمنا پوري ڪري ڇڏي. شڪر جو منهنجي آڪهه ۾ ايتري برڪت اچي وئي جو چُلھ جي چوڌاري ماپي ئي نه ٿي.“
لوڻ مرچ ۾ رڌل پلي چانورن جي مانيءَ سان کائيندي امڙ جون ڳالھيون ٻڌندي بابي جا دڙڪا کائيندي سياري جي رات سولائيءَ سان گذري ويندي هئي.
پر سياري جي اها رات ڏاڍي درد ڀري ۽ ڏکوئيندڙ هئي. اسان جي ننڍڙي ڀيڻ کي ڄائي ٽي مهينا مس ٿيا هئا. بابو سائين مسلسل بيمار رهڻ لڳو هو. بابي جي بيماري سڄي گھر جو ساهه سُڪائي ڇڏيو هو. گھر ۾ بيماريءَ سان گڏ بُک به داخل ٿي هئي. ٻه ٽي ڏينهن ته امان پاڙي اوڙي مان اوڌر تي سودو وٺي اسان جو پيٽ پاليو، پر ان رات گھر ۾ کائڻ لاءِ ڪجھ به ڪونه هو.
بيمار مڙس چار بکيا ٻار. ڇهين معصومڙي، ستين امڙ پاڻ.
چلھ جي چوڌاري اسان ائين ويٺا هئاسين ڄڻ ته اسين به بني اسرائيل جا لاڏلا ٻار هئاسين، جن جي لاءِ عنقريب آسمان مان من وسلويٰ نازل ٿيندو.
من وسلويٰ ته نازل نه ٿيڻو هو سون نه ٿيو، پر هڪ ٻيو واقعو ٿي ويو. امڙ اسان جي ننڍڙي ڀيڻ جا ٻنڌڻ ڌوئي رکيا هئا. رات جي وقت ٻنڌڻن کي تئه ڏيڻ لاءِ جيئن باهه جي ويجھو ڪيائين، ٻنڌڻ وڃي باهه ۾ ڪريا.
الله اڪبر! صبر جي سماڌي ٽٽي پئي. امڙ جون اکيون سانوڻ جي مينهن جيان وسڻ لڳيون. اکين جون مينهن جنهن ۾ بيوسي هئي، لاچاري هئي، درد هو، پيڙا هئي، شڪوو هيو، شڪايتون هيون. امڙ کي روئيندو ڏسي اسان سڀني ٻارن به روئڻ شروع ڪيو.
زمانو گذري ويو، امڙ جا ان رات وسندڙ نيڻ، مون کان ڪڏهن وسري نه سگھيا.
مون سوچن کي جھٽڪو ڏنو، ڪنڌ مٿي کنيو.
مون ڏٺو، نينگري اڃا به سڏڪا ڀري رهي هئي.
نواب پنھنجي ٻانهن سان ڳوڙهن اگھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ مون کي به پنھنجي ڳلن ٿي چڱي خاصي گرمائش محسوس ٿيڻ لڳي.