ناول

دنيا دم درياءُ

هيءُ ناول سنڌي سماج توڙي بيوروڪريسي جي مٿان چڙهيل نقلي نقاب کي بي نقاب ڪري ٿو ته ٻئي طرف سنڌ جي موجوده حالتن جي محرومين ۽ مجبورين جي عڪس بندي به پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ دادلو زهراڻي بيوروڪريسي جو حصو پڻ آهي هن پنهنجي صغير ۽ شعور کي سماج آڏو جوابده سمجهي پنهنجي دامن کي بچائي هليو اهي. جنهن ڪري هن جو دامن اڄ به اجرو آهي.
Title Cover of book دنيا دم درياءُ

باب پهريون : مين ته اڪ خيال آن.......

هاءِ هيءَ سياري جي سرد رات ۽ جيءَ کي جهوريندڙ اڻ کٽ درد. موت، موت، هرطرف موت جو پڙاڏو آهي، گونج آهي. پر موت، بدبخت موت ڪوهين ڏور، شايد ڪوهه قاف جي ڪنهن واديءَ ۾ ڪنهن پريءَ جي هنج ۾ ٻکيو پيو آهي ۽ آئون، گلڻ عرف گُلو پٽيوالو ڦڦڙن جي ڪئنسر ۾ مبتلا، آخري اسٽيج تي پهتل، هن جو انتظار پيو ڪريان. سيني ۾ اڀرندڙ درد جي لهرن ۾ (نه نه درد رڳو منهنجي سيني ۾ ڪونهي، درد ته منهنجي وجود جي هر ذري ۽ روح جي هر گهرائيءَ ۾ لهي ويو آهي) ۽ اچانڪ سوچ جو دروازو کلي ٿو ۽ ذهن جي پردن تي حضرت عليءَ جو جملو تري ٿو اچي، ”انسان جو وڏي کان وڏو محافظ ان جو موت آهي، جڏهن نه اچڻو هوندو آهي ته ان کي ڪير به آڻي نه سگهندو، ۽ جڏهن اچڻو هوندو آهي ته ڪير به ٽاري نه ٿو سگهي“.
يقين اٿم گهڻو وقت زنده نه رهي سگهندس. ڪئنسر منهنجي اندر کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، پر ڪا خبر ڪانه اٿم ڪڏهن اکيون ٻوٽبيون، ساهه جو سڳو ٽٽندو ۽ جُز ڪل ڏانهن روانو ٿيندو. عابده جي ڳايل ڪلام جيان ”مين ته اڪ خيال آن ملسان نال خيال دي“. زندگيءَ جو مادي چڪر پورو ٿيندو، خيال جو نئون چڪر شروع ٿيندو- پر ڪڏهن؟ خبر ناهي ڪئنسر جو به اسان سان عجب رشتو ۽ ناتو آهي- بابو ڳلي جي ڪئنسر ۾ مري ويو ۽ آئون ڦڦڙن جي ڪئنسر ۾.
گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي، ڪنهن دوست هڪ ڊاڪٽر جي باري ۾ ٻڌايو هو. جڏهن به ڪو مريض وٽس ويندو هو ته سندس پهريون سوال هوندو هو، ”ڀاءُ پيٽ ته خراب نه ٿي؟“ سالڪن جڏهن ڊاڪٽر جي رويي تي ويچار ونڊيو ته پتو پيو، ڊاڪٽر صاحب خود پيٽ جي مرض جو شڪار هو. سو ان ڊاڪٽر جيان مون کي به جڏهن موت جو خيال ايندو هو ته ڦري گهري ڳالهه اتي اچي کٽندي هئي ته جيئن ته بابو ڳلي جي ڪئنسر ۾ مئو هو ته، منهنجو موت به يقيناً ڳلي جي ڪئنسر جي ڪري ٿيندو. جڏهن به ڳلو خراب ٿيندو، ليس، زڪام، کنگهه ٿيندي هئي، خيال هميشه اهيو هوندو هيو ته موت جي فرشتي پنهنجي مياڻ مان تلوار ڪڍي ورتي آهي، هو ڳلي جي ڪئنسر جي ذريعي وارڪندو.
هڪ خيال هميشه ڏڍ ۽ آٿت ڏيندو رهيو ته، ڪئنسر به ڀلاڪا بيماري آهي جنهن جي لاءِ پريشان ٿجي!
جنهن انسان پنهنجي پيءُ کي ڪئنسر جي چنبي ۾ پاڻيءَ بغير مڇيءَ جيان تڙپندو ڏٺو هجي، ان جو اهڙو خيال! ”ته ڪئنسر به ڀلا ڪا بيماري آهي“! نه رڳو کل جوڳو آهي، پر محسوس ائين ٿيندو، سوچيندڙ يا ته چريو آهي يا خوش فهم.
چريائپ ۽ خوشفهمي منهنجي وجود جو اڻ ٽٽ حصو آهن. پر ڪئنسر جي لاءِ منهنجو مٿيون خيال راجيش کنا ۽ اميتاب بچن جي فلم ”آنند“ ڏسڻ کان پوءِ پيدا ٿيو هو.
فلم جي زنده دل ۽ خوش مزاج هيري کي جڏهن ڊاڪٽر ٻڌائيندو آهي ته کيس آنڊي جو ڪئنسر آهي، تڏهن هيرو خوش مزاجيءَ مان چوندو آهي، ”ڪئنسر- اهيا به ڀلا ڪا بيماري آهي!“
ڪئنسر ۾ مون پنهنجي پيءُ کي بوند بوند، قطرو قطرو ۽ ذرو ذرو ٿي مرندي ڏٺو آهي ۽ جيستائين انت نه ايندو، مان به پل پل درد جي درياءَ مان گذرندس، گهڙي گهڙي مرندس.
پيڙا، پيڙا کي ڪير بيان ڪري ته ڪيئن ڪري، ان جو نقشو ڪڍي ته ڪيئن ڪڍي!
پيڙا ۽ اها به موت جي پيڙا عجيب آهي- دراصل موت جي پيڙا انسان ۾ زندگيءَ سان انس پيدا ڪندي آهي. موت جو تصور انسان ۾ جيئڻ جو اتساهه پيدا ڪندو آهي، اهيو جذبو آهي. اهيو ساڳيو ئي جذبو مون مِهران ۾ ڏٺو هو.

هوءَ ڳوٺ جو نڪ هئي ۽ قدرت واري جي ڪهڙي مِهر هئي جا مهران جي مٿان نه هئي. سندس عمر اڌ وهيءَ کان مٿي چڙهي هلي هئي، پر سندس اڻ ڦِٽ گلابي رنگ، ڊگهو قد، اڌ اڇو مٿو ۽ مور جي چال گواهه هئا ته هوءَ نه رڳو ماضيءَ ۾ اهڙي حسينه هئي جنهن کي ڏسي ڪيترن جا ٿڌا ساهه سينن ۾ سڏڪو بڻجي ويندا هئا، پر لهندڙ سج جي شامن به سندس حسن کي ڌنڌلو نه ڪيو هو.
مِهران پنهنجي اولاد کي به پنهنجي حسن مان حصو پتي ڏيڻ ۾ ڪا ڪنجوسي نه ڪئي هئي. سندس چار پٽ ٻه ڌيئرون پنهنجي ماءُ جيان ڳوٺ جي حسين ترين ٻارن مان هئا. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته مهران جو گهر حُسن جي ابتدا به هو ته انتها به. حُسن کان علاوه ڀاڳ ۽ بخت به ڄڻ اچي مهران جي درتي دنگ ڪيو هو. چئن مان ٽي پٽ ۽ ٻئي ڌيئرون پرڻيل آل اولادي، سون سپوهه. هر وقت ٻه ٽي سُوا مينهون ۽ ڳئون، کير مکڻ. ڪهڙي شيءِ هئي جيڪا مهران جي گهر ۾ نه هئي. جڏهن به ڳوٺاڻن جي چئوياري ۽ چوڪڙي لڳندي هئي، جڏهن به ڀاڳ ۽ بخت جي ڳالهه مثال ۾ ايندي هئي، تڏهن ڪونه ڪوچئي ڏيندو هو ”هئو! يار هئو، مڃڻ مراد آ، ڏتي جا ڏيڻهار، ڳالهه مڃڻ مراد آ، نئون پراڻو ان گڏائي ڪير کائي، مهران جو گهر کائي، اڻ ڏڌيون ڪنهن جي ڪليءَ تان ڇڙن سائين، مهران جي ڪلي تان.“
ڀلوڙي بخت تنهنجا رنگ ۽ ڪمال!
اڃان ٻيو ڪو ڳالهه کي اڳتي وڌائيندو، ”ڀاءُ بخت جي وراڻ مهران جي درتي ڇو نه وري، پُٽن ڏي ڏسينس، جهڙو رب پاڪ ڏنو ٿن حسن اهڙو ٿن اخلاق- يار پاڻ ۾ ويٺا آهيون،پنهنجي هنيانءَ تي هٿ رکي ڳالهه ڪريو، گهر اندر گهر ٻاهر، ٻنيءَ ٻاري ڪٿي ڪا پاڻ ۾ ڏند شيڪ ڪندي ڏٺوَ يا ٻُڌوَ! هڪٻئي تان قربان پيا ويندا، هڪڙو سڏ ڪندو ته ٽيئي سڏ ۾ سڏ ائين ورنائيندا، ڄڻ ته چئني جو آواز هڪ هجي.“
ڪو ٽيون چوندو، ”هائو يار تڏهن ته مٽيءَ ۾ ٿا هٿ وجهن ته سون ٿيو پوي!“
ڪو چوٿون سگهڙ نما شخص چوندو، ”يار! هو ڪاٺير ۽ پکيءَ جو قصو نه ٻڌو اٿَو“! ڳالهين ڳالهين ۾ ائين ڀلي ڀت محسوس ٿيندو ته، سگهڙ اٽڪل ۾ مهران ۽ مهران جي پٽن جي خوش بختيءَ جو قصو ٻڌائڻ لاءِ پنهنجي فن سگهڙائپ جو مظاهرو ڪرڻ ٿو چاهي. ويٺلن مان ڪو سمجهو سمجهي ويندو، ”هائو! ٻڌائجان ڀلا ڪيئن آ اهيو قصو.“
سگهڙ نما شخص پنهنجي نڙي صاف ڪندو، ويٺلن تي اهڙي نموني نظر وجهندو ڄڻ محسوس ڪرائيندو هجي ته سندس فن، علم ۽ عقل اڳيان ٻيا سڀ هيچ، هيڻان ۽ ڪمتر آهن. ان کان به اڳتي هو سڀني کي ڄڻ ته اکين ئي اکين جي اشاري ۾ محسوس ڪرائيندو هجي ته، پنهنجا ڪن سرلا ڪري ويهو، ڌيان ٻي پاسي ڀٽڪڻ نه ڏيو، ٻي صورت ۾ هو جيڪو عقل ڀريو نُڪتو نروار ڪرڻ وارو آهي، جيڪڏهن ڪنهن نه ٻڌو ته پوءِ هو اڳ ۾ ئي بي علمي، اٻوجهائپ ۽ ڇسائپ جي گهري کوهه جي گهرائيءَ ۾ اڃان به اضافو ڪندو.
سگهڙ نما شخص جو قصو شروع ٿيندو.
”ڀائو، ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ هو غريب ڪاٺير- غريبي ۽ بد حاليءَ کان بيزار ٿي، هڪ ڏينهن هن پنهنجي پٽن ۽ زال کي ساڻ ڪري کڻي جهنگ منهن ڪيو. گهڻي وقت هلڻ کان پوءِ هو ڪنهن گهاٽي جهنگ ۾ اچي پهتا. بک ۽ پنڌ هڻي همراهن جا هڏ ساڻا ڪري وڌا هئا. بڙ جي ڪنهن گهاٽي وڻ هيٺان پنهنجي بکيي عيال کي وٺي همراهه اچي ويٺو. جيئن ئي همراهه کوپو کوڙيو، عضوا ٺريا، پنڌ جو ٿڪ ڀڃڻ لڳو، تيئن پيٽ ۾ ٻڙڌڪ مچڻ لڳس بک ڪاريهر نانگ جيان ڪر کنيو. همراهه پنهنجي پٽڙن ۽ زال ڏانهن ڏٺو. پنهنجي ٻچڙن ۽ زال کي بک کان بيحال ڏسي سندس اندر ۾ وڍ پئجي ويا. وري سندس زال جي ڀرم ۾ پيل ڳنڍ تي نظر پيس. سوچيائين ڳنڍ ۾ آهي ئي ڇا، ٻه ٽي ٺڪرجا ٿانو، هڪ اڌ سئي ڌاڳو ٻيو ٿيو مڙو ئي خير- بکيو، ساڻو، نستو، ٿڪل همراهه وڻ هيٺان ليٽي پيو- ليٽندي جيئن ئي نظر مٿي ڪيائين، ڏٺائين، وڻ تي هڪ وڏو دَکُ پکي ويٺو آهي. چوندا آهن بکيي ماڻهوءَ کي، چنڊ به مانيءَ جيان نظر ايندو آهي، سو همراهه سوچيو، ”وڃ ڀيڻان، جي پکيءَ کي ڦاسائجي ته پنهنجو واهه جو قوت ٿي پوندو!“
اِهيا سوچ اينديئي اٿي ويٺو، هڪ پٽ کي هڪل ڪيائين، ”بابا وڃ جهنگ مان سرَ وڍي آ“، ٻئي کي چيائين، ”يار تون وڻ مان سنها سنها چهبڪ ڀڃي وٺ.“ ٽئين کي چيائين، ”ڀاڻين چهبڪ ڀڃنيدو وڃي، تون انهن کي گڏ ڪندو وڃ.“ زال کي چيائين، ”ٻَڙي تون باهه تيار ڪر.“ سندس چئيوان زال چيو، ”ميان! تنهنجو حڪم سراکين تي، پر پچائڻ لاءِ ته ڪجهه به ڪونهي.“ همراهه زال کي چيو، ”ڀاڳڀري! فڪر نه ڪر اجهو ٿو تنهنجو ڪُنو بڀڪي. ڇوڪرا سامان گڏ ڪري وٺن، آئون ڍٻي ٺاهي ان پکيءَ جو شڪار ڪندس.“
ڪاٺير جي صالح اولاد بغير چون چران جي پنهنجي ڪم ۾ لڳي وئي.“ ائين چئي سگهڙنما شخص هلڪي کنگهڪر ڪري پنهنجو گلو صاف ڪيو. هڪ نظر ويٺلن تي ائين وڌائين ڄڻ يقين ڪندو هجي ته ويٺل سندس علم ۽ عقل مان ڀرپور نموني سان مالامال ٿي رهيا آهن.
”او ڀائو ڳالهه ٻڌ!“
ڪاٺير حيران ٿي ويو- هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين، پري پري تائين، سندس ڪٽنب کانسواءِ نه بندو نه بندي جي ذات. سوچڻ لڳو، آواز ڪٿان آيو. هڪ دفعو ٻيهر آواز آيو، ”ڀائو مٿي ڏس مان پکي ٿو ڳالهايان!“ ڪاٺير نظر کڻي مٿي ڏٺو- واقعي پکيءَ ٿي ڳالهايو. پکي ڳالهه جو سلسلو جاري رکيو.
”ڀائو مون کي ماري توکي ڇا ملندو!“
ڪاٺير پکيءَ کي گهوري ڏٺو ۽ وراڻيائين، ”توکي اسان جا هيڻا ڏٻرا جسم نظر نٿا اچن، الاءِ ڪيترا ويلا گذري ويا آهن. لنگهڻ ڪٽيندي. منهنجو اندر وڍجي ٿو پوي، جڏهن پنهنجي گهروارن جي بکايل پيٽ تي نظر، ٿي پويم- توکي ماري گهٽ کان گهٽ هڪ ويلو ته ٽارينداسين.“
پکي ڪاٺير جي ائين پئي ڳالهه ٻڌي ڄڻ سڄي بک سندس رڳ رڳ ۾ رچي وئي آهي ۽ پوءِ آٿت واري انداز ۾ چيائين. ”ڀائو، مون سڄو لقاءُ ويٺي ڏٺو. مون کي تنهنجي بک جو احساس ته آهي ئي آهي، پر تنهنجي گهر وارن جي ٻڌي ۽ صلحٽ مون کي حيران به ڪيو آهي ۽ خوش به- هاڻي تون مون کي ماري ويلو ٽارڻ وارو خيال ڪَڍُ، بسم الله ڪري ان وڻ جي پاڙ کي کوٽ، ايترو ملندئي جو تنهنجون ست پيڙهيون ويهي کائينديون.“
پکي پڙڪو کائي اُڏامي ويو.
ڪاٺير حيرت مان کيس ڏسندو رهيو. سوچيائين پکي ته ويو، ڀلا وڻ جي پاڙ کوٽڻ ۾ هرج ڪهڙو آهي، سو پنهنجي ٻارن سان گڏ اچي وڻ جي پاڙ کي کوٽڻ لڳو. کوٽيندي کوٽيندي ڇا ٿو ڏسي ته مار ڀينسان ديڳ دنيا جي پوري پئي آهي.“
سگهڙ نما شخص پنهنجو قصو ختم ڪيو- ويٺل سوچ ۾ پئجي ويا- مهران ۽ ڪاٺير جي وچ ۾ ڪهڙو تعلق ڪهڙو ڳانڍاپو! پر سگهڙ نما شخص ويٺلن کي سوچڻ کان بچائيندي قصي جو تت سمجهائيندي چيو؛
”ڀاءُ، اصل ڳالهه آهي ٻڌيءَ جي، جي ڪاٺير جي گهر ۾ ٻڌي نه هجي ها ته امير نه هجي ها. اهڙي سوچ آهي مهران جي گهر ۾. ڀاڳ ۽ بخت جون نديون ان ڪري پيون وهن جو انهن ۾ ٻڌي آهي“.
اها اماس جي اوڻٽيهين اونداهي، جون مهيني جي گرم رات هئي، جڏهن مهران جي ڀاڳ موٽ ڪئي هئي ۽ سندس گهر لٽيو هو. اها رات عجيب رات هئي، هڪ هئي ساهه گھٽيندڙ گرمي ۽ مٿان وري بجلي بند، مڇرن جو طوفان. اونداهي اهڙي جو هٿ نه ڏسي هٿ کي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته الله سائين نمرود مٿان نازل ڪيل سڀ عذاب ٻيهر هن ڌرتيءَ تي موڪلي ڏنا هئا.
رکي رکي ڪنهن ٻار جي رڙ ڪنهن رعد جي سيني جيان رات جي سيني کي چيريو ٿي. ٻار جي هنيانءَ ڦاڙ رڙ کان پوءِ، ان ئي ٻار جو آواز ٿي اڀريو، ”اباڙي! امان مري ويو مانءِ، گرميءَ ۾ مري ويو مانءِ، مڇر منهنجا هڏگڏ ڪُٽي کائي ويئي!“ ماءُ، مٺڙي ماءُ، جيجل ماءُ پنهنجي ٻار کي تسلي ڏيندي ۽ پکو جهليندي بجليءَ وارن کي پاراتا ڏيندي چيو ٿي، ”اڙي پانور وارئو شل ڦيٽ پويوَ- شل معصومن جي ڪيهن جي ڪا هچا پويوَ. وري ٻار کي تسلي ڏيندي چيائين، “منهنجا ٻچا سمهه سمهه مان توکي پکو ٿي جهليان، منهنجا راڻا تون سمهه.“
ڏور ڪنهن پاڙي جي ڳوٺ مان ڪنهن جوان جي درد ڀري صدا ٿي اڀري، ”الاهه الله الا، آ ڏکڻ ڏيهي ڀڃ مڇرن جي پيهي، گهوڙو ٻڌانءِ ٻير سان ڇمڪندي آ ڇير سان.“
۽ ڪنهن پوڙهي پنهنجي مينهن سان مخاطب ٿيندي چيو، ”اڙي ڀٽاري، اڳيئي اسان مئا پيا آهيون، الله کان چوري ٿا ساهه کڻون، مٿان وري توکي پچ سان مُٽَ جو مينهن منهنجي مٿان ئي وسائڻو هو.“
اهڙيون ئي آهن، ڪيهن ڀريل اونداهي رات.
جون جي گرم رات.
گرمي، جنهن جي لاءِ شيخ اياز چيو، گرمين جي موسم ۾ اتر سنڌ ۾ جيڪڏهن جبرائيل لهي اچي ته هوند سندس پر سڙي وڃن.
اهڙيئي رات ۾ مِهران جو سڀڪجهه لٽجي ويو. ڀاڳ رسي ويو، بخت ڀڄي ويو.
شايد رات جو ٽيون پهرهو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته قدرت جون آفتون اڄ پنهنجو انتقام وٺي پوءِ ئي جان ڇڏينديون.
رات جي ان پهر ۾ اچانڪ جوانن جون هڪلون اڀريون، ”نه ڇڏيندو سانءِ، هٽ پري ڀيڻ جا..... اڙي تون موتبر آن ڇا، وڏيرو آن ڇا، ڪيٽيءَ جو مالڪ آن ڇا؟ رنڊيءَ جا پٽ. نه نه....... اڙي مڙس کي ماري وجہندين.
پوءِ هنيانءَ کي هٿ وجهندڙ ڪيهه اڀري ”او منهنجا ادا......او منهنجا جاني ڀاءُ.“
هڪ وڏي او ڇنگار جو آواز.
آس پاس جي ڳوٺن جي ماڻهن کان قدرت جون نازل ٿيل سڀ مصيبتون گرمي، مڇر، اونداهي وسري ويون.
هڪ اڻ لکي خوف ۽ هراس جي لهر اڀري- ڪنهن جوانڙيءَ جي دل ۾ دهڪو پيو- اڄ شايد هُن جو انت اچي ويو.
ڪنهن پوڙهي سوچيو، ”چور به انسان جا ڦرئي ناهن، ههڙي مصيبت ۾ به شڪار ڪرڻ کان مڙن ئي نٿا.“
ڪنهن ماءُ پنهنجي جوان پٽ جي خالي بستري ڏانهن ڏٺو، سندس هنيانءَ ۾ وڍ پيو، سوچيائين، ”ڪيترا دفعا قسم ڏنا ٿمانس ته ابا چوري چڪاري کان مڙي وڃ. شل کپر تي پير پوين، سنگتي کيس ڪٿي ٿا ڇڏين. پوءِ عاجزيءَ سان الله ڏي هٿ کنيائين، ”منهنجا مٺڙا رب، ٻاجهه ڪجانءِ حقئون به ڍڪجانس ناحقئون به ڍڪجانس.“
ڪتن ۾ باهوڙ پئجي وئي ۽ ماڻهو رڙيون ڪري نڪتا، ”آيو آيو.....نه ويندين...... وٺيس وٺيس......“
جڏهن ٿوري دير کانپوءِ اصل ڳالهه جي خبر پئي ته ائين لڳو ڄڻ ته ڳوٺ ۾ قيامت اچي وئي آهي. ڪربلا برپا ٿي وئي آهي.
موسمياتي آفتن، گرمين، سردين کان علاوه ڪهڙي نعمت هئي جنهن سان قدرت واري واهه جي ڪناري تي آباد هن ڳوٺ کي نه نوازيو هو. ٻارهو ئي وهندڙ واهه.
بي تحاشا جر جو نلڪن مان ايندڙ مٺو پاڻي، جيڪو گرمين ۾ سرد ۽ سردين ۾ گرم. واهه جي ڪناري سان نمن، توت، ٽالهين ۽ سرينهن جا وڻ، جن جي هيٺان گرمين ۾ ڳوٺاڻن جا ميلا متل. تاس راند جي ڌم. رابيل ۽ گلاب جي گلن جون ڊگهيون قطارون-
ڳوٺ جي آس پاس، انبن، زيتونن ۽ ٻيرين جا باغ بهار جي رُتَ ۾ رابيل جا گل، گلاب جا گل، سرينهن جا گل، انبن جو ٻور ائين خوشبو پيدا ڪندا، لڳندو ڄڻ هر طرف خوشبوئن جا دڪان کلي ويا آهن.
واهه مان مرندڙ مڇي، جيڪا اميري غريبيءَ جي فرق کان سواءِ سڀني جو حق هئي.
ڳوٺ جي ملڪان ملڪ مشهوريءَ جو اصل سبب هو ڳوٺ جي اوڀر ۾ لين جي جهنگ ۾ پير جڙيل فقير جي اجڙيل قبر. پير جڙيل جنهن جي لاءِ ٻه ڳالهيون مشهور هيون، هڪ ته هو جلالي پير آهي. ڪنهن به مجاور کي پنهنجي مٿان آستانو اڏڻ نه ڏيندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڪوشش ڪئي به ته، جلالي پير ڪنهن جي اک ڪڍي ڇڏي، ته ڪنهن کي لولو لنگڙو بڻائي ڇڏيو، ته ڪنهن جي مورڳو گهر کي ئي باهه لڳي وئي، سندس الهه تلهه سڙي ويو. ٻيو پير جڙيل لاءِ مشهور هو ته ٻار کي ڪهڙي به بيماري هجي، ٻار ڪيترو به ڪمزور هجي، چار آچر يا سومر ٻار کي پير تي وهنجارڻ سان ٻار چڱو ڀلو ڏنڊو ڏوٽو ٿي پوندو. اهو ئي سبب هو ته آچر ۽ سومر تي پير جڙيل تي ميلو مچي ويندو هو ۽ ڌنارن جي ٻيگهي.
ڳوٺ جا ماڻهو، بلڪ، آسپاس جي سڀني ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي مستيءَ ۾ مست- سڀڪو پنهنجي ٻنين ٻارين، محنت مزدوريءَ ۾ مشغول. شادي غميءَ ۾ هڪ ٻئي ڏي ائين پير ڀرين ڄڻ ته هڪ گهر جا ڀاتي هجن- اڻ کٽ ساوڪ، گلدار ۽ خوشبودار گلن، وڻن، هر سال جهجهي نموني لهندڙ فصلن، ماڻهن جي مزاجن ۾ مٺاس، محبت، سهپ ۽ رواداري ڀري ڇڏي هئي. اهڙو پُر لطف ۽ مٺڙو ماحول ڀيانڪ رات جي ور چڙهي ويو.
ان رات مِهران جا ٻيون ۽ ٽيون نمبر پٽ، نور علي ۽ سليمان پاڻيءَ جي واري تي ويل هئا- اوچتو ئي اوچتو ڀر واري دنگئي هاريءَ سان سندن منهن ماري ٿي پئي. منهن ماري، دڙڪن، دهمانن ۾ بدلي، دڙڪن ۽ دهمانن گارين جو رنگ ورتو، گاريون ڪاري ڳن وارين چلڪندڙ ڪهاڙين ۾ بدليون.
۽ پوءِ...........
رڙ پئي........ راڙو ٿيو-
چلڪندڙ ڪهاڙي مهران جي پٽ نور عليءَ جي ميڄالي ۾ کُپي وئي ۽ سليمان جي، سڄي ٻانهن کي مڇيءَ جيان چيري ٻه ڦاڪون ڪري ڇڏيو.
جڏهن ڳوٺ ۾ حقيقت جي خبر پئي ته قهرام مچي ويو. ماڻهن کان قدرتي آفتون وسري ويون. ٿوري دير لاءِ ائين لڳو، جيڪو جتي آهي، اتي ڄڻ ته پنڊ پهڻ ٿي ويو هجي، ائين لڳو ڄڻ ڪهاڙي مهران جي پٽن جو نه پر سڀني جو ميڄالو ٻه اڌ ڪري ڇڏيو هجي.
ابتدائي صدمي کان پوءِ ائين لڳو ڄڻ لکين ڪروڙين روداليون ڳوٺ ۾ آيون آهن.
پٽڪو ئي پٽڪو….
پارئي پار…
پاراتا ئي پاراتا…...
ٻي ڏينهن جڏهن جنازو کنيو ويو ته، هر اک آلي ٿي وئي.
هر دل ۾ درد لهي آيو.
هر اک ۾ نفرت هئي، غصو هو، ڪاوڙ هئي، ڪروڌ هو. هر جذبي جي پٺيان ذاتي ۽ قبائلي انتقام جي آرزو هئي، ۽ پوءِ........
ڳوٺ ۽ آس پاس جو سڄو ماحول مٽجي ويو-
ائين ٿي لڳو ڄڻ ته وڻ ۽ گلن ۾ خوشبوءَ بجاءِ رت واسجي ويو آهي. ريتون رسمون مٽجي ويون. ڪلهه تائين جيڪي ماڻهو ذات پات جي فرق کان مٿانهان ٿي، هڪ ٻئي جي ڏک سک، مرڻي پرڻي ۾ شريڪ ٿيندا هئا. هڪ ٻئي جا ساٿي ۽ همراهه ٿيندا هئا، هڪٻئي جي ننگن کي پنهنجو ننگ سمجهندا هئا، هڪٻئي جي مال متاع ۽ فصلن جي سڳن ڀائرن جيان حفاظت ڪندا هئا، تنين جون دليون ذات پات ۽ قبيلي جي ڪدورت ۾ ڪنيون ٿي ويون. هڪٻئي کي خوني دشمن جي نظر سان ڏسڻ لڳا. هڪٻئي جي مال متاع کي دشمن ۽ مفتوح جو مال سمجهڻ لڳا.
شيطان صفت وڏيرا ۽ پاڙن جا چڱا مڙس، نفرتن تي گاسليٽ وجهندا رهيا. جلالي پير جڙيل جو جلال ٿڌو ٿي ويو. ڪالهه تائين جنهن پير تي ڪو مجاور پنهنجا پيرَ پائي نه سگهندو هو، محرم فقير سڀ کان پهريائين ته ان جو جهنگ صاف ڪري، اتي پنهنجو آستانو اڏيو. ۽ چوڻ وارا چوڻ لڳا ته، محرم فقير جي آستاني تي عاشق معشوق جي ملاقاتن سان گڏ، چرس به ملي ٿي سگهيو. آچر ۽ سومر تي ماڻهو پنهنجا ٻار وهنجارڻ لاءِ کڻي اچڻ کان لنوائڻ لڳا.
ڳوٺ جي ڪچهرين جو موضوع مٽجي ويو.
ڪالهه تائين جتي مهران جي ڀاڳ بخت جا قصيدا ڳايا ويندا هئا، اتي مِهران جي بدبختيءَ جا مرثيا ٻڌجڻ لڳا. هر ماڻهوءَ وٽ مهران جي بدبختيءَ جو پنهنجو پنهنجو تجزيو ۽ خيال هو.
ساڳيو سگهڙ نما شخص جيڪو مهران جي ڀاڳ ۽ بخت جا قصا وڏن وڏن مثالن سان ٻڌائيندو هو، تنهن مهران جي بدبختيءَ جي بيان لاءِ به مثال ڳولي ورتا هئا-
محفل ۾ آواز اٿندو، ”هاءِ ڙي بخت، اچين ته اڻ گهرئي پَل ڀرين، رسين ته راڻي جيان پرچڻ جو نالو نه ڳنهين.“
ويٺل سمجهي ويندا ته ڳالهه جو منهن ڪيڏانهن مُڙندو، اشارو ڪهڙي طرف آهي- ٿڌ ا ساهه ڪنهن جي بخت لاءِ ڀريا پيا وڃن-
سگهڙ نما شخص حسب معمول محفل جي رخ کي پروڙي وٺندو ۽ پوءِ پنهنجي سگهڙائپ ۽ قصه گوئي جي هنر لاءِ ڳالهه چوريندو؛ ”ادا هو وزير ۽ باشاهه جو قصو ٻڌو نه اٿوَ.“
ويٺلن جا ڪن کڙا ٿيندا- سگهڙ نما شخص ڏي متوجه ٿيندا.
قصو اڳتي وڌندو-
”ها ته، چون ٿا ته هڪڙي ملڪ ۾ هڪ باشاهه هو، سهڻو، سيبتو، سريلو، جيئن باشاهه ٿيندا آهن. اڄ وارن وانگر ڦورو، چور، ٺڳ، ڪوڙو نه.
باشاهه ته باشاهه هو، پر باشاهه جو وزير مڙيئي باشاهه کان ٻه رتيون ڪسر هو. الله جي ڪرڻي ائين ٿي ته هڪ ڏينهن باشاهه وزير کي چيو، ”وزير پاڻي ته پيار.“
وزير اٿيو، شيشي جي گلاس کي صاف ڪيائين ۽ ادب سان اڳتي وڌي باشاهه کي پاڻي پيش ڪيائين.
باشاهه جيئن ئي وزير کان پاڻي وٺڻ لاءِ هٿ وڌايو ۽ وزير کان پاڻي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، گلاس ۾ باشاهه جا هٿ به نه پيا ۽ وزير جي هٿن مان به نڪري ويو.
گلاس ڌڙام سان هيٺ ڪري پيو.
ويٺل وائڙا ٿي ويا، حيرت ۾ پئجي ويا، دوڏا ڦاٽي وَين.
ڇا ڏسن، مار گلاس فرش تي ڪريو، هيٺ پڪي فرش تي ڪريو، شيشي جو گلاس، پر گلاس ۾ تر جيترو به جهير نه پيو.
ان کان به وڌيڪ حيرت جهڙي ڳالهه ٿي. وزير باشاهه ڏي ڏٺو ۽ فرش تي پيل صحيح سلامت گلاس ڏي ڏٺو- سندس اندر مان رڙ نڪتي ۽ اکيون وڏ ڦڙي وانگر وسڻ لڳيون.
حيران ويٺل درٻارين جي حيراني ويتروڌي وئي. باشاهه سلامت کي پهريان ته حيرت ٿي، پوءِ غصو اچي ويو.
رڙ ڪيائين.
”وزير!“ ويٺلن جا ساهه سڪي ويا، وزير ادب مان باشاهه ڏي ڏٺو.
”اڙي وزير! ڇا جو پٽڻو ٿو پٽين ۽ هي ڪهڙي مذاق آ. مان ته سمجهندو هئس ته تون منهنجو سڀ کان وڌيڪ وفادار ۽ سياڻو وزير آن، پر اڄ مون کي خبر پئي ته تون اندر جو ڪيڏو کوٽو ۽ ڪارو آن. اڙي گلاس ڀڳو آ ته ان تي ويٺو آهين ساڙيلين رنن وانگر روئڻ. توکي منهنجي ايتري فائدي تي ايترو رنج ٿيو، پوءِ ته تنهنجي دل ۾ الاءِ ڪهڙا مچ مچندا هوندا!“
”باشاهه سلامت جان جي امان ملي ته عرض ڪريان! جيڪو توهان سمجهو ٿا مان ان لاءِ نه ٿو رَوان.“
”ته پوءِ ڇا جي لاءِ ٿو روئين؟“ باشاهه اڃان به وڌيڪ غصي ۾ گجيو-
”باشاهه سلامت“، وزير نهايت ادب، نهٺائي ۽ نماڻائيءَ سان وراڻيو- ”باشاهه سلامت، مون توهان کي پاڻي ڏنو، شيشي جو گلاس فرش تي ڪريو، ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ بجاءِ ان کي ته رهنڊ به ڪانه آئي.“
”ته پوءِ؟“
”باشاهه سلامت مٿان کان هيٺ ڪريل گلاس ۽ ان جي سلامتي ان ڳالهه ڏي اشارو ٿي ڪري ته، باشاهه سلامت جي بخت چوٽي ڪئي.“
”اڙي، پوءِ ان ۾ ڏک جي ڪهڙي ڳالهه آ؟“ ”ڳالهه آهي، باشاهه سلامت ڳالهه آهي!“ وزير ڳالهه جاري رکندي چيو- ”مٿيون باري باشاهه باشاهن جو باشاهه آ، پنهنجي ڳجهه کي پاڻهي ٿو، سمجهي، پر هر بلنديءَ کي هيٺاهين هوندي آ، هر عروج کي زوال آ. شيشي جو گلاس پڪي فرش تي ڪريو آ، پوءِ به ذريون ذريون نه ٿيو آ، ته پوءِ...........“
وزير ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي ويو- ڄڻ ته مناسب لفظ چونڊيندو هجي، پوءِ وري چَپ چوريائين، ”ته پوءِ، باشاهه سلامت جي سربخت ڏي خير هجي، ان کان مٿي بخت جي چوٽي ٿيڻي ناهي. ان کان مٿي عروج اچڻو ناهي، ان کان مٿي بلنديءَ تي وڃي نه ٿو سگهجي، ان ڪري پاڻ کي هاڻي احتياط ڪرڻ کپي.“

ويٺلن جا منهن حيرت مان اڃان به وڌيڪ کلي ويا.
باشاه ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو.
سگهڙ نما شخص ٻيڙي دکائي وڏو ڪش هنيو.ويٺلن مان ڪنهن پنهنجي چڏن ۾ هٿ وجھي کنهيو، ڪنهن مٿي کي،ڪنهن ٻيڙي دکائي ته ڪنهن ڪنن ۾ آڱر ڦيرائي. قصي جومزو وٺڻ لاءِ سگهڙنما شخص جي اڃان به وڌيڪ ويجهو سري آيا.
قصو اڳتي وڌيو. ڪجه وقت کان پوءِ ......
”منهنجا ڀائرو! الله جي ڪرڻي ائين ٿي، رب جو ڏمر ائين اچي ٽُــٽو جو رات پيٽ ۾ ملڪ مٽجي ويو.باشاه خلاف چو ڦير واويلا مچي وئي. “نه کپي نه کپي”، پي ٿي. ڳالهه ڏينهون ڏينهن زور وٺندي وئي، وڌندي وئي، ملڪ ٽانڊا ٿي ويو.ماڻهن جون اکيون اُلا ڇڏڻ لڳيون.باشاه بيوس ٿي ويو.صفا هچ ۽ لاچار. ڪا واه وسيلو ڪونه بچيس، پوءِ آزيون نيازيون،گيسيون منٿون ڪري وزير سان گڏ وٺي ائين ڀڳو، جيئن ڪنهن زماني ۾ ايران جو بادشاه، شاه ايران، يا اسان وري پاڻ واري ملڪ جو شريف نواز.
باشاه ۽ وزير جان بچائيندا، لڪندا، ڀڄندا،ٿاٻا کائيندا، اچي ڪنهن ٻئي ملڪ ، ڪنهن ڪنڊڙيءَ ۾ ٿانيڪا ٿي ويٺا.
جيڪا ٿوري گهڻي مال ملڪيت آندي هئائون، اها ته ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي وئي. هاڻي ڇا ڪن. نه ڪو اوهي نه واهي، نه ڪو مٽ نه مائٽ، نه ڪو ڄاڻو نه سڃاڻون، همراه ڪن ته ڇا ڪن، وڃن ته ڪيڏانهن وڃن!
وري به وزير سوچيو.
باتشاه کي عرض ڪيائين. ”باتشاه سلامت پاڻ وٽ ته هاڻي ڪجهه بچيو به ڪونهي، جيڪو به ارڪو ترڪو هو، کائي کپائي وياسين. هاڻي پاڻ مزوري ڪري پيٽ ته پالي سگهنداسين ڪونه، بس هاڻي هڪڙو ئي رستو بچيو آهي.“
”ڪهڙو؟“ باشاه سلامت پڇيو.
”باشاه سلامت تون منهنجو آقا آهين، منهنجو مالڪ آهين، منهنجو باتشاه آهين، مان تنهنجو ٻانهو ۽ نوڪر آهيان، تنهنجو غلام آهيان. هاڻي ٿيندو هيئن ته مان پنندس ۽ پوءِ پاڻ ٻئي پنهنجو پيٽ گذران ڪنداسين.“
باشاه عجب، ڏک ۽ بيوسيءَ مان وزير ڏانهن ڏٺو. کيس وزير جي بخت جي چوڻيءَ واري ڳالهه ياد آئي. سڏڪو سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.
نيڻ نينهن ماريل ناريءَ جيان ٽمي پيا.
وقت جو ڦيٿو ڦري ويو. ڪلهه جو وزير اڄ جو فقير ٿي ويو.
هاءِ ڙي دنيا دم دريا!.
۽ پوءِ وزير روز گدا تي ويندو هو. جيڪو ڪجهه ملندو هئس، شام جو اچي باشاه جي اڳيان رکندو هو.
ڏک سک ۾ وقت گذرندو ويو.
رکي رکي باتشاه پنهنجي باشاهيءَ کي ياد ڪري ائين ٿڌا ساهه ڀريندو هو ۽ لڙڪ لاڙيندو هو جيئن پاڻ وارو نباب شريف ڀلي پار ۾.
وزير کي وسرڻ لڳو ته هو به ڪنهن باتشاهيءَ جو وزير هو.
وري وقت ڦيرو کاڌو.
هڪ ڏينهن ڏاڍي عجيب ڳالهه ٿي.
ڄڻ ته صفا اڻ ٿيڻي، پر ٿي وئي.
ٿيو هيئن جو وزير سڄو ڏينهن گدا گري ڪندو هو. ڪهڙو انسان هو جنهن جي اڳيان هن هٿ نه ٽنگيو هو. ڪهڙو در هو جنهن تي هن سئن نه هنئي هئي. پر سڄي ڏينهن جي گداگريءَ کان پوءِ کيس ملي هئي ته هڪ سڪل ماني. ٿڪل، اداس، ڏکويل،وياڪل وزير واپس وريو.
سڄي ڏينهن جي مليل خيرات، هڪ سڪل ماني باتشاه جي اڳيان رکيائين.
باتشاه وزير ڏانهن ڏٺو، وزير باتشاه ڏانهن.
اکيون مليون.
دليون درد جو درياءُ ٿي پيون پر ٻئي سُور پي ويا.
باتشاه وزير کي چيو. ”وزير تو سڄو ڏينهن گدا ڪئي آهي، سڄو ڏينهن ڄنگهون هنيون آهن، هاڻي هيئن ڪر ته هن مانيءَ تي پهريون حق تنهنجو آهي تون هي ماني کاءُ.“
وزير وراڻيو، ”باتشاه سلامت، سڄو ڏينهن لوڙيو اٿم ته ڇا ٿي پيو، مان ته تنهنجو ٻانهو آهيان. ان مانيءَ تي پهريون حق منهنجي مالڪ يعني توهان جو آهي.“
باتشاه ۽ وزير ۾ پهريان تون پهريان تون جو تڪرار شروع ٿي ويو.
خدا جي ڪرڻي ائين ٿي ، ڀرسان ئي ڪا وزير ۽ باتشاه کان وڌيڪ بکايل ڪُتي واجهه وجهيون ويٺي هئي. موقعو ملنديئي ڪتيءَ جهپڙ هڻي، وزير ۽ باتشاهه جي هٿن مان ماني کنيون اهيا ٿي وڃئي زوم زوم ڪندي.
باتشاهه حيرت، افسوس ۽ حسرت سان مانيءَ کي ڌٺو پوءِ روئڻ لڳو.
وزير مانيءَ کي ڏٺو، ڏسي کلڻ لڳو.
باتشاهه وائڙو ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ سندس دل ۾ ڏک غصي جي شڪل ۾ باهه بڻجي ڀڙڪڻ لڳو.
وزير کي ڇنڊ پٽيندي چيائين، ”اڙي وزير! سڄو ڏينهن پنيئي، مليو ڇا؟ هڪ سڪل ماني، سا به ڪتي کسي وئي هٿن مان. تون وري کلين ٿو. ان لاءِ کلين ٿو نه ته، هاڻي گڏجي بک مرنداسين.“
”باتشاهه سلامت!“ وزير مخاطب ٿيو، ”باتشاهه سلامت کلان ٿو ته، پنهنجا ڏکيا ڏينهن ويا.“
”ڏکيا ڏينهن ويا؟“ باتشاهه سلامت چيو. ”پني پيٽ ٿا پاليون، جي ڪو لولو ملي به ٿو ته ڪتي هٿ مان کسيون ٿي وڃي، هي چوي ٿو ته ڏکيا ڏينهن ويا، واهه بَلي!“
”باتشاهه سلامت!“ وزير ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو، ”مون سڄو ڏينهن گدا ڪئي، مليو ڇا؟ هڪ سڪل ماني، سا به ڪتي هٿن مان کسي کڻي وئي. هاڻي توهان ٻڌايو ته ان کان وڏو نڀاڳ ڪا وڏي بدبختي ٿيندي جيئن ڪنهن زماني ۾ پنهنجي ڀاڳ چوٽي ڪئي هئي، ائين ئي هاڻي پنهنجي نحوست دنگ ڪيو. ان کان اڳتي ٻيو ڇا ٿيندو. باتشاهه سلامت! منهنجو سر توتان قربان. منهنجي ڳالهه جو يقين ڪريو، پنهنجي لاءِ سڻائو واءُ ورڻ وارو آهي. پنهنجا ڏکيا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آهن.
سائين منهنجا الله جي ڪرڻي ته ڏسو، رنگيءَ جا رنگ ته ڏسو! جيئن وزير سو چيو هو، ٿيو به ائين. جن ماڻهن باتشاهه کي تڙي ڪڍيو هو، تنهن ماڻهن سان اهڙي ته ويڌن ڪئي، اهڙو ته قهر ڪيو جو رعيت رڙيون ڪرڻ لڳي.
”اچي اچي واپس اچي، اڳيون باتشاهه واپس اچي.“ ماڻهن جي زور اڳيان نون باتشاهن کڻي زاري ڪئي، کڻي هٿيار ڦٽا ڪيائون. پراڻي باتشاهه کي ماڻهن ڳولهي ڦولهي وڃي هٿ ڪيو. عزت سان اچي تخت تي ويها ريائونس.
”سو، سائين منهنجا“ سگهڙ نما شخص هيڏي ساري وڏي قصي جي حاصل مطلب ڏانهن وڌيو.
”جڏهن مِهران جي گهران اڻ ڏڌيون ٿي ڇُڙيون، جڏهن نئون پراڻو گڏائي کائڻ لڳا. جڏهن ٻين جون ٻنيون فصلن ۾ کوٽ کائڻ لڳيون ته هنن جون ٻيڻيون ٿيڻ لڳيون. جڏهن مٽيءَ ۾ هٿ ٿي وڌائون ته سون ٿي ٿي پيو، تڏهن سالڪن اشارو سمجهي ورتو هو. الله جي بي آواز لٺ جو آواز ٻڌي ورتو هو، ته بخت چوٽ ڪئي. قصي ٻڌڻ کان پوءِ ويٺلن جي دلين کي درد وڪوڙي ويو. افسوس جون ريکائون سندن منهن تي اڀري آيون. مِهران، سُکي ستابي مِهران، ڳوٺ جي خوشحاليءَ جي علامت مهران سان ظالمن ڪِيسُ ڪيو هو، ظلم ڪيو هو، ناحق ڪيو هو، بغداد ڪيو هو. اهي ڪِلا خالي هئا جتي اڻ ڏڌيون ڇڙنديون هيون اهي گُنديون ۽ پَليون خالي هيون جتي نئين اَن اچڻ کان اڳ پراڻو اَن ڀريل هوندو هئو.
جوانن جون کٽون خالي ٿي ويون هيون.
صدمي ۾ ننهن اڌچري ٿي پئي هئس.
هڪڙو للنگهه پٽ رونڊو ٿي پيو هو.
ٻيو پٽ انتقام وٺڻ لاءِ ڀاڳيلو ٿي ويو هو. مِهران جي مڙس جي زبان کي تالو لڳي ويو هو، ڄڻ گونگو ٿي ويو هو.
۽ مِهران، مِهران ته خود زنده لاش هئي، سندس اکيون نور ڇڏڻ لڳيون هيون، سندس اڪثر وقت مئل پٽ جي قبر تي دشمن کي پٽون پاراتا ڏيندي ۽ موت کي سڏ ڪندي گذرڻ لڳو هو. هوءَ ڄڻ ته نه جيئرن ۾ هئي نه مئلن ۾.
پوءِ هڪ عجب واقعو ٿيو. رنگيءَ رنگ ڏيکاريو. هڪ ڏينهن مِهران رڙيون ڪرڻ لڳي. هنيانوَ ڦاڙ رڙيون، سيني ۾ درد جون رڙيون.
سڀني سمجهيو اڄ شايد مهران جون موت لاءِ دعائون اگهامي ويون. قصو پڄاڻيءَ تي پهچڻ وارو آهي.
تڪڙ تڪڙ ۾ مهران کي اسپتال کڻي ويا.
ٻئي ڏينهن جڏهن ڳوٺ جا ماڻهو مهران جي عيادت ڪرڻ اسپتال ويا تڏهن، هنن جيڪو مهران جي واتان ٻُڌو تنهن ڄڻ ته سندن پنهنجن ڪنن تان اعتبار ئي ختم ڪري ڇڏيو.
مِهران پنهنجي پوٽن، ڏهٽن، مٽن مائٽن کي ڏک ۽ حسرت مان ڏٺو ۽ پوءِ چيائين ”ڀيڻ! مان ڏانئڻ به ڪهڙي اڀاڳي آهيان، ندوري آهيان. روئندي هئس، رڙندي هئس، ٻاڪاريندي ۽ الله کي ٻاڏائيندي هئس، موت لاءِ پر جڏهن موت ويجهو ڏٺم ته مون کي پنهنجي جاني پٽ جو وڇوڙو وسري ويو. رڙيون پئي ڪيم ته بچايو بچايو. ڀيڻ مون سمجهي ورتو آ، موت گهرڻ ته سولو آ، پر مرڻ ڏاڍو ڏکيو آ.“