چچريل آڱرين کان دنيا دم درياهه تائين
هو توتن، انبن، زيتونن، نمن ۽ ٽالهين جي وڻن ۾ آباد پنهنجي ڳوٺ ڏنو واهڻ (سونہري ريگيوليٽر) کان ڏوڪريءَ پنهنجي اهل علم والد صاحب سان گڏجي هر روز صبح جو ڪتاب هٿن ۾ کڻي ڪچيءَ سڙڪ سان علم حاصل ڪرڻ اسڪول ايندو هو. تڏهن ڏوڪريءَ تائين پهچندي پهچندي پنهنجي والد صاحب کان ڪيترائي سوال پڇي وٺندو هو. ۽ ڪيترائي خيال اُن کي ٻڌائيندو هو. ٻه ڪهي چپل، تن تي سادا ڪپڙا، آرهڙ جي لڱ ساڙيندڙ جھولِن ۾ پيءَ پُٽ جي انهيءَ جوڙي کي ماڻهون بيهي ڏسندا هئا. سندن بحث جا موضوع دنيا جي سياست، مذهب، نظريا، فڪر ۽ سنڌ جي آزادي هوندا هئا. ۽ هو جڏهن ڏوڪريءَ جي شهر ۾ پهچندا هئا ته ڄڻ ڀٽائي جي بيت جو هوبهو عڪس هوندا هئا.
مٿن ٽُٻڪ ٽُٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کَڙيون کَهه ڀُڪليون، پگھر سَرَ پيرن،
اي وَڙُ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لکيو.
۽ ڪيئي سال گذري وڃڻ کانپوءِ اڄ وري سندس قلم مان هي ناول ڦٽي نڪري نروار ٿيو آهي. جيڪو سنڌ جي ماٰضي قريب ۽ حال جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. ورهه گذري وڃڻ کانپوءِ به سندس قلم ۾ اڄ به اهائي سچائي خودداري، بي انتها روانگي ۽ فڪري اُڏار جي سگھ آهي. سالن جي سخت محنتن کان پوءِ مقابلي جي امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪامورا شاهي واري طبقي ۾ شامل ٿيڻ جي باوجود هُن جي طرز زندگيءَ ۾ ڪوبه فرق نه پيو آهي. سندس طبقو تبديل هُجڻ باوجود ڀٽائي جي سٽ تي عمل پيرا آهي ته.
ايءِ نه مارنُ ريت، جوسيڻ مٽائن سون تي.
اهوئي سبب آهي جو هُن جو پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجن مارو ماڻهن ۽ زندگيءَ ڏانهن رويو اهوئي مارئي وارو آهي. جنهن جي ڪري ئي اهڙو ناول تخليق ڪري سگھيو آهي. سندس طبع زاد ناول ”دنيا دم درياءَ“ ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جا ڪيئي رُخ ۽ رنگ موجود آهن. ته ٻئي طرح سنڌ جي شهرن ۽ اعليٰ ادارن ۾ ٿيندڙ سنڌ جي استحصال جا داستان ۽ قصا آهن. جن کي پڙهندي حيرت، غم، ڪاوڙ ۽ خوشي واريون گڏيل ڪيفيتون پيدا ٿين ٿيون.
مثال طور سنڌ جي ڳوٺن ۾ جڏهن بجلي بند ٿيندي هئي ته ٻوسٽ، رُگھ جي ڪري مارو ماڻهن جو ساهه ٻوساٽبو هو تڏهن ڳوٺاڻان پنهنجي پنهنجي گھرن ۽ اوطاقن ۾ ڏکڻ جي هوا کي ڪيئن سڏ ڪندا هئا. ناول جي پهرين باب ۾ لکيل آهي ته؛
”ڏور ڪنهن پاڙي جي ڳوٺ مان ڪنهن جوان جي درد ڀري صدا ٿي اُڀري،
الاهه، الله الاهه! آءُ ڏکڻ ڏيهي،
ڀڃ مڇرن جي پيهي،
گھوڙو ٻڌانءَ ٻير سان،
ڇمڪندي آ ڇير سان.
ناول ”دنيا دم درياءَ“ اٺن بابن تي مشتمل اهڙو ناول آهي جنهن کي سنڌ جي موجوده سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصالن جو دستاويز چئي سگھجي ٿو. اٺن بابن ۾ مختلف ڪردارن جي ڪهاڻين کي اهڙي ته دلڪش انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي جو سڀني ڪردارن جون ڪهاڻيون هڪ ٻئي سان جُڙيل نظر اچن ٿيون. ناول جي ڪردارن جي ٻولي انهن جي ماحول مطابق نظر اچي ٿي. جيئن هڪ ڳوٺاڻي عورت جي بجلي نه هجڻ ڪري گرميءَ سبب ٿيندڙ تڪليف بيان ڪئي وئي آهي ته؛
”پانورءَ وارئو شل مار پئيو. آءُ منهنجا ٻچڙا آءُ ته توکي جھلي هڻان منهنجا مٺڙا رب ٻاجھ ڪجانءَ، حقؤن به رکجانس ته ناحقؤن به رکجانس.“
”ڪتن ۾ باهوڙ پئجي وئي ۽ ماڻهون رڙيون ڪندي ٻاهر نڪتا آيو آيو...........نه ويندين.............وٺينس ڙي وٺينس“
اٺن بابن تي مشتمل ناول ۾ ڪردار پڻ نج ڳوٺاڻان ۽ سنڌ سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا. جيئن مهران، سخاوت علي، جان محمد جانب، گاجي ۽ زيبل، صوفن ۽ موران، خيربخش خيراڻ، امير بخش ڪاريهر، رحمان ٽنڊڻ، دلاور حسين ۽ گُلو پٽيوالو.
سنڌ جي ادبي ماحول ۾ مختلف رُخن ۽ موضوعن تي ناول ۽ ڪتاب ڇپيا ويا آهن پر سنڌ جي اعليٰ اداري سنڌ سيڪريٽريٽ جي باري ۾ پهريون دفعو هن ناول ۾ اُتي ٿيندڙ استحصال جا قصا بيان ڪيا ويا آهن جنهن ۾ گُلو پٽيوالو، امير بخش ڪاريهر، رحمان ٽنڊڻ ۽ دلاور حسين جا ڪردار ۽ سندن مڪالما انتهائي ڇرڪائيندڙ ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيئن؛
”عجب دنيا آهي سنڌ سيڪريٽريٽ، پٽيوالي کان وٺي سيڪريٽريءَ تائين. خواهش سڀني جي کيسا ڀرڻ آهي. مَها بي ايمانن کي ايمانداريءَ جو چُولو پاتل هوندو آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سنڌ جي نالي ۾ واپار ڪيو ويندو آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ايمانداريءَ کانسواءِ باقي هر شيءَ موجود هوندي آهي. سيڪريٽريٽ جي دِروازي جي مسجد خلاف توقع آفيس جي ٽائم تي نماز وقت ائين ڀربي آهي ڄڻ اڄ دنيا جو آخري ڏينهن هُجي. لُٽ ڦُر جا شهنشاهه عوام جي ڳوڙهن کي پنهنجي جوتن جي پالش سمجھندڙ ڊگھا ڊگھا سجدا ڏيندا آهن“
صوفن جھڙي الستيءَ ڪردار کي ترجي ماڻهن هميشہ مستيءَ واري حالت ۾ ڏٺو هو. پر هن ناول ۾ صوفن جو ڪردار پڙهڻ کانپوءِ خبر پئي ٿي ته هُن ڪيڏو وڏو گناهه ڪيو هو. پنهنجي پيار کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ معصوم اسماعيل کي سدا واهه ۾ غوطا ڏئي ماري ڇڏي ٿو ۽ معصوم اسماعيل جا سدا واهه ۾ صوفن جي هٿان غوطا ڏئي مارڻ دوران لفظ اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏين ٿا ته، ڀرا صوفن ميڪون نه مار، موران تيڏي اي، موران تيڏي اي، ميڪون نه مار موران تيڏي اي“
ناول جي مڪالمن، خيالن ۽ ڳالهين کي وڌيڪ وزنائتو ڪرڻ جي لاءِ حضرت علي جي قولن، شاهه لطيف، استاد بخاري فريد بابا، بلهي شاهه، شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ بيتن کي اهڙو ته استعمال ڪيو ويو آهي جو موقعي ۽ مهل ۽ ڪردار تي ٺهڪي اچن ٿا. ناول ۾ سماجي وهنوار کان وٺي فڪري اُڏار تائين هر لفظ، هر جملو جيءَ کي جھوري رکندڙ آهي. مثال طور پهرين باب ۾گلو پٽيوالي جي واتان هي لفظ ته“
”پيڙا، ۽ اُها به موت جي پيڙا عجب آهي. دراصل موت جي پيڙا انسان ۾ زندگيءَ سان اُنس پيدا ڪندي آهي. ۽ موت جو تصور انسان ۾ جيئڻ جو اُتساهه پيدا ڪندو آهي“ خيربخش خيراڻ جي باب ۾ هڪ جڳهه تي لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ غريب شاعر ۽ ڪاري ڪري ڪُٺل جو موت هڪ جھڙو هوندو آهي. ٻئي ڪفن لاءِ محتاج ٻئي پنهنجن ڪلهن تي بار، غيرتمند، ارڏن ۽ اڙٻنگ سِرن جو مقدر مقتل گاهه ئي هوندو آهي“
ناول جي وک وک تي ماڻڪ موتين جھڙا خيال وکريا پيار آهن جن کي پڙهي ڏندين آڱريون اچيو وڃن ٿيون جيئن هي لفظ ته؛
”مالِ غنيمت صرف جنگين جي ميدان مان ئي حاصل نه ٿيندو آهي. هن دنيا ۾ هر پهچ وارو انسان بي پهچ، بي وس، يتيم ۽ غريب کي مال غنيمت ئي سمجھندو آهي. گُلو پٽيوالي جي چئن پهرن جي سڪرات واري حالت جي مختصر وقت جي اندر لکيو ويندڙ هي ناول جڏهن پڙهجي ٿو ته سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جا عڪس اُکين اڳيان اُڀري اچن ٿا. رات جي پهرين پهر کان شروع ٿيندڙ هي ناول رات جي آخري پهر جي آخري حصي ۾ گلو جي سڪرات کان پوءِ هن دنيا مان الوداع ڪري وڃڻ تي پورو ٿو ٿئي پر اُن ۾ سمايل عذابن، دردن، سچن واقعن، تاريڪ راتين جي قصن ڪهاڻُين، سنڌ جي حالتِ زار، آپيشا هي، غربت، تنگدستي، محنتن، عشقن ۽ اعليٰ مقام تي پهچڻ جا جيڪي داستان لکيا ويا آهن اُهي آنڊن ۾ هٿ وجھي لکيا ويا آهن. جن کي پڙهندي انسان جي جسم مان سِسراٽيون نڪريو وڃن ٿيون. ناول جا ڪردار هن ئي سماج ۽ ڌرتيءَ جا ڪردار آهن. اوهان کي هڪ گھڙي لاءِ به اهو محسوس نه ٿيندو ته هي ڳالهه ڪنهن ٻئي ماڻهونءَ جي آهي. بلڪه اکين ۾ آب اچڻ اُن جو ثبوت آهي ته هيءَ ڳالهه منهنجي اندر جي ڳالهه آهي. جيئن گلو پٽيوالو باب ستين جي هڪ جڳهه تي چوي ٿو ته؛
”اُن ڏينهن مون زندگيءَ جو سڀ کان اهم سبق سکي ورتو هو. اسان پٽيوالن لاءِ صاحب، صاحب ئي هوندا آهن. پوءِ اُهي پنهنجي جوهر ۾ ڪاريهر هُجن، ٽنڊڻ هُجن، يا وري صوفي هُجن“.
هدن جيسر
ڳوٺ ”منهن ماروئڙن جا“
ڏوڪري لاڙڪاڻو