ناول

دنيا دم درياءُ

هيءُ ناول سنڌي سماج توڙي بيوروڪريسي جي مٿان چڙهيل نقلي نقاب کي بي نقاب ڪري ٿو ته ٻئي طرف سنڌ جي موجوده حالتن جي محرومين ۽ مجبورين جي عڪس بندي به پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ دادلو زهراڻي بيوروڪريسي جو حصو پڻ آهي هن پنهنجي صغير ۽ شعور کي سماج آڏو جوابده سمجهي پنهنجي دامن کي بچائي هليو اهي. جنهن ڪري هن جو دامن اڄ به اجرو آهي.
Title Cover of book دنيا دم درياءُ

باب پنجون : امير بخش ڪاريهر.......

رات جي جي ٽئين پہر جو پہريون پہر.
وڇوڙي جو پہر الوداع جو پہر.
پر مون کي لڳي ٿو ته نه مان زندگيءَ کان وڇڙندس ۽ نه ئي کيس الوداع ڪندس. آئون تڙپندو رهندس، لڇندو رهندس. اڪيلو تاريڪ ۽ سرد رات، گھپ انڌيرو ۽ دل ۾، نه نه دل ۾ نه، جسم جي رڳ رڳ ۾ درد جو ديرو.
منہنجي يار خيربخش خيراڻ ڪراچيءَ مان موٽڻ کانپوءِ ٽن هفتن اندر اندر ڪئنسر سان وڙهندي هن دنيا مان الوداع ڪيو هو. انہن ڏينہن ۾ مون کي ڪا خبر ڪو نه هئي ته آئون به هڪ ڏينہن ان ڪئنسر جي درد ۾ تڙپي تڙپي مرندس.
پر ڇا ڪجي، لکيي کي ڪير ٽاري. اَمُرَ جي اڳيان ڪير اچي.
مرشد چيو نه؛
نه ڪاني نه ڪانہن، نڪو ڏوهه قلم جو،
انگ اتيئي لکيو، جتي نه رسي ٻانہن،
ڪنہن کي ڏيان دانہن، اَمُرَ مون سين ائين ڪيو.
انساني زندگيءَ جو سڄو تاڃي پٽيو اَمُرَ تي ته بيٺل آهي.
انسان سوچيندو، هينئن ڪندس، هونئن ڪندس، آخر ۾ حاصلات جي ڪتاب ۾ لکبو اهوئي جيڪو اَمُرُ عمل ۾ آڻيندو. تڏهن ته علم جي دروازي، روحانيت، زبان ۽ ڪلام جي ڌڻيءَ فرمايو هو ته، ”مون پنہنجي ارادن جي ٽٽڻ مان پنہنجي رب جي حقيقت کي سڃاتو.“
ارادا ته منہنجا به اٽل هئا. زندگيءَ جو سفر غريبيءَ سان شروع ٿيو هو. حالتن ۾ ڦيرو ان وقت آيو هو، جڏهن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پٽيوالي ملي هئي.
پٽيوالي ملڻ به هڪُ عجيب اتفاق هو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ بابي مون کي هڪ اعليٰ آفيسر جو (جيڪو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اعليٰ عہدي تي هو) نوڪر ڪري بيہاريو. مان صاحب جي مال جي واڙي ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. ڇيڻا کڻڻ ٻہاري ڏيڻ، مال کي گاهه پٺو ڏيڻ، صاحب ۽ صاحب جي مٽن مائٽن جا جوتا پالش ڪرڻ، انہن جي خدمت ڪرڻ، منہنجو ڪم هو.
صاحب مہيني ۾ هڪ دفعو ڳوٺ چڪر ضرور هڻندو هو. هڪ ڏينہن مون کي ڪم ڪندو ڏسي پڇيائين. ”اڙي گلو، گھڻو پڙهيل آهين.“
”سائين مئٽرڪ پاس آهيان.“ مون وراڻيو.
صاحب ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ چيو ”ڇورا ! سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پٽيوالي ڪندين؟“
مان اڻ ڄاڻ، بيوقوف، خاندان ۾ ڪنهن ڪڏهن ڪراچيءَ جو منهن ڪونه ڏٺو. تنهن کي سنڌ سيڪريٽريٽ جي ڪهڙي خبر. بهرحال مون به ها ڪندي دير ئي نه ڪئي، ٻانهون ٻڌندي عرض ڪيم، ”صاحب جي اهيو مون مسڪين تي ڀال ڀلائيندئو ته ستن پيڙهين تائين توهان کي دعائون ڪندس ۽ توهان جو نوڪر رهندس.“
صاحب قول جو پڪو نڪتو، ٻن ٽن مهينن اندر اندر پٽيواليءَ جو آرڊر وٺي ڏنائين.
سيڪريٽريٽ ۾ داخل ٿيڻ سان منهنجي دنيائي مٽجي وئي. منهنجو مثال ان ڏيڏر جهڙو ٿي پيو جنهن کي انڌي کوهه مان ڪڍي اچي ڪنهن سمنڊ ۾ اڇليو ويو هجي.
عجب دنيا آهي سنڌ سيڪريٽريٽ. پٽيوالي کان وٺي، سيڪريٽريءَ تائين، خواهش سڀني جي کيسا ڀرڻ آهي.
سيڪريٽريٽ ۾ ڪروڙ پتي، ڪک پتين جي روپ ۾ ايندا آهن.
مَها بي ايمانن کي ايمانداريءَ جو چولو پاتل هوندو آهي. سيڪريٽريٽ جي دروازي جي مسجد، خلاف توقع آفيس جي ٽائيم تي، نماز وقت ائين ڀربي آهي، ڄڻ ته اڄ دنيا جو آخري ڏينهن آهي.
لُٽ ڦر جا شهنشاهه، عوام جي ڳوڙهن کي پنهنجي جوتن جي پالش سمجهندڙ ڊگها ڊگها سجدا ڏيندا آهن. رب کان سڻڀي سيٽ جون دعائون گهرندي گهرندي، عجز مان سندن اکيون آليون ٿي وينديون آهن. جڏهن کين دل گهري سيٽ ملندي آهي، بي اختيار سندن زبانن تي الحمد الله جو ورد جاري ٿي ويندو آهي.
سنڌ سيڪريٽريٽ جي دروازي تي هر اهو صاحب نظر ايندو آهي، جيڪو هيٺان ڪروڙين رپين جي رشوت وٺندو آهي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اسان جهڙن پٽيوالن کي سؤ روپيا ڏيڻ کان شروعات ڪندو آهي. اعليٰ آفيسر تائين پهچندي هو هزارين روپيه خرچ ڪري چُڪو هوندو آهي ۽ بدلي ۾ سندس هٿ ۾ ”ايمانداري“ ۽ ”ڪوگهپلو ڪونه ڪيو اٿائين“ جو سرٽيفڪيٽ هوندو آهي. هو جڏهن سيڪريٽريٽ جي دروازي مان ٻاهر نڪرندو آهي ته، هڪ دفعو سيڪريٽريٽ ڏانهن مڙي ڏسندو آهي، زبردست قسم جي گار ڏئي چوندو آهي، ”سوئر جي اولاد اندر داخل ٿي ته پوليس وارن کان وٺي، پٽيوالن تائين ڪتن وانگر فقيرن کي وٺي وڃن ٿا. جي ٻه ڪروڙ روپيه ڪمايا اٿم ته ڪهڙو گناهه ڪيو اٿم، ڪهڙي اربعا خطا ڪئي اٿم، حرامين سٺ هزار خوامخواهه خرچ ڪرائي ڇڏيا، خدا پاڙ پٽيندن.....باسٽرڊس....“
سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ”سنڌ“ جي نالي ۾ واپار ڪيو ويندو آهي. قابليت جي نالي ۾ ”سنڌ“ جو سودو ڪيو ويندو آهي، وزير ۽ آفيسر پنهنجا هجن يا ڌاريا، ”سنڌ“ کي مال غنيمت ۾ هٿ آيل ڪَنيز سمجهندا آهن، جنهن جي بي رحميءَ سان عزت لٽيندڙ کي صاحب عقل سڏيو ويندو آهي.
سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ايمانداريءَ کان سواءِ باقي هر شيءِ موجود آهي.
بلهي شاهه جي زبان جي هڪ چوڻي آهي، ”سؤ رنگ تڪدي تماشي، اکيان نهي رجيان.“ سورنگن جا تماشا ڏسڻ کان پوءِ به اکيون، ٿڪيون ناهن.
سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هر گهڙي هر پل، سو رنگ جا تماشا تڪيندڙن جا منظر هوندا آهن.
شايد، ٻي جاءِ تي ڪو پنهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ڪري، جڏهن ڪنهن وزير کي گولڊ ليف سگريٽن جي دٻي جي فرمائش ڪري يا صوفن جي پيتي گهر پهچائڻ جو حڪم ڪري، يا ڪو شوقين مزاج وزير پنهنجي ”پپوءَ“ لاءِ ٻه بوسڪيءَ جا وڳا آڻڻ جو حڪم ڏئي.
ٻي جاءِ تي شايد، پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ٿئي، پر سنڌ سونهاريءَ جي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ وزير لاءِ اهيا معمولي ڳالهه آهي.
ان ئي سيڪريٽريٽ ۾ پنجويهن سالن جي عمر ۾ پٽيوالو ڀرتي ٿي آيوهئس، ڀريو ڀر ويهه سال، ان تماشي کي ڏسندي ۽ ان تماشي جو حصو ٿيندي گذري ويا. تان جو زندگي انت ڏانهن ڪئنسر جي صورت ۾ وڌڻ لڳي آهي.
هاءِ هيءَ تاريڪي، سوچيان ٿو، قبر ۾ به اهڙي اونداهي ۽ عذاب هوندو؟
وري درد جي لهر اٿي آهي. منهنجي جسم کي ائين لپيٽڻ لڳي آهي، جيئن غريب جي ڌيءُ پنهنجي ڦاٽل رئي سان ڪنهن اجنبي اڳيان پنهنجو اڌ اگهاڙو جسم ڍڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
يا الله!................ غريب جي ڌيءُ جو ڦاٽل رئو ته پنهنجي اگهاڙي جسم کي لڪائڻ ۾ ناڪام ٿيو. پر درد منهنجي دماغ جي رڳن کي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو.
اچانڪ درد جي لهر ماٺي ٿيڻ لڳي آهي. محسوس ڪيان ٿو، سنڌ سيڪريٽريٽ جي نمبر چارجي چوٿين منزل تي آهيان، ڪجهه لفظ منهنجي ذهن ۾ ٻُرڻ لڳا آهن؛
”ذليل ڪمينا، کائڻ جا کرا ڪمائڻ جا ٻَرا، ڪمينن کي ڪو ڪم ڍنگ سان ڪرڻ اچي ڪونه ٿو. چوان ٿو پاڻي سڄي پاسي کان ڏيندا ڪريو، ڀڳا بيٺا آهن کٻي پاسي کان کنيون. لڳي ٿو ته، ڪمينا ڍنگ سان مرندا به ڪونه.“
خبر اٿم، جيترو سوچ جو سلسلو گهرو ٿيندو اوترو درد گهٽ ٿيندو، ذهن تي زور ڏيان ٿو، ها ياد اچي ويو، اِهي لفظ ته مون کي امير بخش صاحب چيا هئا.

هن جو نالو امير بخش هو. پر اسان سڀ پٽيوالا، ڊرائيور، ڪلرڪ، اسسٽنٽ ۽ سيڪشن آفيسر کيس ڪاريهر ڪري سڏيندا هئاسين.
خوبصورت ڇوڪرا ۽ عورتون سندس شوق هو. هر هڪ کي ڏنگ هڻڻ سندس فطرت
”امير“ صرف ٻن حيثيتن ۾ هو، هڪ نالي ۾ ٻيو گهپلن ذريعي ڪمايل دولت ۾.
ٻيو هو غريب ئي غريب هو. سوچ ۾ غريب، علم ۾ غريب، عمل ۾ غريب. پئدائشي لحاظ کان به هو غريب هو. سندس ننڍپڻ بي رحميءَ جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي گذريو هو. جڏهن هو جوان ٿيو، ڪنهن منزل تي پهتو ته هن ڄڻ ته طئه ڪري ڇڏيو هو ته، هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل هر ذلت جو بدلو هر ماڻهو جيڪو سندس سامہون وٽس ايندو ان کان ڇڪي وٺندو.
مان جڏهن به امير بخش صاحب جي اڳيان ايندو هئس ته مون کي پنهنجي يار خير بخش خيراڻ جي ٻڌايل ڳالهه ياد ايندي هئي.
هن مون کي ٻڌايو هو؛
”هڪ ڪٻڙو هو. ڳوٺ جي سڀني ماڻهن جي ٽوڪ ۽ ٺٺول جو مرڪز. ڪهڙو ماڻهو هو جيڪو هن جي روح کي ڏنڀ نه ڏيندو هو؟ ڪهڙو ماڻهو هو جيڪو هن کي طعنو نه ڏيندو هو؟ هو ڪُٻڙو بيوس، لاچار سڀ ڪجهه سهندو هو؟ هڪ ڏينهن هن جي مٿان ڪنهن کي ڪهل اچي وئي، کيس دعا ڏنائين، ”اڙي ڪٻڙا! يار الله ڪندو سڌو ٿي ويندين.“
همراهه دعا ڏيندڙ کي عجب ۽ حيرت مان ڏٺو، کيس هٿ ٻڌي عرض ڪيائين، ”سائين مھرباني ڪري ائين نه چئو، چئه ته الله ڪندو سڄي دنيا ڪُٻي ٿي ويندي.“
دعا ڏيندڙ همراهه حيرت مان پڇيو، ”ائين ڇو ڀلا!“ ڪٻڙي همراهه وراڻيو، ”ڀاءُ دنيا کي پتو پوي ته ڪٻڙي هجڻ سان ڪهڙي عذابن مان گذرڻو ٿو پوي ۽ ڪهڙين ذلتون سهڻيون ٿيون پون.“
امير بخش صاحب جڏهن ڪنهن منزل تي پهتو، پاور سندس قدمن جي خاڪ بڻجي ويو ۽ سندس لفظ حڪم جي حيثيت رکڻ لڳو، تڏهن هن پنهنجي ذلت جو بدلو ڳڻي ڳڻي ورتو. بدلي جي باهه ۾ هن کي اهو نظر ئي نه ايندو هو ته، اڳيان ڪير آهي؟. مٽ آهي، مائٽ آهي، يار آهي، دوست آهي، امير آهي غريب آهي، شريف آهي، بدمعاش آهي، پٽيوالو آهي يا اعليٰ آفيسر. بس هن کي ياد هو ته زماني هن کي ذليل ڪيو هو، ڏک ڏنا هئا، ڏنڀ ڏنا هئا، ان ڪري هر اڳيان ايندڙ ماڻهو بي عزت ٿيڻ لاءِ ئي پيدا ٿيو آهي.
عجيب رنگ آهن زندگيءَ جا به.
ڪيڏو سهڻو سچ چيو آهي، سنڌين جي ابن ڏاڏن؛
”ماءُ ڄڻي پٽڙا، ونڊي نه ڏئي ڀاڳ.“
ڄمڻ وقت جن جي وات ۾ سون جي چمچي سان دُڪو وڌو ويندو آهي، وڏا ٿي ڪنگالپڻي جي زندگي گذاريندا آهن.
بادشاهن جي گهر ۾ فقير پيدا ٿيندا آهن ۽ فقيرن جي گهر ۾ بادشاهه.
صوفين ۽ سالڪن جي گهر ۾ پيدا ٿيل رهزن ٿيندا آهن، رهزنن جي گهر ۾ صوفي سالڪ. غريبن جي گهر ۾ پيدا ٿيل، زماني جون تهمتون ۽ ظلم ستم سهندڙ وڏا ٿي پنهنجا ڏک ۽ تڪليفون وساري ٻين لاءِ بي رحم ظالم ٿي اڀرندا آهن.
سندس ظالم، ڏاڍ ۽ جبر جي شدت ڏسي، ماڻهو حيران ٿي ويندا آهن، کين ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن.
اهڙين ئي ڪيفيتن جو جيئرو جاڳندو ثبوت هو امير بخش صاحب.
هو هڪ غريب گهر ۾ پيدا ٿيو هو.
سندس پيءُ جانب، سخت مزاج هو. هوٽل تي مزدوري ڪندو هو. سڄو ڏينهن باهه تي چانهه ڪاڙهيندو هو. سڄو ڏينهن باهه تي بيٺي بيٺي چانهه پچائڻ دوران گڏ ڪيل غصو شام جو اچي گهر ۾ ڪڍندو هو. هو جڏهن گھر ۾ داخل ٿيندو هو ته گھر ۾ ڄڻ ته راڪاس گهمي ويندو هو. مجال آهي جو ڪو ٻار ٻڙڪ ڪڍي. ڪنهن ٿانوَ جي ٺهڪڻ جو آواز اچي. غلطيءَ سان جي ڪو آواز نڪتو، پوءِ اهو ڪنهن ٻار جو هُجي يا ٿانوَ جو، ان جو نتيجو جانب جي اندر ۾ پيدا ٿيل ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ جي صورت ۾ ٿيندو هو. اهو نه ڏسندو هو ته اڳيان ڪير آهي، معصوم ٻار ۽ ڪو وڏو انسان، جيڏو ۽ جيترو ڌڪ ايندو هوس هڻي ڪڍندو هو.
امير بخش جي ماءُ سڌي سادي ڳوٺاڻي عورت هئي. هو ٻني ٻاري جو ڪم ڪار ڪندي هئي، رونبو، لابارو گاهه پٺو گهر ۾ هڪ مينهن رکي هئائين. جانب ڳوٺ جو پهريون ماڻهو هو جنهن هارپ کي هٿ نه لاتو هو. هوستن پيڙهين کان هلندڙ پنهنجي اباڻي ڌنڌي جي ويجهو وڃڻ بجاءِ شهر ۾ هٿ مزور ٿيو هو، سو به هڪ بيرو! جانب جي زال ۽ امير بخش جي ماءُ زوران لاءِ اهيا ڳالهه ڪنهن صدمي کان گهٽ ڪانه هئي.
پهرين ڳالهه ته سندس مڙس هوٽل جو مزور هو. هر هڪ جي ”شش شش“ تي حاضر آيو، جي سائين چوڻ وارو، ان ڪري سماجي حيثيت ۾ سڀ کان هيٺ، سڀ کان ڪمتر.
جيتوڻيڪ جانب جي تيز طبيعت سبب ڀائپي، برادريءَ ۾ ڪنهن کي همت ڪانه ٿيندي هئي ته ڪو هن کي سامهون ڪجهه چوي، پر زوران کي ته ان جي ڪمتريءَ جا ان جي هيڻائيءَ جا هر ڪو طعنا ڏيندو هو، هر ڪو مهڻا ڏيندو هو.
ٻيو زوران لاءِ سڀ کان وڏو صدمو اهيو هو ته، ڳوٺ ۾ ڀائپي برادريءَ ۾ سڀڪو هاري ناري هو، سندن گذر سفر سٺو نه هو ته خراب به نه هو. هر ڪوئي فصل جي مند ۾ ٻارنهن مهينن جي وِرو اچي پنهنجي گندين پلين ۾ وجهندو هو. ان کان علاوه هر ڪنهن وٽ ڍور ڍڳو، مينهن، رڍ ٻڪري هوندي هئي، سڀ ڪنهن جا مرد ڪم ڪار، گاهه پٺي ۾ پنهنجي عورتن جو هٿ ونڊائيندا هئا.
زوران. زوران جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي هئا، سندس مڙس ڇا ڪمائيندو هو. مشڪل سان ٻن ويلن جو اٽو. جڏهن هو بيمار ٿيندو هو، يا هوٽل ڪنهن سبب جي ڪري بند ٿيندو هو، تڏهن گهر ۾ لنگهڻ اچي مهمان ٿيندا هئا. تڏهن زوران پنهنجي ڀائرن کان مدد وٺندي هئي، پر نتيجي ۾ کيس پنهنجي ڀاڄاين جا طعنا مهڻا سَهڻا پوندا هئا، انهن جي ٻانهپ ۽ غلامي ڪرڻي پوندي هئي.
ٽين ۽ سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالهه اهيا هئي ته ڳوٺ ۾ سڀ ڪنهن وٽ پنهنجا سواريءَ جا جانور هئا. ڪنهن وٽ ڏاند گاڏي ته ڪنهن وٽ گڏهه گاڏو. هر ڪو وهانوَ شادي، غمي خوشي، بيماري بڙيءَ ۾ چڙهي پوندو هو پنهنجي سواريءَ تي. پر زوران. زوران ويچاريءَ لاءِ ته سواريءَ لاءِ سوچڻ به ڪنهن عظيم عذاب کان گهٽ نه هو. هوءَ وري پنهنجي ڀائرن ڏانهن واجهائيندي هئي. نتيجي ۾ ذلتن جو ساڳيو ئي سلسلو.
اهڙين ئي ذلتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل خاندان ۾ امير بخش جو جنم ٻن ڀينرن کان پوءِ ٿيو هو.
غربت ماريل سنڌ جي گهرن ۾ پٽ جو جنم ائين سمجهيو ويندو آهي ڄڻ ته غربت کي آخري تير لڳي چڪو آهي. سک ۽ سلامتيءَ جو سج اڀري چڪو هو. پوءِ جيترا گهڻا پٽ اوتري وڏي اميد. وقت هر وقت تيار هوندو آهي ان ڳالهه کي غلط قرار ڏيڻ لاءِ. پٽائتن جا پٽ جڏهن وڏا ٿيندا آهن، تڏهن سندن نصيب ۾ ساڳي ذلت، ساڳيا درد، ساڳي بک، ساڳيو بغير علاج جي موت هوندو آهي. بهرحال زندگيءَ جو اڻ کُٽ چڪر ڦرندو رهي ٿو. سنڌ ڏينهون ڏينهن خود غرضي، جهالت ۽ غربت جي ڌٻڻ ۾ گچندي ٿي وڃي.
پر سنڌ واسين جي پٽ جي تمنا، اميد جو ڪلهه به آخري روپ هو ۽ اڄ به آخري روپ آهي.
جانب ۽ زوران جي گهر ۾ امير بخش جي آمد، اميد جي جوت جرڪائي وڌي هئي.
غربت جي تاريڪ ۽ اڻ کٽ رستي تي هڪ هلڪڙو چمڪاٽ ٿيو هو.
غريباڻي حال آهر ڇَٺي ڪئي وئي.
دهل وڄايا ويا.
طهري ڀت مائٽن ۾ ورهايو ويو.
اميد جو قافلو اڳتي سُريو.
امير بخش وڏو ٿيڻ لڳو.
جيئن جيئن هو وڏو ٿيڻ لڳو، تيئن تيئن گهر ۾ هڪ هماليه جيڏو وڏو مسئلو پيدا ٿيڻ لڳو.
جانب جيتوڻيڪ پاڻ اڻ پڙهيل هو پر صدين جي روايت کان منهن موڙيو هئائين. هن هارپ بدران بئراگيري ڪئي هئي. نه ڄاڻ ڇو هن کي هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ ايندڙ صاف سٿرا ڪپڙا پاتل، پڙهيل لکيل ماڻهو جن ۾ ماستر، ڪلرڪ، داروغا ۽ ٻين ننڍين وڏين نوڪرين واراِ هوندا هئا، وڻندا هئا.
هُنن کي ڏسي ڏسي جانب جي ذهن ۾ هڪ خيال جڙيو. سوچ جو نئون زاويو، اميد جو نئون ترورو، هن فيصلو ڪيو.
سندس پٽ امير بخش نه ته هاري ٿيندو نه ئي وري هوٽل جو مزدور.
هو پڙهندو ۽ ماستر ٿيندو.
جانب جي سوچ ڪيتري به سٺي هئي پر ٽڪراءُ اڻٽر هو. زوران نه ٿي چاهيو ته سندس پٽ ننڍي لاءِ ئي راهه تان ٿڙڪي وڃي. هن جا هڏ حرام ٿي وڃن ان لاءِ هوءَ سوچيندي هئي ته امير بخش ٿورو وڏو ٿيندو ته کيس مامن جي حوالي ڪندي ته جيئن ڪڙمت جي ڪم ۾ ڪيڙائنس. جيئن هو پيءُ جيان هڏ حرام نه ٿئي. صرف ڏهاڙي ٻن ويلن جيترو اٽو ڪمائڻ جو عادي نه ٿئي هو هاري ٿئي ته جيئن هو جالارو اَنُ پيدا ڪري سگهي.
هو پنهنجون پليون ڀري رکي.
هو پنهنجي گهر ۾ سواري رکي سگهي.
هو پنهنجي برادريءَ ۾ طعنن تُنڪن کان بچي سگهي.
پر جانب جنهن جي طبيعت ٻرندڙ جبل جيان هئي، جنهن مهل ڦاٽندو هو ته اڳيان ايندڙ هر چيز کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندو هو. ان جي اڳيان زوران جي سوچ جي ڪهڙي اهميت ۽ حيثيت هئي.
مقابلو شروع ٿيو.
چوندا آهن ته جڏهن غريبي دروازو کڙڪائيندي آهي ته ”پيار“ دريءَ مان ٽپو هڻي ٻاهر ڀڄندو آهي.
اهِيا چوڻي ته انهن لاءِ آهي نه جن وٽ درن ۽ درين وارا گهر هوندا آهن.
غريب اِبن غريب صدين کان غربت جا شاهڪار نمونا، انهن وٽ ته مَنهن هوندو آهي، جهوپڙي هوندي آهي، جنهن ۾ نه در نه دروازو. ”پيار“ اهڙو پاڳل ۽ چريو ڪونهي جو انهن جي گهر ۾ اچي رهي ۽ موقعو ڏسي، ڪنهن ڪنڊ پاسي کا ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري هنن جي گهر ۾ ته ڏک ئي ڏک هوندو آهي.
پيڙا ئي پيڙا.
تڏهن ئي ته شاعر چيو؛
ڳوٺ منهنجو پريان پهاڙي تي بينظير آهي مگر بُکيو آهي،
ٿي ٻري باهه بُک جي ان ۾، ڌنڌ، دُور جهوپڙو آهي،
نه ٻاٽيءَ ۾ ٻوڙ ڪو، نه ڏياٽيءَ ۾ تيل آهي.
سو ڳالهه پڌري پَٽ هئي.
جانب ۽ زوران، امير بخش جا ماءُ پيءُ صدين جي نسل در نسل غربت جا شاهڪار. جن جو جهوپڙو،در، درين کان وانجهيل جهوپڙو، ان ۾ پيار اچي ته ڪٿان اچي.
تنهنڪري ان ۾ رڳو آواز هُيو، ٺهڪو هيو.
ڪاوڙ جو، ڪروڌ جو، بي وسيءَ جو، بک جو.......... امير بخش جيئن جيئن وڏو ٿي ٿيو، پيءُ کيس ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو، تيئن زوران جي اميد ته پٽ غربت جي ڪاري رات جو انت آڻيندو، ڪاراٽجڻ لڳي هئي.
سندس لهجي جو درد گهرو ٿيڻ لڳو هو.
هوءَ پنهنجي خوابن کي وکرندي محسوس ڪرڻ لڳي هئي.
هوءَ غربت جي ڦندي کي پنهنجي گَردن ۾ اڃان به وڌيڪ سوگهو ٿيندي محسوس ڪرڻ لڳي هئي.
پر هن کي اڃان به اميد هئي، پرائمري پاس ڪرڻ کان پوءِ شايد جانب پنهنجي خيال کان هٽي وڃي. هوءَ امير بخش کي مامن جي حوالي ڪري ته جيئن هو هارپ جو ڪم ڪار سِگهي.
اميد جو ڏئو ان ڏينهن اُجهامي ويو، جڏهن جانب وڃي امير بخش کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو.
زوران منهن مٿو پٽيو.
برادريءَ وارن ٺٺول ڪئي، ”هاڻي هي سائين جانب جو ڇورو به پڙهندو ۽ ڪليٽر ٿيندو. هاها............ ماءُ مُوري پٽ بصر خان“
ٺٺول اڃان به اڳتي وڌندي، ”ست پيڙهيون گذري ويون، اسان جي ذات مان، ڪڙم مان، قبيلي مان پڙهڻ ويٺو، آهي ته جانب جو ميان.......! وڏا چريا نه هئا جن چيو هو ته جيڪي انگريزي پڙهندا آهن، اهي دستگير باشاهه پير کي ڪونه مڃيندا آهن. اهي لادين ڪافر ٿيندا آهن. پوءِ بادشاهه پيرُ اهڙي پِٽ هڻندو اٿن جو سندن آڪهه ئي چتون ٿيندي آهي.“
انهن سڀني ٽوڪن ٺٺولن کان وڌيڪ امير بخش لاءِ سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالهه اهيا هئي ته، سندس پيءُ ڇهين جماعت ۾ کيس داخلا وٺي ڇا ڏني هئي، ڄڻ ته کانئس ماءُ جو پيار، گود، توجهه سڀ ڪجهه کسي ورتو هو. ساڻس ائين ورتاءُ ٿيڻ لڳو هو ڄڻ ته هو ڪو رولاڪ ٻار هو، جيڪو زوران کي رستي هلندي هٿ آيو هو. هاڻي هوءَ هن سان مانيءَ جي بدلي ۾ هڪ غلام، هڪ ٻانهي جيان ورتاءُ ڪرڻ لڳي هئي.
هر گهڙي، هر پل زوران هن کي احساس ڏيارڻ لڳي هئي ته هو نالائق هو. نِڪمو هو. ڪنهن ڪم جو نه هو. اڻ سڌريل هو. اٽي تي چَٽي هو. زوران جو مقدر خراب هو جو اهڙو پٽ پيدا ڪيو هئائين جنهن جا ابتدائي پرڪار ئي گندا هئا.
امير بخش هڪ سڌو سادو ٻار هو. هو اسڪول وڃڻ ۾ ڪا گَــــــهپي ڪانه ڪندو هو. هن کي ان ڳالهه تي به ڪو اعتراض ڪونه هو ته سندس ڪپڙا ڦاٽل ميرا ۽ پراڻا هوندا هئا. سياري جي سرد ڏينهن ۾ به هو، ٻن ڪَهين واري چپل پائي اسڪول ويندو هو. پراڻو ميرو ڪپڙو سرديءَ کان بچڻ لاءِ ويڙهيل هوندو هوس.
ان جي قطئه نظر هن جو شمار ذهين ٻارن ۾ ٿيڻ لڳو هو. هو انگريزي ۽ حسابن جو ماهر سمجهيو ويندو هو. رحمدل استاد سندس ذهانت کي ڏسي هميشه پيار ڀريو ورتاءُ ڪندا هئا. ڪو کيس ڪپڙو وٺي ڏيندو هو ته، ڪو کيس سياري ۾ بوٽ يا لنڊي جو سوئيٽر، کيس همٿايو ويندو هو ته، هو اڃان به محنت ڪري اڳتي وڌي.
اسڪول ۾ هن جي ڪارڪردگي ڪهڙي به هئي، گهر وارن تي ان جو رتيءَ برابر به اثر نه هو، سندس ماءُ جنهن جي نظر ۾ هو نڪمو، ڪمچور ۽ سست هو، تنهن کيس اسڪول مان ڪڍرائڻ جو هڪ ٻيو حربو استعمال ڪيو هو.
رات جو جڏهن جانب سڄي ڏينهن جي مزوريءَ کانپوءِ ٿڪو ٽٽو گهر ايندو هو. ماني کائڻ کان اڳئي زوران رينگٽ شروع ڪندي هئي، ”هئه هئه مان ڇا ڪيان، ڪاڏي وڃان، تووارو ڪليٽر، ڪليٽر ته ٿيو ڏيهه ڏٺو نه ته ڪو آکيو ٿو مڃي نه چيو. چيو مانس ته وڃ وڃي مينهن کي واهه تان پاڻي پياري آ، نه رڳو کتو جواب ڏنائين پر مون کي ۽ ڀيڻن کي به گاريون ڏنائين. پنهنجي کي سمجهاءِ. تاليم ته ڏيارينس ٿو، تميز به ته سيکارينس.“
اهِيو رينگٽ هڪ ڏينهن نه هليو.
اهيو روز جو معمول ٿي ويو.
جانب گهر پهتو ناهي، زوران امير بخش جي شڪايت سندس ڪن تي هنئي ناهي.
آهستي آهستي جانب جي برداشت جواب ڏيڻ لڳي. هو گهر پهچندو هو، زوران شڪايتن جو انبار شروع ڪندي هئي. پوءِ امير بخش جي جلالي طبيعت ۾ جلال ايندو هو. هن جي هٿ ۾ ان وقت جيڪا به شيءِ ايندي هئي امير بخش جي ان سان مرمت ڪندو هو ۽ چوندو هو، ”اڙي ڪمينا ڪتا، تون سمجهين ڇا ٿو پاڻ کي، هن غريبي حال ۾ به مان تو کي پڙهڻ ويهاريو آ. سڀني جا ٻار وتن يا ته مال چاريندا يا وتن هوٽلن تي ٻاٽا ڌوئندا. تون، تون صبح جو ٺهي سنبري شهزادن جيان ٿو وڃين اسڪول ۽ پوءِ به تنهنجا پرڪار اهِي.“
وري به زوران اٿندي هئي، دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي ته ڄاڻ سندس من جي مراد پوري ٿي. ”بس بس هاڻي ڇڏينس ڇوري جو ساهه ڪڍندين ڇا؟“
جانب امير بخش مان هٿ ڪڍندو هو.
امير بخش جي سڄي رات سُڏڪندي گذرندي هئي.
ٻي ڏينهن تي زندگي ساڳي رنگ، ساڳي رفتار ۽ ساڳي ڍنگ سان روان دوان ٿيندي هئي.
اها ڳالهه مڃڻ کان مٿي آهي ته ڪا ماءُ، جيجل ماءُ، مٺڙي ماءُ پنهنجي پٽ کي صرف ان ڪري خوار ڪري رهي هئي ته هن کي سندس پيءُ اهڙي رستي تي روانو ڪيو هو، جيڪو سندس ماءُ جي سوچ جي ابتڙ هو.
۽ پيءُ جنهن هزارين اميدن سان پنهنجي پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو، سو ڪجهه سوچڻ سمجهڻ بنا، ننڍڙي ٻارنهن سالن جي ٻار تي بي رحماڻو تشدد ڪندو.
پر اهيا هڪ حقيقت هئي، بي رحم حقيقت.
شايد مامتا سمجهيو پئي ته ائين ڪرڻ سان سندس پٽ اباڻي ڪرت ڏانهن موٽايو ويندو ۽ پوءِ نتيجي ۾ سندس عاقبت چڱي ٿيندي.
شايد پيءُ کي احساس پيدا ٿيو ته سندس پٽ ان مقصد جي لائق نه هو. هن کي شعوري يا لاشعوري طور تي احساس ٿيڻ لڳو هو ته، هو جيڪڏهن پٽ کي هوٽل تي بيهاري ها ته کيس ٻه پئسا ملي پون ها.
پر پيءُ جيڪو قدم کنيو هو ته ان تان هٽڻ لاءِ به تيار نه هو.
امير بخش ٻارنهن سالن جو امير بخش جيڪو ڪجهه ساڻس ٿيڻ لڳو هو اهو سندس سمجهه کان مٿي هو. نتيجي ۾ هوُ ڪُميءُ جيان پنهنجي اندر ۾ لڪڻ لڳو.
خوف هن کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙڻ لڳو هو.
هو ڊڄڻ لڳو هو.
هر هڪ شيءِ کان، هر هڪ ماڻهوءَ کان،
پن جو کڙڪو يا ٿانوَن جو ٺهڪو هن جي لاءِ گوليءَ جي ٺڪاوَ جيان هئا.
پيءُ جو سڏ عزرائيل جي آواز جيان لڳڻ لڳو هوس. ماءُ جي گود هن کان ايوريسٽ جبل جي چوٽيءَ جيتري اوچي ۽ پري هئي. ماءُ جي پاڇي کان به هو ٽهڻ لڳو هو. ڀينرون هن جي صورتحال کي چڱيءَ طرح سمجهي ويون هيون. هو پنهنجو هر ڪڌو ڪم هن جي کاتي ۾ وجهڻ لڳيون هيون. جي دلو ڀڄندو هو هُنن کان، ته به نالو کڄندو هو امير بخش جو. مينهن ڏهڻ نه ڏيندي هئي، آواز ايندو ضرور امير بخش ڪا کشٽ ڪئي اٿس.
زندگي صحرا جو پنڌ، ٻارنهن سالن جو ٻار بي يارو مددگار جهاڳڻ لڳو هو.
اسڪول هن لاءِ ڪنهن جنت کان گهٽ ڪونه هو. جيترو گهر کان پري هوندو هو، اوترو پنهنجي پاڻ کي سلامت محسوس ڪندو هو. هُو جيئن جيئن اندر ۾ محدود ٿيڻ لڳو، تيئن تيئن دنيا هن لاءِ ننڍڙي ٿيندي وئي، گهر جي خيال کي مٽائڻ لاءِ هو ڪتابن ۾ گم ٿيڻ لڳو. نتيجو اهيو نڪتو ته هو اسڪول جي ذهين ٻارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. پر امير بخش جي ذهانت جو والدين تي ڪو اثر ڪونه پيو. ماءُ هر وقت ڪوشش ڪندي رهي ته ڪيئن به ڪري هوءَ امير بخش کي اسڪول مان ڪڍرائي ته جيئن هو پنهنجي من جون مرادون پوريون ڪري سگهي.
چوندا آهن ته، والدين اولاد جي لاءِ ڇپر ڇانوَ هوندا آهن.
سياري ۾ باهه مثل، اونهاري ۾ ٽاڪ منجهند جو جڏهن سج نيزي پاند هجي ته بادل مثل.
پر امير بخش جو ڪيس الٽو ٿي ويو هو.
سرديءَ ۾ هن کي اڃان به وڌيڪ برف ۾ اڇليو ٿي ويو.
گرمين ۾ جهنم جي باهه ۾.
چوندا آهن، پاڻي هيٺاهين ڍوري ڏانهن وهندو آهي.
بغير ڇپر ڇانوَ جي اڪيلو امير بخش.
جڏهن والدين جو پاڇو اولاد تي ڪمزور ٿيندو آهي، تڏهن ٻار بي ساعتو، هر هڪ جي ٿڦڙ جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهي.
امير بخش سان به ائين ٿيڻ لڳو.
سندس ماما، چاچا، سؤٽ ماروٽ، ماسات، هر هڪ هن کان گڏهه جيان ڪم وٺڻ لڳو. هن جي ٿوري انڪار تي کيس هر هڪ مارڻ لڳو. ڪجهه ماڻهن ته کيس جنسي هوس جو شڪار بڻائڻ جي به ڪوشش ڪئي.
جڏهن هو راند روند لاءِ ٻاهر نڪرندو هو ته پهريان ته کيس ڳوٺ جا ٻار پاڻ سان کيڏڻ نه ڏيندا هئا. جي ڏيندا به هئا ته اهڙي نموني جو هر حال ۾ هو هارائي. ۽ هارائيندو هو ته پوءِ کيس ملندي هئي مار. هو روئندو جڏهن گهر پهچندو هو ته، ڏوهه کڻي ڪنهن جو به هجي، سندس ماءُ، مٺڙي ماءُ، جيجل ماءُ جنهن مان هن کي دلاسي ۽ ڀر جهلائپ جي اميد هئي سا دانهون ڪري چوندي هئي، ”ڪاڏي وڃان، ڪنهن کي دانهن ڏيان؟ هاءِ منهنجا نصيب منهنجا مقدر، ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرنهن. ڀيڻ ڇا ڪيان، جانو گهٽ هو جو هن نڪمي اڻ سڌريل مان به اچي ڦاٿي آهيان. روز جهيڙو. ٻيا به ٻار آهن، کيڏن ٿا. هن نود سان سڀ ڪو وڙهي ٿو، هن نود کي سڀڪو ماري ٿو. ڏوهه ته هن جو هوندو ئي نه، پر وتان مان ماڻهن سان وڙهندي، فيصلا ڪندي.“
هن جي اڪيلائي اڃان به گهري ٿي وئي، هن جو ڳوٺ ۾ ڪوبه مٽ مائٽ يار دوست نه رهيو هو.
هو والدين هوندي ڄڻ ته لا وارث ۽ يتيم هو.
هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي.
هو اٺين جماعت پڙهندو هو. گرمين جي موڪل هئي. ماءُ هن کي مينهن چارڻ لاءِ موڪليو.
جڏهن هو گهر موٽيو، ماڻس رڙ ڪئي، ”اڙي مٺيس هن نڪمي اڻ سڌريل کي ڇا ڪيان، گهڙي به ڪانه گذري آ جو مينهن ڪاهي ويو آ، ڀانءِ ته ڪي ڇتا ڪتا ڪڍ پيا اٿس جو وري واپس وريو آهي گهر. اڄ ته تو کي مان ٿي ڏسان“ ائين چئي هوءَ هن جي ڪڍ لڳي.
امير بخش وٺي ڀڳو. هن کي ڪا خبر ڪانه پئي ته ڪيڏانهن ڀڄندو پئي ويو. جڏهن هن کي ٿوري دير کان پوءِ سامت آئي ته پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪلاس روم جي اڳيان ويٺل ڏٺائين.
ڪلاس روم جي بند دروازي اڳيان ويٺي ان گهڙي هن کي محسوس ٿيو ته، ڪلاس روم دنيا جي هر گود کان وڌيڪ محبت ڪندڙ هو. ڪلاس روم جي جهولي ايڏي وڏي هئي جو هن کي هر مصيبت کان بچائيندي هئي ۽ بچائي سگهي ٿي.
هن کي محسوس ٿيو، ڪلاس روم هن جو دوست هو، ساٿي هو، سهارو هو، ڏڍ هو.
ڪلاس روم جي بند دروازي کي ڏسي کيس ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته ڪنهن مهربان فرشتي محبتن جو مينهن وسائيندي وسائيندي اچانڪ پنهنجا پر بند ڪري ڇڏيا هجن.
هن جي دل ٻڏڻ لڳي.
اچانڪ هن جي اندر مان سانوڻ جي گجگوڙ جيان سڏڪا اڀرڻ ۽ ٻڏڻ لڳا.
هن کي خبر نه هئي ته هو ڪيتري دير تائين ڪلاس روم جي اڳيان ويٺو روئندو رهيو هو.
معصوم دل جو بار روئڻ سان هلڪو ٿيو ته هن کي بک ستائڻ لڳي.
هن کي ياد آيو، مينهن جهنگ ڏي ڪاهي وڃڻ کان اڳ هن لسيءَ سان هڪ ڪڻڪ جي ڊڳڙي کاڌي هئي. جيئن ئي هن کي صبح جي ماني ياد آئي، تيئن ئي بک شديد ٿيڻ لڳي.
هن جا ته کيسا به خالي هئا.
هن ئي اسڪول ۾ ايندي هن کي ٽيون سال هو.
مهيني ۾ ڪو هڪ اڌ ڏينهن پڻس چار آنا خرچي ڏيندو هو.
سندس هم ڪلاسي جڏهن رسيس ۾ ڇولا يا ڪا ٻي شيءِ کائيندا هئا ته هو ڪلاس ۾ ويٺو پنهنجا بوڪ فيئر ڪندو هو.
رسيس ۾ خرچ ڪرڻ ته هن لاءِ هڪ حسين خواب هو. اڄ، اڄ به ڪلاس روم جي اڳيان ويٺي هن کي پنهنجي غربت جو يقين ۽ بک جو احساس هو.
جڏهن بک جي شدت وڌڻ لڳي، تڏهن هو اٿيو، بغير ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي سندس قدم بازار ڏانهن کڄڻ لڳا.
هو ڪافي دير تائين بازار ۾ گهمندو رهيو. رکي رکي کيس پنڻ جو خيال ٿي آيو، پر ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جي هن پاڻ ۾ همت نه ٿي ڀانئي.
شديد گرمي، ٽاڪ منجهند، ڪانوَ جي اک ٿي نڪتي بازار ويران ٿيڻ لڳي.
هر ڪو ماڻهو، پکي پکڻ، ڇانو ۾ ڇُپڻ لڳو.
ان گهڙي هو بازار ۾ هڪ دڪان تي اچي پهتو.
دڪان جي مالڪ جو پٽ هن جو ڪلاسي هو.
جڏهن هو دڪان تي آيو ته ڏٺائين ته اتفاق سان مالڪ گهر آرام ڪرڻ ويو هو، سندس دوست دڪان تي ويٺو هو.
هو دوست سان گڏ ويهي رهيو.
استادن، ڪلاس، گهر و ڪم ۽ ڪلاسين جون ڳالهيون ڪندي ڪافي دير گذري وئي.
ايتري ۾ هم ڪلاسي دوست جي گهران، سندس ننڍڙو ڀاءُ ماني کڻي آيو.
ماني، گرم گرم چانور ۽ تريل پٽاٽا.
بک امير بخش جي اندر ۾ ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي پئي هن جي دل مان دعا نڪتي. ڪاش! سندس دوست کيس ماني کائڻ جي صلاح ڪري.
شايد هن جي دعا اگهامي وئي هئي.
هن جي دوست هن کي ماني کائڻ جي صلاح ڪئي.
هن کي باقي ڇا گهربو هو.
هن اهڙي انداز ۾ گرهه کڻڻ جي لاءِ هٿ وڌايو، جيئن هڪ بکيي کي هٿ وڌائڻ گهرجي. پر ان کان اڳ جو هن جو هٿ چانورن تائين پهچي ۽ گرهه کڻي، هڪ ڌماڪو ٿيو.
هن کي ائين لڳو، ڄڻ ته هڪڙو ايٽم بم ڪريو هجي، جنهن سندس وجود کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو هجي. هن جيئن ئي گرهه کڻڻ لاءِ هٿ وڌايو هو، سندس دوست گرم چانور سندس هٿ جي پٺيءَ تي رکندي چيو، ”اڙي يار اميرا، تون جو مون سان ڀت کائيندين ته مان وري ڇا کائيندس؟“
هن کي ائين لڳو ڄڻ ته سندس هٿ دوزخ جي باهه ساڙيو هجي.
هو ڪو جواب ڏيڻ کان اڳ وٺي ڀڳو.
سڌو اچي قاسم باغ ۾ ساهه پٽيائين.
لڳو ائين ٿي ته اڄ سندس مقدر ۾ صرف ڀڄڻ ئي لکيل هو.
صبح ماءُ جي خوف کان ڀڳو هو ۽ ڪلاس جي بند دروازي اڳيان ويهي سڏڪا ڀري رنو هو.
منجهند جو وري دوست جي ساڙڻ کان پوءِ قاسم باغ ۾ اچي سرينهن جي وڻ هيٺان ويهي رڙيون ڪري روئڻ لڳو. اهيو ته شڪر ٿيو جو ٽاڪ منجهند جو باغ ۾ ڪير به ڪو نه هو نه ته سڀڪو سمجهي ها ته ڇوڪري کي الائي ڇا ٿيو.
روئندي روئندي هن کي ننڊ اچي وئي.
هو شام جو جڏهن ننڊ مان اٿيو ته سج جا پاڇا لڙي چڪا هئا.
هو جڏهن واپس گهر ڏانهن موٽيو ته ڄڻ ان ڏينهن هن جي شخصيت جو بنياد پئجي چُڪو هو.
گهر ۾ هن جي ڪنهن کي به پرواهه نه هئي. ماڻس کانئس مانيءَ جو پڇڻ بجاءِ، کيس ٻه ٽي ڀونڊا گهروڙي منهن ۾ هنيا. ڀينرن منهن کي موڙو ڏئي چيو، ”آيو آهي سُڌريل.“ پر اڄ هن جي ذهن تي ڪنهن به ڳالهه جو اثر نه پيو. رات جي ٿڪ بُجي کانپوءِ مليل ماني کائي هو سمهي پيو.
صبح جو جڏهن اٿيو ته هن لاءِ ڄڻ نئون صبح هو.
هن جو ٻاروتڻ ڄڻ ته پورو ٿي چڪو هو.
هن ڄڻ طئه ڪري ڇڏيو ته هو ڪجهه ڪري ڏيکاريندو هن ڄڻ ته اهيو به طئه ڪري ڇڏيو ته، ڪير کيس ڇا به چوي هو زندگي پنهنجي انداز ۾ جيئندو. ان ڏينهن کان پوءِ هن جي طبيعت ۾ ضد ۽ خود غرضيءَ جون علامتون شدت سان اڀرڻ لڳيون.
هن پنهنجي آمدنيءَ جو به هڪ ذريعو ڳولي ورتو.
هو ڪلاس ۾ امير شاگردن جا بوڪ پئسن تي فيئر ڪندو هو ۽ پنهنجو ضرورتون پوريون ڪندو هو.
وقت تيزيءَ سان گذرڻ لڳو.
سڀني ذلتن، تنبيهن، مارموچڙن جي باوجود به هن مئٽرڪ ”A“ گريڊ ۾ پاس ڪئي. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ، هن جي زندگيءَ ۾ هڪ نئون موڙ آيو.
شهر جي هڪ وڪيل، هن جي خوبصورت اکرن کي ڏسي کيس پاڻ وٽ ٻه سؤ روپيه ماهوار تي منشي ڪري رکيو.
جڏهن مهيني جي پهرين تاريخ ٿي، وڪيل کان جانب هن جي پگهار اچي ورتي. ان ڏينهن جانب کي پهريون دفعو احساس ٿيو ته، جيتوڻيڪ ڇوري ۾ ڪو چڱو لڇڻ ڪونه هو، پر پوءِ به هن ڇوري کي پڙهائي ڪو نقصان جو سودو نه ڪيو هو.
ان ڏينهن امير بخش کي پنهنجي پهرين يڪمشت ڪمائي کي پنهنجي هٿن سان ڇهڻ جو ايتري ته شدت سان احساس ٿيو هو. پئسا ڄڻ ته نوٽ نه ڪنهن حسينه جو جسم هجن، پر هو پيءُ جي اڳيان بيوس ۽ لاچار هو.
هن کي پنهنجي ڪمائيءَ جي کسجڻ جو شدت سان ڏک ٿيو.
وقت جا پاڇا پنهنجا پاسا بدلائيندا رهيا.
امير بخش جي زندگيءَ جو پاسو بدليو. وڪيل، جنهن هن کي منشي گيري ڏني هئي، هن تي ڏينهون ڏينهن مهربان ٿيڻ لڳو. وڪيل، جنهن جي عمر پنجاهه کان مٿي هئي، کيس ٻه پٽ ۽ ٽي ڌيئرون هيون. ان جي باوجود به هو شهر ۾ شيخ اياز جي لفظن ۾ لوطيءَ طور مشهور هو.
آهستي آهستي وڪيل امير بخش جي ڪم کان وڌيڪ هن جي جسم ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو.
وقت جي بيرحمي هئي، اندر جي گُهٽ هئي، پيار جي اڻ هوند هئي يا بي پرواهي، امير بخش پنهنجو جسم وڪيل جي حوالي ڪري ڇڏيو.
جيئن ڏينهن گذريا، امير بخش وڪيل جو گهر ڀاتي ٿي ويو.
وڪيل کان هن جا ٻه سؤ روپيه ته سندس پيءُ جانب وٺندو هو پر جيئن ته هو وڪيل جو ”پيارو“ هو ان ڪري کيس وڪيل سادا سودا ڪپڙا، پڙهائيءَ جو خرچ ۽ ڪڏهن وڌيڪ خرچ به ڏيڻ لڳو.
ان جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ جو نتيجو اهيو نڪتو ته هن انٽر به ”A“ گريڊ ۾ ڪري ورتي.
انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ ستت ئي وڪيل هن تي ٻي مهرباني ڪئي.
وڪيل امير بخش کي ڪراچيءَ جي ڪورٽ ۾ ڪلارڪي وٺي ڏني.
ڳوٺ ڇڏيندي امير بخش کي ائين لڳو ڄڻ ته سندس مٿان پهاڙ جو وزن هٽي ويو هجي.
امير بخش جي ڳوٺ ڇڏڻ جي پندرهين ڏينهن کانپوءِ وڪيل کي پتو پيو ته سندس ٻيو نمبر سترنهن سالن جي ڪنواري ڌيءَ ٽن مهينن جي حمل سان هئي.
امير بخش شايد زماني کي ان جي زبان ۾ جواب ڏيڻ جو هنر سکي ورتو هو.
وڪيل هِن جي جسم کي چکندو هو ته هُن وري وڪيل جي ڪنواري ڌيءَ جي جسم مان ور ور ڪري سواد ورتو هو.
هن کي وڪيل جي ڌيءَ سان ڪو عشق ڪونه هو. ڪا تڙپ نه هئي. ڪو احساس ڪونه هو. هن ته ڄاتو ٿي ته هي صرف جسمن جي مٽا سٽا جو سودو هو.
جڏهن ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو ته هن جي ذهن جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ به اها ڳالهه ڪانه هئي ته دنيا جي گولي تي ڪا سترنهن سالن جي ڇوڪري به هئي، جنهن کي هن حامله ڪيو هو.
ڪراچي، سمنڊ جي ڪناري تي اڏيل سنڌ جو شهر.خود هڪ سمنڊ، انسانن جو سمنڊ، ٻولين جو سمنڊ، سوچن جو سمنڊ، پيار جو سمنڊ، اجهاڳ بي پناهه، بي ڪران سمنڊ.
چوندا آهن ته هر قوم جو هڪ محبوب شهر هوندو آهي. پنجابي هن دنيا ۾ ايستائين پيدا ٿيل نه سمجهيو ويندو جيستائين لاهور نه ڏسندو.
ڪلهه جي بمبئي اڄ جي ممبئي هندستان جو ڪشش ثقل.
بنگالي شايد ٽئگور جي شاعري ڪلڪتي تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي.
قنڌار، پٺاڻن کي بندوق جيترو پيارو آهي.
عربن لاءِ بيروت ۽ دبئيءَ تان پئرس قربان.
سنڌين لاءِ ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين، ڪراچي محبتن جو محّور نه هو.
ڪراچي ته بي وڙو، بي ترتيب، بي موسمو شهر هو.
سنڌين لاءِ ته دنيا جي گولي تي هڪ ئي شهر هو،
حيدرآباد!
هوائون حيدرآباد جون،
حورون حيدرآباد جون
جايون حيدرآباد جون........
مائرون به دعا ڪنديون، ”ابا الله ڪندو حيدرآباد جو ڪليڪٽر ٿيندين.“
اتر سنڌ ۾ گرمين ۾ هوا گهلندي، پوءِ زبانون لکنديون ”هاءِ هاءِ! اڄ ته صفا حيدرآباد ۾ ويٺا آهيون.“
لاڙ ۾ فصل لٿو ناهي، ماڻهو حيدرآباد پهتا ناهن.
شاعر حيدرآباد تي شاعري ڪندا.
اديب حيدرآباد تي ڪهاڻيون لکندا.
جهونا حيدرآباد جي هيرآباد کي ياد ڪري اداس ٿي ويندا.
نوجوان حيدرآباد جي قاسم آباد جا تصور ڪري پنهنجي نئين زندگيءَ جا نوان خواب لهندا آهن.
چون ٿا ته، دنيا ۾ تيزيءَ سان موسمياتي تبديليون اچي رهيون آهن.
موسمون بدلجن ٿيون، مزاج بدلجن ٿا.
جيتوڻيڪ حيدرآباد، اڄ به سنڌين جي محبتن جي امين آهي، پر ڪراچي، سنڌين جي ذهنن ۾ حيدرآباد جي ساهيڙي ٿي اڀرڻ لڳي آهي.
ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته سنڌي ڪراچيءَ کي هڪ نوخيز ڇوڪري جيان ڏسڻ لڳا آهن ۽ ڏسندي ڏسندي سندس عشق ۾ گرفتار ٿيڻ لڳا آهن.
تڏهن ئي ته ڪراچي سنڌ جي دل سڏجڻ لڳي آهي.
ادب ۾ حيدرآباد سان گڏ ڪراچي به برابر جي حصيدار ٿيڻ لڳي آهي.
امير بخش جڏهن ڪراچيءَ پهتو هو، تڏهن سنڌين جي ڪراچيءَ سان عشق جي نئين ابتدا هئي.
هو ڪراچيءَ ۾ سيشن ڪورٽ ۾ اچي جونيئر ڪلارڪ ٿيو. کيس ساڍا چار سؤ ماهوار پگهار ملڻ لڳي. جڏهن هن کي نوڪري ملي، جانب علي هوٽل تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ماءُ بيمار رهڻ لڳي، ڀينرن جي شادي مٿي تي اچي ڪڙڪي. هن جي دل چاهيو ته، هو مائٽن کي ٻڌائي ته، هنن ساڻس ڪهڙا ڀال ڀلايا آهن جو هو هاڻي هنن جي مدد ڪري. پر هو ائين نه ڪري سگهيو. مهيني جي پهرين تاريخن ۾ هو ٽي سؤ روپيه مني آرڊر ذريعي جانب ڏي ڏياري موڪليندو هو. ۽ ڏيڍ سؤ روپين مان پنهنجي گذر سفر ڪندو هو.
هو غربت، بي حسي ۽ لاچاريءَ مان ڀڳو هو.
پر وک وک تي غربت سندس اڳيان هئي.
ٻن ڪمرن جي ڪراچيءَ واري گهر ۾ رهندي هن کي ٽڪي ٽڪي جو حساب رکڻو پوندو هو. گهر جو ڪرايو. سفر جو ڪرايو ۽ هنڊيءَ جو حصو. صدر جي لنڊا بازار ۽ لائيٽ هائوس مان ڪپڙا، جوتا جوراب ۽ گنجيون وٺندو هو. موڪل واري ڏينهن پوري هفتي جا ڪپڙا ڌوئندو هو. مهيني ۾ هڪ دفعو هزاري وال جي هوٽل تان دال فرائي کائيندو هو ۽ خوش ٿيندو هو. ۽ سڄو ڏينهن ڪورٽ ۾ ڪم ڪندو هو. شام جو واپس اچڻ کانپوءِ پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر ٿڪ کان چور چور، سندس دل پڙهڻ ڏانهن مائل نه ٿيندي هئي
پر پوءِ به هو همت نه هاريندو هو، ڪوشش جاري رکندو هو. هن جو خواب هو سي ايس ايس ڪرڻ جو، هن جلد پنهنجي خواب جي تعبير ڏسڻ ٿي چاهي. هن جو هر پل جنگ ۾ گذريو ٿي.
اڻ کٽ جنگ، جنهن جو انت هن کي مستقبل ۾ نظر نه ٿي آيو.
پر هڪ ڏينهن سندس قسمت وري پلٽو کاڌو هن لاءِ هڪ نئون سج اڀريو، خوبصورت رنگين صبح.
ٿيو هينئن، هڪ ڏينهن هو ڪورٽ ۾ ڪم ڪري رهيو ته هڪ ماڻهو ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ ڪورٽ ۾ آيو. اتفاق سان هُن جو ڪم هِن جي ٽيبل تي هئو.
بنيادي طرح هي رُکو ماڻهو، نه ڪنهن سا دعا نه سلام ڪم سان ڪم، بلڪه ائين چئجي ته ڳالهه ٻولهه، دوستي ان سان جنهن ۾ هن جو ڪم هوندو هو. پران ڏينهن خلاف توقع ڪيس جي سلسلي ۾ آيل ان ماڻهوءَ سان هن جو رويو خوش اخلاقيءَ وارو هو.
ڳالهه ٻولهه کان پوءِ پتو پيو ته همراهه جو نالو نسيم هو. هو نيويءَ جو ريٽائرڊ آفيسر هو. بنيادي طرح فيصل آباد جو پنجابي هو پر ڪراچيءَ ۾ ان ئي ڪالونيءَ جي ان حصي ۾ ٻه سؤ چاليہه گزن جي گهر ۾ رهندو هو، جنهن ۾ امير بخش رهندو هو.
ڪورٽ ۽ جلدي ڪم؟ ائين ڄڻ آسمان مان ستارا لاهڻا هجن، ڄڻ ٻٻرن کان ٻير پيدا ڪرڻا هجن، ڄڻ رڍن اڳيان رباب وڄائڻا هجن. ڪورٽ جي وهنوار کي سمجهڻ لاءِ ضروري آ ته ماڻهو هندستان جي فلم ”نٿورام حاضر هو“ ڏسي وٺي.
نٿورام ويچارو مصيبت جو ماريل، زماني جو ستايل جوان هو، جڏهن سندس پيءُ جو انتقال ٿيو هو. مرندي مرندي سندس پيءُ ڳچيءَ ۾ هڪ عجيب ڳٽ وڌو هو. کيس وصيت ڪئي هئائين ته هن پنهنجي اباڻي ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ تازو ئي جيڪو ڪيس ڪيو هو، تنهن جي پيروي ڪري ۽ پنهنجي حق ضرور حاصل ڪري.
نٿورام ويچارو، پنهنجي پيءُ کي چتا تي چاڙهڻ کان اڳ ڄڻ ته خود به چتا تي چڙهي ويو هو.
پر جوان هو، سگهه هئس، رت ست هئس، سو لڳي پيو پنهنجي پيءُ جي وصيت کي پورو ڪرڻ جي ڪڍ. هو محنت مزوري ڪندو هو. پئسا گڏ ڪري وڪيلن جي پورائي ڪندو هو ۽ مهيني ۾ هڪ يا ٻه ڏينهن ڪورٽ ۾ حاضر ٿيندو هو.
خبر ئي نه پئي ته وقت ڪيئن گذري ويو.
نٿورام سڄو برف جيان اڇو ٿي ويو.
شادي ڪيائين ٻار پيدا ڪيائين، انهن جون شاديون ڪرايائين، نانو ڏاڏو ٿي ويو.
ظاهري طرح سڀڪجهه بدلجي ويو هو.
موسمون، گهر گهاٽ، مٽ مائٽ، رشتا ناتا، پر ويچاري نٿورام لاءِ نه بدليو هو ته ڪورٽ جو دستور.
هن جي مرندڙ پيءُ هن کان واعدو ورتو هو. هن پاڻ سان وچن ڪيو هو ته، هُو به مرڻ گهڙيءَ تائين ڪيس جي پچر نه ڇڏيندو.
پوءِ ٿيو به ائين ئي.
هڪ تاريخ تي ٿڙندو ٿاٻڙندو لٺ ٺهڪائيندو، اچي ڪورٽ جي ڏاڪڻين تي ويٺو.
ٿوري دير کانپوءِ، ڪورٽ جي چوبدار آواز ڏنو، ”نٿورام حاضر هو.“ هڪ دفعو ٻه دفعا ٽي دفعا آواز لڳائي چوبدار پنهنجي ڪاروائي پوري ڪئي. ڪورٽ جي ڏاڪڻين هيٺان نٿورام ليٽيو پيو هو. هو واعدو وفا ڪندڙ ۽ زبان جو پڪو شخص هو. هن پنهنجي پيءُ سان ڪيل واعدو پنهنجي ساهه جي آخري گهڙين تائين پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
سو نٿورام جيان ويچاري نيويءَ جي ريٽائرڊ آفيسر نسيم جو به ڪورٽ ۾ ڪم جو تڪڙو اُڪلاءُ جيڪو ٿيڻو هو سو ته زماني کي ڏسڻو هو، پر هڪ ڳالهه اهيا ٿي ته امير بخش سان سٺي دعا سلام ٿي ويس.
هڪ ڀيري نسيم موڪل واري ڏينهن امير بخش کي پنهنجي گهر چانهه پيئڻ جي دعوت ڏني.
هو ڳوٺاڻو ڇوڪرو، جهوپڙن، ڇنن ۽ مَنهن ۾ رهڻ وارو، ڪراچيءَ آيو هو ته جيل نما ڪوٺڙين ۾ رهڻ لڳو هو. خوبصورت گهر صرف ٻاهران ڏسندو هو ۽ انهن گهرن کي پنهنجي خواب جو حصو بڻائيندو هو. پر اڄ هن زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڪو خوبصورت گهر ڏٺو هو. نسيم صاحب هن کي وڏي سڪ ۽ اڪير مان مليو، کيس ڊرائينگ روم ۾ ويها ريائينس.
ٿوري دير کان پوءِ، اميربخش جون اکيون اڃان به حيرت مان ڦاٽي ويون، جڏهن هن ڏٺو ته چوويهن پنجويهن سالن جي هڪ خوبصورت ڇوڪري، خوبصورت ٿانون ۾ چانهن کڻي آئي. ڇوڪري هئي يا پري! جلا وطن سنڌي اديب موهن ڪلپنا لکيو آهي ته ”لاهور جي ڇوڪرين جي ڳٽن تي مکڻ لڳل هوندو هو.“
برابر سچ هو.
سندس اکيون اياز جي هن شعر جهڙيون هيون؛
اکيون آرزوئون، اکيون التجائون،
اکيون يار تنهنجون صدين جون صدائون.

گلابي رنگ. مٿان گلابي ڪپڙا، رئو ڳچيءَ ۾. هن عورتون اڳ ۾ به ڏٺيون هيون. هڪ الهڙ جوانيءَ جي جسم جو واس به ورتو هئائين. هوءَ به هڪ وڪيل جي ڌيءُ هيءَ پر هئي ته وري به ڳوٺاڻي ڇو ڪري نه.
پر هيءَ جواني، هيءَ خوبصورتي، هي انداز هن لاءِ بلڪل ايئن نئون ۽ دل کي ڇهندڙ هو، جيئن هي انتهائي خوبصورتيءَ سان سينگاريل گهر.
هن جا جذبا شديد ٿيڻ لڳا.
پرائو گهر، پرائو ماحول. هو پنهنجي جذبن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي جستجو ڪرڻ لڳو.
هن جي خيالن جو سلسلو تڏهن ٽٽو، جڏهن نسيم صاحب کيس ٻڌايو، ”هوءَ زهرا سندس وڏي ڌيءُ هئي، ايم بي اي پاس آهي هڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ اسسٽنٽ مئنيجر آهي.“
پوءِ چانهه هلي. ڳالهين جو دؤر هليو، ڳالهيون ڇا هيون هي ٻهراڙيءَ جو ٻار، ماريل، هراسيل، هيسايل، هن جي زبان مان صرف هون هان ٿي نڪتو اندر ۾ آنڌ مانڌ هئس، سوچ جو محّور صرف هو ته، خوبصورت گهر ۽............زهرا.
ڳالهين ۾ نسيم صاحب ٻڌايو ته، هن کي هڪ وڏو پٽ هو ۽ پنج ڌيئرون هيون. پٽ آسٽريليا ۾ هوس جڏهن ته ڌيءُ زهرا کانپوءِ ٻيو نمبر ڌيءُ سونيا ٽئين سال ۾ ڊاڪٽريءَ جي شاگردياڻي هئي.
هڪڙي ننڍڙيءَ بي بي اي پئي پڙهيو. هڪ نائين جماعت ۾ هئي ۽ ٻي اٺينءَ ۾.
هن جي دل ۾ دهڪو ٿيو. نسيم صاحب اگر کانئس سندس خاندان جي باري ۾ پڇيو ته هو ڇا ٻڌائيندو پر اڄ لڳو ائين ٿي ته ستارن جي چال هن جي حق ۾ هئي.
چانهه پيئڻ دوران زهرا ويٺي رهي. هوءَ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ جي ماڻهو ڀرتي ڪرڻ واري شعبي ۾ اسسٽنٽ مئنيجر هئي. ماڻهن جي پرک ڪري تڪي توري، ڪمپنيءَ ۾ ڀرتي ڪرڻ سندس ئي ذميواري هئي. محسوس ائين ٿي ٿيو ته ويٺي ويٺي ڄڻ ته هن به امير بخش جي شخصيت جي گڻن ۽ اوگڻن جو اندازو لڳائي ورتو هو.
موڪلائڻ مهل نسيم صاحب هن کي چيو ته هو هن گهر کي پنهنجو گهر سمجهي ۽ موڪل واري ڏينهن ضرور گهر جو ڀيرو ڀڃي.
هو جڏهن پنهنجي کوليءَ تي موٽيو ته اڄ هن جي ذهن جي اڏام جو ڪوانت نه هو. هن زندگيءَ ۾ هڪ خوبصورت گهر ۽ هڪ خوبصورت ڇوڪري ڏٺي هئي.
ڇوڪري جيتوڻيڪ هن کان ٻه اڍائي سال وڏي هئي، پر پوءِ به هن بي پناهه ڪشش محسوس ڪئي. پهريون دفعو هن کي احساس ٿيو ته هن جو بغير ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي عزت ۽ احترام ڪيو ويو هو. پيار ڏنو ويو هو، پر خلوص آجيان ڪئي وئي هئي. هن پنهنجي اندر ۾ پنهنجي خوابن ۾ رنگ ڀربي ڏٺا. هن جو ارادو اڃان به مضبوط ٿي ويو ۽ ان سان گڏ هن جو پنجابين جي باري ۾ تصور ۾ ڏار پيو.
زمانو چوندو آهي ۽ وڏي حد تائين سچ چوندو آهي ته، صديون گذري ويون جو پنجابين پنهنجي بزرگن جي محنت ۽ سخاوت ۽ رواداريءَ جي پيغام واريون خوبصورت ادائون اڇلائي ڇڏيون هجن جيئن جانور بدهضميءَ کان پوءِ الٽي ڪندو هجي. پنجابين جي پوري زندگيءَ جو دارومدار ان شيءِ تي اچي بيٺو آهي ته، ”آيو آهين ڇا آندو اٿئي، وڃين ٿو ته ڇا ڏئي ويندين.“ پنهنجي مفاد ۽ مطلب لاءِ پنجابي ڪجهه ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندو. ڪراچيءَ ۾ ته امير بخش اهي چوڻيون به ٻڌيون هيون ته، ”پنجابيون ڪِي بستي، آٽا مَهنگا، پر........... سَستي.“ حد ته اها هيءَ ته، هن ڪورٽ ۾ پنهنجي ڪنن سان سان هڪ پنجابي وڪيل کي وڏي واڪي کلي ٽهڪ ڏئي ڏئي چوندي ٻڌو هو، ”اڙي ڀائي اسان کي سمجهو ڇا ٿا، اسان پنجابي ناهيون، اسان پنج عيبي آهيون، پنج عيبي.“
پر اڄ ته سڀ ڪجهه اُلٽو ٿيو هو. هن صرف ايترو ڪيو هو ته ڪورٽ ۾ آيل نسيم صاحب سان خوش اخلاقيءَ سان پيش آيو هو. ان جي بدلي ۾ هن شخص ڇا ڪيو هو. خوبصورت گهر ۾ پنهنجي خوبصورت ڌيءُ هٿان هن کي چانهه پياري هئائين ۽ پنهنجي گهر جا دروازا هن لاءِ کولي ڇڏيا هئائين.
ڪراچيءَ جي رستن تي هلندي، سوچن جي سمنڊ ۾ ترندي پتو ئي نه پيو ته هفتو گذري ويو. موڪل واري ڏينهن هن پنهنجو پاڻ کي روڪڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي. ٺيڪ چئين وڳي هن اچي نسيم صاحب جي گهر جي گهنٽي وڄائي.
ننڍڙي ڇوڪريءَ درجي اندران پڇا ڪئي، ”ڪون“؟
هن مختصر جواب ڏنو، ”امير بخش“.
ان کان اڳ جو ننڍڙي ڇوڪري ڪو جواب ڏئي، اندران ٻي ڇوڪريءَ جو آواز آيو، ”هما اس ڪو اندر ڊرائينگ روم ۾ بٺائو. ۾ آتي هون“
هما در کوليو ۽ هن کي اندر اچي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو.
پندرنهن ويهن منٽن کانپوءِ امير بخش محسوس ڪيو ڄڻ ته، ٽاڪ منجهند جو آسمان ۾ اچانڪ بادل ڀرجي آيا هجن.
پياسي ڌرتيءَ جي اڃ اجهائجي وئي هجي.
آسمان ۾ ڪونجن قطار ٺاهي هجي.
جهولي جي موسم ۾، ڪا ٿڌڙي هير لڳي هجي.
ڪمرو خوشبوءَ سان واسجي ويو.
امير بخش اندازو نه لڳائي سگهيو ته خوشبو پرفيوم جي هئي يا زهرا جي جسم جي.
زهرا، تازي ٽڙيل گل جيان ٽڙندي بي حد خوبصورت مرڪ مرڪندي هن جي سامهون واري صوفي تي ويٺي زهرا جا وار کليل اڌ سندس سيني تي ۽ اڌ سندس پٺيءَ تي، ڪارو وڳو پاتل. اکين مان ائين ٿي لڳو ڄڻ ته زهرا کي امير بخش جي اچڻ جو انتظار هو.
هن جي حيرت کي زهرا ٽوڙيندي چيو، ”اڄ اَبُو ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويل آهي، پر چڱو ٿيو جو توهان آيا. مون کي اندازو هو ته توهان ايندا.“
هو خاموش هو ۽ خاموشيءَ ۾ سوچيندو رهيو،
زهرا کي هن جي اچڻ جو اندازو ڇو هو، ڇا هو زهرا لاءِ آيو هو. يا زهرا هن جي انتظار ۾ اُتاولي هئي.
آخر ۾ هن به خاموشيءَ کي ختم ڪيو، ڳالهيون شروع ٿيون.
ڳالهيون، خوشبودار ڳالهيون. مزيدار ڳالهيون. ڳالهيون جن ۾ دلربائي هئي، پنهنجائپ هئي، حجت هئي، يا اڃا گهڻو ڪجهه هو. پهريون دفعو، هيسيل، هراسيل، احساس ڪمتريءَ جي ماريل امير بخش جي به زبان کلي هئي ۽ کلي به ايئن هئي جو واهڙ وهائي ڇڏيا هئائين.
اڄ چانهه زهرا جي ننڍي ڊاڪٽرياڻي ڀيڻ سونيا پياري هئي.
ڳالهيون ڪندي ڪندي پتو ئي نه پيو ته پورا ٻه ڪلاڪ گذري چڪا هئا. هن زهرا کان موڪلايو. موڪلائڻ مهل زهرا هن کي پنهنجي آفيس جو نمبر ڏنو ۽ کيس رابطي رکڻ جو تاڪيد ڪيو.
هو جڏهن پنهنجي کوليءَ نما گهر ڏانهن موتيو ته هو شهر جي شور و غوغاءَ کان بي خبر هو. بازار ۾ هلندڙ ماڻهن جو اڻ کٽ سمنڊ به کيس نظر نه ٿي آيو.
هن جي دل ۾ سوچن جون عجيب لهرون ٿي اٿيون. هي ساڳيو امير بخش، جيڪو ماءُ جي اڳيان اٽي تي چٽي هو، پيءُ کي احساس هو ته هن غلط فيصلو ڪيو هو، ڀينرن لاءِ نڪمو ۽ فضول، هڪ وڪيل هن جي ذهانت سان گڏ هن جي جسم کي استعمال ڪيو هو. اڄ ساڳي امير بخش کي ڪراچي شهر جي هڪ سهڻي ڇوڪري بغير ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي پنهنجائپ جو احساسن ڏياريو هو. پنهنجي قرب ۾ ڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي هيءَ ۽ رابطو رکڻ جو تاڪيد ڪيو هو، رکي رکي هن جي دل ۾ گمان ٿي پيدا ٿيو ته، ڪٿي ايئن نه هجي ته ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي وڃان.
پنهنجي گهر پهچندي پهچندي هن هڪ فيصلو ڪري ورتو هو.
ڇا به هو. ڪيئن به هو. نتيجو ڪهڙو به نڪري، هو زهرا جي قرب جو پورو پورو فائدو وٺندو.
ٻي ڏينهن جڏهن هو ڪورٽ پهتو. پهريون ڪم ته اهو ڪيائين ته هيڊ ڪلرڪ صاحب کان موڪل وٺي زهرا جي آفيس فون ڪيائين.
هُن پاسي ايئن لڳو ڄڻ ته هن جي فون جو ئي انتظار هو، پوءِ رابطا وڌيا. هن زهرا کي سڀ ڪجهه ٻڌايو. پنهنجي غريبي پنهنجي محرومي ۽ پنهنجا خواب.
زندگيءَ جي گونا گونين ۾ ايئن ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اچانڪ، اوچتو، اتفاق سان اهڙا انسان اسان جي زندگين ۾ داخل ٿيندا آهن، جيڪي زندگيءَ جا رُخ ئي موڙي ڇڏيندا آهن.
امير بخش سان به ايئن ٿيو.
زهرا کي امير بخش سان پيار ٿي ويو. محسوس ايئن ٿيڻ لڳو ته قدرت زهرا کي امير بخش جون محروميون مٽائڻ ۽ خواب کي تعبير ڏيڻ لاءِ موڪليو هو.
رابطو اڳتي وڌيو، احساس گهرو ٿيو.
زهرا فيصلو ڪيو.
هن پنهنجي گهر جي ٽين ماڙ تي ڪمرو خالي ڪيو.
ان ۾ امير بخش جي رهائش جو بندوبست ڪيائين. زهرا ڪمري ۾ هڪ نفيس قالين لڳرايو، سٺو پلنگ لڳرايو، نفيس پردا هڻايائين. سولي سنڌيءَ ۾ ايئن چئجي ته ڪمري کي ايئن سينگار يائين ڄڻ ته گهوٽ جو ڪمرو هجي.
هڪ ڏينهن زهرا امير بخش کي چيو ته، هو ڪورٽ مان اڌ ڏينهن جي موڪل ڪري وٽس آفيس ۾ اچي. امير بخش حڪم جي تعميل ڪئي.
زهرا ڪم ڪار مان واندي ٿي امير بخش کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهاريو. ايترين مهربانين ڪرمن کان پوءِ امير بخش کي ته اهو يقين هو ته زهرا جو اڄوڪو قدم به خير ۽ برڪت جي علامت هوندو. پر نتيجو ڇا نڪرڻو هو، ان جو پتو ان مهل پيو جڏهن زهرا جي گاڏي بونانزا جي هڪ دڪان اڳيان پهتي.
ان ڏينهن زهرا، امير بخش جي شخصيت مڪمل طرح سان مَٽائي ڇڏي.
هن امير بخش کي چار پنج بونانزا جا بهترين وڳا ٽاءِ سميت وٺي ڏنا. انگلش بوٽ هائوس تان کيس ٻه بوٽ ۽ هڪ سينڊل وٺي ڏنو. ان کان پوءِ هوءَ امير بخش کي سڌو پارڪ ٽاور تي وٺي آئي.
زهرا امير بخش کي پارڪ ٽاور تي ان جاءِ تي اچي ويهاريو جتان سامهون سمنڊ ٿي نظر آيو ۽ پاڻ سئنڊ وچ ۽ پيپسي ڪولا وٺڻ وئي.
ڪنهن سالڪ چيو آهي، نانگ ريجهائڻ سولو ڪم آهي، انسان کي سمجهڻ ڏکيو ڪم آهي،
ڪو شڪ ڪونهي ته انسان جي زندگي انڊلٺي رنگن جيان آهي. پر اها به ته هڪ حقيقت آهي ته هن دنيا ۾ اڪثر انڊلٺي زندگي ته صرف انهن جو مقدر هوندي آهي نه، جن وٽ پئسو هوندو آهي، طاقت هوندي آهي، وسيلا هوندا آهن. باقي انسان ويچارن جي زندگي زرد رنگ جي دائري ۾ ئي ڦرندي ڦرندي گذري ويندي آهي.
زندگي ۾ اوچتو ايندڙ موڙن کان به ته انڪار نٿو ڪري سگهجي نه! موڙ مٽيو ناهي زندگيءَ جو رنگ، ناز انداز بدليو ناهي، موڙ جي مٽجڻ سان ڪڏهن ته زندگيءَ ۾ اڪيچار رنگ ڀرجي اچن، هزارين دلڪشيون اڀري اچن، بي پناهه دلبريون جهوليءَ ۾ اچي ڪرن ۽ ڪڏهن ته موڙ مٽجڻ سان انيڪ محروميون ناڪاميون اچي اڳيان ڦڻ ڪڍي بيهن.
هاءِ ڙي زندگي.
امير بخش جي زندگيءَ جو موڙ به ڪيئن مٽجي ويو هو. ظاهري طرح هن وٽ هيو ڇا. ذلتن جي ڊگهي تاريخ. ڪورٽ ۾ معمولي ڪلرڪي. ڊگهو قد، سنهو جسم، سانورو رنگ، رُکي طبيعت ڪنهن به نظر سان ڪنهن به رُخ کان منجهس ڪا ڪشش ڪا نه هئي.
پر لڳو ايئن ڄڻ ته بادل برسيو، انڊلٺ جي ريکا اڀري ۽ هڪ ذهين ۽ حسين نوڪريءَ واري ڇوڪري امير بخش جي اڳيان بي وس ٿي وئي.
امير بخش کي جن ڏٺو، جيڪي سڃاڻندا هئا يا جيڪي هن جي ڪهاڻي پڙهندا تن جي لاءِ امير بخش جي ڪهاڻي سگهڙن جي محفل جي اهڙي ڳجهارت هوندي، جنهن کي پرکڻ، پُرجهڻ ۽ پروڙڻ سڀ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي.
امير بخش جي ڪهاڻي ته ان پراڻي زماني جي بادشاهه جهڙي ڪهاڻي ٿي لڳي، جيڪو هيو ته فقير، هڪ ڏينهن گدا ڪندي ڪندي جڏهن شهر جي دروازي مان داخل ٿيو ته ڏٺائين، مار ڀينسان اڳيان بادشاهه جو جنازو پيو اچي.
فقير جي زندگيءَ جو موڙ مٽيو.
اچانڪ هڪ آواز اڀريو، ”با ادب با ملاحظه هوشيار،“ ڀير تي ڏونڪو لڳو ۽ هڪ آواز ڀريو، ”نئين بادشاهه سلامت جي تعظيم ڪئي وڃي.“
سڀ امير، ڪبير، مشير، وزير بادشاهه جي جنازي کي هڪ پاسي تي رکي فقير جي اڳيان با ادب ٿي بيهي رهيا. فقير ويچارو قسمت جو ستايل، مصيبت جو ماريل، در در جي ٽڪرن تي گذران ڪندڙ، پهريائين ته پنهنجي گودڙيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙي بيٺو ته متان، سندس جملي مال متاع کي کسڻ جي ڪا سازش، ڪا اٽڪل هجي.
اچانڪ وڏو وزير اڳتي وڌيو، فقير کي ست دفعا جهڪي سلام ڪيائين ۽ هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيائين، ”شهنشاهه محترم منهنجو گهر گهاٽ، مال متاع، ڍور ڍڳا، ٻار ٻچا توهان تان قربان. جان جي امان ملي ته عرض ڪيان. اسان جو بادشاهه سلامت جنهن جو جنازو هاڻي هينئنر کنيون پيا وڃون، بيحد رحمدل ۽ عوام جو هر دلعزيز بادشاهه هو. هو پنهنجي رعيت لاءِ ڇا ڇا نه ڪندو هو. کين پنڻ کان بچائڻ لاءِ هر مهيني خيرات طور وظيفو ڏيندو هو. پر افسوس جو کيس اولاد ڪونه هو. مرڻ مهل وصيت ڪئي هئائين ته منهنجي بادشاهي منهنجي مرڻ کانپوءِ ان ماڻهوءَ کي ڏني وڃي جيڪو سڀ کان پهريائين سندس جنازي جي اڳيان اچي.“
زندگيءَ موڙ مٽيو.
فقير بادشاهه بڻجي ويو.
ساڳيو حال امير بخش جو هو. هو ذلتن جي اجهاڳ سمنڊ ۾ ٿڦڙيو هو. لڳو ايئن ٿي ته ڪنارو ملڻ کان اڳ ۾ ئي هو ٿڦڙي ٿڦڙي مري ويندو.
جڏهن زندگيءَ موڙ مٽيو ته هو نرالي دنيا ۾ داخل ٿي چڪو هو. داخلا به عجيب طريقي جي داخلا. هڪ حسين ڇوڪريءَ معرفت داخلا.
هو جنهن ماحول مان آيو هو، تنهن ۾ عشق ته هو پر ايئن کلم کُلا ته نه هو نه. اهو ماحول ته شاعر محمد عليءَ جي لفظن ۾ ايئن هو؛
توڏي ڏسجي به ڪنڌ هيٺ ڪري،
ريت آهي، روايتون آهن.

هتي، هِتي ته مرشد جي لفظن ۾ نينهن اجهل هو. هڪ ڇوڪري پنهنجي پوري خاندان جي اڳيان هن کي Paying Guest ڪري وٺي آئي هئي. ڇوڪريءَ جو پيءُ هن کي ٻچن جيان پيار ۽ عزت ڏيڻ لڳو هو.
زهرا امير بخش جي سڄي شخصيت کي تبديل ڪري ڇڏيو. زهرا هن کي کائڻ ۽ پائڻ جو ڍنگ سيکاريو. کيس پڙهڻ جي سهولت پيدا ڪري ڏني. کيس نئين همت ڏني ۽ کيس يقين ڏياريو ته هن جو خواب نا ممڪن نه هو. هو ذلت ۽ عزيبيءَ جي جنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو، ان مان نڪرڻ يقيني هو.
امير بخش به پنهنجي خواب جي تعبير لاءِ سرٽوڙ ڪوشش ۾ لڳي ويو هو.
هو صبح جو نوڪريءَ تي ويندو هو. هاڻي کيس کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ جو ته فڪر هئو ڪونه. شام جو موٽندو هو. ٿورو آرام ڪندو هو ۽ پوءِ ڪتابن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندو هو.
ننڍ پڻ کان وٺي ڪتاب ۽ ڪلاس روم هن جي پناهه گاهه رهيا هئا. هاڻي جو هن کي سهولتون ۽ پيار مليو هو ته، هن جون صلاحيتون نکرڻ لڳيون هيون. هو رات جو دير تائين پڙهندو هو.
اڌ رات جو زهرا هن کي چانهه پياريندي هئي. سندس خدمت ڪندي هئي. هر لحاظ کان خيال ڪندي هئي.
امير بخش کي زهرا جي ڳلن کان وڌيڪ پير وڻندا هئا. هو هفتي ڏهين ڏينهن، هڪ دفعو زهرا جا پير پنهنجي جهوليءَ ۾ رکندو هو. ان کي ايئن چمند هو ڄڻ ته پير نه مٺڙا سنڌڙي انب هجن. زهرا جا پير چمندي چمندي هڪ سازو ڄندو هو.
انڊ لٺ جا ست ئي رنگ آسمان تي اڀرندا هئا.
پکي جي هوا ازخود ٿڌي ٿي ويندي هئي.
اڌ رات جو جهرڪيون آکيري مان، منهن ٻاهر ڪڍي انسانن کي عجيب حرڪت ڪندي ڏسنديون هيون.
امير بخش پهريان جهومندو هو، پوءِ مست ٿيندو ۽ آخر ۾ بدمست ٿي ڪري پوندو هو. عين ان وقت، ان گهڙي ساز وڄڻ بند ٿي ويندو هو.
انڊ لٺ جا رنگ الوپ ٿي ويندا هئا.
پکو ڄڻ ته بند ٿي ويندو هو.
۽ جهرڪيون شرم وچان آکيري ۾ اندر هليون وينديون هيون.
پتوئي نه پيو، ٽي سال گذري ويا. امير بخش CSS جو امتحان ڏنو. زهرا جو پيار، ان جي ڏنل سهولتن ۽ امير بخش جي ذهن ڪرشمو ڪري ڏيکاريو. هو پهرئين ڌڪ ۾ CSS جو امتحان پاس ڪري ويو.
جنهن ڏينهن نتيجو آيو هو، هو پاس ٿيو هو ۽ ايس ڊي ايم ٿيو هو، ان ڏينهن هن کي لڳو هو هن جي خواب کي تعبير ملي وئي هئي، ۽ هن دنيا فتح ڪري ورتي هئي.
ان رات امير بخش جو نئون روپ نڪتو هو. لالچي خود غرض، بي رحم، لفظن جا نشتر هڻندڙ.
ان ۾ ڪو شڪ هو ڇا ته زهرا نه هجي ها ته امير بخش ڇا هجي ها؟ ڪورٽ ۾ ڪلرڪ، ڪاغذن جي داخلا رکندڙ، فائيل ڳوليندڙ، هيڊ ڪلرڪ ۽ سپرنٽينڊنٽس جا دڙڪا کائيندڙ.
زهرا هن کي ماني ڏني هئي.
زهرا هن کي مان ڏنو هو.
زهرا هن کي ماڻهپو ڏنو هو.
زهرا هن کي پيار ڏنو هو.
زهرا سڄي ساري هن جي قدمن ۾ وڇائجي وئي هئي، پر ان رات زهرا کي ملندڙ موٽ ڏاڍي ڏکوئيندڙ هئي. بي رحم هئي. جهوريندڙ هئي.
سڄو ڏينهن زهرا جو خوشيءَ ۾ جهومندي گذريو هو. هڪ هڪ واقفڪار کي هن امير بخش جي ڪاميابيءَ جو ايئن ٻڌايو هو، ڄڻ ته اها ڪاميابي امير بخش جي نه پر هن جي هئي.
زهرا کي به لڳو هو ته، چنڊ آسمان مان لهي اچي سندس جهوليءَ ۾ ڪريو هو.
ان رات زهرا امير بخش جي مان ۾ گهر ڀاتين سان گڏجي ننڍڙي پارٽي ڏني هئي.
ان رات نسيم صاحب امير بخش کي سيني سان لائي نرڙ تي چمي ڏني هئي.
ان رات زهرا جي ماءُ امير بخش کي چيو هو ته هن جي نظر ۾ امير بخش ۽ سندس آسٽريليا ۾ رهندڙ پٽ ۾ ڪو فرق ڪونه هو. امير بخش سندن ٻچو هو، گهر ڀاتي هو، الله کيس سدائين سکيو رکندو.
ان رات زهرا جڏهن امير بخش جي ڪمري ۾ آئي هئي ته نئين ٽڙندڙ گل جيان لڳي رهي هئي. هن امير بخش جي پسند جو گلابي وڳو پاتو هو. پنهنجي پسند جي پرفيوم هنئي هئي ۽ کليل وار، ايئن ٿي لڳا ڄڻ ته امير بخش کي کائي ويندا.
هوءَ امير بخش جي ڀرسان اچي ويٺي. لڳو ايئن ٿي ته، اڄ هن کي ڳالهائڻ لاءِ لفظ نه ٿي مليا. نيٺ هن ڪوشش ڪري ڳالهايو، ”امير بخش مبارڪ ٿئي، اسان جو خواب پورو ٿيو.“
امير بخش زهرا ڏانهن نظر کڻي ڏٺو به نه.
اڄ ته هن زهرا جا پير به پنهنجي جهوليءَ ۾ نه رکيا هئا. زهرا ان بي رُخيءَ کي محسوس ڪرڻ کان سواءِ جوش ۾ چيو، ”امير بخش خبر ٿئي، مون کي ان ڏينهن جو ڪيترو انتظار هو.“
امير بخش ڳالهايو، ”تو کي ڇو انتظار هو؟“
زهرا ان گهڙي شايد جذبن جي جوش ۾ هئي. هوءَ سوال جي گهرائيءَ کي، طنز کي محسوس نه ڪري سگهي هئي.
”امير بخش!“ زهرا ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”جنهن ڏينهن مون تو کي پهريون دفعو ڏٺو هو. مون کي ايئن لڳو هو ڄڻ ته خدا تو کي منهنجي لاءِ پيدا ڪيو آهي. مون کي تنهنجي لاءِ. ان ڏينهن کانپوءِ بس مون کي ايئن لڳو ته مان تنهنجون محروميون تنهنجي وجود مان ايئن ميڙي وٺان جيئن ماکي گل مان رس ميڙي وٺندي آهي. تنهنجو هر خواب مون کي پنهنجو لڳڻ لڳو هو.“
زهرا ساهه کنيو، وري ڳالهائڻ لڳي، ”امير بخش سچ ته اهو آهي ته مون کي پنهنجا خواب وسري ويا هئا. پوين ٽن سالن ۾ مان هر گهڙي تنهنجي لاءِ جيئندي رهي آهيان. اڄ جڏهن تو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي ته ڄڻ ته مون سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي. هاڻي مهيني ٻن کانپوءِ تون لاهور هليو ويندين ٽريننگ تي. هڪڙو ڪم ٿا ڪريون، اُيندڙ هفتي پاڻ مڱڻو ٿا ڪريون. شادي جڏهن تون ٽريننگ ڪري واپس ايندين ته پوءِ ڪنداسين.“
زهرا ڳالهه ختم ڪئي. پيار مان اميد سان امير بخش ڏانهن ڏٺو.
امير بخش زهرا ڏانهن ڏٺو. هن جي نظرن ۾ پيار نه هو، نه ئي وري اظهار تشڪر هو.
هن جون نظرون بي عڪس ۽ بي رحم ٿي لڳيون. نيٺ امير بخش ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”زهرا تو کي غلط فهمي آهي.“
زهرا وائڙي ٿي وئي، هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. هن صرف هڪ لفظ سواليه انداز ۾ چيو ”غلط فهمي؟“
”ها زهرا، تو کي غلط فهمي ٿي آهي!“ امير بخش ڳالهايو. ”تون پاڻ ڏانهن به ڏس، مون ڏانهن به ڏس. مون کان چار سال وڏي آهين. لڳي ته ايئن ٿو ته تون ته منهنجي ماءُ برابر آهين. توسان شادي ڪري مون کي پاڻ تي جڳ ته نه کلائڻو آهي.“
زهرا کي لڳو، شايد سندس ڪنن ۾ ڪو مسئلو آهي. هوءَ سمجهڻ لڳي. شايد هوءَ امير بخش جي لفظن کي سمجهي نه ٿي سگهي.
ڏور آسمان مان ڪو تارو هيٺ زمين تي ڪريو ڪو نشان ڇڏڻ بنا گم ٿي ويو،
امير بخش ڳالهايو، ”زهرا مڃان ٿو ته تنهنجا مون تي احسان آهن. برابر، پر انهن احسانن جو تو مون کان پورو پورو بدلو به ته ورتو آهي. اڌاڌ رات تائين مان تنهنجون خواهشون پوريون ڪندو رهيو آهيان. تو ته مون کي پنهنجو ڄڻ ته رکيل ڪري رکيو هو ۽ اڄ جڏهن مان پنهنجي محنت ۽ همت سان ڪامياب ٿيو آهيان، تڏهن تون مون کي دنيا اڳيان پنهنجي Prized Trophy جيان پيش ڪرڻ ٿي چاهين. ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. اڄ کان پوءِ تنهنجو منهنجو ڪو رشتو ڪو واسطو ڪونهي.“
امير بخش بستري تي ليٽي پيو.
زهرا لاءِ شايد سج نيزي پاند اچي ويو.
شايد زلزلو آيو. ٻه جبل پاڻ ۾ پيهي ويا. هر شيءِ ذرو ذرو ٿي وئي.
شايد ڌرتي ڌٻي، زمين جو ذرو ذرو موهن جو دڙو ٿي ويو.
قصور جي بلهي ڳايو،
”تيري عشق ني نچايا ڪرڪي ٿيا ٿيا.“
فريدڻ فرمائڻ لڳو،
”رو وي سسئي تيڏا لُٽيا شهر ڀنڀور اي.“
شايد استاد بخاري ان لمحي لاءِ چيو هو،
”هڪ شخص هڪڙي شهر ۾ دانهون گهڻيون ڪيون،
بي درد لوڪ بند کڻي در دريون ڪيون،

هڪ لمحي ۾ ٽن سالن جو سفر پورو ٿي ويو.
رشتا احساسن کان خالي ٿي ويا.
پيار، ڪٺل ڪڪڙ جيان ڦٿڪڻ لڳو.
زندگيءَ جون رنگينيون بي رنگ ٿي ويون.
درو ديوار جنن ڀوتن جيان ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
زهرا جون وڏيون ۽ سمنڊ جهڙيون گهريون اکيون اجهامي ويون. اتي ويٺي ويٺي زهرا ڏٺو، امير بخش کي ننڊ اچي وئي هئي. هاءِ ڙي زندگي!
اڳي ايئن هياس، جو پنهونءَ ڌو تم ڪپڙا،
اڄ ايئن ٿياس، جت نه نِين پاڻ سين.

ڪالهه تائين هوءَ جڏهن ڪمري ۾ داخل ٿيندي هئي امير بخش ڪرسي يا بستري تان ايئن ٽپ ڏئي اٿندو هو ڄڻ ته، هوءَ مهاراڻي هئي ۽ امير بخش هڪ درٻاري.
سندس پيرن کي ايئن چميو ويندو هو، ڄڻ ته مٿن گلقند هاريل هجي. سندس وارن ۾ ايئن هٿ ڦيريا ويندا هئا، ڄڻ ته گلاب جي گلن جون قطارون هجن. سندس چهري کي ايئن چميو ويندو هو، ڄڻ ته ڪعبي جو غلاف هجي.
امير بخش پنهنجي پڙهائيءَ جو حساب ايئن ڏيندوهو، ڄڻ ته پاڻ شاگرد هجي ۽ زهرا سخت گير استاد.
پر اڄ جڏهن اکرن مان لفظ جڙيا، لفظن مان جملا جڙيا ته سڀ ڪجهه بدلجي ويو. تبديل ٿي ويو. اجنبيت جون ديوارون اوچيون ٿي ويون. خود غرضيءَ جي تلوارن ڪنڌ ڪيرائي وڌا.
ان رات کان پوءِ ايئن لڳو، نسيم صاحب جي گهر ۾ ڄڻ ته ڪو قضيو ٿيو هجي.
اُداسي.............. هر طرف اداسي، بي رحم، ڏائڻ جيان کائيندڙ اداسي اچي گهر تي ديرو ڄمايو هجي.
زهرا رائيڊرڊ هيگرڊ جي ناول She جو ڪردار لڳڻ لڳي.
بي وس، ڪٺل، وياڪل، پنهنجي عمر کان ويهه سال وڏي.
امير بخش جو پير زمين تي نه ٿي لڳو. هو، هوا ۾ اڏامي رهيو هو.
ٻن مهينن کانپوءِ جڏهن هو سِٽي اسٽيشن تان لاهور جي والٽن اڪيڊميءَ لاءِ روانو ٿيو هو، ان وقت زهرا هن کي الوداع ڪيو هو.
ان کان اڳ، زهرا والٽن وڃڻ لاءِ اميربخش کي اڪيڊميءَ ۾ گهربل شين لاءِ خريداري ڪرائي هئي. شاليمار ايڪسپريس ۾ A.C پارلر ۾ سندس ٽڪيٽ بڪ ڪرائي هئي.
ڀلاڙي عشق! سچ چيو اٿن، لڳيءَ کي لعنت آهي، امير بخش جي لاهور وڃڻ کانپوءِ زهرا ستت ئي آسٽريليا هلي وئي.

 امير بخش آفيسر ٿيڻ کانپوءِ سڄي جڳ جهان کي پنهنجو دشمن يا ٻانهو ۽ غلام سمجهڻ لڳو. هن بي حد پئسا ڪمايا، ڳوٺ ۾ چڱي خاصي زمين ورتائين پنهنجي مٽن مائٽن جي معاش جو ذريعو اهڙو جوڙيائين جو سڀ سندس غلامي ڪرڻ لڳا. امير بخش جو هر لفظ هنن لاءِ حڪم جو درجو رکندو هو. هن چار شاديون ڪيون هيون، آخري شايد ٻاونجاهه سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ جي هڪ سورنهن سالن جي مئٽرڪ پاس ڇوڪريءَ سان ڪئي هئائين.
جڏهن هو ويهين گريڊ ۾ سيڪريٽريءَ جي حيثيت سنڌ سڪريٽريٽ ۾ داخل ٿيو هو تڏهن هو سڄي سنڌ ۾ امير بخش ڪاريهر جي نالي سان مشهور ٿي چُڪو هو.
ساڳيو ئي ڪاريهر وارو وير، ساڳيو ئي ڪاريهر وارو ڏنگ، چار شاديون ڪيون هئائين. گهر ۾ به آرام ايندو ڪونه هيس، صبح جو ٺيڪ اٺين نائين وڳي دفتر ۾ داخل ٿيندو هو، رات جو ٻارهين کان اڳ گهر واپس وڃڻ جو نالو نه وٺندو هو.
آفيس ۾ سندس محبوب مشغوليت هئي ماتحتن کي دٻائڻ ۽ ميٽنگون ڪرڻ.
ميٽنگس صبح جو نائين وڳي کان شروع ٿينديون هيون ۽ رات جو ٻارهين وڳي ختم ٿينديون هيون. ڪنهن کي ڪا خبر ڪانه هوندي هئي ته ميٽنگ ڇا تي آهي، ڳالهه ڪهڙي ٿي، فيصلو ڪهڙو ٿيو.
سهڻو نوجوان ڊرائيور ۽ ميٽنگ صاحب جا شوق هئا.
آفيسر هڪ مهيني اندر اندر بيمار ۽ بيزار ٿي ويندا هئا.
گهڻن کي دل جو دؤرو پوندو هو، گهڻا بلڊ پريشر جا مريض ٿي ويندا هئا ۽ گهڻا مٺن پيشا بن جا مريض.
جڏهن صاحبن سان اها حالت هئي، پوءِ ڪلرڪ ۽ پٽيوالا ڪهڙي کاتي ۾ هئا.
اسان پتيوالا!
پيدائشي نوڪر.
صاحب رات کي ڏينهن يا ڏينهن کي رات چوي ”جي سر“ چوڻي اسان جي عادت.
پر اڻ کٽ عذاب جو درد، اسان جي وجود مان به گذرندو هو. بلڪه ٻين کان گهڻو گذرندو هو.
هڪ ڏينهن اهڙين ئي عذاب جي گهڙين مان گذرندي امير بخش صاحب مون کي گاريون ڏيندي چيو هو،
”ذليل ڪميڻا کائڻ جا کرا ڪمائڻ جا ٻرا، ڪمينن کي ڪو ڪم ڍنگ سان ڪرڻ اچيئي ڪونه ٿو. چوان ٿو پاڻي سڄي پاسي کان ڏيندا ڪريو، ڀڳا بيٺا آهين کٻي پاسي کان کنيون. لڳي ٿو ته ڪمينا ڍنگ سان مرندا به ڪونه.“