ناول

دنيا دم درياءُ

هيءُ ناول سنڌي سماج توڙي بيوروڪريسي جي مٿان چڙهيل نقلي نقاب کي بي نقاب ڪري ٿو ته ٻئي طرف سنڌ جي موجوده حالتن جي محرومين ۽ مجبورين جي عڪس بندي به پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ دادلو زهراڻي بيوروڪريسي جو حصو پڻ آهي هن پنهنجي صغير ۽ شعور کي سماج آڏو جوابده سمجهي پنهنجي دامن کي بچائي هليو اهي. جنهن ڪري هن جو دامن اڄ به اجرو آهي.
Title Cover of book دنيا دم درياءُ

باب اٺون : الوداع

رات جي چوٿين پهر جو آخري پهر.
رات جي الوداع جو پهر.
اڙي هي مون کي ڇا ٿو ٿئي. هي جسم جو ساهه ڇو ٿو ڇڏايئندو وڃي. آئون ٽنگون ٻانهون چوري ڇو نه ٿو سگهان.
مان، هي ڇا، هي ڇا، سامهون ابو، امڙ، سخاوت علي، خير بخش مون کي ڇو ٿا سڏين!!؟؟
اڙي هي ڇا، منهنجون ته اکيون به بند ٿيڻ لڳيون آهن.
ڪنن تي هي زوردار روئڻ جا آواز..........
ڇا مان....................م................ر.................ر...............ي.................

*ختم شده*