مهاڳ
هي دادلي جي ٻاراڻي وهيءَ مان نڪري بلوغت جي پهرين ڏاڪي تي پهچڻ وارا ڏينهن هئا. هن جو باهمٿ، رويئي جو ٻاجھارو، حاضر دماغ ۽ سدائين چست ۽ ڦڙت رهندڙ والد موريل ( جيڪو شاعر ۽ انگريزي ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو هو. جنهنڪري اڪثر مهين جي دڙي تي ايندڙ سياحن جو گائيڊ به بڻبو رهندو هو. ) تازو تازو گذاري ويو هو. يتيمي نٽهڻ اس ۾ واريءَ جو رِڻُ بڻجي دادلي جي اڳيان اچي وئي هئي. جنهن ۾ پري پري تائين ڪنهن ڇانوَ ڏيندڙ وڻ جوڪو نانءُ نشان نه هو. تڏهن هن ۾ الائي ڪٿان ايتري سگھ اچي وئي هئي، جو هو پنهنجي ٻنهي پيرن تي مضبوطيءَ سان بيهي وقت سان وڙهڻ لاءِ سينو تاڻي بيٺو هو. پنهنجي ڪکائين گھر مٿان آيل ڏکي گھڙيءَ کي ٽارڻ لاءِ پيءُ جي پورهيي جا اوزار هٿن ۾ سوگھا ڪري ورتا هئائين. گڏوگڏ مئٽرڪ جي پڙهائيءَ جو سلسلو به ساڳي پابندي ۽ دلچسپيءَ سان جاري رکيو هئائين.
انهن ئي ڏينهنِ ۾ منهنجي هن سان ملاقات پنهنجي سهري صوفي محمد ايوب پٺاڻ جي حوالي سان ٿي هئي. جيڪو هن جي والد جو ويجھو دوست ۽ همخيال هو.
مون هن ۾ ان پهرين ملاقات ۾ ئي علم حاصل ڪرڻ جو وڏو چاهه ڏٺو هو. نه رڳو ڪورس، پر ان کان علاوه ادب جا ٿلها موٽا ڪتاب پڙهڻ به ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ جو معمول بڻائي ڇڏيو هئائين.
مونکي ياد آهي ته مون هن کي تڏهن امرجليل جون ڪهاڻيون لازمي پڙهڻ جي تلقين ڪئي هئي. ڇوته منهنجي دوست رزاق مهر جي پنهنجي تجربي کانپوءِ به ڪيترن ئي ليکڪن ۽ اديبن جي اها متفقه راءِ هئي ته امر جليل جون ڪهاڻيون ڪنهن نئين پڙهندڙ ۽ لکندڙ لاءِ انڪري ضروري آهن ته اهي نه صرف اڳتي هلي سٺا پڙهندڙ ۽ لکندڙ ٿين ٿا پر باقائده ۽ چٽي طرح پنهنجو دڳ پيچرو به سڃاڻي ۽ حاصل ڪري وٺن ٿا.
پوءِ ائين ئي ٿيو ۽ هن جيئن ئي امرجليل جي ڪهاڻين جو مطالعو شروع ڪيو ته الائي ڪهڙين غفائن مان ۽ ڪٿان قلم ڊوڙندو اچي هن جي هٿن سان ساهه وانگر سلهاڙيو ۽ هن هڪ جي پٺيان ٻي ۽ ٻيءَ جي پٺيان ٽين ڪهاڻي امرجليل جي اسلوب کي اپنائي ۽ قلمي نالي ناصر زهراڻيءَ سان لکي اچي پهريان پهريان مونکي ٿي پڙهائي.
جيئن ته هن جي قلم ۾ رواني هئي، درد هو ۽ موضوعن جي انوکائپ هئي، انڪري اڳ ۾ اڳ ۾ مون پاران ٿيندڙ حوصله افزائيءَ مان اتساهه وٺي هن جي اندر جو ننڍڙو ليکڪ سندرو ساهيندو وڏو ٿيندو ويو. بيشمار ڪهاڻيون لکندو ۽ سنڌي ادبي سنگت، ڏوڪريءَ جي دستوري گڏجاڻين ۾ باقائدگيءَ سان تنقيد لاءِ پيش ڪندو ۽ بعد ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپائيندو ويو.
ان مسلسل تخليقي عمل ۽ ڪهاڻين ۾ توجه ڇڪائڻ جهڙو گھڻو ڪجھ هجڻ ڪري هن جو قلمي نالو ناصر زهراڻي پهريان تَرَ ۾ ۽ پوءِ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيندو ويو.
پوءِ جڏهن عمر جي مند چيٽ جو گلابي ويس اوڍي آڏو آيس ته ” جليلي انداز “ ڇڏي نِج پِج پنهنجو انداز اپنايائين. جنهن سان هن جو مان مرتبو اڃا سرس ٿي پيو. تڏهن ئي سنڌ جي ڪيترن اديبن، شاعرن ۽ خاص طور تي اسانجي تَرَ جي برجستي ڪهاڻيڪار ملڪ آگاڻيءَ جو ته هو محبوب ڪهاڻيڪار بڻجي پيو. جنهن جو اظهار هڪ ادبي گڏجاڻيءَ ۾ دادلي جي تنقيد لاءِ پيش ڪيل ڪهاڻيءَ تي راءِ زني ڪندي ملڪ آگاڻيءَ هيئن ڪيو هو ته، ” مونکي يقين آهي ته هي ڪهاڻيڪار مستقبل ۾ اسانجي سنڌي ڪهاڻيءَ کي وڏو عروج بخشيندو. “
ادب جي افق تي چمڪڻ وارن تن ڏهاڙن ۾ ئي هن کي بنا ڪنهن سفارش جي ۽ رڳو ئي پنهنجي غيرمعمولي ذهانت ۽ اهليت جي ڪري ۽ چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ انصاف سبب ماستريءَ جي نوڪري حاصل ٿي، ته نه صرف هن جي گھر جي حالتن ۾ ڪافي ڦيرو آيو، پر هن جي سوچ ۾ به تمام گھڻي تبديلي آئي. ڪهاڻين سرجڻ سان گڏ هاڻي هن پنهنجي جنونيت کي اڪيڊمڪ پڙهائيءَ ڏانهن به لاڙي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته هن اهو تيستائين پنهنجي ڪيل مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار ڀليءَ ڀت پروڙي ورتو هو ته پڙهائي نه فقط سوچ جا زاويا تبديل ڪري ماڻهوءَ کي ” ماڻهو “ بڻائي ٿي، پر حقيقي زندگيءَ جي رنگن روپن کي به بدلائڻ ۾ بيحد ئي مددگار ٿئي ٿي.
۽ واقعي به هن جڏهن ڏينهن رات هڪ ڪري، اوجاڳا ڪڍي پي سي ايس جو امتحان ڏنو ته پهرين ئي اڇل سان اهو ڪوههُ ٽپي وڃي سيڪشن آفيسر جي ڪرسيءَ تي ويٺو. جتان ترقي ڪري اڄڪلهه ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي عهدي تي اچي پهتو آهي.
ڪامورڪي سٿ سان سلهاڙجڻ وارن ابتدائي ڏينهنِ ۾ ته هن پنهنجي ادبي ڪم يعني ڪهاڻين کي سهيڙي هڪ ڪتاب جي شڪل ڏني هئي. جيڪو ڇپائڻ جي تياري به ڪئي هئائين. پر بدقسمتيءَ سان اهو مسودو کانئس الائي ڪيئن ۽ ڪٿي گم ٿي ويو هو. تڏهن هن دلشڪستو ٿي نه رڳو اهي ڪهاڻيون ڪٿان هٿ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي،پر اهو ڪتاب ٻيهر ڇپائڻ جي ارادي ۾ به ڪڏهن ڪا سرگرمي نه ڏيکاريارئين.
ائين هن جو اهو سالن جو ڪيل پورهيو ”ناصر زهراڻي“ جي قلمي نالي سميت وقت جي اوندهه ۾ گم ٿي ويو ۽ هو ادبي دنيا کي ڪهاڻين جي گم ٿيڻ سبب ڀڳي هَڏَ سان ڇڏي وڃي جهان جي ٻين خفن ۾ مصروف ٿيو.
ورهيه گذري ويا. جنهن کانپوءِ اوچتو ڪٿان خبر پئي ته دادلي ڪو ناول لکڻ شروع ڪيو آهي. ڏاڍي خوشي ٿي. يادگيرين واريون سڪل ٿڙن جي عجب جون نشانيون تصور ۾ ساون وڻن جو روپ وٺڻ لڳيون. پر گمان جو پکي به ڀڙڪو ڏئي اڏي حقيقت واري ڀت تي ويٺو تڏهن تصديق لاءِ کيس فون ڪري پڇيم ته ”ڇا اها خبر درست آ؟“ ته ”هائوڪار“ ڪندي چيائين، ”شروع ته ڪيو اٿم، پر دعا ڪيو ته تڪميل تائين پڄائي سگھان.“
ان تڪميل ۾ به هن کي ڏينهن، هفتا ۽ مهينا نه، پر ڪجھ سال لڳي ويا. جنهن کانپوءِ ”دنيا دم درياهه“ جو نالو ڏئي هي ضخيم ناول منهنجي دلي دوست هدايت منگيءَ جي موڀي پٽ عزيز منگيءَ جي هٿان مهاڳ لکڻ لاءِ مون ڏانهن ڏياري موڪليائين.
ستن بابن تي مشتمل هي ناول هٿ ۾ رسڻ سان مون پنهنجون ٻيون سڀ مصروفيتون پاسي تي ڪري ڇڏيون. ڇو ته انهي ” ڀَوَ“ منهنجو پيڇو نه ٿي ڇڏيو ته جيڪڏهن مون مهاڳ لکڻ ۾ ٿوري به ڍَرَ ڪئي ته دادلي جي مَنَ جو عارُ ڪنهن ٻئي پارِ هليو ويندو. انڪري گوڏو ڀڃي ناول جيئن ئي پڙهڻ شروع ڪيم ته هڪ ”خوشگوار حيرت“ جو دائرو ذهن ۾ جڙندو، ويڪرو ويڪرو ۽ بي حد ئي ويڪرو ٿيندو ويو ۽ مان ڪنهن مقناطيسي ڪشش يا چقمق وانگر ڇڪجي ان جو حصو بڻجندو ويس.
”مهران“ جي سڀئين وصفين سهڻي ۽ سگھڙ ڪردار کي کڻي ناول نگار لوڪ ڪٿا جو انداز اپنائي آهستي آهستي اسانجي چئوطرف پکڙيل سماجي براين وارين ٻهراڙين، انهن ۾ ٿيندڙ اجھاڳ ناانصافين، ڏاڍاين، ناسهپن، ناڪامين، نا اميدن، انائن، انتقامن ۽ اهڙين اهڙين اگرين ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ حقيقتن تان پردو کڻندو وڃي ٿو، جيڪي صدين کانوٺي سنڌ جي قومي تشخص کي نڀاڳ جي نائي ٿي چهٽي پيون آهن. ان جي اڇي اجري پيشانيءَ تي بدنما داغ ٿي پيون آهن. جن جو روئڻو لطيف ۽ ان کان اڳ به سچن قلمڪارن رنو هو ته اڄ دادلي جو سچو قلم به روئي رهيو آهي ۽ هن جي قلم جي نِبُ مان بي ساخته هي جيڪو سچ جو نورُ نروار ٿي رهيو آهي، اهو پنهنجي روشنيءَ سان اسانجي اڄوڪي جيوت کي انسان جي تاريخ کان اڳ واري وحشي دور سان ڳنڍي مرن کي به ماٺ ڏياري ٿو ڇڏي!
ٻوليءَ جي غير روايتي اظهار ۽ تشبيهن، استعارن، محاورن، پهاڪن، ورجيسن ۽ چوڻين جي ڪيترين ئي ڪهڪشائن سان سينگاريل هن ناول جي ڪردارن جا قافلا پنهنجين پنهنجين ڪهاڻين جون ٻيڙيون کڻي، پنهنجي سفر جو آغاز به ڪن ٿيون ته ڪنهن نه ڪنهن حيران ڪندڙ، دکدائڪ ۽ ڀيانڪ پڄاڻيءَ جي ڪناري جو جلوو به پسائين ٿيون.
مُک ڪهاڻي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا سنڌ سيڪريٽريٽ جي گلو نالي هڪ پٽيوالي جي حياتيءَ جي آخري گھڙين جي آهي. جنهن جي سهپ کان ٻاهر جي عذاب وارن پهرن ۾ سندس ياد جي دري امالڪ ڪڏهن ”مهران“ جي ڪردار تي کلي ٿي ته ڪڏهن سخاوت عليءَ جي ڪردار تي، ڪڏهن صوفن تي ته ڪڏهن خيربخش خيراڻ، امير بخش ڪاريهر، رحمان علي ٽنڊڻ ۽ ڪڏهن صوفي صاحب تي.
يادن جي انهن دائرن اندر اڻکٽ ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون، جيڪي ڄاڻايل ڪردارن جي تعلق مان ڦٽي ناول جي ڌرتيءَ تي سمنڊ جي لهرن وانگر اڀرنديون وڃن ٿيون. جيڪي پڙهندڙ جي ذهن کي مڪمل طور تي پنهنجي گرفت ۾ قابو ڪنديون ۽ انهن جي دلين جي اندرين تهن جي ڦرهين تي پنهنجا اڻمٽ ۽ نه وسرندڙ نقش ڇڏي اتي هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃن ٿيون.
سنڌي ناولن جي چتيءَ جيتري آسمان ۾ ماڻڪ کانپوءِ نرالي ۽ تجرباتي اسلوب ۾ لکيل هي ناول پنهنجي ستن بابن ۾ مونکي تيز رفتار ريل جي اهڙين ستن اسٽيشنن جي سفر وانگر لڳو، جنهن جي تيزيءَ سان گذرندڙ هر منظر ۽ ڪردار ۾ ناول نگار زندگيءَ جي حقيقي جھلڪ ڪنهن ڊجيٽل ڪيميرا ۾ محفوظ ٿيل عڪس وانگي بيحد ئي چٽي ڪري بيهاري آهي ۽ ڪنهن ڪردار جي اک جو ڳوڙهو، ڏک جو گھنج، تلوار جو تاءُ، ظلم جو داءُ، احساس جو قتل، نااميديءَ جي دانهن، بيوسيءَ جي چيخ پڪار وڏي وستار سان واضح ڪري ڏيکاري ته آهي ئي، پر ڪنن جا پردا ڦاڙيندڙ آواز ۾ ڪمال ڪاريگريءَ ۽ فڪري ۽ فنائتي جادوگريءَ سان ڄڻ ٻڌائي به آهي.
وڏي ڳالهه ته سڄو ناول پڙهندي اهو احساس بار بار پيو ٿئي ته مُک ڪردار سميت ڪنهن به ڪردار کي ناول نگار پنهنجي قلم جي زنجير ۾ ٻڌي ڪٿي به گهليندي نظر نٿو اچي. پر اهي سڀ پنهنجي فطري انداز ۾ اڀرن ٿا، وري گم ٿين ٿا، وري نون ڪردان کي جاءِ ملي ٿي. جيڪي پنهنجين نين ڳالهين جي سحر ۾ قابو ڪري، پڙهندڙن کي پنهنجي سفر ۾ ساڳي دلچسپيءَ سان گڏ گڏ وٺي هلن ٿا. انڪري ڀلجي به پڙهندڙ ناول نگار کي ناول جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ راهه تان ٿڙي وڃڻ جو ڏوراپو نه ٿو ڏئي. ڇو ته هن ڪردارن ۽ ڳالهين تي پنهنجي گرفت تنبوري جي تارَ وانگر تاڻي ۽ ڇڪي رکي آهي جيڪا ڪنهن به ناول جي بهترين ۽ وڏي ۾ وڏي خوبي ڳڻي ويندي آهي.
ٻهراڙيءَ سان گڏ شهر جي ڪردارن جي به اڄوڪن ۽ صدين جي ڪيترن ئي سچن کي آئيني جهڙي صاف ۽ شفاف حقيقت نگاريءَ سان سلهاڙي بنا ڪنهن مصلحت جي ۽ وڏي دليريءَ سان وائکو ڪندڙ هي ناول جيترو گھڻ رخو ۽ گھرو آهي، اوترو ئي مونکي ناول نگار ۽ پنهنجي يار دادلي زهراڻيءَ جي جراحي قلم تي پيار به اچي ٿو ته سندس اهڙي برجستي تخليق واري تعارف تي فخر به محسوس ٿئي ٿو.
محمد علي پٺاڻ
لاڙڪاڻو.
تاريخ؛
22 نومبر 2016 ع