ناول

دنيا دم درياءُ

هيءُ ناول سنڌي سماج توڙي بيوروڪريسي جي مٿان چڙهيل نقلي نقاب کي بي نقاب ڪري ٿو ته ٻئي طرف سنڌ جي موجوده حالتن جي محرومين ۽ مجبورين جي عڪس بندي به پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ دادلو زهراڻي بيوروڪريسي جو حصو پڻ آهي هن پنهنجي صغير ۽ شعور کي سماج آڏو جوابده سمجهي پنهنجي دامن کي بچائي هليو اهي. جنهن ڪري هن جو دامن اڄ به اجرو آهي.
Title Cover of book دنيا دم درياءُ

انتساب

مٺڙي جيجل سنڌ! تنهنجي اڻ کٽ دردن جي نالي.

گِهڙي گهڙو هٿ ڪري، الاهي توهار،
ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سِسي کي سيسار،
چُوڙا، ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙ ۾ لُڙهيس وار،
لکين چُهٽِيَسِ لوهڻيون، ٿيلهيون ٿرنئون ڌار،
مِڙيا مَڇَ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.

(ڀٽائي)