باب ٽيون : موران تيڏي اي......
ٿوري دير لاءِ منھنجي معصوم دوست جي ڪٿا ۾ درد دٻجي ويو هو.
سخاوت علي سُڏڪيو هو، خودڪشي.............پر نه ته مون ۾ همت هئي نه خواهش.
مون کي مِهران جو جملو ياد هو.
”موت گھرڻ سولو آهي، مرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
مان مرڻ نٿو چاهيان، اِهيو سچ آهي، بي رحم سچ پر مون وٽ تڪليف مان نڪرڻ لاءِ ڪا واٽ به ته ڪانھي ڪا!!
رات جي ٻي پهر جو پهريون پهر.
سناٽو؛ غريب جي غم جيان اڃان به وڌيڪ گَهِرو ٿيندو وڃي.
هونءَ به رات جي هن پهر ۾ قدرت جو عجب راز سمايل آهي. هي پهر ننڊ جو پهر آهي.
هن پهر ۾ ڪا وڇوڙي جي ماريل جوانڙي، پرينءَ جي اچڻ جو آسرو پليندي آهي. وهاڻي تي سر رکندي آهي ۽ سمهي پوندي آهي. هن پهر ۾ جوان عاشق محبوب جي در تان موٽ کائيندا آهن. هن پهر ۾ پکي پکڻ وڻ ٽڻ ذڪر فڪر کان واندا ٿي اکيون بند ڪندا آهن. هن ئي پهر ۾ صوفي سنياسي، گياني ڌياني ننڊ کي پاراتا ڏيندا آهن
هن ئي پهر لاءِ مرشد چيو آهي؛
”سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجہي رهن سمهي.“
پر منھنجو ڪيس بلڪل ابتڙ آهي. مون کي ائين ٿو لڳي، مان صدين جي سفر جو ٿڪايل آهيان. مان اهو دراوڙ آهيان جنهن، ڪنهن آريي جي ڀالي کان بچڻ لاءِ، جھنگ منھن ڪيو هو. هو ڪيتري رفتار سان ڊوڙيو هو. کيس احساس به نه هو. جڏهن هن ٿوري دير لاءِ ساهه پٽڻ جي ڪوشش ڪئي.
اِلاهي هي ڇا؟ ساهه پٽڻ جي ڪوشش ٻيڻو عذاب ٿي ويو. منھنجو سَنڌ سَنڌ ساڻو آهي، هڏ هڏ ٽِڙڪي ٿو پيو، ساهه ۾ هانبارو پيو لڳي، پر آرام مون کان ڪوهين ڏور آهي.
مان صوفي، سنياسي، گياني ڌياني ناهيان جو وتان ننڊ کي گھٽ وڌ ڳالهائيندو.
مان ڀڄندڙ دراوڙ آهيان.
ننڊ جو خواهشمند.
آرام جو طلبگار.
پر بيوس ۽ لاچار.
منھنجي ننڍڙي خواهش الاءِ ڇو نه ٿي پوري ٿئي.
عمر جو پنجيتاليهون سال آهي. انيڪ ڏاهن، سگھڙن ۽ سالڪن کي چوندي ٻڌم، ”ڀلو ڙي راڻا تنهنجا رنگ، ڪٿي ته اهڙا للنگهه ليٽائي وجهين جن جي موت تي رڻن ۾ راڙو پئجي وڃي، جبل جُهري پون، آسمان برسي پوي، وڻن مان واڪا نڪري وڃن ۽ ڪٿي ته ڪي ويچارا موت لاءِ ويٺا با سون باسين ۽ ٻاڏائين.“
۽ مرشد به ته ڏک ۽ تڪليف مان چيو هو؛
جا ڀونءِ پيرين مون، ساڀونءِ مٿان سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون،
ڏينهن مڙئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
جيڪي مون جيان موت لاءِ واجھائين ۽ کين موت نه اچي، ان لاءِ هر پل مرڻ ۽ جيئڻ جيان آهي، پلپل مرڻ ۽ جيئڻ، پلپل مرڻ ۽ جيئڻ.
هي ڇا؟ هي لفظ منھنجي ذهن ۾ دهل جيان ڇو ٿا وڄن.
اچانڪ لفظ، بي لغام گھوڙي جيان منھنجي ذهن ۾ رستو ٺاهين ٿا ۽ مون کي ياد ٿو اچي..... اهيي لفظ ته اڪثر ڪري مان ان وقت ٻڌندو هوس، جڏهن ڳوٺ جا ماڻهو صُوفَنَ جي ڳالهه ڪندا هئا.
صُوفَنُ، صُوفَنُ دماغ تي حاوي ٿي ويو آهي.
اسان سڀ ننڍڙا ٻار ۽ وڏا هن کي صوفن سڏيندا هئاسين. هو قد جو ڊگھو هو، رنگ جو گورو جھڙو پٺاڻ. ٿلهي يا سنهي جي خبر ان ڪري ڪانه پوندي هئي جو، سيارو هجي يا سانوڻ هن کي هر وقت پنج ڇهه قميصون، پنج ڇهه سٿڻون ۽ مٿي تي ٻه پٽڪا ٻڌل هوندا هئا. سندس هٿ ۾ هر وقت لٺ ۽ پاڻيءَ جو ٺڪر جو ڪونئرو هوندو هو. هن جون عادتون عجيب هيون.
هو، هر وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، جيت جڻي سان ڳالهائيندو هو ۽ هڪ مخصوص وقت تي پهرن جا پهر، خاموشيءَ سان بيٺو، سدا سکي واهه ۾ وهندڙ پاڻيءَ کي ڏسندو هو.
سندس وهندڙ پاڻيءَ کي ڏسڻ جي محويت، ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
ائين لڳندو هو؛
يا ته هن جون نظرون پاڻيءَ جي سطح کي چيري هيٺ تَر ۾ پيل ڪنہن قيمتي خزاني جي تلاش ۾ هيون.
يا ته ڪنہن اهڙي مڇيءَ جي تلاش ۾ هيون جيڪا سندس ڪو قيمتي خزانو ڳہي الوپ ٿي وئي هجي.
يا ته سلوڪ ۽ معرفت جو ڪو اونہو راز هو، جنہن کي صوفن حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي.
انہن سڀني ڪيفيتن، انومانن ۽ ڳالہين جو انت اچي، هڪ ئي ڳالہه تي ٿيندو هو.
اچانڪ هن جي نيڻن مان نيرَ وهي پوندا هئا.
۽ پوءِ هو هڪ دل کي جھوريندڙ صدا، بلند ڪندو هو ”ميڪون نه مار! موران تيڏي اي، موران تيڏي اي.“
صوفن ڪير هو؟ ڪٿان آيو هو؟ ڪنہن کي ڪا خبر ڪو نه هئي. سواءِ ان جي ته هو ڪچي جي ڪنہن ڳوٺ جو هو ۽ موران ڪير هئي، جيڪا صوفن جي چريائپ جو ڇيہه، مجذوبيت جو سبب هئي.
صوفن لاءِ مختلف خيال هئا، مختلف انومان هئا ۽ مخلتف ڳالہيون هيون.
پر سڀني خيالن، سڀني انومانن ۽ سڀني ڳالہين کي جيڪڏهن جوڙجي ته ان جو انت اچي هڪ جيءَ کي جھوريندڙ، هنيانوَ کي ٻوڙيندڙ ۽ روح کي ڪنبائيندڙ دکدائڪ ڪہاڻيءَ تي ٿيندو هو.
سڀني خيالن، انومانن ۽ ڳالهين جو تاڃي پيٽو ڪجھ هن ريت هو.
صوفن پنهنجي ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو.
سندس خاندان المياتي ڪھاڻين جو هڪ درد ناڪ مجموعو هو. چون ٿا ته، صوفن جي پيءُ گاجيءَ جي چاچي ڏاڍي سهڻي هئي. گاجيءَ جو پيءُ شادي خان ۽ سندس چاچو عالم علي سرون ڪاهي گذر سفر ڪندا هئا.
گاجي جڏهن ڏهن ورهين جو هو ته سندس طھر ٿيو هو ۽ سندس چاچي شادي خان جو زيبل سان وهانءُ ٿيو هو.
زيبل ڏاڍي سهڻي هئي.
اِهيو لکيي جو ليک هو يا قسمت کي ڪِي ٻيو منظور هيو. زيبل جيئن گھر ۾ قدم رکيو، شادي خان کان پنهنجي ماءُ جو پَلئه ڇڏائجي ويو. هو ننڍڙو ٻارهو، معصوم هو. پنهنجي چاچيءَ سان سندس پيار ڏسڻ وٽان هو. هن کي بک لڳندي هئي، هو ماني چاچيءَ زيبل کان گھرندو هو ٻني ٻار تان يا مال چاري موٽندو هو، پهريون سلام چاچي زيبل کي ڪندو هو.
ضديرو ايڏو هو، جي نَنهن ڪيائين، پوءِ ڀلي مٿان ريل چڙهي وڃيس، مجال آ جو اُهو ڪم ڪري.
پر جي چاچي زيبل چيو ته پوءِ ڪاڏي ويو ضد، ڪا ڏي وئي ڪاوڙ!
رات جو گاجي پنهنجي چاچي زيبل جي هنج ۾ ليٽيو پيو هوندو هو. ايستائين جو سندس ماءُ يا پيءُ زوري کڻي وڃي سندس هنڌ تي سمهاريندا هئا.
چاچِي.................. ڀائيٽي جو پيار مثالي هو.
سڀڪو ائين چوندو هو ”لڳي ائين ٿو ته گاجي زيبل جي ڪُک مان پيدا ٿيو آ.“
ڏسندي ڏسندي گاجي ارڙهن سالن جو ٿي ويو.
اڀريل مُڇن ۽ وڌيل ڏاڙهي اعلان ٿي ڪيو ته هاڻي هو ٻار نه رهيو هو.
سانورو رنگ، وچولو قد، ويٺل مٿو، ڊگھو نڪ، جاڙا ڀرون، گاجيءَ جو شان هئا.
ڏسندي ڏسندي وقت ڪيئن گذري ويو هو.
اٺ سال اڳي گاجي جڏهن ڏهن سالن جو هوته سندس طھر ٿيو هو ۽ زيبل جو وهانءُ.
زيبل عالم عليءَ جي زال ۽ گاجيءَ جي ماءُ بڻجي گھر ۾ داخل ٿي هئي.
ابول!! وقت جي ڦيري سان گھڻو ڪجھ ڦرڻ لڳو هو.
نظرون ڦرڻ لڳيون هيون.
انداز ڦرڻ لڳا هئا.
سوچون ڦرڻ لڳيون هيون.
۽ سُرٻاٽ ڦرڻ لڳا هئا.
زيبل، سهڻي زيبل عام ڳوٺاڻي عورتن جيان هئي. هوءَ گھر جو ڪم ڪار ڪندي هئي، رونبا لاب ڪندي هئي، ڇيڻا ٿڦيندي هئي ۽ ڏهين ٻارهين ڏينهن فرض غسل ادا ڪندي هئي.
پَر اچانڪ سڀڪجھ ڦري ويو.
زيبل هر ٻي ٽين ڏينهن غسل ڪرڻ لڳي هئي.
هن پنهنجو پاڻ کي ننڍين نيٽين ڇوڪرين جيان سنوارڻ سينگارڻ شروع ڪيو هو.
ٽين چوٿين ڏينهن مساڳ هڻڻ.
روز ڌوتل ڪپڙا پائڻ.
ڪاري شلوار اڇو هرک جو چولو سندس پسنديده لباس ٿي پيو هو.
آئيني جي اڳيان، وارن کي ڦڻي ڏيڻ. هر وقت مُرڪندو رهڻ. گلاب جي گل جيان ٽڙي پوڻ.
ڇا اِهيو سڀ ڪجھ عالم عليءَ لاءِ هو؟
پر عالم عليءَ سان ته هن جي شاديءَ کي ڀريا اٺ سال گذري ويا هئا.
چوڻ وارا ته چوندا هئا ته غريب سادڙي، سِرون ڪاهيندڙ عالم عليءَ سان ته هوءَ ڪڏهن سينو سيني سان ملائي نه سُتي هئي.
ان ڪري ته کين اولاد ڪونه ٿيو هو.
ته پوءِ هي سڀڪجھ ڇا هو؟
سُرٻاٽ بدليا.
آواز اُٿيا،
”مار پوي ڪا رَن کي، پنهنجي عمر به ڏسي ۽ گاجيءَ جي به. لانت پويس پُٽ ڪري پاليو ٿئينس. لڳي ٿو ته پهرئين ڏينهن کان ئي ڪارو منھن ڪرڻ جو ارادو ڪيو هئائين، تڏهن ته ايترو پيار ڪندي هئس.“
سُرٻاٽن سفر شروع ڪيو.
آواز پڙاڏا بڻجڻ لڳا.
نيٺ ڳالهه اچي، شادي خان ۽ عالم عليءَ جي ڪنن تي پهتي.
ٻنهي جو اندر وڍجڻ لڳو.
هڪ ڏينهن سرون ڪاهيندي، عالم علي پنهنجي ڀاءُ کي سَڏُ ڪيو، ”ادا، او ادا!“
شادي خان سانچي مان سِرَ زمين تي لاهيندي منهن مٿي ڪيو، ڀاءُ ڏي ڏٺائين.
ٻنهي جون اکيون مليون.
باقي ڳالهه اکين ٻڌائي.
عالم عليءَ جي اکين ۾ ڏک هو، پيڙاهئي، بيوفائيءَ جي ڏنل ڏنڀ جو عڪس هو ۽ بيوسيءَ جوا ولڙو هو.
شادي خان جي اکين ۾ ندامت هئي، شرمندگي هئي.
هو ٻئي ڀائر غريب مسڪين پورهيت هئا.
پورهيت، جن لاءِ مرشد فرمايو،
”پورهئي ڪارڻ پيٽ جي، اٿن سوارا.....“
هو مٽيءَ جا ڪاريگر هئا.
نرم دل. هڪ ٻئي سان پيار ڪندڙ. هڪ ٻئي جو ڏک سک ونڊيندڙ. پر اڄ ٻنهي جي اکين جي ڪهاڻي ٻي هئي.
بي انت درد.
ٻنهي پنهنجي پنهنجي مٿن تي ٻڌل انگوڇن جا پٽڪا لاهي زمين تي ڦٽا ڪيا. ٻنهي جون اکيون چوماسي جي برسات جيان وسڻ لڳيون. ان رات شادي خان پنهنجي پٽ کي لٺين سان ڦيهه ڏني هئي ۽ گھران ڪڍي ڇڏيو هئائينس.
سرٻاٽن جو ڪو ڇيهه ڪونه هو.
عالم علي بيمار رهڻ لڳو هو.
ڏينهون ڏينهن جُهرندو ٿي ويو.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ گاجي به گھر موٽي آيو هو.
شادي خان اڪيلو ڪم تي وڃڻ لڳو هو.
هڪ ڏينهن شادي خان مٽي پاڻي ملائي گَڏُ ڪري، اڃان سرون ڪاهڻ لاءِ تيار مس ٿيو هو ته گاجي ڊوڙندو آيو.
سهڪندي سهڪندي پيءُ کي ٻڌايائين ”چاچو عالم علي مري ويو آهي.“
شادي خان ٻئي چنبا پنهنجي منهن ۾ هنيا.
روئندي پٽ کان پڇيائين، ”چاچهين مري ويو آ يا تو منهن ڪارو ڪيو آ؟“
گاجي قسم قرآن کنيا، پيءُ کي يقين ڏياريائين ته، چاچو عالم علي پنهنجي موت پاڻ مئو آهي.
پر جڏهن ملان عالم عليءَ کي غسل ڏيڻ لڳو، هن عجيب ڳالهه ڏٺي؛
عالم عليءَ جي ڳچيءَ تي گھُٽن جا نشان هئا.
سندس ناسن مان رت وهي رهيو هو.
ملان ڊڄي ويو.
هن غسل کان انڪار ڪندي چيو ”نه دا نه مان غسل نه ڏيندس، هن ويچاري کي ته گھٽا ڏئي ماريو ويو آ، اڄ مان غسل ڏيان، پوي پوليس کي خبر، منھنجا ته ٻچائي ٻير تي چڙهي وڃن، مان غريب مسڪين ماڻهو، پنهنجي جان ڪيئن ڇڏائيندس.“
ڳالهه ٻُڌي؛
بيٺلن هڪٻئي کي عجيب نظرن سان ڏٺو.
سرٻاٽن جو سلسلو شروع ٿيو.
شادي خان جي چيلھ غم ۾ چٻي ٿي وئي.
گاجيءَ جي مُنهن مان رت ڇڏائجي ويو.
شڪ جي ته ڪا ڳالهه هئي ڪانه، هر ڪنهن جي آڱر گاجي ۽ زيبل ڏانهن کڄي وئي.
پوليس گاجي ۽ زيبل کي کڻي وئي.
هنن سچي ڪئي رات جو عالم عليءَ کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هئائون.
ڪيس هليو ٻنھي کي ست سال سزا لڳي.
سزا ڪاٽي جڏهن هو واپس آيا ته، ٻنھي شادي ڪئي.
شاديءَ جي ٽين سال هنن کي صوفن ڄائو.
صوفن جڏهن جوان ٿيو تڏهن واقعي جوان ٿيو. اڙٻنگ جوان جهڙو هو سندس رنگ تهڙو هو قد ڪاٺ. ائين کڻي چئجي ته هو اهڙو جوان هو، جنہن جو تصور ڪري الاءِ ڪيترين جون ننڊون اڏامي وينديون هيون. الائي ڪيترن کان ٿڌا ساهه نڪري ويندا هئا. الاءِ ڪيترن جون اکيون انہن راهن ۾ وڇايل هونديون هيون، جتان هن جو گذر ٿيندو هو.
جڏهن به، جنہن به محفل ۾ هن جو ذڪر نڪرندو هو هر ڪوئي ائين چوندو هو، ”برابر سائين مڃڻ مراد آهي، برابر جہڙو سہڻو سيبتو، تہڙو ڪمائيندڙ اوڏ... پر، ”ان پر کان اڳتي شڪ جو اوچو هماليہ هو. انومانن جو اونہو سنڌي سمنڊ. طنز جو تتل ريگستان. ”پر آهي ته زيبل ۽ گاجيءَ جو پٽ ماءُ پيءُ گنج کٽيو هوس، هاڻي ڏسجي ته هي وري ڪہڙي ڀنڀور کي ٿو باهه ڏئي، ڪہڙو ڪلور ٿو ڪري“.
صوفن برابر اڙٻنگ جوان هو.
ڳوٺ جي ڪچہرين جو موضوع هو ڪيترين جون ننڊون اُڏائيندڙ، الاءِ ڪيترن کان ٿڌا ساهه کڻائيندڙ پر اڙٻنگ جوان جو هڪ الميو هو.
جيئن جيئن هو ڳُري چڙهڻ لڳو، جوانيءَ جي ڦوهه ۾ اچڻ لڳو، تيئن تيئن هن جي اندر جي اڪيلائي به گھري ٿيڻ لڳي.
اِهيا صوفن جي بي حسي هئي يا ڪا نفسياتي بيماري، يا وري جوانڙين جي بدقسمتي.
صوفن کي ڪڏهن ڪو احساس نه ٿيو ته ڪنہن جي نيڻن مان هن جي ڪري ننڊ اُڏامي وئي هئي.
ڪنہن جي سيني ۾ اڀريل ٿڌو ساهه، نڙيءَ تائين پہچندي سُڏڪو بڻجي ويو هو.
ڪنہن جون سندس راهن ۾ وڇايل اکيون پٿر بڻجي ويون هيون.
بس هُو اڪيلو هو، اَڪيلو. ٻني ٻاري جو ڪم ڪندو هو. گاهه پٺو، هر، رونبو لابارو ۽ پوءِ اڪيلائي. سڄي ڳوٺ ۾ هڪڙوئي سندس دوست هو. دينو. هو صرف دينوءَ سان گڏ ويہندو هو. گڏجي ڪم ڪار ڪندو هو، ڪچہري ڪندو هو، باقي ٿيو خير.
دينو وڏو عاشق مزاج هو، هن وٽ پنہنجي عشق جا اڻ کٽ قصا هئا.
هڪ ڏينهن جڏهن هو دينوءَ سان ڪچهري ڪري رهيو هو تڏهن دينوءَ کي ڪا مذاق سُجھي يا لاشعوري طرح هُن کي صوفن جي اڪيلائيءَ جي احساس ٿيو. هن صوفن کي چيو، ”يار هڪڙي ڳالهه ته ٻُڌ، هڪڙو ڪم ڇو نه ٿو ڪرين.“
”وري ڪهڙو ڪم، گھرجو، ڪڙمت کان وٺي سڄو ڪم مان ئي ته ڪيان ٿو، ٻيو ڪير ٿو ڪري.“
”ها ها ها“ دينو وڏو بي ڍنگو ٽهڪ ڏنو. ”جيڪي هَڏين ڪاٺِين سَگھا هوندا آهن، ڪاقتور هوندا آهن، انهن جا دماڪ الاهه سائين خالي ڇڏي ڏيندو آ.“
دينو ٿوري ساهي پٽيندي ڳالهه کي اڳتي وڌايو، ”چُوتيا، مان ڪڙمت يا گھر جي ڪم جي ڳالهه نه ٿو ڪيانءِ. مان ٿو چوانءِ، تون هيئن جو سڀني کان پري پري لڳو پيو آن. مون کان سواءِ نه ڪنهن سان ويهين، نه ڪنهن سان ڳالهائين نه ڪڏهن ڪا تاس راند کيڏين پوءِ تون هڪڙو ڪم ڪر نه، يا ته تون شادي ڪر يا عشق ڪر.“
دينوءَ جي ڳالهه ٻڌي هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته ڪنهن خودڪش بمبار سندس اندر ۾ پنهنجي پاڻ کي اُڏائي ڇڏيو هجي.
هر شيءِ ذريون ذريون ٿي وئي هجي.
شايد اندر ۾ ٿيندڙ خود ڪش ڌماڪي جي پٺيان لاشعوري طور سندس پيءَ ۽ ماءُ جو خوني عشق هو.
هن خالي خالي نظرن سان دينوءَ کي ڏٺو.
هن جي دماغ مان هر سوچ جو هر سَلو سڙي ويو.
ڄڻ ته بي موت مري ويو، صرف ٻه ٽي لفظ گونجڻ لڳا؛
عشق، شادي، عشق، شادي..........
هن پنهنجي دماغ ۾ سوچ جي سَلي کي ٻيھر پاڻي ڏنو.
هن ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس لفظن ۾ ڪا ترتيب ڪانه هئي، ڪو ڍنگ ڪونه هو. ڳالهائڻ ۾ ائين لڳو ڄڻ ته هو، پئدائشي ٻاتو هجي. هن چيو، ”مان....... مان....... مان......... عشق، شادي.........“
دينوءَ هڪ دفعو وري وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيو، ”اڙي چريا تون عشق ڇو نه ٿو ڪري سگھين. تو ۾ ڪهڙي گھٽتائي آ، مون کان سؤ دفعا سهڻو آن، توتي الاءِ ڪيتريون ڇوريون مرنديون هونديون، پوءِ تون عشق ڇو نه ٿو ڪري سگهين.“
صُوفن وري ٻيھر دينوءِ ڏانهن خالي خالي نظرن سان ڏٺو. هن جي ذهن ۾ لفظن ۽ جملن جي ڪا ترتيب جُڙي نه سگھي. هو ڪجھ ڳالهائي نه سگھيو. هو دينوءَ کان موڪلائي گھر واپس آيو.
ان رات جڏهن هو پنهنجي هنڌ تي سُتو.
هن کي هر شيءِ مان صرف ٻه لفظ ٻڌڻ ۾ ٿي آيا.
عشق شادي، عشق شادي.
ستارن جي ٻولي ساڳي هئي.
وهاڻي ۽ رليءَ ساڳيو ساز ٿي ڇيڙيو.
مينہن جي لڏندڙ پڇ مان ساڳيو آواز ٿي آيو.
هن بار بار عشق ۽ شاديءَ جي باري ۾ سوچيو ڳوٺ جي هر ڇوڪريءَ جي باري ۾ سوچيائين، جنہن سان هو عشق يا شادي ڪري ٿي سگھيو. پر هن کي ڪو رستو نظر نه ٿي آيو.
هن کي ڪا واهه سمجھ ۾ نه ٿي آئي. هن کي ڪا ڳالہه سمجھ ۾ نه ٿي آئي. ”عشق ۽ شاديءَ“ هن کي سڄي رات ٽياس تي ٽنگيندا رهيا. هو سڄي رات سمہي نه سگھيو.
ٻي ڏينہن جڏهن هو دينوءَ سان مليو هن ۾ مزو ڪو نه هو. هو ٿڪل ٿڪل هو. صبح جو اٿڻ مہل ئي ماڻہس ڏسي چيو هو، ”صوفن خير ته آهي ٻچڙا، طبيت ته سہي ٿئي نه؟“
هن ماءُ کي تسلي ڏني هئي.
پڪ ڏياري هئائينس ته هو خوش هو.
پر، هو خوش نه هو. سندس اندر اداس هو، اکيون اوجاڳيل هيون دل ۾ صرف ”عشق ۽ شاديءَ“ جو واڄٽ هو. باقي هر طرف اونداهي هئي، ٻاٽ اونداهي.
دينوءَ شايد هن جي ڪيفيت کي پروڙي ورتو هو، تڏهن ته چيو هئائينس ”اڙي يار جائي پائي ڪنہن سان عشق لڳي ويو ٿئي ڇا، جو لڳي ٿو سڄي رات سُتو نه آهين؟“
هو دينوءَ کان به نٽائي ويو.
ان ڏينهن کانپوءِ عجيب ڳالهه اها ٿي ته دينوءَ جي هر ڳالهه عشق ۽ شاديءَ کان شروع ٿيندي هئي ۽ عشق ۽ شادي تي ختم ٿيندي هئي.
دينو هن کي باربار همٿائيدو هو ته هو عشق ڪري يا شادي. پر انيڪ راتين جي اوجاڳن جي باوجود به، نه ته هن کي عشق جي واٽ ٿي مِلي ۽ نه ئي وري شاديءَ جي ڪاراهه ٿي سُجھي.
دينو ڄڻ ته سمجھائيندي سمجھائيندي ۽ ٿڪجي پيو هو، پر همت نه هاري هئائين.
هڪ ڏينهن ڪاوڙ ۽ غصي ۾ چيائين، ”الله ڪندو تنهنجو حشر به پوڙاٽي فقير جھڙو ٿيندو.“ وري دينو صوفن کان سوالئيه اندازجو پڇو.
”ٻوڙاٽي فقير ڏٺو ٿئي نه شهر ۾ اڌ ننگو، پوڙاٽي فقير.“
”ها ها اهوئي ٻوڙاٽي فقير جنهن جي لاءِ تو هڪ ڳالهه ٻڌائي هئي.“ صوفن بيزاريءَ مان وراڻيو.
”ها اهوئي پوڙاٽي فقير جنهن جي لاءِ مان توکي ٻڌايو هو ته، هڪ ڏينهن پوڙاٽي فقير بازر ۾ پنهنجي ڌن ۾ پنهنجي منهن سان ڳالهائيندو پئي ويو. پٺيان هڪ مائي به آئي، اچانڪ پوڙاٽي فقير کي الاءِ ڇا سُمجھيو، هڪدم منهن پوئتي ڪر مائيءَ کي چيائين. ”مائي چري ٿي آن يا ڪل ٿڙي ٿي، وڃين ٿي منهنجي ڳ........۾ گھڙندي.“
بازر ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.
مائي ويچاري مرم ۾ مري وئي. ڀانئين، زمين جاءِ ڏئي ته ان ۾ گھري وڃي.
پوڙاٽي پنهنجي مستيءَ ۾ مست اڳتي نڪري ويو.“
دينوءَ ڳالھ پوري ڪئي. ڳالهه ۾ مزاح جو چسڪو اڃان به برقرار هو ٻنهي جي چپن تي مُرڪ تري آئي.
صوفن ڳالهايو ۽ چيائين، ”يار! تون ئي ته منهنجو يار آهين هن ڀرئي جهان ۾ پوءِ مون کي پوڙاٽيءَ جهڙو ٿيڻ جو پاراتو ڇو ٿو ڏئين؟“
”خبر اٿئي ٻوڙاٽي چريو ڪيئن ٿيو؟“ دينوءَ صوفن جي سوال جو جواب ڏيڻ بدران، الٽو صوفن کان سوال ڪيو.
”نه، ٻڌاءِ ڀلا ڇا ٿيو هو؟“
”پوڙاٽي به تو وانگر هو.“ دينوءَ ڳالهه شروع ڪئي. ”سهڻو اڙٻنگ جوان، پر نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ وڏو ڪا قِتي هو. چون ٿا ٻه ٻوريون هڪ ئي وقت پٺيءَ تي کڻي ويندو هو.“
”جائي به، سچي؟“ صوفن حيران ٿيندي پڇيو،
”مان ڀلا ڪوڙ ڇو ڳالهائيندس“ دينوءَ پنهنجي سچ جي پاڻ گواهي ڏيندي ڳالهه اڳتي وڌائي.
”الاهه جي ڪرڻي ائين ٿي- جنهن ڪار خاني تي پوڙاٽي حمال ڪندو هو، اهو ٿاڻي جي ڀرسان هو. اتي هڪڙو صوبيدار بدلي ٿي آيو.“
دينوءَ ساهه کنيو ڳالهه اڳتي وک کنئي.
”چون ٿا ته صوبيدار جي زال ڏاڍي ملوڪڙي، ڏاڍي سهڻي هئي. ڏاڍي ٺاهوڪڙي هئي. سڀڪو پيو هن تي مرندو هو. سڀڪو هن تي عاشق هو. پر صوبيدار کان به سڀڪو پيو ڪَن هڻندو هو.“
دينوءَ ڳالهه کي گل وجھندي، اڃان اڳتي وڌايو، ”چوڻ وارا چون ٿا ته، مائي هرياري نه هئي. ڪنهن ڏي ڪونه تڪيندي هئي ڪنهن کي لفٽ ڪونه ڏيندي هئي. پر الاءِ ڇا ٿيو، الاءِ ڪهڙو واءُ وريو. الاءِ ڪهڙو ڦِرڪو ڦريو، جو مائي پوڙاٽيءَ تي عاشق ٿي پئي. چوندا آهن ته رن، ماکي ۽ پاڻيءَ جو هوندو آهي آرُ، جاڏي رخ رکن جا ڏي لڙي پون، پوءِ سائين ستن ولين جي ڪاقت به ڪو نه روڪي سگھين.“
”دينو!“ صوفن لهجي ۾ ٿوري سختي پيدا ڪندي چيو، ”اِهيا ڇتي ڪوريءَ واري پٽاڙ ڇڏ، اصل ڳالهه ٻڌاءِ ته پوءِ ٿيو ڇا؟“
”منهنجا يار ٿورو صبر ڪر.“ دينو صوفن کي دلداري ڏيندي چيو، ”ڳالهه پوري ڪرڻ ڏي.“
”سو مون ڳالهه پئي ڪئي.“ دينو بي سُري گويي جيان سُر پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ”مائي صفا پوڙاٽيءَ تي مست ٿي پئي. ڪاڌوتي نه ڇڏيائين، جنہن جي هٿان پوڙاٽيءَ ڏيءَ نياپو، سنيہو يا سوکڙي نه موڪلي هئائين. پر پوڙاٽي، پوڙاٽي تو جيان“ دينوءَ صوفن ڏي اشارو ڪندي چيو، ”تو جيان ٺڪر، ڇسو، بيوقوف. هن کي ڪہڙي خبر عشق جي. هو ته پنهنجي مستيءَ ۾ مست. ٻه ٻه مڻيون ٻوريون پٺيءَ تي کڻي ڀانئين ته ڪو مان سہودي جو بادشاهه آهيان. ويچاريءَ ڏي ڪن ئي نه ڌريائين، ڌيان ئي نه ڏنائين. ڀانءِ ڪا ڪتي آسمان ڏي منہن مٿي ڪري، ڪونڪاٽ پئي ڪري.“
دينوءَ ساهه پٽيو، صوفن جي سوچ جو دائرو وسيع ٿيو، هو اندر ۾ اڪيلو هو ته ڇا ٿي پيو، پر اڄڪلہه هيو ته عشق ۽ شاديءَ جي وڪڙ ۾ نه.
”ها ته پوءِ ڳالہه ائين ٿي.“ دينوءَ ساهه پٽڻ کان پوءِ ڳالہه اڃان به اڳتي وڌائي، ”رن صفا ساڻي ٿي پئي، پر، پوڙاٽيءَ جي ڪن تي ڪا جونءَ ڪا نه چُري. پوءِ رن صفا حولي ٿي پئي. قسم کنيائين دستگير بادشاهه پير جو، ته ان دَلي کي اهڙي سيکت ڏيندس جو سڄي عمر ياد ڪندو.“
”پوءِ ٿيو به ائين. هڪ رات وجھ وٺي مڙس کي چيائين،اهيو ڪارخاني وارو مزور آهي نه پوڙاٽي، مون کي ڏاڍو تنگ ٿو ڪري.
صوبيدار جي دماغ مان ٽڙڪا نڪري ويا.
”چي، ٽڪي جو مزور، ڪمذات، منہنجي زال کي ٿو تنگ ڪري“.
ان رات صوبيدار جي ڪاري وردي، ورديءَ بجاءِ ڪارا ٽنڊڻ ٿي پئي، جن کيس ڄڻ ته سڄي رات پئي پٽيو هن پنہنجي زال کي ڀاڪر پاتو، پيار ڪيائين ۽ فيصلو ڪيائين؛
ٻي رات، اڌ رات مہل جڏهن سڀ مزور سُتا پيا هئا، ڪارخاني تي ڇاپو لڳو. پوليس پوڙاٽيءَ کي پڪڙي کڻي وئي.
سياري جي سرد رات، پہريان ته صوبيدار پوڙاٽيءَ کي ننگو ڪري سَچُو پادر هڻايا ۽ ان کانپوءِ سڄي رات ننگو برف جي نادين تي سمہاريائينس.
جڏهن صبح جو پوڙاٽيءَ کي ڇڏيائون ته ان حالت ۾ هو، جنہن ۾ کيس هاڻي ڏسين ٿو. هڪ هٽو ڪٽو پورهيت عشق جي انتقام ۽ صوبيدار جي پانور جي ور چڙهي ويو.“
ڳالہه پوري ٿي. صوفن کان سيسراٽ نڪري ويا.
دينو کلندو رهيو.
ڳالہه جو مطلب صاف هو، هن چاهيو ٿي ته ان کان اڳ جو ڪا صوبيدار جي زال صوفن جو حشر به پوڙاٽيءَ جيان ڪري، صوفن ڪو نه ڪو ڪلياڻ ڪري.
ان رات صوفن جي رات جي عذاب ۾ شادي ۽ عشق سان گڏ صوبيدار جي زال به شامل ٿي وئي.
عجيب اتفاق هو. هو شرميلو هو يا ڊڄڻو، جو نه ته پيءُ ماءُ کي ڪجھ چئي ٿي سگھيو ته منہنجي شادي ڪرايو. هوڏانہن دينوءَ جا قصا هئا جي کُٽڻ جو نالو نه پيا وٺن.
هڪ ڏينہن جڏهن هو دينوءَ سان مليو، ڳالہين ئي ڳالہين ۾ دينو هِن کي مذاق ۾ ئي شاديءَ جو هڪ سولو نسخو سمجھايو.
ڳالہين ئي ڳالہين ۾ دينوءَ هن کي چيو، ”خبر ٿئي هو پاڻ وارو ربُو آهي نه، ان جي شادي ڪيئن ٿي هئي،“
”نه،“ صوفن هميشہ جيان مختصر جواب ڏنو.
”ربُو تو وانگر ئي ٻوگہلو هو، پر هرماهه هيو مست. جڏهن ڏٺائين ته پيءُ ماءُ جي ڪن تي جونءِ ئي ڪا نه ٿي چُري. هُو هن جي شاديءَ لاءِ سوچن ئي ڪو نه ٿا. بس سوچي سوچي هڪ رات هڪڙو ڪم ڪيائين،“
”ڇا ڪيائين؟“ صوفن تجسس وچان پڇيو.
”هڪ رات، سياري جي رات هن ڇا ڪيو جو پيءُ کي چيائين، ”بابا رات جو مون کي ڏاڍو سيءُ ٿو لڳي. اڄ مان توسان گڏ سمہندس.“
پڻس چيو، ”ٺيڪ آهي ابا،“
”هَئو ٻيلِي! اڌرات مہل ربوءَ جي پيءُ کان دانہن نڪري وئي. اٿي ويٺو. ڇوري ڏي ڏٺائين. ٻئي بُجا گھروڙي منہن ۾ هنيائينس.“
ربو بجاءِ شڪي ٿيڻ جي نودائپ مان وراڻيو، ”جي نه ڪرائيندين شادي ته پوءِ توکي چوڪ نه ڏيندس ته ٻيو ڪنہن کي ڏيندس.“
صبح جو ربوءَ جي پيءُ، اٿي پہريان ته پنہنجي زال جي ڇنڇري لاٿي ۽ پوءِ زال کي چيائين، رک رئو مٿي تي، اٿي ڳول ڇوري جي لاءِ ڇوري، نه ته ڇورو مون کي ڦاڙي ماري ڇڏيندو.“
ربو جي چوڪ ڪم ڪري ڏيکاريو.ستت ئي سندس وهانوُ ٿي ويو.
”سو يار منہنجا صوفن،“ دينوءَ هن جي ڪلہي تي هٿ هڻندي چيو، ”تنہنجي زبان ڳالہائڻ لاءِ ته اٿلندي ڪو نه، تون به اِهيو چوڪ وارو نسخو آزمائي ڏس من ڪا سولي سڻائي ٿي پوئي،“
دينو وڏا وڏا ٽہڪ ڏئي کلڻ لڳو.
۽ هي، هِن به مُرڪي ڏنو.
ان رات، عشق، شاديءَ ۽ صوبيدار جي زال سان گڏ ”چوڪَ“ به هن جي تصورن ۾ شامل ٿي وئي. انہن تصورن جو ڪٿي انت نه ٿي ٿيو. ڪو رستو يا راهه کلي نه ٿي.
هو اندر ئي اندر ۾ گھٽجڻ لڳو. دينوءَ جون ڳالہيون ۽ صلاحون به بيڪار هيون. انہن ۾ به ڪم جي ڪا ڳالہه ڪا نه هئي.
عورت جي شديد طلب هن جي زندگيءَ کي زهر ڪري ڇڏيو.
سندس ماءُ زيبل محسوس ڪري ورتو هو ته، هن جي اندر ۾ ڪا لنجھڻ ضرور هئي، پر ڇا؟ هوءَ پنہنجي پوري ممتا ۽ عورتپڻي جي استعمال باوجود به ڪو ڪاٿو لڳائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھي هئي. هن دينوءَ جي اندر ۾ لڳل لِنجھڻ کي معلوم ڪرڻ لاءِ ڳالہين ۾ گل وڌا هئا، ڳالہين ۾ مرچ وڌا هئا، ڳالہين ۾ ٽوهه جو عرق وڌو هو. پر هُتي ”ننہن“ کي نَوَ ڪوٽ هئا. ساڳي ٻولي ٻي هئي.
پر اِهيو سڀڪجھ گھڻو وقت نه هليو. اندر جي تڙپ رستو ڳولي ورتو. اندر جو اڌمو طوفان بڻجي ويو. شرم جو، ڪَچي جي ٽاهڙ ڍور جيان رسو ڇڄي پيو. ٻڪريءَ جي کل لٿي، اندران هڪڙو بگھڙ نڪتو، ظالم، خونخوار، بي رحم بگھڙ.
حيرت جھڙي ڳالہه هئي. انہن سڀني ڳالہين جو ٻج وري به دينوءَ وڌو. دينوءَ ڄڻ ته آفريڪا جي ان وڻ جو ٻج وڌو، جيڪو ريگستان ۾ هڪ خوبصورت ڇٽيءَ جيان کليو بيٺو هوندو آهي. رڻ جي گرميءَ جو ماريل مسافر جڏهن ان گھاٽي وڻ کي ڏسندو آهي تڏهن سندس رڳ رڳ ۾ ٿڌڪار جو احساس اڀرندو آهي. هن جي هلڻ جي رفتار وڌي ويندي آهي. هو تيز تيز قدم کڻندو جيئن وڻ جي هيٺان پہچي پہريون گھرو ساهه کڻندو آهي. وڻ جا ڪنڊا، تيز ڀالا بڻجي ويندا آهن. ڇٽي يڪدم بند ٿي ويندي آهي. ڄڻ ته وڻ مسافر کي وڏي چاهه مان ڀاڪر پائيندو هجي. جڏهن ڀاڪر جو مُنڊو کلندو آهي ته زمين تي مسافر جو صرف هڏائون پڃرو اچي ڪرندو آهي.
اُها عام شامن جيان شام هئي. دينو ۽ هو ٻنيءَ تي ٻير جي وڻ هيٺان ويٺا هئا، اڄ صوفن جي زبان کلي پئي هئي. هو تيز تيز ڳالہائي رهيو هو، ”دينو مان ڇا ڪيان، ڪاڏي وڃان. ابي امان کي چئي نه ٿو سگھان ته منہنجي شادي ڪرايو ۽ ڪا ڇوڪري به ڪو به ٿي سُجھيم لڳي ٿو مان ڪنوارو ئي ڦٿڪي پوندس، ڪنواروئي هن دنيا مان هليو ويندس ۽ جڏهن مرندس ته، پوءِ رڙيون ڪندا، هاءِ ڙي ابا صوفن ٻچڙا اسان کي اڪيلو ڪري هليو وئين.“
دينو هن جي ڳالہه ٻڌي مرڪيو. مرڪ ۾ شايد طنز هئي. شايد پيغام هو ته مسئلي جو حل ملي ويو هو.
دينوءَ هن ڏانہن نہاريو، نہار ۾ به پيغام هو، ڪو گھرو، پُرمغز، پُر مفہوم پيغام.
نيٺ دينوءَ ڳالہايو، ”يار دل نه لاهه. جي منہنجي وس ۾ هجي نه، ته مان هاڻيئي وڃي بابہين کي چوان ته، منهنجي يار جو بلو ڪر. پر خبر ٿئي نه جي مان ائين ڪندس ته وڏو ممڻ مچي ويندو. چوندا، دينو ڪير ٿيندو آ اسان جي گھر ۽ برادريءَ جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ وارو.“
ٿوري دير کانپوءِ دينوءَ وري ڳالہايو، ”هڪ ڳالہه آهي. جي تون دل ٻڌين، همت ڪرين ته تنهنجو عشق به ٿي سگھي ٿو ۽ شادي به.“
وڻ تي ويٺل ڳيري گون گون ڪئي، اميد ليئو پاتو.
دينو وري مُرڪيو، صوفن ۾ اُتساهه پيدا ٿيو، جوش اڀريو، ”ٻڌاءِ ٻڌاءِ اِهيو ڀلا ڪيئن!“
دينوءَ ٿورو سوچيو پوءِ چيائين، ”نه بابا نه، ڳالہه اهڙي آ نه جو چوندو سانءِ ته تون چڙي ويندين، ان ڪري ڍڪي ڀلي.“
”نه چڙندس، تون ٻڌاءِ ته سہي.“
”واعدو، ته نه چڙندين؟“
”هي ڏس، ڏاڙهيءَ تي هٿ آ، مڙساڻو واعدو آ.“
”يار داڻو تنہنجي گھر ۾ پيو آ، توکي رڳو چُڳڻ جي دير آ،“
”دينو ڳجھارتن ۾ نه ڳالہاءِ، ڳالہه کولي کولي ٻڌاءِ،“ صوفن چڙندي چيو.
”هوءَ تو واري سئوٽ آهي نه مَوران. ان تي ڇو نه حيلو ٿو هلائين، ڇو نه ٿو پيچ اڙائين؟“
آسمان ۾ باز اُڏاڻو، کيڙيءَ واري زمين ۾ ڪُئي ڪِر ڪِر ڪئي.
پريان کوهه ۾ نانگ ڏيڏر تي جھپڙ هڻي ڪڍي.
جھرڪي اڻ ڄاتي خوف سبب وڻ تان اُڏار ڀري.
صُوفن هڪ لمحي لاءِ حيران ٿيو، پوِ پريشان ٿيو ۽ پوءِ چڙي پيو؛ ”اڙي تون ڪو وڏو بيغرت آن، حرامي آن، ڪو ڪڃر آن. مَوران، مَوران منہنجي سڳي سئوٽ ڀيڻ برابر، ان ۾ اکيون وجھان. ان سان پنہنجي منہن ۾ ڌوڙ وجھان. لانت آ توتي، تنہنجي دوستيءَ تي، تنہنجي صلاحن تي.“
دينوءَ کي به غصو آيو. سو چيائين، هُو صوفن کي سندس پيءُ ۽ ماءُ جو مہڻو ڏئي. کيس آرسي ڏيکاري ته خانداني طرح هو ڪيترا ڪار مُنہان هئا. پر شايد دوستيءَ جو خيال ڪري هو مُڙي ويو. بس ايترو چيائين، ”مان ته توکي اڳييءَ چيو هو ته تون نه سَہي سگھندين، چڙي ويندين مون کي ڪہڙي گتي پئي آهي جو وتان تنہنجي لاءِ ڇوريون تاڙيندو. ها باقي، رهي ڳالہه ته، موران تنهنجي سئوٽ آهي، ته پوءِ مان به ته پنهنجي ماسات سان لڳو پيو آهيان. ان ۾ ڪہڙي اربعا خطا آهي. هونءَ به چوندا آهن ته، ڇوري جڏهن جوان ٿيندي آ نه، ته ان جو هٿ هر وقت اڳٺ ۾ هوندو آ. ان کان اڳ جو ڪو ٻيو ڪُوئو سُٽ ٽُڪي، ڀلو ان ۾ آ ته ماڻہو پنہنجيءَ سان پاڻ منہن ڪارو ڪري.“
دينو تقرير پوري ڪري اٿيو. غصي جي ڏِک ڏيندي چيائين، ”مان هلان ٿو، اڳتي ڀائو پاڻ کي اهڙيون گاريون ناهن کائڻيون، پنہنجي ڏاڙهي ناهي پٽائڻي توکان.“
دينو ويندو رهيو، هُو ڏسندو رهيو.
هو ٻير جي وڻ هيٺان اڪيلو ويٺو رهيو. رکي رکي هن کي دينوءَ تي غصو پئي آيو ته هن ساڻس اهڙي گندي ڳالہه ڇو ڪئي هئي.
وري ٿوري دير کان پوءِ هن سوچيو پئي ته ، هو دينوءَ کي روڪي کيس چوي ها، ”ائين نه چوندو ڪر“ ۽ دينو هن ڏي ڏسي ها، ٿورڙو مُرڪي ها ۽ کيس اڃان به تفصيل سان ڳالہه سمجھائي ها.
اندر جي ويڙهاند ۾ ڪيترو وقت گذري ويو، هن کي ڪا خبر نه پئي، هن جي اڪيلائي اڳ کان اڳري ٿي وئي.
الاءِ ڇا ٿيو، اچانڪ هن جي دل ڀرجي آئي. هو روئڻ لڳو. اوڇنگارون ڏئي رڙيون ڪري، روئڻ لڳو. شڪر ٿيو، آس پاس ۾ ڪو ڪونه هو، نه ته سمجھي ها شايد هو چريو ٿي پيو آهي. هن کي ڪا خبر ڪونه پئي ته هو ڪيتري دير روئندو رهيو ۽ ڪہڙي مہل بس ڪيائين. ٿورو ئي پر ڀرو، غلام بروهيءَ جي رڍن ۽ ٻڪرين جي گذرندڙ ڌڻ جي چَڙين جي ٽڻ ٽڻ جا آواز هن کي واپس هوش جي دنيا ۾ وٺي آيا.
هن ڏٺو آسمان جي آخري ڪناري تي ڳاڙهاڻ آخري ساهن ۾ هئي، سج لہي چُڪو هو.
هو اٿيو ۽ گھر ڏي روانو ٿيو.
خبر ناهي ته دينوءَ جو مشورو هو، يا روئڻ جو اثر، پر هن کي لڳو ته هو ساڳيو صوفن نه هو. شرميلو، اڪيلو، اداس.
هن جو مثال ان پٿر جھڙو هو جنہن تي پئي پئي مٽيءَ جا ڍير چڙهي ويا هجن. پوءِ اچانڪ تيز بارش ۾ ڌوپجي صاف ٿي پنہنجي اصل شڪل ۾ اچي وڃي. ڳوڙهن هن جي اندر کي ڌوئي ڇڏيو هو. شڪل ڪہڙي ظاهر ٿي هئي، ڀلي يا بُري، شايد ان جي اظہار جو وقت اڃان نه آيو هو.
اُن رات هن جي تصورن ۾ عشق ۽ شادي نه هئا، نه ئي وري صوبيدار جي خوني زال هئي. هن جي هر تصور ۾، هر سوچ ۾ هر ڪنڊ کان، هر پاسي کان موران ئي موران هئي.
موران هن جي سَڳي سؤٽ ۽ سندس پڦيءَ جي پوٽي اسماعيل جي مَڱ موران.....
موران..........دينوءَ عجيب نالو کنيو هو. هن جي دل ۾ سوچن جو متضاد طوفان هو. هڪ پاسي هن سوچيو پئي. دينوءَ غلط ڳالہه ڪئي هئي. موران سندس ڀيڻ جيان هئي ۽ ٻئي پاسي هن سوچيو پئي ته، ان ۾ ايتري بُري ڳالہه به ڪانہي ڪا، هن دنيا ۾ ته الاءِ ڇا ٿو هلي پيو.
هن جي اندر جي هر انگ ۾ پڪار پيدا ٿي، موران، موران.
موران هن کان سال کن ننڍي هئي ۽ اسماعيل جي مڱ هئي. اسماعيل، اٺن سالن جو اسماعيل سندس پڦي جانل جو پوٽو ٿوري دير لاءِ موران جو تصور جہيڻو ٿي ويو ۽ سندس من ۾ پڦي جانل جو تصور اڀريو.
جانل جنہن کي خانداني صدمن هڻي هيڻو ڪري وڌو هو، سندس پوڙهائپ جي هر گنج ۾، درد جو هڪ داستان هو. درد جو داستان، جنہن لاءِ مرشد فرمايو؛
”لڳي ماٺ مرن کي، وڃن وڻ ٻري....“
انسانن جا الميا به اڻ کٽ آهن. بيان ڪجن ته واقعي مِرن کي ماٺ لڳي وڃي، وڻ ٻري پون. پٿر پاڻي ٿي وڃن. پاڻيءَ ۾ باهه ڀڙڪي پوي. جبل جھڪي پون. پر هاءِ ڙي انسان تنہنجي همت ۽ تنہنجي قسمت. سڀڪجھ سَہيو وڃين. زندگيءَ تان هٿ نه کڻين.
جانل جي زندگي به الميي جو اهڙوئي داستان هو. ڏک، سراپا ڏک جو روپ. جانل جوانيءَ ۾ رني ٿي وئي هئي، پر سندس سہارو سندس پٽ حاجي جوانڙو هو. ڏهن ٻارنہن سالن جو هو.
هونءَ ته جانل جو ساهراڻو گھر، ڳوٺ جو ڀريو تريو گھر هو. وڏو ڪشادو گھر، ڀلو جوڙو ڏاندن جو. پنج اٺ تولا سون. ويہه پنجويہه تولا چاندي ۽ ٽامي جا الاءِ ڪيترا ٿانوَ، پر الاءِ ڪہڙو واءُ وريو، الاءِ ڪہڙي ڦيٽ پئي، الاءِ ڪہڙي وقت جو جانل جي ساهراڻي گھر جا سڀ مرد هڪ ٻئي پٺيان مرندا ويا. جانل جو مڙس به مري ويو. باقي بچيو سندس ڏهن ٻارنہن سالن جو پٽ حاجي خان.
سہري، مڙس ۽ ٻن جوان ڪنوارن ڏيرن کي پنہنجي اکين اڳيان مرندو ڏسي، انسان کي ڪہڙو صدمو رسيو هوندو، عام انسان، جو قلم بيان کان قاصر آهي، سواءِ مرشد جي سِٽ ٻيہر دهرائڻ جي ”لڳي ماٺ مِرن کي وڃن وڻ ٻري........“
جانل، مسڪين جانل، غريب جانل، صدمن جي ماريل جانل.
جانل، سڀ ڪجھ صبر سان سٺو، همت نه هاريائين، پنهنجي ڏهن ٻارنہن سالن جي پٽ سان ڪلہو ڪلہي ۾ ملائي بيٺي.
پٽ کي ڪڙمت ۾ ڪيڙائڻ لڳي. جانل جي ڀائرن به جانل جي مدد ڪئي.
ڏکيا ڏينہن ڏور ٿيا. حاجي جوان ٿيو. جانل حاجيءَ جي شادي پنہنجي ئي مائٽن مان ڪرائي. ستت ئي اسماعيل پيدا ٿي پيو. گھر ۾ خوشي موٽي آئي، منڊل مچڻ لڳا. پر ڪاتبِ تقدير وٽ ڪجھ ٻيو لکيل هو. ڏکن جو انت نه اچڻو هو، سڻائو واءُ ڄڻ ته ڏيکاءُ لاءِ هو.
اچانڪ هڪ رات حاجي سُتي سُتي رڙ ڪئي. رڙ سان الٽي شروع، الٽيءَ سان گڏ رت اچڻ لڳو ۽ ٿوري دير کان پوءِ حاجي پيالو ڪري ويو.
جانل جي دنيا لٽجي وئي، خاندان برباد ٿي ويو. سڀڪجھ لٽجي ويو. پر حيرت ان مہل ٿي جڏهن سڀ ڪنہن محسوس ڪيو ته حاجيءَ جي زال دل سان نه پر صرف لوڪ لِکا لاءِ افسوس ڪيو ٿي.
تڏي تي ويٺل عورتن، اکين جي اشارن سان هڪٻئي سان ڳالہه ڪئي، ”اڙي ڀيڻ حاجي ويچارو مرڻ وارو ٿوروئي هو، هن لانتڻ زهر ڏنو ٿس، پنہنجي ماسات سان ڪارو منہن اٿس.“
سڀ ڪنہن ڏٺو، خاندان جو هڪڙو ئي سَلو اسماعيل بچيو هو. ٻيو سڀڪجھ ختم ٿي ويو هو. تڏي تي ويٺي ويٺي سُس پُس ٿي، ”ڀئي هاڻي ڪير بچيو آهي ڪو نه، ڇوڪرو ننڍيرڙو آ. اڳتي لاءِ ڇا ٿئي“ حاجيءَ وارن جي ملڪيت ورهائي وڃي.“
مال غنيمت صرف جنگين جي ميدان مان حاصل نه ٿيندو آهي.
هن دنيا ۾ هر پہچ وارو انسان، بي پہچ، بي وس، يتيم، غريب کي مال غنيمت ئي سمجھندو آهي. سو حاجيءَ جي مرڻ کان پوءِ جانل جي اکين اڳيان حاجيءَ جي مال ملڪيت مائٽن مال غنيمت جيان ورهائي کنيو. ڪنہن ڏاند ڪاهيا، ڪنهن سون تي هٿ صاف ڪيا. تڏي تي ويٺي ويٺي ٽن ڏينہن اندر سڀ ڪجھ ورهائجي ويو.
ان کان اڳتي مہيني اندر حاجيءَ جي زال چار مہينا عدت پوري ڪرڻ کان اڳ، مامتا کي ست ٺوڪرون هڻي، پنہنجي پنجن سالن جي پٽ اسماعيل کي ڏاڏي جانل جي حوالي ڪري، پنہنجي ماسات سان نڪاح ڪري ويہي رهي.
نڪاح ڪرڻ سان ئي هن اکين جي اشارن ۾ ٿيندڙ ڳالهين ته، ”حاجيءَ کي زهر ڏنو ويو آهي،“ مائيءَ ڄڻ ته صداقت جو ٺپو هڻي ڇڏيو.
جانل پنہنجي پوٽي اسماعيل کي سيني سان لڳايو. ٻي ته واهه هن وٽ هئي ڪانه، پنہنجي ڀاءُ گاجيءَ وٽ اچي پناهه ورتي.
جانل جي تن تي ڪپڙو پورو نه، پيٽ ڀري ماني ڪو نه، پيرن ۾ چپل ڪونه. هوءَ گاجيءَ جو مال چاريندي هئي، گھر جو ڪم ڪار ڪندي هئي، جھر جھنگ ۾ روئندي هئي،
روئڻ ڇا، سندس ته ڳوڙها ئي سُڪي ويا هئا، پر پوءِ به اندر جا اُڌما سڏڪن ۾ ظاهر ٿيندا هئا. رات جو پنہنجي پوٽي اسماعيل کي سيني سان لائي سمہڻ وقت ڪل جهان جي پِيرن ۽ ڪل جهان جي مالڪ کان اسماعيل جي وڏي زندگي ۽ سک سلامتيءَ جون دعائون گھرندي هئي.
سال اڳ، ٽاڪ منجھند جو صوفن جيئن ٻنيءَ تان موٽيو ئي مس ته جانل کي ڏسي سندس اندر کي جھُٻو آيو. ساوڻ جا ڏينهن ٽاڪ مجھند، جتي ڌرتي ٽامو بڻجي وڃي. جتي مڇي زمين تي رکجي ته ترجي وڃي، وڻ جي واهيري کان ڀٽڪيل پکي اک ڇنڀ ۾ اچي هيٺ ڪري، جتي جيت جڻيا زمين جي ستين پا تال ۾ لڪي وڃڻ. اتي جانل، بلڪه هزارين لکين جانلون پيرين اگھاڙي مال چاري واپس وٿاڻ تي ورن.
سنڌ! هاءِ ڙي سنڌ! مٺڙي سنڌ! جنت جي هير واري سنڌ! سنڌو درياءَ ۽ سنڌي سمنڊ واري سنڌ! تنہنجي زمين جي مٿين تہه کي قدرت واري ميون ۽ فصلن جي نعمت سان مالا مال ڪيو آهي. اتي زمين جي هيٺئين تہن ۾ اڻ ڳڻيا خزانا لڪائي رکيا اٿئين. جتي ٿربر، ڪاڇي ڪوهستان کي الڳ الڳ ۽ اڪيچار نعمتن سان نوازيو ويو آهي. اتي جانل ۽ جانل جھڙين کي کائڻ لاءِ ماني ڪانہي ۽ پائڻ لاءِ جُتي ڪانہي. تنہنجي ماڻہن جي ذلت ڀري زندگي ڏسي ئي ته مرشد دنبوري تي هٿ هڻي دانہن ڪئي هئي؛
”ڏکيءَ تو ڏڪار، توڙي وسن مينہڙا......“
سوز جو سڏ اڃان به اڳتي وڌيو، تنبوري جي تار تي ٻيو آواز گونجيو؛
”ڏکوين اهڃاڻ، ڪلہي ڦاٿو ڪنجرو،
وڃين گوندر گاڏيون، لوڪ نه آڇين پاڻ،
سورن اسان ساڻ، ننڍي ئي نينہن ڪيو.“
سال اڳ سورن جي ماريل جانل کي سندس ڀائٽي صوفن ڏٺو. ڌرتي ٽامو بڻيل هئي ۽ هوءَ مال ڪاهيون واپس پئي آئي. سندس پيرن ۾ اڪ جا پن ٻڌل هئا. صوفن جي دل ڏکي، اندر ۾ جہٻو آيو. هو گھر آيو ۽ اچي جانل کي چيائين، ”پڦي اڄ کان پوءِ تو تي مال چارڻ ماڦ آ، بس تون گھر ۾ هوندي ڪر.“
جانل پنہنجي ڀائٽيي کي ڏٺو. سندس نڙيءَ مان ڳوڙهن کان خالي سڏڪو بلند ٿيو ۽ پوءِ پنہنجي ڀائٽيي کي ڀاڪر ۾ ڀري دعائن جو درياءُ وهائڻ لڳي، ”الله آڍڙو ٻڍڙو ڪندئي، رزق روزي ڪشادي ڪندئي، ست پٽيتو ڪندئي، ڪوسو واءُ نه لڳندئي.“
ان ڏينہن کان پوءِ جانل سان جيڪو به ڳوٺ جو ماڻہو ملندو هو، هوءَ پنہنجي ڀائٽي جي ڪيل ڪرم جو دعائن سان ذڪر ضرور ڪندي هئي.
پر اڄ رات صوفن جي دل مان ڏکويل جانل جي ڏک جو احساس ماٺو ٿيڻ لڳو هو. هن کي نه چاهيندي به احساس ٿيڻ لڳو ته، اسماعيل سندن گھر تي بار هو. جيئن تيئن ڪري هن رات گذاري صبح جو جيئن اٿيو. الله جي ڪرڻي ائين ٿي، موران ان مہل گھر جي اڳڻ ۾ ٻہاري ڏئي رهي هئي. جيئن ئي هن جي موران تي نظر پئي، پہريون دفعو سندس دل جو دهڪو وڌڻ لڳو. ٽنگون ڏڪڻ لڳس ۽ چپ خشڪ ٿيڻ لڳس.
موران بي خيالي ۽ بي پرواهيءَ ۾ ٻہاري ڏيندي رهي. صوفن ڏٺو، موران واقعي موران هئي، سندس انگ انگ مان جواني ڦاٽي ٿي پئي. دل جي دهڪي، ٽنگن جي ڏڪڻ ۽ چپن جي خشڪيءَ باوجود به هن پنہنجي اندر ۾ جوانيءَ جي لہر اٿندي محسوس ڪئي.
هو تڪڙو گھر کان ٻاهر نڪري ويو.
جيتوڻيڪ دينو هن سان ڪاوڙجي ويو هو ۽ ملڻ ڇڏي ڏنو هئائين، پر هن جي ڪيل ڳالہه صوفن کي دنيا جي بلڪل نئين دنگ تي اچي بيہاريو هو. هن چاهيو ٿي ته هو دينوءَ کي پرچائي ۽ کائنس موران کي پاڻ ڏانہن مائل ڪرڻ جو ڪو نسخو معلوم ڪري. جيتوڻيڪ موران هن جذبن کان بي خبر هئي، پر صوفن جو رات، صبح، شام موران جي تصورن ۾ گذرڻ لڳا.
هڪ ڏينہن ته حد ٿي وئي هن کاٽي ٿي کنئي ڪوڏر جو لپو ته زمين ۾ ئي هنيئائين پر سندس سڄو خيال موران ڏي هو.
ان خيالن جي ڪشمڪش ۾ اچانڪ ڪوڏر ٿڙي وئي. ڪوڏر زمين ۾ لڳڻ بجاءِ سڌو وڃي سندس سڄي پير ۾ لڳي. هن کان رڙ نڪري وئي. رت جو ڦوهارو نڪتو هو هيٺ ويہي رهيو کيس شہر جي اسپتال ۾ کڻي ويا. کيس چار ٽاڪا لڳا. سندس ماءُ روئندي چوڻ لڳي. مُٺيس منهنجي ٻچڙي کي الاءِ ڇا ٿيو آ، نه کائي ٿو نه پيئي ٿو، مٿان وري هي مصيبت چون ٿا ايترو رت وهيو اٿس ڄڻ ته ڪنهن ڍور کي سير ڏني هجي. الاءِ ڪنهن منهنجي ٻچڙي کي نظر هنئين آهي؟ الاءِ ڪنهن تاويذ وڌا اٿس؟ الاءِ ڪنهن جي پاڙ پٽي آ؟ الاءِ ڪنهن جو منهن ڪارو ٿيو آ؟“
هي جهنگ جا جهانگي ماڻهون هئا، هاري مزدور، انهن لاءِ اهڙا ڌڪ، زندگيءَ جو ڪمتر معمول هئا. هوءُ ڏينهن ٻن اندر هلڻ ڦرڻ جھڙو ٿي پيو. دينوءَ کي دوستيءَ جو درد جاڳيو، هن کان ڌڪ جي پڇا ڪندي ڏوراپو ڏنائين، ”تون ته آهين پڪو پٿر، پر منهنجي دل ته ميڻ جي آهي نه، خبر پئي، يار کي ڌڪ لڳو آ، رهي نه سگھيس هليو آيس توکان پڇڻ.
دينوءَ جي پرچڻ کان پوءِ، هڪ دفعو هن کي سور سلڻ وارو يار ملي ويو. هن حياءُ ۽ شرم ڀريءَ ٻڌي کوهه ۾ ڦٽا ڪيا. سنئون سڌو دينوءَ کي چيائين ته موران کي مائل ڪرڻ جو گس ڪڍي.
دينوءَ کيس ٻڌايو، ”صفا سولي ڳالهه آهي. يا ته موران کي وجھ وٺي اک هڻ، يا ته کيس پاسوهڻ، ياوري آئيني جو اولڙو هڻينس. هوءَ پاڻهي سمجهي ويندي.“
آئيني واري ترڪيب ڪم ڪري وئي. جيئن هڪ ڏينهن هن وجھ وٺي موران کي آئيني جو اولڙو هنيو.
جواني، جوانيءَ جو سڏ سڻي ورتو.
دليون مائل ٿيون چپ مرڪيا.
اکڙين آرس ڀڳو، سينا ملڻ لاءِ بيتاب ٿيا.
گھر جي ڳالهه هئي، ڪي لوڙها لتاڙڻا هئا ڪونه.
جسمن جي ميلاپ ۾ ڪو گھڻو وقت ڪونه لڳو.
هاڻي گاجيءَ جي خاندان جي گھر ۾ اچانڪ ٿانون جا ٽڙڪا تيز ٿيڻ لڳا.
موران روز مساڳ هڻڻ لڳي.
اڌرات جو دلي مان پاڻي اوتجڻ لڳو.
هفتي ۾ ٻه ٽي راتيون، جوان ساهه اڌرات جو سهڪڻ لڳا.
دينو ۽ صوفن جو پيچ اڃان به پختو ٿي ويو.
صوفن جو انداز مٽجي ويو، هن ۾ مست اُٺ جھڙي مستي اچي وئي. سندس منهن مان زبان ڳالهائڻ لڳي.
گھڻن کي شڪ پيو، موران جي ماءُ ۽ زيبل کي يقين ٿي ويو.
تاريخ ورجائڻ لڳي.
بيوسي پر پکيڙڻ لڳي.
هڪ ڏينهن صوفن پنهنجي اندر ۾ اڀريل نئين سگھ جو استعمال ڪيو. ٻنيءَ تي ڪم ڪندي هن پيءُ کي چئي ڏنو ته هو، موران سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي.
گاجيءَ پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو.
هڪ سيڪنڊ لاءِ سندس ذهن ۾ سندس ئي ماضيءَ جي فلم الٽي هلي.
خوف، گاجيءَ جي وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙڻ لڳو.
ڏور، ڌرتيءَ جي ڪنهن ڪنڊ تي، شڪاري آسمان ۾ تير هيو، ابابيلن جي ولر ۾ ٽاهه پيو.
هڪ زخمي ابابيل هيٺ زمين تي ڦٿڪڻ لڳو.
گاجيءَ صوفن کي کٽو جواب ڏنو، چيائين، ”اڙي ڪو شرم ڪر، حيا ڪر. هي ڇا ٿو ڪرين. ڪهڙو ڪلور ٿو ڪرين، موران منهنجي بيواهي ڀيڻ جي پوٽي جي مڱ اسماعيل منهنجي ڀاڻيجي جي آخري نشاني، ڏک ماريل منهنجي ڀيڻ. مان ان کي ڇا چوندس ڪهڙو منهن ڏيکاريندس ان ڪري مُڙي وڃ، ان هوڏ تان لهي وڃ.“
صوفن بي حيا، بي حجاب ٺهه پهه پيءُ کي چئي ڏنائين، ”تو شرم حياءُ ڪيو هو جو مون کي ٿو چوين پرڻبس ته موران سان، پو ڇا به ٿي پوي.“
گھر جو سُڪون برباد ٿي ويو.
صوفن بي خوفيءَ سان موران سان ملڻ لڳو.
موران کي ڪڏهن ڪڏهن جن به ٿيڻ لڳو.
گاجيءَ جو ماضي سندس سامهون ڪاريهر بڻجي ويو.
اسماعيل جڏهن به هن جي اڳيان ٿي آيو، هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ٿي آيا.
جانل اسماعيل کي پنهنجو پاڻ کان هڪ پل لاءِ به جدا نه ٿي ڪيو. اسماعيل جي لاءِ دعائن جو سلسلو، اڻ کٽ ۽ دراز ٿي ويو.
هڪ منجھند جو قهر ٿي ويو.
واويلا وڻڪار ٿي وئي.
پکين چڳڻ ڇڏي ڏنو.
زخمي ابابيل مري ويو.
ماڻهو گھڙي پل لاءِ پنڊ پهڻ بڻجي ويا.
کانئن ماني کائڻ وسري وئي.
قيامت اچي وئي.
جانل جو ٻنڀو لُٽجي ويو.
خاندان جي آخري نشاني اسماعيل سدا سکي واهه ۾ وهنجندي ٻڏي ويو.
چئن پنجن ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن اسماعيل جو لاش سدا سکي واهه مان ڪڍيو ويو ته قهرام مچي ويو. هر اک آلي ٿي وئي، هر سيني مان سُڏڪو نڪتو.
گاجيءَ پار ڪڍيو، ”او منھنجا جانب اسماعيل هي ڪهڙو قهر ڪري وئين. بيواهي ڀيڻ کي ڪنهن جي سهاري ڇڏيئي.“
جانل جو درد، قلم ڇا بيان ڪري!
چوڻ وارن چيو ۽ ٻڌڻ وارن پوري يقين سان ٻڌو ته، ”اسماعيل کي صوفن وهنجارڻ بهاني سدا سکي واهه تي وٺي ويو هو. وهنجاريندي وهنجاريندي هن کي غوطا ڏيڻ لڳو. اٺن سالن جو ننڍڙو اسماعيل هن کي پنهنجي خانداني ٻولي سرائڪيءَ ۾ آزيون نيازيون ڪرڻ لڳو.
”او ادا، او ميڏا ڀِرا، ميڪون نه ٻوڙ، ميڪون نه مار.“
آخري غوطي کائڻ کان اڳ ۾ اسماعيل پاڻيءَ مان منهن مٿي ڪيو ۽ چيائين، ”صوفن ميڏا ڀرا، ميڪون نه مار، مين موران نه پرڻيسان، موران تون پرڻيجين. موران تيڏي اي، موران تيڏي اي.
موت زندگيءَ کان کيل کٽي ويو. اسماعيل ٻڏي ويو. مري ويو.
جنہن شام اسماعيل جو لوڙهه لٽيو ويو، ان رات اچانڪ اڌرات جو صوفن رڙيون ڪرڻ لڳو، ”موران تيڏي اي، موران تيڏي اي.“
ان ڏينہن کان وٺي صوفن پہرن جا پہر سدا سکي واهه کي تڪيندو رهندو هو. جڏهن پل پل مرڻ جو عمل آخري انتہا تي پہچندو هو، ته هن جي روح مان رڙ نڪرندي هئي،
”موران تيڏي اي، موران تيڏي اي......“