اسان جو دادلو؛ ”ناصر زهراڻي“
مون کي ياد آهي ته، هن ڏهين جماعت ۾ لکڻ جي شروعات ”ناول“ سان ڪئي هئي، جيڪو زماني جي گردش ۾ هن وٽ محفوظ نه رهي سگهيو ۽ پوءِ انٽر وارن ڏينهن ۾ پڻ هن هڪ شاندار ”ناول“ سرجيو، جنهن جون ڪجھه قسطون هن سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ تنقيد لاءِ پيش پڻ ڪيون هيون، سو به هن جي هٿن مان الائي ڪيئن يادن جي مسافتن واري جهان ۾ وڃائجي ويو. انهن ناولن جي گم ٿيڻ جو کيس ڪيترو اُلڪو هوندو، سو ڪنهن ماپي ۾ شايد ئي سمائجي سگهي، پر مون کي اڄ تائين اهو خيال صدمي واري ڪيفيت ۾ وڪوڙي ڇڏيندو آهي.
هن ئي عرصي ۾، ”ڪهاڻيون“ هن جي قلم مان سرجڻ لڳيون هيون. سي به اهڙيون ته اثرائتيون جو سنگت جي حلقي ۾ هي تمام اهم ”ڪهاڻيڪار“ طور سڃاپجڻ لڳو. طوالت کان بچڻ لاءِ مان هن وقت تائين ڪي تفصيل پيش نه پيو ڪريان ته هن پهرين ڪهاڻي ڪڏهن ۽ ٻي ڪڏهن لکي يا آخري ڪيتري عرصي کان پوءِ. ڇاڪاڻ ته هن جي اندر جو ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار ڪو ڊکڻ وانگر ”ٺهيل گهڙيل ۽ رندو لڳل“ نه آهي. هي ته انگريزيءَ وارو Self made قلمڪار آهي، جنهن اُتساهه پنهنجي والد صاحب کان ورتو ۽ فن توڙي فڪر سماج کان. هن جون لکڻيون ڪنهن حد تائين جذباتي پڻي جو شڪار ضرور هيون، پر، سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جي گڏجاڻين ۽ وسيع مطالعي ۽ مشاهدي واري ڇاڻيءَ مان ڇڻي، جڏهن اهي اول ”ڪملا شيام“ جي اختيار ڪيل نالي سان ”سگهڙيون“ رسالي ۾ شايع ٿيون ۽ بعد ۾ سنڌيءَ جي هر معياري ادبي مخزن، رسالي ۽ اخبار ۾ اوليت جي بنياد تي جاءِ والارڻ لڳيون، تڏهن ”ناصر زهراڻي“ سنڌي ڪهاڻيءَ جو برجُستو ليکڪ ٿي اُڀريو.
نه رڳو ايترو، پر ان وقت يعني نوي واري ڏهاڪي ۾ ”سهڻي“ رسالي جو ايڊيٽر طارق اشرف هن کي خط لکي داد ڏيندو ۽ اُتساهيندو هو. ناصر زهراڻي استادي/شاگرديءَ واري خفي کان گهڻو پري رهيو ۽ ڪنهن جي شاگردي يا استادي قبولڻ بجاءِ هن هميشه س.ا.س جي تنقيدي ڪلاسن کي اهميت ڏني ۽ ٻئي نمبر تي سنڌي توڙي انگريزي ادب جا ذخيم ۽ پُر مغز ڪتاب مطالعي هيٺ آڻيندو، اڳتي وڌندو رهيو.
ناصر زهراڻيءَ جي اصل سڃاڻپ ڪهاڻي ۽ ناول آهي، پر هن انگريزيءَ ۾ ڪالم، مضمون ۽ تجزياتي فيچر پڻ ليکا آهن، جيڪي انگريزي اخبار ”دي فرنٽيئر پوسٽ“ ۾ ان جي بندش تائين شايع ٿيندا رهيا ۽ ”ڊيلي ڊان“ ۾ پڻ سندس آرٽيڪل شايع ٿيا. انگريزي زبان ۽ ادب تي هن جي دسترس ٿيڻ پويان پڻ مزيدار (هن لاءِ ڪربناڪ) محرڪ هو، جنهن جو هتي ذڪر مناسب ڪونهي، سو وري ڪٿي ٻئي هنڌ ان جو عڪس پيش ڪبو.
ناصر زهراڻيءَ هڪ ڊزن کان وڌيڪ شايع ٿيل ڪهاڻيون گڏ ڪري مجموعو شايع ڪرائڻ جي تياري ورتي ته، هڪ دوست کانئس سموريون ڪهاڻيون زوريءَ کسي مطالعي هيٺ آڻي ٺاهوڪو مضمون لکي ڏيڻ جو چئي اهڙو ته خانه بدوش لفظن جي قافلي ۾ محو ٿي ويو جو سموريون ڪهاڻيون الائي ته ڪٿي ۽ ڪيئن گم ڪري، نرڄائيءَ سان اچي کيس ٻڌايائين ته هو، سندس قلمي پور هئي جي سموري پونجي بنا مُلهه جي لُٽائي آيو آهي. اهي ڏينهن ۽ هي ڏينهن ناصر زهراڻي اهڙو ته دلگير ٿيو جو سرڪاري آفيس جي فائيلن ۾ وڃائجي مصروف ٿي ويو.
ٻه سال اڳ جڏهن مون کي عيد جي ڏينهن مبارڪ ڏيندي اها خوشخبري ٻڌايائين ته ناول لکي رهيو آهي، تڏهن بي اختيار اکين ۾ سرهائيءَ جا رنگ نکرڻ لڳا. ۽ هاڻي اهو ناول ”دنيا دم درياءُ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ناول کي توهان تائين پڄائڻ ۾ مون به ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا. ڊائريءَ تان اتاري، فيئر ڪري ڪمپوزنگ لاءِ ڏيڻ تائين منهنجو پگهر ۽ اوجاڳو به هن ناول ۾ شامل آهن، ۽ ها منهنجا کوڙ سارا لڙڪ، ٿڌا ساهه، مُرڪون ۽ سُڏڪا پڻ هن ناول ۾ شامل آهن. مون هٿ اکرن ۾ اُتاريندي اُتاريندي پاڻ کي به ان ناول جو هڪ غير معروف ڪردار تصور ڪيو آهي ۽ يقين اٿم ته توهان پڻ هنن ڪيفيتن کان پاڻ کي آجو ڪرائي نه سگهندا.
عزيز منگي
لاڙڪاڻو.