ناول

دنيا دم درياءُ

هيءُ ناول سنڌي سماج توڙي بيوروڪريسي جي مٿان چڙهيل نقلي نقاب کي بي نقاب ڪري ٿو ته ٻئي طرف سنڌ جي موجوده حالتن جي محرومين ۽ مجبورين جي عڪس بندي به پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ دادلو زهراڻي بيوروڪريسي جو حصو پڻ آهي هن پنهنجي صغير ۽ شعور کي سماج آڏو جوابده سمجهي پنهنجي دامن کي بچائي هليو اهي. جنهن ڪري هن جو دامن اڄ به اجرو آهي.
Title Cover of book دنيا دم درياءُ

باب ستون : صوفي صاحب.......

رات جي چوٿين پهر جو پهريون پهر.
رات ڏينهن کي رستو ڏيڻ لاءِ راهه هموار ڪندي آهي.
تارا الوپ ٿيڻ لڳندا آهن. پکي پر پکيڙڻ لڳندا آهن.
ڀاڳ ورنيون، پنھنجي مال جا وٿاڻ سنڀالينديون آهن.
رات جي چوٿين پهر جو پهريون پهر.
حرڪت جو پهر، برڪت جو پهر، چرپر جو پهر، سنڀال جو پهر.
پر منھنجي ته سڄي رات گذرڻ کان پوءِ به هن محل تائين ڪنهن سنڀال ڪونه لڌي آهي.
منھنجو من ڪٿي ڪٿي ڀٽڪيو آهي. ڪٿي ڪٿي رليو آهي. ڪھڙن ڪھڙن ياد جي دريائن مان گذريو آهي. جيڪڏهن آءٌ صحيح سالم هجان ها، بيمار نه هجان ها ۽ اهي يادون قلمبند ڪريان ها ته شايد چڱو خاصو ناول لکجي وڃي ها.
پر، هاءِ ڙي قسمت! هاءِ ڙي مقدر!
آئون ته ياد جي گھٽين مان گذران ٿو، منھنجو درد ماٺو ٿئي ٿو ۽ رات جو پهر گذري وڃي ٿو.
يادون ئي هن محل منھنجي درد جو درمان آهن.
يادون ئي منھنجون يار دوست آهن.
يادون ئي منھنجا ڀائر ڀينرون آهن.
يادون ئي منھنجي انتها جي ابتدا آهن.
انتها، آئون جلدي انتها ٿو چاهيان. هيءَ دنيا ڇڏڻ ٿو چاهيان، درد مان نجات ٿو چاهيان.
هاءِ هاءِ- ٻيهر دل تي علم جي دروازي جو قول تري ٿو اچي، ”موت ئي انسان جو سڀ کان وڏو محافظ آهي. جڏهن نه اچڻو هوندو آهي ته ڪير به نٿو آڻي سگھي. جڏهن اچڻو هوندو آهي ته ڪير به ٽاري نٿو سگھي.“
انسان زندگيءَ سان ايڏو پيار ڇو ڪندو آهي.
جواب ۾ هڪ جوڳيءَ لهري مهاسيا جو جواب ذهن ۾ تري ٿو اچيم؛ ”سالن کان قيد ڪيل هڪ پکيءَ کي جڏهن آزاد ڪبو آهي، تڏهن سولائيءَ سان هو پچرون ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح روح به جسم جو ايترو ته هيراڪ هوندو آهي، جو ڪنهن به طرح جسم ڇڏڻ نه چاهيندو آهي.“
سچ آهي. هن محل جيڪڏهن ڪو ڪَن ۾ شيخ اياز جو شعر به اچي چوي؛
جسم ٿيو فنا، روح ٿيو آزاد،
مٽي اول مٽي آخر، مٽي زنده آباد،
۽ چوي ته، گلو اٿ تنھنجي پيڙا پوري ٿي، تنھنجي سفر جو انت ٿيو ته منھنجو جواب شايد مهران وارو ئي هجي، نه هن گھڙي نه ٿوري مُهلت ڏي، ٿورو موقعو ڏي.
او منھنجا رب! ڪيڏي خوبصورت ٺاهي آهي تو هيءَ دنيا! لک تڪليفن ۽ ڏکن جي باوجود به دل ڇڏڻ تي چوي ئي نه ٿي.
هاءِ! درد جي لهر سڄو جسم ڪنبائي ڇڏيو.
هان هي ڇا؟!! ان ڪنبڻيءَ مان ته مون کي مرشد جو شعر ياد اچڻ لڳو آهي.
جـا پر هندو ڪن، مُئي پڄاڻان مَيت سـان،
سا پر مون سڄڻن، جيئري ڪئي جهان ۾.
مرشد جي بيت ياد اچڻ سان درد جي لهر ٿمجڻ لڳي آهي ۽ ياد جي گھٽي اڃان به وڌيڪ ويڪري ٿي وئي آهي.
مون کي ياد اچڻ لڳو آهي ته اهو بيت پهريون ڀيرو ڳوڙهن گاڏڙ اکين سان صوفي صاحب ٻڌايو هو.

ايڊيشنل سيڪريٽري دلاور حسين پنھنجي طبيعت جي ڪري سيڪريٽريٽ ۾ صوفي صاحب جي نالي سان مشهور هو.
ننڍپڻ ۾ مون پنھنجي پاسي جي ڳوٺ جي وڏي وڏيري جي ننڍي ڀاءٌ لاءِ ٻڌو هو ته، هو جڏهن اوطاق ۾ ويهندو هو ته، سندس نوڪر ڪونئرو، ٽوال ۽ صابڻ کنيون تيار بيٺو هوندو هو، جيئن ئي ڪو اوطاق ۾ داخل ٿيندو هو، پيرين پئي سائينءَ کي هٿ ملائيندو هو. سائينءَ جو رعبدار آواز گونجندو هو، ”اڙي ڇورا هٿ ڌئار.“
هٿ ڌئارڻ جي اها راند ايستائين جاري رهندي هئي جيستا ئين ماڻھو اوطاق ۾ ايندا رهندا هئا ۽ سائينءَ سان هٿ ملائيندا رهندا هئا.
چون ٿا ته، پنھنجي ننڍي راڄ جو چڱو مڙس پيرل هڪ ڏينهن سائينءَ جن جي اوطاق تي آيو ۽ سائينءَ ننڍي سان هٿ ملائڻ کانسواءِ ڪنڊ وٺي ويهي رهيو. سائين ننڍي کي حيرت به لڳي ۽ ڪاوڙ به ته پيرل آخر هٿ نه ملائڻ واري جرئت ڪئي هئي ته ڪيئن؟
سائين ننڍي، وڏي ڀاءٌ کي شڪايت ڪندي چيو، ”ادا وڏا لڳي ٿو ته وڏيرو پيرل اڄ مون سان ناراض آهي جو مون سان هٿ به نه ملايو اٿئين.“
وڏي سائينءَ، پيرل خان کي مخاطب ٿيندي چيو، ”پيرل خان ڇاتي ننڍي سائينءَ سان ناراض ٿيا آهيو جو کيس هٿ به نه ٿا ڏيو؟“
”نه سائين نه نه، منھنجي ڇا مجال آ، جو مان سائين ننڍي سان ناراض ٿيان.“ پيرل وراڻيو.
”پر سائين عرض اهيو آهي ته اسان جھڙا ڪين جھڙا گندا ماڻھو سائينءَ سان جڏهن هٿ ملائين ٿا ته، سائينءَ کي هٿ ڌوئڻ جي تڪليف ٿي ڪرڻي پوي، ان ڪري اسان سائينءَ کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ هٿ نه ٿا ڏيون.“
وڏو سائين ڳالھ جي تهه تائين پهچي ويو.
ننڍي سائينءَ به طنز کي محسوس ڪري ورتو.
رهيا ويچارا ٻيا ماڻھو، سي ته هئا ئي ڪمي ڪاسبي، ڪين جھڙا.
پيرل خان جي ننڍڙي بغاوت کانپوءِ، ننڍي سائينءَ جي رويي ۾ ايترو فرق آيو ته هن چڱن ماڻھن سان هٿ ملائڻ کانپوءِ هٿ ڌوئڻ جي تڪليف ڇڏي ڏني.
ننڍپڻ ۾ ٻڌل واقعي کي مون عملي طرح سان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڏٺو. هتي ”صاحب“ ڊنگ وڏيرن کان وڏا وڏيرا آهن. هو هٿ ته ملائڻ پري جي ڳالھ آهي، ڪنهن جي سلام جو جواب ڏيڻ به بي عزتي سمجھندا آهن.
مون پنھنجي سالن جي نوڪريءَ ۾ ڏٺو ته، اسان جھڙا پٽيوالا، چوڪيدار، ڊرائيور ته ٿيا الڳ مخلوق، وڏا صاحب پنھنجو پاڻ ۾ به هٿ ائين ملائيندا آهن، ڄڻ ته اڳلو ناپاڪ، پليد ۽ نجس جانور هجي.
ان ئي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ دلاور حسين عرف صوفي صاحب پنھنجي نرالي طبيعت جي ڪري مشهور هو. هو جيئن ئي گاڏيءَ مان لهندو هو. سندس اڳيان ڀنگيءَ کان وٺي اعليٰ عملدار تائين جيڪو به سندس سامهون ايندو هو، ان سان ائين هٿ ملائيندو هو، ڄڻ ته هو ورهين جو وڇڙيل دوست يا پرين پيارو هجي.
گهڻن جو خيال هو ته صاحب موڊي هو. ڇو ته هو هڪ پٽيوالي سان ته محبت سان ڳالهائيندو هو، پر ڪنهن چڱي خاصي ”دنگ“ ماڻهوءَ جي بي عزتي ڪندي ڪوٽڪي جو به احساس نه ڪندو هو. هُو کلم کلا رشوت وٺندو هو. اسان هيٺين ملازمن کي ائين خرچي ڏيندو هو ڄڻ ته حاتم طائي جو نئون جنم ٿيو هجي.
سندس سخاوت جي هاڪ سڄي سيڪريٽريٽ ۾ هئي. کليل هٿ کي ڏسي ائين لڳندو هو ته، هو ڪو وڏو وڏيرو، امير يا سرمايه دار هو.
پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي.
هو هڪ غريب گهراڻي جو فرد هو. سندس پيءُ ننڍڙو دڪاندار هو.
سندس پيءُ زوار حسين جي ڪهاڻي به عجيب هئي؛
پاڪستان نئون نئون ٺهيو هو. نئين ملڪ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو قال هو. ماڻهن کي سڏي سڏي پئي نوڪري ڏنائون، زوار حسين به سڌو وڃي پوليس ۾ جمعدار ٿيو هڪ رات هڪ عجيب واردات ٿي جنهن زوار حسين جي زندگيءَ جي رنگ ۽ ڍنگ کي مٽائي ڇڏيو.
زوار حسين پنهنجي پوليس پارٽيءَ سان گڏ لاڙڪاڻي جي جيلس بازار جو گشت ڪري رهيو هو، هڪ ديوان پنهنجي بند دڪان جي اڳيان ويٺو هو. روايت ته اڃان به هلندي اچي پر ان زماني ۾ جوش ايماني تازو هو. ٻاهران آيل سرڪاري ڪارندن وٽ هر هندو ڌاريو هو ۽ هندستان جو جاسوس هو، ان جو اثر سنڌي ڪارندن تي به هو.
الاءِ ڇا ٿيو ديوان پوليس پارٽيءَ کي ڏسي وٺي ڀڳو. ديوان کي ڀڄندو ڏسي شڪ يقين ۾ بدلجي ويو ته ديوان جاسوس هو. پوليس پارٽي به ديوان جي ڪڍ لڳي.
ديوان کي پڪڙي ورتائون. زوار حسين نوجوان هو پوليس جو جمعدار هو ۽ جوش ايمانيءَ سان ٽمٽار. تنهن ديوان کي مارڻ شروع ڪيو. هر ڌڪ لڳڻ کانپوءِ ديوان رڙيون ڪرڻ لڳو. رڙيون ڪندي ڪندي ديوان چوڻ لڳو، ”او سائين! او ڌڻي، مون کي ڇوٿو مارين،مان به ته تو جهڙو انسان آهيان، تنهنجو سنڌي ڀاءُ آهيان.“
اچانڪ آسمان ۾ هڪ تارو چمڪيو.
ڀٽ تي تنبوري جي تان تي ٻر ٻر ٿي.
پــائــي ڪــانُ ڪـمـــان ۾، مـــيـــان مـــار مَ مــــون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
زوار حسين جو بي رحميءَ سان هلندڙ هٿ رڪجي ويو. هن ديوان کي ڇڏي ڏنو، پر ديوان جي دانهن سندس سڪون کي برباد ڪري ڇڏيو.
الائي ڪيترا ڏينهن لفظ، ”تو جهڙو انسان آهيان، تنهنجو سنڌي ڀاءُ آهيان.“ ڀالا بڙڇيون بڻجي سندس سيني کي ڇيهون ڇيهون ڪندا رهيا.
زوار حسين هڪ فيصلو ڪيو. هن پوليس جي نوڪري ڇڏي ڏني ۽ سيلاني بنجي ويو. هو ٽي سال جهر جهنگ جهاڳيندو رهيو. ٽن سالن کانپوءِ ڄڻ ته سندس بنواس پورو ٿي ويو. هُو واپس پنهنجي ڳوٺ وريو.
شادي ڪيائين گذر سفر لاءِ هڪ ننڍڙو دوڪان کوليائين. شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ کي هينئن سان هنڊايائين، سن جي سائينءَ سان عقيدت جو رشتو جوڙيائين.
هو زال جي سُهمن ۽ طعنن جي پرواهه ڪرڻ بنا ته جيڪڏهن هو پوليس جي نوڪري نه ڇڏي ها ته گهٽ کان گهٽ ڊي ايس پي ٿي رٽائر ٿئي ها.چڱي خاصي مال ملڪيت هجي ها ۽ گذر سفر لاءِ هيئن پريشان نه ٿيڻو پوي ها. پنهنجي اولاد کي وطن سان محبت، غير مشروط محبت ۽ انسان ۽ انسانيت جي عظمت جو درس ڏيندو رهيو. هن جڏهن اکيون پوريون هيون تڏهن سندس دل ۾ ٻه ڏک هئا. هڪ ته هو جيلس بازار جي ديوان جي دانهن کي وساري نه سگهيو هو (جڏهن به کيس ياد ايندو هو، سندس اکيون آليون ٿي وينديون هيون) ٻيو ته؛
درد وندن جو ديس،
ڏکويلن جو ديس،
ستايلن جو ديس،
بي پهچ اٻوجهن جو ديس،
سنڌ، آزاد نه هئي.
ڀٽائيءَ جي بيتن، سچل جي آفاقي آوازن ۽ سنڌوءَ جي ساڃاهه جي خالق جي فڪر جي ڦرهيءَ کي پڙهندي، دلاور حسين جڏهن انٽر پاس ڪئي هئي، تڏهن سندس والد صاحب پيالو ڪيو هو.
ڪجھه ڪرڻ جي تمنا، دلاور حسين کي ڪراچيءَ وٺي آئي هئي. هو ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪندو هو ته ڪڏهن خانگي اسڪولن ۾ ماستري ڪندو هو ۽ ٻارن کي ٽيوشن پڙهائيندو هو. سندس هر شيءِ اڻ پوري هئي،
سندس ننڊ اڻپوري هئي،
سندس لباس اڻپورو هو،
سندس خوراڪ اڻپوري هئي.
ڪا شيءَ مڪمل ۽ سدا جوان هئي، ته اهو هو سندس جذبو. هڪ سچي صوفيءَ جي اولاد جيان راهه ۾ ايندڙ ڏکيائين ۽ مشڪلن کي آفاقي آزمائش سمجهندي اڃان به وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان محنت ڪرڻ لڳندو هو. ڳڀي جي ڳولا ڪندي، هن پنهنجي تعليم به جاري رکي ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ جي جستجو به.
ٽيهن سالن جي عمر ۾، سندس ڪوششن رنگ لاتو، سندس محنت صاب پئي، سندس اميد پوري ٿي. هو نوڪري جي لاءِ ٿيندڙ صوبائي چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾ ڪامياب ٿي سيڪشن آفيسر ٿي ويو.
سنڌ جي آفيسر شاهي پنهنجي جوهر ۾ مڪمل طرح سان وڏيرا شاهيءَ جي هڪ نئين شڪل آهي، جيڪو ان جو حصو ٿيو ڄڻ ته، هڪ نئين زميني خدا جو اضافو ٿيو.
آفيسر شاهي، اندر ئي اندر ڪيترن خانن، حصن ۽ پتين ۾ ورهايل هوندي آهي. وفاق کان آيل هوندا آهن برهمڻ صوبائي ڪامورن ۾ هڪڙا هوندا آهن کتري، ٻيا هوندا آهن شودر شودر ئي سنڌ سيڪريٽريٽ جو انتظامي ڪاروهنوار هلائيندا آهن.
برهمڻ، کتري ۽ شودرن جي ان ورهاست ۾ رنگ، نسل ۽ ذات پات جو به اهم خيال رکيو ويندو آهي. ڪامورا شاهيءَ جي اهڙي ئي ماحول ۾ دلاور حسين جهڙن ڪامورن جو وجود رڃ ۾ مور جي رڙ اچڻ مثل هو. دلاور حسين آزاد خيال هو. يگانو هو. ريتن رسمن جي پرواهه نه ڪندو هو. پاڙهُو هو ۽ بي باڪ هو.
سندس بي باڪيءَ جو هڪ قصو ته سڄي سيڪريٽريٽ ۾ مشهور هو. چون ٿا ته هو جڏهن نئون نئون سيڪشن آفيسر ٿي آيو هو. تڏهن کيس هڪ سيڪريٽريءَ جو اسٽاف آفيسر مقرر ڪيو ويو هو.
سيڪريٽري صاحب ڪامورو ابن ڪامورو هو. حسب روايت هو پروٽوڪول ۾ ذري برابر به ڪوتاهي برداشت نه ڪندو هو. هر ماڻهوءَ کي پهريان اسٽاف آفيسر وٽ اچڻو پوندو. سيڪريٽري صاحب جڏهن اسٽاف آفيسر کي اجازت ڏيندو هو ته، ملاقات لاءِ آيل صاحب سان ملي سگهندو هو.
هڪ ڏينهن هڪ عجيب واقعو ٿيو. ٻه چڱا، خاص سوٽ ڪوٽ پهريل همراهه سيڪريٽري صاحب سان ملڻ آيا. سيڪريٽريءَ سان ملاقاتين جو اچڻ ته روز جو معمول هو، پر هنن نون آيل چڱي طرح پهريل سهريل ملاقاتين جو انداز خود اعتماديءَ وارو ۽ جارحانه هو. اچڻ سان ئي رعبدار انداز ۾ دلاور حسين کان پڇيو، ”صاحب آهي؟“
”جي سائين، صاحب موجود آهي.“ دلاور حسين وراڻيو،
”صاحب سان ملڻو آهي.“ ملاقاتين جي آواز ۾ اڃان به وڌيڪ ڪڙڪو اچي ويو.
”جي سائين ضرور ضرور.“ دلاور حسين وراڻيو. ”پرچيءَ تي پنهنجا نالا لکو، اندر موڪليو، صاحب توهان کي ملاقات لاءِ گهرائيندو.
”اڙي اسان وري پرچيءَ تي نالا لکي اندر موڪلينداسين ڇا!!“ آيل ملاقاتين جي رويي ۾ رعب سان گڏ ڪاوڙ جو به اضافو ٿيو. ”توکي خبر ناهي ته اسين ڪير آهيون. اسين تنهنجي صاحب جا اولڊ فرينڊس آهيون، لائيڪ فيملي ميمبرس. ڪالهه رات به تو وارو صاحب ۽ اسان گيڌرنگ ۾ گڏ هئاسين.“ ملاقاتين پنهنجي رعب ۽ غصي جو سگهاري نموني اظهار ڪرڻ لاءِ انگريزيءَ جو استعمال ڪيو.
”سائين ٺيڪ آ.“ دلاور حسين وراڻيو.”پر صاحب جو حڪم آهي ته ڪوبه Visitor ڊائريڪٽ اندر نه اچي“.
”OK, OK“ ملاقاتين جو صبر جواب ڏيڻ لڳو. ”Take our visiting cards to him and tell him we are waiting“
ايندڙن جي ڳالهائڻ جي انداز ۽ خود اعتماديءَ مان ائين ٿي لڳو ڄڻ ته سيڪريٽري ڪو سندن ويجهو دوست مائٽ عزيز آهي.
دلاور حسين هڪ نئون سيکڙاٽ آفيسر هو. هن پنهنجي مٿان ايندڙن جي رعب ۽ دٻدٻي جي تهه کي ڪرندي محسوس ڪيو. هو اٿيو، ملاقاتين جا ملاقاتي ڪارڊ کنيائين، سڌو سيڪريٽري صاحب وٽ ويو ۽ کيس چيائين، ”سر! هي ٻه وزيٽرس آيا آهن، چون پيا ته توهان جا تمام گهڻا ڪلوز فرينڊس آهن ۽ توهان سان ملڻ لاءِ انسسٽ (Insist) پيا ڪن.“
سيڪريٽريءَ بيزاريءَ مان هڪ نظر ڪارڊن تي وڌي ۽ سختيءَ سان حڪم ڏيندي چيائين ”Close friends my foot.“. ”اڙي ڀڄاءِ انهن بيغيرت ٺڳ، بليڪ ميلرن کي.“
دلاور حسين ٻاهر آيو. ملاقاتين کي چيائين، ”صاحب ٿورو (Busy) آهي، اوهانکي ڪو urgent ڪم يا پرابلم آهي ته مون کي ٻڌايو مان Solve ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.“
”نه، نه“ ملاقاتين کي شايد اندر جي ماحول جو اندازو ٿي چڪو هو. ان ڪري مٿانئن انگريزيءَ جو ڀوت جهڪو ٿيڻ لڳو هو. هنن سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي چيو، ”ٺيڪ آهي، جيستائين صاحب واندو ٿئي، ايستائين اسان انتظار ٿا ڪريون.“
هو ڪرسين تي ائين ٿي ويٺا جو دلاور حسين کي مهمان ۽ مائيءَ جو قصو ياد اچي ويو؛
چون ٿا ته، هڪ گهر ۾ ڪو ماڻهو مهمان ٿي آيو. ميزبانن ٻه ٽي ڏينهن ته سانده سندس خوب خوشامند ۽ خاطر مدارت ڪئي. پر مهمان يا ته گهر کان واندو هو يا کيس خاطر مدارت ۾ مزو اچي ويو هو، سو وڃڻ جو نالو نه ٿي ورتائين.
ميزبان تنگ ٿيڻ لڳا ۽ مهمان مان جان ڇڏائڻ جون دعائون گهرڻ سان گڏ، مهمان کي ڪڍڻ لاءِ اَٺسٺا اُڻڻ لڳا.
هڪ ڏينهن صبح جو پهر هو. گهرڌياڻي گهر جو چلهو دکايو، ائين ئي سامهون مهمان ننڊ اکڙا قدم کڻندو ڪمري کان ٻاهر آيو. گهرڌياڻيءَ کي مهمان مان جان ڇڏائڻ جي هڪ ترڪيب سُجهي آئي. مهمان جيئن ويجهو آيو، مائيءَ ڏاڍيان آواز ۾ چلهه تي تئو رکندي چيو، ”تپ توا ڇهه مهينا“.
مهمان اوڙاپو ٻڌي مرڪيو، سندس چال ڍال ۾ ڪو فرق ڪونه آيو. هو اڳتي وڌيو، ٽالھيءَ جي وڻ جي هيٺان پيل کٽ تي ويهندي چيائين، ”کُپ ڳُئي ٻارنهن مهينا.“
سو دلاور حسين وٽ ويٺل سڪريٽريءَ جي مهمانن جي رويي مان به ائين پئي لڳو، ڄڻ ته طئه ڪري آ يا هجن ته، جيڪڏهن کين اڳئين جنم تائين انتظار ڪرڻو پيو ته ڪندا، پر ملاقات هر حال ۾ ڪندا.
دلاور حسين به پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ هر حربو هلائڻ لڳو.
وقفي وقفي سان کانئن پڇندو رهيو، ”سائين ڪو ڪم ڪار آهي ته مون کي ٻڌايو، ڪنهن کي فون ڪرڻي آهي ته مان فون ڪري ٿو وٺان.“
پر آيلن جو جواب هڪ ئي هو، ”هاها ڪم آهي پر اسان صاحب کي پاڻ کي ٻڌايئنداسين!“
جيئن وقت گذرندو رهيو، تيئن تيئن دلاور حسين جي طبيعت جو جلال وڌڻ لڳو. سندس اندر ۾ ويٺل آفيسر آرس ڀڳو. شرم حياء جا پردا ٽٽا، هن وڏي زورائتي انداز ۾ ويٺلن سان مخاطب ٿي چيو، ”الاءِ ڪيتري دير کان ويٺا آهيو. باربار توهان کي چوان ٿو. ڪم ٻڌايو ڪم ٻڌايو. اهڙو ڪهڙو خاص ڪم آهي. جيڪو مون کي نه ٿا ٻڌايو. سيڪريٽريءَ کي ڀلا ڀيڻ جو سڱ ڏيڻ آيا آهيو ڇا؟“
ٻڌندڙن تي بم ڪريو.
ڄڻ ته سندن ڪنن جا پردا ڦاٽا.
۽ پوءِ ٻي لمحي ۾ سندن ڪرسيون خالي هيون.
سندس بي باڪي، لاپرواهي، شاهانه رسمن جي کلم کلا لتاڙ جي باوجود به اڪثر ماڻهو محسوس ڪندا هئا ته هو ڪنهن اونهي درد ۾ ٻڏل هو.
درد!!؟؟
شايد هو ننڍپڻ ۾ ڏنل غريبيءَ جي ڏنڀن کي وساري نه سگهيو هو.
شايد هو، ڪانون جي وچ ۾ هَنجُ هو.
شايد پيءُ وٽان کيس ورتي ۾ مليل احساس ته سندن وطن غلام هو. سيڪريٽريٽ جي فائيلن ۾ لڪل غلاميءَ جي نانگن کيس ڏنگيو ٿي.
شايد شايد شايد.............انيڪ شايد هئا. پر سڀ کان سگهارو شايد جنهن تي سڀني کي اتفاق هو ته هو عشق جو سٽيل هو
هو صوفي هو.
پاڙهو، هو،
ڀٽائي کيس برزبان ياد هو.
ڪبير جا دوها، درياءَ جيان سندس زبان مان نڪرندا هئا.
ان سان گڏ هو صاحب به هو.
پروٽوڪول جو قائل، مجال آهي جو ڪو سندس اجازت کان بغير ڪمري ۾ داخل ٿئي ۽ ڪرسيءَ تي ويهي.
پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به، ڪو درد هو، ڪو ڏک هو، جنهن رکي رکي سندس اندر کي جهوريو ٿي ۽ هو اداس ٿي ويندو هو.
ائين ڇو آ ته اسان ماڻهو پنهنجي غمن ۽ خوشين کان وڌيڪ ٻين جي غمن ۽ خوشين ۾ دلچسپي وٺندا آهيون؟ ٻين جي ذات ۽ ذاتي دکدائڪ زندگي، اسان جي انا ۽ اسان جي اندر کي الاءِ ڇو تسڪين جي احساس سان مالا مال ڪندي آهي؟.
ٻين جي غمن، خوشين، خوبين ۽ خامين جون گهڙيل ڪهاڻيون اسان کي الائي ڇو پنهنجي وجود جي احساس کان عاري ڪري ڇڏينديون آهن؟
اهيو سبب هو جو اسان سڀني جي ٽوهه ۽ جستجو هئي ته آخر ڪهڙو درد هو جنهن کي دلاور حسين جڳ جهان کان لڪايون ٿو وتي. ڳالهه جي تان ان تند تي اچي ٽٽندي هئي ته صاحب کي عشق جي چوٽ لڳل هئي ۽ بيوفائي جو ڏنگيل هو.
دلاور حسين صاحب جي حوالي سان عشق، وفا ۽ بيوفا جو لفظ ايترو ته ورجايو ويو هو جو، مون کي ڏهاڪا اڳ اسان جي ڳوٺ ۾ عشق، محبت ۽ وفا جو هڪ لازوال داستان ذهن تي تري ايندو.
چاليهه پنجاهه سال اڳ جي ڳالهه آهي، يا ائين چئجي ته اڃان وڌيڪ بهتر ٿيندو، انگريزن جي زماني جي ڳالهه آهي. اسان جي ڳوٺ جي وڏيري جانڻ جون ٻه خاصيتون ملڪان ملڪ مشهور هيون.
هر هڪ کي گاريون ڏيڻ ۽ ماني کارائڻ.
سندس سخا جو گڻ ايڏو ته سگهارو هو جو ماڻهو سندس زبان درازيءَ کي وساري ويهندا هئا ۽ ور ور ڪري پيا سندس مهمان نوازيءَ جا ڳڻ ۽ ڳيچ ڳائيندا هئا.
سندس مهمان نوازيءَ جا ڳڻ ۽ ڳيچ ڳائجن به ڇو نه، الائي ڪيترا دفعا ائين ٿيو هو جو سياري جي سرد راتين ۾، جڏهن قهر جو پارو ٿي پيو، ماڻهن جي ڇا مجال، رات جا رولاڪ جانور، ڪتا به وڃي ڪنهن پلال جي ديري يا ٿڌ کان بچڻ لاءِ ڪنهن ٿا نيڪي جاءِ جو پاسو جهليندا هئا. اهڙين آڌي راتين ۾ وڏيري خانڻ کي آزمايو ويندو هو. سندس اوطاق تي اڌرات جو سڏ ٿيندو هو. وڏيرو ٻاهر نڪرندو هو. ٻهر ٻُٽون لڳل ٻه چار ماڻهو بيٺا هوندا هئا ۽ وڏيري کي ماني کارائڻ جي سدا هڻندا هئا.
وڏيرو همراهن کي اوطاق ۾ ويهاري اندر ماڙيءَ ۾ ويندو هو ۽ ويرم ئي نه گذرندي ته وڏيرو مهمانن جي اڳيان چانورن جون تازيون مانيون، پلي يا ساڳ جو ٻوڙ ۽ تازو چاڏيءَ مان ڪڍيل ڌونئري جو وٽو يا مکڻ ۽ ماکي اچي رکندو هو.
عجيب ڳالهه هئي.
سياري جي بي رحم سرد رات.
ان رات ۾ پنڊيءَ تي پيل چانورن جون گرم مانيون، پلي، ساڳ جو ٻوڙ،
ڌونئرو، مکڻ ۽ ماکي.
ائين لڳندو هو ڄڻ ته ماڙي اندر ويٺل وڏيريءَ جي اکين مان ننڊ اڏامي وئي هئي ۽ هوءَ ان انتظار ۾ هئي ته اجھو مهمان آيا جن جي چانورن جي ماني پلي ساڳ جي ٻوڙ ۽ ڌونئري مکڻ سان خاطر تواضع ڪرڻي هئي.
اهيو ئي سبب هو ته وڏيري خانڻ جي ستن ڪوهن ۾ هاڪ هئي. چڱا ڀلا نامي گرامي ڏوهاري وڏيري جي ماڙي ته ڇا، سندس راڄ ڀاڳ کان به پيا ڪئُه ڪندا. چي، ”ماني آهي ڪاني، وڏيرو مٿير مڙس. ائين نه ٿئي ته ڪاني اچي سيني ۾ ٺڪاءٌ ڪري.“
چاليهي جا ڏينهن هئا ۽ تيرهون مهينو.
الاهه الاهه، چاليهي جا ڏينهن ۽ تيرنهين مهيني جي شدت جو احساس انهن کي ئي هوندو جن اتر سنڌ ۾ ڪي گھڙيون گذاريون هونديون.
چاليهي جا ڏينهن، جڏهن آسمان مان باهه جا اُلا ڪرندي محسوس ٿيندا آهن، هوا، اڻ ڏٺل آڳ لڳندي آهي ۽ زمين تتل تئو ٿي پوندي آهي.
چاليهي جي ڏينهن ۾ اتر سنڌ ڪچڙي منجهند جو ائين ويران ٿي ويندي آهي، ڄڻ ته ”گهوڙا ڙي گهوڙا ڙي“ جو آواز بلند ڪري مدد خان پٺاڻ جي لشڪر جي آمد جو اطلاع ڏنو ويو آهي. بيوس لاچار ماڻهو پنھنجي سر بچائڻ لاءِ ڪچن پڪن اجهن ۾ لڪي ويا آهن، پکين ڊرون جهازن جي دهشت سبب اڏامڻ ڇڏي ڏنو آهي.
جيت جڻين ڪنهن خودڪش بمبار جي خوف کان ڌرتيءَ جي آخري تهه ۾ وڃي پناهه ورتي آهي.
ان ئي اتر جي چاليهي جي ڏينهن لاءِ ئي ته لاڙجي شاعر محمد صديق مسافر چيو هو؛
ويـساک جو مهينو، جنهن ۾ لُڪون ۽ جهولا،
ڄڻ آسمان اُڇليا ٿي، زمين تي گرم گرم گولا.
ان ئي چاليهي جي ڏينهن ۾ شروع ٿيندو آهي تيرهون مهينو ماڻهن جو ان ختم. مال جو چارو ختم. ساوڪ ختم. پاڻي ختم. هرشيءِ ختم.
تڏهن ئي ته ان موسم جو ماڻهن، نالو ئي رکي ڇڏيو آهي تيرهون مهينو.
اهڙا ئي چاليهي جا ڏينهن هئا ۽ تيرهون مهينو.
منجهند جو وقت هو، وڏيري خانڻ پنھنجي اوطاق جي ڪنڌين کي پاڻي هڻائي، زمين تي چڱو خاصو ڇڻڪار ڪرائي، نوڪر کان چلم سَرُڪرائي اڃان چلم مان پهريون ڪش مس هنيو هو ته اچانڪ هڪ همراهه گهوڙو ڊوڙائيندو، سڌو اچي وڏيري خانڻ جي مٿان بيٺو هو. چاليهي جا ڏينهن، مٿان ڌرتتي، جسم اڳيئي تتل. هيڏانهن وري گستاخ سوار، گهوڙو اچي سڌو وڏيري جي کٽ جي سامهون جهليو هو.
خانڻ برابر مهمان نواز هو. سندس اوطاق هر آئي وئي جي لاءِ آشيانو هئي. لنگر خانو هئي. پر وڏيرو ته پوءِ به وڏيرو هو نه! وڏي شان، مان ۽ دٻدٻي وارو ستين ڪوهين هاڪارو. هر ڪو کيس جهڪي ۽ نوڙي ملندڙ. پر هاءِ! هي ڇا ايندڙ ته گستاخيءَ جا ليڪا لنگھي ويو هو. گهوڙو سڌو اچي وڏيري جي مٿان جهليو هئائين.
ان کان اڳ وڏيري جي گاريل فطرت ڦڙڪي اٿي، گهوڙي سوار مخاطب ٿيو، ”سائين وڏا، معاف ڪجو، معذور سيد آهيان، مهرباني ڪري گهوڙي تان لهڻ ۾ مدد ڪجو“.
”سيد“ لفظ ٻڌڻ سان ائين لڳو ڄڻ ته چاليهي جو جهولو ٿڌو ٿي ويو هجي.
زمين ٺري پئي هجي.
آسمان گرم گرم گولا اڇلائڻ بند ڪري ڇڏيا هجن.
هونئن، سنڌڙيءَ جو کڻي ڪير ڪيڏو به سرڪش سنڌي هجي، ڏٺو ته ائين ويو آهي ته، سندس سر هميشه ڏاڍي جي لٺ ۽ سيد جي عظمت آڏو جهڪيل رهيو آهي ۽ شايد اڻ ڳڻين نسلن تائين جهڪيل رهي.
وڏيري خانڻ چلم ڇڪڻ ڇڏي ڏني.
اوطاق ۾ ويٺل ٻه هاري اٿيا. هڪ تڙتڪڙ ۾ کٽ تي رلي وڇائي، وهاڻو سڌو ڪيو. ٻئي وري گهوڙي تي ويٺل سيد کي گهوڙي تان لاهي، وڃي وڇايل رليءَ واري کٽ تي ويهاريو. جنهن کٽ تي رلي وڇائي هئي ان گهوڙي جا سنج لاٿا. گهوڙي کي ٽالهيءَ جي وڻ هيٺان وڃي ٿانيڪو ڪيو.
وڏيرو خانڻ پاڻ اٿيو. تڙ تڪڙ ۾ سيد کي هٿ منهن ڌئاريائين ۽ پوءِ حويليءَ ۾ اندر هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن وَڏيرو حويليءَ مان نڪتو ته، سندس هٿ ۾ سيد جي لاءِ مانجهاندي جي ماني هئي.
ماني کائي، سيد صاحب جڏهن واندو ٿيو، تڏهن وڏيري خانڻ، سيد کان حوال وٺڻ جي ابتدا ڪندي چيو، ”جيءٌ سائين!“
”مٺو کير پيءٌ.“ سيد صاحب وراڻيو. ”عزت بخشڻ لاءِ توهان جا وڏا وڙ، وڏا احسان، پر عرض اهيو آ ته مان توهان سان نويڪلائيءَ ۾ ڪجھ ڳالھائڻ چاهيان ٿو.“
سيد جي ڳالهه ٻڌي، وڏيري خانڻ اوطاق ۾ ويٺلن کي ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڏنو. جڏهن سڀ ٻاهر هليا ويا ته وڏيرو پنھنجي کٽ تان اٿي وڃي سيد جي کٽ جي پيرانديءَ کان ويٺو.
هڪ دفعو جيءٌ جو ورجاءٌ ٿيو.
سيد جيءٌ جي جواب ۾ حوالن جي ابتدا ڪئي.
”سائين! ڪچي جو غريب معذور سيد آهيان. توهان جي سخا، مهمان نوازي ۽ حشمت جي هاڪ ٻڌي اٿم. ڪَهي آيو آهيان هڪ انوکي ڪم لاءِ اميد اٿم، نه ته ناراض ٿيندا نه ئي وري مايوس ڪندا“.
”نه سائين توهان حڪم ڪيو.“ وڏيري خانڻ ادب مان وراڻيو، اسان ته توهان جي ذات جا ٻانها غلام آهيون.“
”وڏيرا سائين!“ سيد ڳالھائڻ شروع ڪيو. ”توهان جي ڳوٺ ۾ جيڪا لاڏائو ريڍارن جي دُڻي اچي ويٺي آهي.“
سيد جي ڳالهه ختم ڪرڻ کان اڳئي وڏيري کي ياد آيو ته، برابر ڳوٺ جي ڀرسان لاڏاڻو ريڍار اچي ويٺا هئا.
پر اهيو ته معمول هو. لاڏائو ريڍار وقت به وقت اچي ويهندا هئا. ڪجھ وقت ويهڻ کان پوءِ وري لڏو پٽي ٻي منزل ڏي روانا ٿي ويندا هئا.
سيد ڳالهه جاري رکي، ”سائين ان دُڻيءَ ۾ منھنجي ساهه جو سڳو اٽڪيل آهي. ان دُڻيءَ ۾ منھنجو پرين پيارو آهي. بس توڏي الله پاڪ جو نالو وٺي آيو آهيان ته ڪيئن به ڪري مون کي هڪ دفعو هڪ گهڙيءَ لاءِ پنھنجي پرينءَ سان ملاءِ، ان جو ديدار ڪراءِ.“
وڏيرو خانڻ ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويو. هن ٽيڏي اک سان سيد ڏي ڏٺو. هو ٻنهي ٽنگن کان معذور هو، هلڻ کان هلاڪ هو. وري صدا هنئين هئائين ته ڪهڙي !! عاشقيءَ جي ميل ميلاپ جي!!
وڏيري سان اڄ ڏينهن تائين اهڙي گستاخيءَ جو ڪنهن سوچيو به ڪونه هو. پر سيد، معذور سيد ڪو صفا زور آور ماڻهو هو.
سيد کي انڪار ڪرڻ قيامت ڪاري ڪرڻ جي برابر هو. وڏيري قيامت ڪاري ڪرڻ نه ٿي چاهي.
قيامت جي ڏينهن رب پاڪ اڳيان پنھنجي منهن تي دانگي نه ٿي ملڻ چاهي.
”سائين!“ وڏيري خانڻ ادب مان ڳالھائڻ شروع ڪيو. ”انگل ته توهان اگرو ڪيو آهي پر، توهان کي ننَهن ڪري مان پنھنجي قيامت ڪاري نه ٿو ڪرڻ چاهيان. مان ڪوشش ته پوري پوري ڪندس، پر توهان جي پرينءَ جو پتو مون کي ڪيئن پوندو؟“
سيد جو منهن سرهائيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳو. هن کيسي ۾ هٿ هنيو ۽ هڪ ڀرت ڀريل ريشمي رومال ڪڍيو.
رومال وڏيري جي حوالي ڪندي چيائين، ” سائين توهان هي رومال دُڻيءَ جي ڀرسان وڃي ظاهر ڪجو، منھنجي سڄڻ سانئڻ توهان وٽ پاڻهئي هلي ايندي.
سيد ڪچڙي منجهند ڌاران اوطاق ۾ آيو هو. هاڻي سج نيزي پاند اچي چڪو هو. هرڪو وڃي گهرن ۽ واهيرن ۾ ٿانيڪو ٿيو هو.
رومال وڏيري جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ، سيد به آهلجي پيو ۽ ڏسندي ڏسندي کيس به ننڊ اچي وئي.
وڏيري خانڻ کي ننڊ صفا نه آئي. هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي، ولوڙ هئي. سيد جو عشق ڪنهن سگهڙ جي ٻڌايل داستان جهڙو هو. هو حيران هو ته معذور سيد ايڏا ڪشالا ڪري پنھنجي پرينءَ سان ملڻ آيو هو. وري عجب جهڙي ڳالهه اهيا هئي ته ڪنهن معذور ماڻهوءَ سان به نينهن جو ناتو لاتو هو!
وڏيري خانڻ دل ئي دل ۾ چيو، ڀلا ان عشق کي آزمائڻ ۾ حرج ڪهڙو آهي.
ٽيپهريءَ ڌاران وڏيري خانڻ وهنجي ململ جو پهراڻ ۽ ريشمي گوڏ ٻڌي. سندس ٻنيءَ ۾ ويٺل ريڍارن جي دُڻيءَ ڏي نڪري آيو. پنج ڇهه خيما جن جي اڳيان ريڍارن جا اڌ اگهاڙا ٻارڙا کيڏي رهيا هئا. ڀر ۾ ئي رڍن ۽ ٻڪرين جا ننڍڙا ڦر ائين بي چينيءَ ۽ بيقراريءَ ۾ ڪُڏي رهيا هئا، ڄڻ ته سج کي ايلاز ڪندا هجن ته ستت ئي لهه. ته جيئن اسان جون امڙيون جهنگ مان موٽي اچي اسان کي پنھنجي سيني سان لڳائين. گهڻين ئي ڪوششن کان پوءِ به وڏيرو خيمي اندر ويٺل عورتن جو اندازو نه لڳائي سگهيو.
خير، وڏيرو پنھنجي راڄوڻيءَ مان مريادا جو خيال رکندي خيمن کان ٿورو پرڀرو پيچرو وٺي خيمن سامهون ئي پر چڱي پنڌ تي پنھنجي کوهه تي اچي بيٺو. شام جو پهر هو، کوهه تي بيٺل نم، انب ۽ ٽالهي جي وڻ تي ويٺل پکي، سج جي تپش گهٽ ٿيندي ئي ڄڻ ته الهڙ جوانڙيءَ ٿي جيان آرس ڀڃي اٿيا هئا. اهڙيون اهڙيون مٺيون ٻوليون ٿي ٻوليائون، ڄڻ ته باري بي پرواهه جو سج جي ڏنگائيءَ کي مڏو ڪرڻ جي شڪريو ادا ڪندا هجن.
وڏيري خانڻ جو خيال لاتيون لنوندڙ پکين ڏي نه وڃڻو هو نه ويو. هو ته صرف هڪئي سوچ ۾ ٻڏل هو ته، سيد جي محبوبا کي پاڻ ڏي ڪيئن متوجه ڪري. لاشعوري طرح هن جو هٿ پهراڻ جي کيسي ۾ ويو.
هن رومال ڪڍيو ۽ رومال کي ائين هوا ۾ لهرائڻ لڳو ڄڻ ته ٻچيتا ڪانوَ کيس ٺونگا هڻندا هجن. جن کي هو اڏائڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
گهڙي مس گذري، وڏيري ڏٺو، هائو ٻيلي هڪ نوجوان عورت، جنهن جي عمر مشڪل سان ٽيهه پنجٽيهه سال هئي، دلو ڪڇ تي کنيون کوهه ڏانهن ائين وکون ڀريندي ٿي آئي، جو لڳو ٿي ڄڻ ته هو پنڌ نه ڪندي هجي. اُڏامندي هجي. اڏامندي به اهڙي جوش، جذبي ۽ محبت سان هجي، جيئن ماکيءَ جي مک گل ڏانهن اڏام ڀريندي آهي، يا گل جي خوشبو ماکيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي.
هوءَ جڏهن ويجهي پهتي ته وڏيري جي وات مان بي اختيار نڪري ويو، ”الله اڪبر ايڏو حُسن.!“
گهڙي پل لاءِ وڏيري کان سڀڪجھ وسري ويو ته هو راڄ جو وڏيرو هو. پنھنجي رتبي جي حساب سان پاڙي اوڙي جي نياڻيءَ کي تڪڻ سندس شان جي خلاف هو.
وڏيري کان اهيو به وسري ويو ته سندس هٿ ۾ سيد جو پنھنجي پرينءَ لاءِ ڏنل ڀرت ڀريل ريشمي رومال هو. هو ته حُسن جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويو هو.
هن کي هوش تڏهن آيو جڏهن هن عورت جو روئڻهارڪو آواز ٻڌو، ”او وڏيرا سائين، او وڏيرا سائين!“
وڏيري ڇرڪ ڀريو. حسن جي سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ کان بچي وئي.
عورت جو روئڻهارڪو سڏ، ايلازن ۽ التجائن ۾ مٽيو ۽ هن چيو، ”وڏيرا سائين! وڏيرا سائين! نالي خدا جي، واسطي مٺڙي محمد ڪريم جي ، صدقي پيران پير دستگير جي مون کي ٻڌاءِ ته توکي اهيو رومال ڪٿان مليو آ.“
عورت جي ايلازن ۽ التجائن ۾ وڏيري خانڻ جو ڌيان عورت جي حُسن تان هٽيو. هن کي معذور سيد ياد آيو ۽ هن جا پرينءَ سان ملڻ لاءِ ڪيل ڪشالا ياد آيا. عورت جي تڙپ مان وڏيري اندازو لڳائي ورتو هو ته، جيڪڏهن سيد وٽ سڪ جو درياءٌ هو ته هن پاسي به پورو سمنڊ هو.
وڏيرو آزمودگار ۽ تجربيڪار انسان هو. زندگيءَ جا انيڪ لاها چاڙها ڏٺا هئائين، خوشيون غم برداشت ڪيا هئائين. ٿوري پل لاءِ هن عورت کي آزمائڻ چاهيو، ڪٿي هوءَ ڍنگ ته نه ڪري رهي هئي، مڪر ته نه ڪري رهي هئي.
وڏيري عورت کي ڇڙٻيندي چيو. ”مائي چري ٿي آن يا ڪَل ٿڙي ٿي ڇا، جو رومال رومال ٿي ڪرين؟ ڪهڙو رومال؟“
”وڏيرا سائين!“ عورت جو آواز سڏڪن ۾ اٽڪڻ لڳو هو.
”تون ڇا به چئه ڪهڙا به ڳالهاوَ ڏي، هي تنھنجي هٿ جو رومال منھنجي مٺڙي جو، منھنجي سائينءَ جو آ.“ عورت سڏڪن ۾ ساهه کنيو، وري ڳالهايو، ”وڏيرا سائين مان پرديسڻ آهيان، پر تنھنجي پاڙي ۾ آئي آهيان، تنھنجي سام آهيان- تون ننگي ننگ ڪر. هي منھنجو رئو ميڙ ٿي، مون کي ٻڌاءِ ته منھنجو مٺڙو سائين ڪٿي آ؟“
عورت پنھنجو رئو لاهي وڏيري جي پيرن تي وڌو. وڏيري پنھنجا پير ايڏي تيزيءَ سان پوئتي ڪيا ڄڻ ته رئي ۾ دوزخ جي باهه هجي.
مٺڙي سنڌ، پنھنجي ٻچڙن جي عجيب ريتن روايتن ۽ رسمن تي مرڪيو.
رئو پيرن تي پوڻ کانپوءِ وڏيري وٽ وڌيڪ انڪار ۽ آزمائش جي ڪا گنجائش نه هئي. هن عورت کي ٻڌايو ته سيد سندس اوطاق ۾ آرامي هو ۽ ساڻس ملڻ لاءِ اتاولو هو. پنھنجي مٺڙي سائين، سيد جي موجودگيءَ جو ٻڌي عورت جو لاثاني حُسن اهڙو نکريو جنهن جي ڪابه تشبيهه شايد بيان نه ڪري سگهجي.
ملاقات جو طئه ٿيو. سومهڻيءَ کانپوءِ جڏهن هئو مئو ٽرندي وڏيرو سيد کي کوهه تي هنن وڻن هيٺان وٺي ايندو. عورت کي هتي اچڻو پوندو.
عورت وڏيري جا احسان مڃيا، ٿورا ڳايا. اچڻ جو اقرار ڪيو. کوهه مان دلو پاڻيءَ جو ڀريو، پوءِ دُڻيءَ ڏانهن رواني ٿي وئي.
اها رات وڏيري جي زندگيءَ جي عجيب رات هئي. هن کي خبر هئي ته لاڏائو رات جو ڏاڍا سچيت هوندا اهن. معذور سيد هن وٽ سوالي ۽ سام بڻجي آيو هو. هن نه ٿي چاهيو ته جي دُڻيءَ جا ڌنار جاڳي پون ۽ سيد کي نقصان پهچي. ان ڪري هن ڳوٺ جي چئن جوان پهلوان مردن کي پاڻ وٽ سيد جي حفاظت لاءِ گهرايو.
سومهڻي گذري وڏيري سيد کي خود سھارو ڏنو ۽ چار ڪهاڙين، لٺين ۽ لوڙهن سان مسلح جوان ائين ڪڍ هلڻ لڳا، ڄڻ ته سيد گہوٽ هجي ۽ هو ڄاڃي. هو اسر ويل جي روايت کان هٽي ڪري سيد کي لانئن لاءِ وٺي ويندا هجن.
گهگهه اونداهي رات هئي.
قافلو کوهه تي اچي پهتو.
وڏيري سان آيل هڪ همراهه، پاڻ سان آندل رلي وڻن جي جهڳٽي جي هيٺان وڇائي سيد کي سولو ڪري ويهاريو. ڪاجهٽ مس گذري هوندي. هڪ دفعو ٻيهر ائين لڳو ڄڻ ته عورت اڏامندي ٿي آئي. عورت جي اچڻ تي سيد صرف ايترو چيو، ”بسم الله بسم الله.“
وڏيري سان آيل چار همراهه پهريداريءَ لاءِ چئني ڪنڊن ۾پکڙجي ويا. وڏيرو به وڻن کان ٿورو پرڀرو هڪ جهپ جي اوٽ وٺي ويهي رهيو.
عاشق معشوق جو ميلاپ هو. انسان کڻي ڪيڏي به عقيدت ۾ هجي. تماشو ڏسڻ ته سندس فطرت ۾ آهي. وڏيري جي اندر ۾ به سيد جي عقيدت جو بت ڊٿو، هُن جي اندر جو تماشبين جاڳي پيو. هن سوچيو، ڏسان ته سهي، سيد ۽ سندس محبوبه ڪن ڇا ٿا؟
ان سوچ ايندي ئي هو جھُپ جي اوٽ مان نڪتو.
ان طرف مڙيو جنهن طرف سيد ۽ سندس محبوب هئا. اتان جو نظارو ڏسي پهريان ته وڏيري کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي جڏهن کيس ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته کيس يقين نه ٿي آيو. جڏهن کيس يقين آيو ته اڳيان کيس حيرت انگيز جهان نظر آيو.
وڏيري ڏٺو، معذور سيد ۽ سندس محبوبه هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اکين اکين ۾ ملايون ائين ويٺا هئا ڄڻ ته هڪڙو استاد هجي ٻيو شاگرد فرق صرف اهو هيو ته، پتو نٿي پيو ته ٻنهي مان استاد ڪير هو شاگرد ڪير هو، طالب ڪير هو مطلوب ڪير هو. عاشق ڪير هو، معشوق ڪير هو. فنا ڪير هو، باقي ڪير هو. عابد ڪير هو، معبود ڪير هو؟
ٻنهي جا جسم نه هئا ڄڻ ته پٿر جا بت هئا.
ٻنهي جون اکيون ائين ٿي لڳو ڄڻ ته هڪٻئي جي وجود کي پار ڪري هن ڪائنات جي ڪهڪشائن ۾ گم ٿي ويون هجن.
وڏيري جي لاءِ حيرانيءَ جي ڳالهه هئي.
جسمن جي ميلاپ کان سواءِ به، انسان اکين ذريعي عشق ۾ ائين ٻُڏي ٿي سگهيو جو، پنهنجي آس پاس جو ڪو پتو ڪونه ٿي پيو. وڏيري خانڻ جي حيراني ايتري حد تائين وڌيل هئي جو جيڪڏهن هو سالڪ هجي ها ته شايد سلوڪ جي انيڪ ڪيفيتن جو مٿس اظهار ٿئي ها.
پر هو وڏيرو هو صرف وڏيرو.
رات گذرندي رهي.
وڏيري جا آندل همراهه، پوري ايمانداريءَ سان پهرو ڏئي رهيا هئا.
وڏيرو خود ڄڻ ته پنڊ پهڻ ٿي ويو هو.
هو ڏانهن اکين جي اڻ کٽ ڪهاڻي جاري هئي.
رات گذرندي رهي، پهريون پهر، ٻيو پهر ۽ ٽيون پهر به پنهنجي آخري لمحن ۾ ٽٽڻ لڳو.
تيزيءَ سان گذرندڙ رات، وڏيري جي اندر ۾ اڻ تڻ پيدا ڪئي، کيس خيال آيو، هاڻي متان مائيءَ جا وارث سجاڳ ٿي پون. ان اڻ تڻ ۾ ئي هن آهستي آواز ڏنو، ”سائين، سائين!“
اکين جون پنبڻيون ڇنڀيون.
جسمن ۾ جنبش ٿي.
سيد ائين بيدار ٿيو، ڄڻ ته ازل جي لکيل سڀني ڪهاڻين جي پڙهائي پوري ٿي وئي هجي. يا ڄڻ ته آدم کي اڄ ئي جنت مان ڪڍي زمين تي اڇلايو ويو هجي!
عجب انداز مان سيد جواب ڏنو، ”جيءُ وڏيرا سائين جيءُ!“
وڏيري بيحد ادب ۽ احترام مان وراڻيو، ”سائين! رات لڙڻ لڳي آهي. هاڻي پاڻ کي هلڻ کپي.“
”سائين بسم الله بسم الله، هلو هلو.“ ڪجھه گهڙيون اڳ اکين جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويل سيد جو انداز ائين لڳو ڄڻ ته فرمانبردار معصوم ٻار هجي.
وڏيري پنهنجي همراهن کي سڏيو.
عاشق معشوق جي جدائي ٿي.
وڏي عجيب جدائي هئي.
ٻنهي جي اکين مان ڪو ڳوڙهو نه ڳڙيو.
ٻنهي هڪٻئي جي هٿن کي نه ڇهيو.
ٻنهي هڪ ٻئي سان ڪا ڳراٺڙي ڪانه پاتي.
ٻنهي هڪ ٻئي سان ٻيهر ملڻ جو ڪو واعدو، اقرار نه ڪيو.
ٻئي هڪ ٻئي کان ائين جدا ٿيا ڄڻ ته هڪٻئي کي سڃاڻندا ئي نه هجن.
وڏيرو سيد کي وٺي جيئن اوطاق ۾ پهتو، سيد چيو، ”سائين توهان جي وڏي مهرباني، وڏا وڙ، لکين احسان ۽ ٿورا، هاڻي مهرباني ڪري گهوڙو سنجرائي ڏيو ۽ اجازت ڏيو، موڪل ڏيو.“
”هن مهل“؟ وڏيري حيرت مان چيو، ”سائين! اڃان ته ڳپل رات پئي آهي، اڃان ته وڏو اسر آهي، اوندهه انڌوڪار آهي. هن مهل اوهان ڪيئن ويندا. ٿورو ترسو. نيرن پاڻي ڪري پوءِ وڃو.“
”نه سائين نه.“ سيد محڪم انداز ۾ انڪار ڪندي چيو، ”توهان جا وڏا احسان، پر هاڻي اسان هتي هڪ پل، هڪ گهڙي به رهي نه سگهنداسين. مهرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو.“
مجبور ٿي وڏيري سيد جو گهوڙو سنجرايو. سيد کي گهوڙي تي ويهاري روانو ڪيو. وڏيرو پاڻ به سڄي رات جو ٿڪل هو، سو چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ اوطاق ۾ وڇايل بستري تي آهلجي پيو. اڃان ڪا جهٽ، ڪا گهڙي مس گذري هوندي جو لاڏائو ريڍارن جي دُڻيءَ مان اچانڪ روڄ راڙي جو آواز اڀريو.
وڏيرو آواز ٻڌي هڪدم پنهنجي کٽ تي اٿي ويٺو.
سندس دل ۾ شڪ جاڳيو، متان ريڍارن پنهنجي رن کي ماري وڌو هجي. سندس شڪ يقين ۾ ان وقت بدلجي ويو، جڏهن واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ موڪليل هڪ همراهه اچي کيس ٻڌايو ته ريڍارن جي دُڻيءَ ۾ هڪ عورت مري وئي آهي. چون ٿا ته هوءَ جهنگ جي خيال سان اٿي هئي، ٿوري وقت کانپوءِ جيئن هوءَ موٽي ۽ زمين تي وڇايل پاٿاريءَ تي ليٽي دانهن ڪيائين. دانهن ڪرڻ سان نه ساهه تو ڏٺو نه مون ڏٺو.
وڏيري وقت وڃائڻ بنا پنهنجي ڳوٺ جي دائيءَ کي گهرايو. کيس سڄي ڳالهه سمجھايائين ۽ چيائين ته هوءَ ڏسي اچي ته مائي پنهنجي موت مئي آهي يا گھرپي ڇڏيو اٿائونس.
مائي ٿوري دير کانپوءِ موٽي آئي ۽ اچي تصديق ڪيائين ته مائي برابر پنهنجي موت مئي هئي.
هاڻي وڏيري جو سڄو خيال سيد ڏانهن هليو ويو. وڏيري رات جيڪو لقاءُ ڏٺو هو، تنهن کيس يقين ڏياريو ته، سيد جي زندگيءَ جو به خير نه هو. وڏيري هڪدم ڳوٺ جي هڪ همراهه کي پنهنجي گهوڙي تي سيد جي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو.
گهوڙيسوار جيئن سيد جي ڳوٺ جي ويجهو پهتو، اتي به روڄ راڙو هو. معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته ڳوٺ جو معذور سيد ڪلهه صبح جو ڪنهن ڪم ڪار سانگي نڪتو هو. اڄ صبح جو سوير جيئن واپس وريو، گهوڙي تان لهي پنهنجي کٽ تي ويهندي دانهن ڪري ڪِري پيو، پوءِ نه ساهه تو ڏٺو نه مون ڏٺو.
معذور سيد ۽ ريڍارڻ جي ڪهاڻي، هڪ سچي ۽ لازوال ڪهاڻي، اکين جي گهرائيءَ ۾ فنا ٿيڻ جي ڪهاڻي هئي. ان ڪهاڻيءَ ۾ هر عاشق جو مانُ هو مرتبو هو، عزت هئي، وقار هو، بلندي هئي ۽ پتنگانه ادا هئي.
نه ڄاڻ ڇو جڏهن مان سيڪريٽريٽ جي ورانڊن ۾ ويٺي ويٺي ٻڌندو هئس ته دلاور حسين صاحب عشق جو سٽيل هو، بي وفائيءَ جو ڏنگيل هو، تڏنهن مون کي سيد ۽ ريڍارڻ جي ڪهاڻي ياد ايندي هئي. ۽ ان ڪهاڻيءَ ۾ صرف دلاور حسين ئي سيد جيان هو، فنا في العشق. پر شايد سندس محبوبه ريڍارڻ نه هئي. هوءَ ڪا جديد دور جي جديد ڇوڪري هئي، ماڊرن گرل. ڇا به هو، منهنجي دل اڪثر چوندي هئي ته، آئون دلاور حسين کان پڇان ته سائين جيڪي ورانڊن ۾ ويهي اسين ڳالهيون ڪندا آهيون، سي سچ آهن ڇا؟
آئون غريب پٽيوالو اهڙي ذاتي ڳالهه پڇڻ جي ڪيئن ٿي جرئت ڪري سگهيس. ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته دلاور حسين صاحب مون کي ڀانئيندو هو. مون کي پڙهڻ تي همٿائيِندو هو. نوان نوان ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. ڪتابن تي ڪچهري ڪندو هو. پر پوءِ به هو صاحب ۽ آئون غريب پٽيوالو.
جڏهن هو نئون نئون اسان وٽ بدلي ٿي آيو هو، تڏهن هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي اوقات جو ڀرپور نموني احساس ڏياريو هئاسين.
ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن صاحب جيئن گهنٽي وڄائي، آئون سندس اڳيان حاضر ٿيس. صاحب ڪنهن فائيل کي وڏي غور سان پڙهي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ ته گهنٽي وڄائڻ کانپوءِ صاحب کان وسري ويو هو ته، مان به سندس اڳيان حاضر ٿيو هوس. ڪافي دير کان پوءِ نه ڄاڻ ڇو مان پنهنجي عهدي ۽ حيثيت کي وساري ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.
منهنجي ڪرسيءَ ته ويهڻ شرط ائين لڳو ڄڻ ته صاحب کي بجليءَ جو ڪرنٽ لڳو هجي. هن فائيل مان منهن مٿي کنيو ۽ ائين لڳو، پنهنجي سڄي قوت گڏ ڪري، رڙ ڪيائين، ”نان سينس، بد تميز، اڙي توکي ڪنهن چيو ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ.“
صاحب جي رڙ ٻڌڻ کانپوءِ مان به ڪرسيءَ تان ائين ٽپ ڏئي اٿيو هوس ڄڻ ته آئون انسان نه ڪو روبوٽ هئس. روبوٽي احساس سان گڏ اهيو به احساس اڀريو ته، مان ڪو نجس ۽ ناپاڪ جانور هئس، يا ڪنهن لاعلاج بيماريءَ جو وچڙندڙ وائرس! ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ائين وکون وڌيون هيون ڄڻ ته سوين ڪارا ڇتا ڪتا منهنجي ڪڍ هئا.
جڏهن مان پنهنجي پٽيوالي واري بئنچ تي اچي ويٺو هئس، ته ائين لڳو هو ڄڻ ته آئون اڌمئو ٿي پيو آهيان.
ان ڏينهن مون زندگيءَ جو سڀ کان اهم سبق سکيو هو. اسان پٽيوالن لاءِ صاحب، صاحب هوندا آهن، پوءِ اهي پنهنجي جوهر ۾ کڻي ڪاريهر هجن، ٽنڊڻ هجن يا صوفي!.
وقت گذرندو رهيو. ڳالهيون گردشون ڪنديون رهيون. سوال پنهنجي جاءِ تي موجود رهيو نه، ههڙي سٺي صاحب کي ڪهڙو ڏک هو، ڪهڙو درد هو، جنهن جي ڪري هو ڏکويل هو. جنهن جي ڪري هو ڪڏهن ڪڏهن ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي پوندو هو.
سوال، اسان سڀني جي دلين ۾ شدت سان موجود هو.
انومان هر هڪ وٽ هئا.
مڪمل ۽ مستند جواب ڪنهن وٽ به نه هو.
پوءِ هڪ ڏينهن سُٽ سلجهيو ۽ مون کي جواب مليو. جواب ڇا هو، شڪون ۽ شڪايتن جا انبار هئا، پيار جي گل ڦل گلزاري هئي. ڪجھه واعده هئا، ڪي اقرار هئا، ڪجھه ڳوڙها هئا، وفا هئي، بي وفائي هئي، جدائي هئي ۽ جدائيءَ جو درد هو.
ٻارنهن نومبر جو صبح هو. ڪراچيءَ جي موسم معتدل ٿڌاڻ ڏي مائل هئي. گرم ڪپڙا ته ڪنهن کي به پاتل ڪونه هئا، پر پکا هلائڻ جي ضرورت به ڪنهن محسوس ڪونه ٿي ڪئي.
حسب معمول دلاور حسين صاحب ساڍي ڏهين يا يارهين وڳي ڌاري آفيس ۾ آيو. مان ڪافيءَ جو ڪوپ ٺاهي اڳيان رکيو. جيئن ئي واپس ورڻ لڳس، اچانڪ منهنجي ڪن تي گهٽيل سڏڪي جو آواز پيو.
مون مُڙي پئتي ڏٺو. صاحب جي اکين مان ڳوڙهن جي برسات جاري هئي.
آئون حيران ٿي ويس.
يا الاهي هي ڇا، دلاور حسين صاحب روئي رهيو آهي.
منهنجي دل ۾ آيو، آئون وڌي وڃي صاحب کي سيني سان لڳايان. سندس ڏک ونڊيان، کيس تسلي ۽ دلداري ڏيان.
پر مون کي صاحب جا ڏنل دڙڪا ياد هئا.
مون کي پنهنجي اوقات ياد هئي.
پنهنجي اوقات جي احساس باوجود، مون دل ٻڌي، صاحب کي، ”سر! خير ته آهي؟“
صاحب مون ڏانهن ڏٺو، مون کي بيهڻ جو اشارو ڪري پاڻ باٿ روم ۾ ويو. هٿ منهن ڌوئي، ٻاهر نڪتو. مون کي چيائين، ”گلو گاڏي لڳراءِ، تون به مون سان هل.“
ٿوري دير کان پوءِ اسين پارڪ ٽاور تي هئاسين. صاحب پارڪ ٽاور جي ريسٽورنٽ ۾ ان پاسي کان ويٺو جتان سمنڊ صاف نظر ٿي آيو. مون کي ٻه ڪوپ ڪافي وٺي اچڻ جو چيائين.
مان ڪافي وٺي اچي صاحب جي اڳيان بيٺس.
صاحب مون کي ويهڻ جو اشارو ڪيو.
مون کي منهنجي اوقات ياد آئي.
مون کي احساس ٿيو ته آئون، پٽيوالو هئس، جيڪو صرف صاحبن جي خدمت ڪري ٿي سگهيو، سندس سامهون ويهي نه ٿي سگهيو.
منهنجي اندر ۾ گهنڊ اڃان به زور سان وڳو، صاحب صاحب هوندا آهن، پوءِ اهي ڪاريهر هجن، ٽنڊڻ هجن يا صوفي!
صاحب ٻيهر ويهڻ جو اشارو ڪيو، آئون ذهن کي بغير سوچڻ جي تڪليف ڏيڻ جي صاحب جي سامهون ويهي رهيس.
ڪافيءَ مان نڪرندڙ گرم گرم ٻاڦ ڪافيءَ جي طلب کي اجاگر ٿي ڪيو، پر صاحب ڪافي پيئڻ بدران سمنڊ ڏانهن تڪيندو رهيو. آئون به صاحب جي احترام ۾ چاهڻ باوجود به ڪافيءَ مان ڍڪ نه ڀري سگهيس.
ڪافي دير سمنڊ ڏسڻ کان پوءِ صاحب جو توجه سمنڊ تان هٽيو، هن ڪافيءَ جي سرڪي ڀريندي مون کي چيو، ”ڪافي پيءُ“
ڪافيءَ جون سرڪيون ڀريندي صاحب چيو، ”گُلو!“
”جي سائين“ منهنجي وات مان ازخود نڪتو.
”گلو! ائين ڇو آهي ته عشق محبت جي معاملي ۾ هميشه لعنتاڻو مرد کي ڏنو ويو آهي. هميشه قصوروار مرد کي سمجهيو ويو آهي. هميشه بي وفائيءَ جو تمغو مرد جي سِرَ تي سجايو ويو آهي. پنهونءَ سسيءَ کي پاڻ ته ڪونه ڇڏيو هو نه، ڌوڪو ته ٻنهي سان ٿيو هو نه، سسيءَ جڏهن ڀنڀور ڇڏيو هو ته، هو ڏانهن پنهون به هوش ۾ ايندي وٺي جو ڀڳو هو ته پوئتي ڪنڌ ورائي نه ڏٺو هئائين. هاءِ هاءِ ڇا ڪجي، ڇا چئجي ڪنهن سگهڙ ڪوشش ئي ڪانه ڪئي ته هو پنهونءَ جي درد جو داستان بيان ڪري، ڪنهن شاعر پنهونءَ جي سسيءَ ڏي واپس ورڻ واري ڪيفيت تي هڪ شعر به نه لکيو. ڪنهن ڪهاڻيڪار پنهونءَ جي درد جو داستان پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ بيان نه ڪيو.“
دلاور حسين هڪ پَل لاءِ رُڪجي، ساهي کنئي. وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين ”ان مرد جو حال ڪهڙُ ٿيو هوندو جنهن کي سندس زال مڻيي تي موهجي وڪرو ڪري ڇڏيو. ۽ ويچارو راڻو، راڻو به ته چکيا تي چڙهيو هو نه. ڄام تماچي به ته بادشاهي ڇڏي اچي ڪينجهر جا ڪنارا وسايا هئا. پر، پوءِ انهن جا جذبا، ڏک ۽ تڪليفون هميشه ستن پردن ۾ ويڙهيل رهيا. ائين ڇو آهي مسٽر گلو، ٻڌاءِ ته ائين ڇو آهي؟“
دلاور حسين صاحب ايڏي شدت سان مون کان سوال ڪيو، جو ائين گهڙي پل لاءِ وائڙو ٿي ويس. سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ته آئون صاحب کي ڇا چوان، ڪهڙو جواب ڏيان مون پنهنجي ناسمجهيءَ جو اظهار ڪندي چيو،”سائين مان ڪهڙو جواب ڏيان. توهان پاڻ علم پرور آهيو، علم جا ڀنڊار مون کان توهان بهتر ٿا سمجهو.“
دلاور حسين صاحب ڄڻ ته منهنجو جواب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو.
”مسٽر گلو! عشق به وڏي ظالم شيءِ اٿئي. هڪ پل جي لاءِ اچي ته به زندگي ڀرجي لاءِ اکين ۾ اداسي ۽ ڳوڙهن جو ثمر ڇڏيو وڃي. اڄ 12هين نومبر جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن منهنجي عشق جي ناڪاميءَ جو ڏينهن، وفا ڪرڻ کانپوءِ به اڪيلي رهڻ جو ڏينهن. ان ڏينهن تي هزار سمجهائڻ جي باوجود به اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن.“
منهنجي دماغ جي دري کلي، اندر ۾ احساس اڀرڻ لڳو، اڄ شايد ان سوال جو جواب ملڻ وارو هو، جيڪو الاءِ ڪيتري عرصي کان وٺي اسان پٽيوالن، چوڪيدارن، ڊرائيورن ۽ ڪلرڪن جي ڪچهرين جو موضوع رهيو هو ته، دلاور حسين صاحب کي اندر ۾ ڪو گهرو گهاءُ هو.
”مسٽر گلو! وقت جو وهڪرو به ڏاڍو عجيب اٿئي مولانا ابوالڪلام آزاد شايد غبار خاطر جي ڪنهن خط ۾ لکيو آهي ته، ڪوڪو وقت اهڙو اچي جو گذرڻ جو نالو نه وٺي، ڀانءِ ته کيس ونگ پئجي ويا آهن، اڳتي چرڻ جو نالو نه وٺي، پر جڏهن گذري وڃي ته هميشه ائين لڳي ڄڻ ته اها ڳالهه اجهو هاڻي جي آهي.“
دلاور حسين صاحب ساهي کڻي وري چيو، ”ڀريا ٻارنهن سال گذري ويا آهن، ان ٻارنهن نومبر کي، پر وقت ائين لڳندو آهي ڄڻ ته ڪلهه جي ڳالهه هجي.“
پوءِ دلاور حسين صاحب پنهنجي ماضيءَ جو ورق ورايو ۽ ٻارنهن نومبر سان لاڳاپيل پنهنجي پوري ڪهاڻي مون کي ٻڌائي.
پڙهڻ جو شوق، ڪجھه ڪرڻ جو ارادو دلاور حسين صاحب کي انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ وٺي آيو.
هن ۾ همت هئي. حوصلو هو. جذبو هو. جستجو هئي. ڪراچي اچڻ سان هن مختلف نوڪريون ڪرڻ شروع ڪيون. ڪڏهن هو ٻار پڙهائيندو هو ته، ڪڏهن ڪنهن سنڌي اخبار ۾ ڪم ڪندو هو ته ڪڏهن وري ڪنهن پئٽرول پمپ تي نوڪري. ان سان گڏ هو پڙهندو به رهيو. وقت گذرندو رهيو. هن بي اي جو امتحان پاس ڪري ورتو. امتحان پاس ڪرڻ سان ئي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ کيس ماستريءَ جي نوڪري ملي وئي هئي. پنهنجي بيحد محنت کانپوءِ هو سال ٻن اندر ئي PCS جو امتحان پاس ڪري سيڪشن آفيسر ٿي ويو.
سڪيشن آفيسر ٿيڻ کانپوءِ، جڏهن هو چڱي گهر ۾ رهڻ لڳو، چڱو کائڻ لڱو ۽ چڱو پائڻ لڳو ته سندس زندگيءَ جون سڀ دٻيل حسرتون جاڳڻ لڳيون. انهن سڀني حسرتن مان وڏي حسرت هُئي حُسن پرستي.
هو جڏهن ڪراچيءَ ۾ زندگيءَ جي اڻ ٿڪ جدوجهد ۾ مصروف هو پنهنجي روزيءَ جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ جي مِني بسن ۽ مزدائن جي ڌڪن ٿا ٻن واري سفر ۾ جڏهن کيس ڪنهن دريءَ واري پاسي کان ويهڻ جي سيٽ ملندي هئي، تڏهن سندس دلچسپيءَ جو سڀ کان اهم نڪتو ڀرسان گذرندڙ اهي ڪارون هونديون هيون جيڪي يا ته حسين ڇوڪريون پاڻ هلائينديون هيون يا وري منجهن ڪا حَسين ڇوڪري ويٺل هوندي هئي، پر اهو زمانو ته اهو زمانو هو جنهن ۾ شيخ اياز جي لفظن ۾ ساهه کي ڳڀي جي ڳولا هئي، هر شيءِ اڻپوري هئي، ماني اڻ پوري، ڪپڙا اڻ پورا، ننڊاڻ پوري.
سيڪشن آفيسري انيڪ اڻ پوراين کي پورو ڪري ڇڏيو هو. دلاور حسين کي ماني ملي هئي، مانُ مليو هو، بس طلب هئي ته پيار جي.
گهڻو وقت ڪونه گذريو، هو سيڪريٽريٽ نمبر ٽي ۾ سڪيشن آفيسر هو، ڊپارٽمينٽ ۾ ڀرتين جو مرحلو پورو ٿيو هو. دلاور حسين جي ذمي نون ڀرتي ٿيلن جون ڊيوٽي رپورٽون وٺڻ ۽ سندن فائيل ٺاهڻ هئا.
هڪ ڏينهن دلاور حسين جي زندگيءَ جو نئون ورق وريو. هو پنهنجي ڪمري ۾ ڪم ۾ مصروف هو سندس ڪنن تي آواز پيو، ”سر!“.
هن ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو ۽ پوءِ ڏسندو رهجي ويو. سامهون حسين اپسرا بيٺي هئي. ڇوڪري دلاور حسين کي پاڻ ڏانهن متوجه ڏسي چيو، ”سر! منهنجو نالو نعيما آهي. منهنجي سليڪشن ٿي آهي، مون کي ڊيوٽي رپورٽ ڏيڻي آهي.“
دلاور حسين ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو ۽ پوءِ ڏسندو ئي رهجي ويو. هوءَ حسين هئي، جميل هئي، باوقار هئي، سندس وار سنهري رنگ مائل هئا، قد و چولو، اکيون گهريون ۽ رنگ گلابي گلابي، آواز مٺڙو.
دلاور حسين آواز ٻڌي آواز ڏي متوجه ٿيو. سندس دل جي ڌڙڪڻ ائين تيز ٿي ڄڻ مِٺيءَ جي ڪنهن مندر ۾ گھنڊ وڳو. ڀڳوان عشق جو روپ ڌاريو ۽ دلاور حسين صاحب گهرن نيڻن جي گهرائيءَ ۾ گم ٿي ويو.
اکين جي دنيا به عجيب آهي.
تڏهن ئي ته مرشد فرمايو؛
”ڪَجَلُ هڏمَ پاءِ، تنهنجي رُکين ئي رڻ ڪيو.“
هو اکين جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويو.
ٻڏڻ کانپوءِ زندگيءَ جي نئن سر ترتيب ٿيڻ لڳي.
ڪالهه تائين، سيڪشن آفيسر جي نوڪري جيڪا ٻُسي ٻُسي بي رنگ ۽ بي ڍنگ نظر ايندي هئي سا ڄڻ ته دلاور حسين جي لاءِ بي پناهه ڪشش ۽ اڻ لکي اتساهه جو سبب بڻجي وئي هئي.
خبر ناهي ته نعيما جي دل ۾ به دلاور حسين جي لاءِ ڪو جذبو اڀريو هو يا نه، پر دلاور حسين جي دل ۽ دماغ ڏينهون ڏينهن نعيما جي جادوءَ ۾ جڪڙجڻ لڳو هو.
هوءَ جڏهن سيڪريٽريٽ جون ڏاڪڻيون چڙهي، آفيس جي ڪاريڊور ۾ داخل ٿيندي هئي، دلاور حسين هن جي نفيس قدمن جي آواز کي محسوس ڪري وٺندو هو. هوءَ جڏهن دلاور حسين جي ڪمري اڳيان گذرندي هئي، دلاور حسين بي اختيار سڏ ڪندو هو، ”نعيما!“
دلاور حسين سيڪشن آفيسر هو. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر وڏو طاقتور عهديدار سمجهيو ويندو آهي. اڪثر ماڻهو سيڪشن آفيسر کي ”گورنمينٽ“سڏيندا آهن. سيڪشن آفيسرن جي اختيار ۽ طاقت کي نظر ۾ رکندي تڏهن ئي ته امر جليل صاحب لکيو آهي ته، ”جنهن رات سڪيشن آفيسر پنهنجي زال سان وڙهندا آهن، ان ڏينهن قانون تبديل ٿي ويندو آهي.“
سو سيڪشن آفيسر جي سڏ کي نه ورنائڻ، نعيما جي وس جي ڳالهه نه هئي. هوءَ دلاور حسين جي ڪمري ۾ ايندي هئي، دلاور حسين سرڪاري فائيلن جي بهاني سان هن سان ڪچهري ڪندو هو.
سلسلو اڳتي وڌيو، ڳالهين جون ڳنڍيون کليون، پتو پيو ته، نعيما ايڪسائيز کاتي جي هڪ اعليٰ عملدار جي ڌيءُ هئي، سندس چاچا، ماما، سنڌ سرڪار جي اعليٰ عهدن تي فائز هئا.
سلسلو اڃان به اڳتي وڌيو. نعيما جو گهڻو وقت دلاور حسين جي ڪمري ۾ گذرڻ لڳو، ڏسندي ڏسندي سڄي سيڪريٽريٽ ۾ اها ڳالهه ڦهلجي وئي ته، ”جيڪڏهن دلاور حسين کان ڪو ڪم وٺڻو هجي ته بس نعيما کي چئو“
نعيما سان گڏ ڀرتي ٿي آيل سندس سرتيون ۽ سهيليون کيس ڇيڙڻ لڳيون ته دلاور حسين مٿس موهت هو.
ان ۾ رتيءَ برابر به شڪ نه هو ته دلاور حسين ته نعيما تي ان گهڙيءَ موهت ٿيو هو جنهن گهڙيءَ کيس پهريون دفعو ڏٺو هئائين. پر جڏهن به هو چاهيندو هو ته هو نعيما جي اڳيان پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري تڏهن سندس نرڙ تي پگهر اچي ويندو هو، زبان خشڪ ٿي ويندي هئي ۽ سندس ڄنگهون ٿڙڪڻ لڳنديون هيون. چون ٿا، اظهار جي حساب سان عاشقن جا ٽي قسم آهن؛
پهريون قسم هوندو آهي، ڊڄڻن عاشقن جو، هو صبح جو ننڊ مان اٿڻ مهل قسم کڻندا آهن، پنهنجو پاڻ سان واعدو، اقرار ڪندا آهن ته اڄ هو هر حال ۾ پنهنجي دل جو حال پنهنجي پرينءَ کي ٻڌائيندا. هو بستري مان اٿندا آهن، هٿ منهن ڌوئندا آهن، تيار ٿيندا آهن، محبوب ڏي ويندي ويندي پڪو پهه ورجائيندا رهندا آهن، پر اچانڪ جڏهن پرينءَ سان منهن مقابل ٿيڻ جي گهڙي ايندي آهي، سندن پيرن کي الاءِ ڇا ٿيندو آهي جو هو اهو رستو، پيچرو، گهٽ ۽ گهير ئي مٽائي ويندا آهن، جتان سندن محبوب جي آمد جو امڪان هوندو آهي.
عاشقن جو ٻيو قسم هوندو آهي شرميلن عاشقن جو. هو بزدل عاشقن جيان پرينءَ کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائڻ جو پڪو پهه ڪندا آهن، پر بزدل عاشقن جيان رستو مٽائڻ بجاءِ محبوب جي سامهون ايندا آهن. پوءِ اچانڪ کين الاءِ ڇا ٿيندو آهي، پرينءَ کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائڻ بدران ڪياڙي کنهندي سوچيندا آهن، اڄ نه سڀاڻي کيس سڀ ڪجھه ٻڌائينداسين.
عاشقن جو ٽيون قسم هوندو آهي بي باڪ ۽ بيڌڙڪ عاشقن جو، هو ڏسندا آهن ۽ محسوس ڪندا آهن ته سندن دل ۾ ڪا ڌڙڪ ۽ ڪشش آهي، هو ڪياڙي کنهڻ ۽ وقت وڃائڻ بدران سڌو پرينءَ جي سامهون ايندا آهن، سندن اکيون اکين ۾ ملائي چوندا آهن، ”تون اسان کي پنهنجي موهه ۾ منڊي ڇڏيو آهي، اسان کي تون ڏاڍي ٿي وڻين، هاڻي وڌيڪ آهي تنهنجي مرضي، اسان کي قبول ڪرين يا نه ڪرين.“
دلاور حسين لڳو ائين ٿي ڄڻ ته عاشقن جي ٻئي نمبر قبيلي جو فرد هو. هر روز پنهنجي عشق جي اظهار جو وچن ورجائيندو هو، پر جڏهن وقت ايندو هو ته هو هميشه اظهار ڪرڻ بدران ڪا آفيس جي ڳالهه ڪري ويهندو هو.
عاشقن جا کڻي ڪيترائي قسم ۽ قبيلا هجن، هڪ ڳالهه طئه آهي ته عشق جو صرف هڪ ئي قبيلو آهي. جڏهن به جتي به ايندو آهي ان فرد جي هرانداز، هر رنگ ۽ هر ڍنگ کي پنهنجي رنگ ۾ رنگي ۽ ڍنگي ڇڏيندو آهي. عاشق پنهنجي عشق کي ستن پردن ۾ لڪائي يا پنهنجي دل ۾، اڄ نه سڀان جي اظهار جا وچن پيو ورجائي، پر سندس اکيون، سندس زبان، سندس چهرو، غرضڪِ جسم جو هر عضوو پيو گواهي ڏيندو آهي ته همراهه ”عشق“ ۾ آهي.
ساڳيو حال دلاور حسين جو هو. هو عشق ۾ اظهار جي وسيلن کي تلاش ڪري رهيو هو، پر سندس وجود مان نڪرندڙ عاشقيائي، برقياتي لهرن سندس ڪيفيت کي آسپاس جي ماحول تي اظهار ڪري ڇڏيو هو. شايد نعيما به محسوس ڪري ورتو هو. ان ڪري ئي ته هو معمول کان وڌيڪ سينگار جي ايندي هئي.
ٻن ٽن مهينن جي اڄ نه سڀان جي ڪيفيت کان پوءِ هڪ ڏينهن نيٺ پيار جي اظهار جي همت پيدا ٿي ۽ همت پيدا ٿيڻ جي ڪهاڻي به عجيب هئي. دلاور حسين سان گڏ هڪ ٻي ڇوڪري لطيفان به ڪم ڪندي هئي. لطيفان کي دلاور حسين ڀيڻ ڪري سڏيو هو ۽ هوءَ به دلاور حسين جي بيحد عزت ڪندي هئي. هڪ ڏينهن لطيفان دلاور حسين وٽ ويٺي هئي ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ دلاور حسين کان پڇيائين، ”دلاور حسين! اڄ نعيما موڪل تي آهي ڇا؟“
ان ڏينهن اتفاق سان نعيما نه آئي هئي. دلاور حسين ڪنڌ ڌوڻي نهڪار ڪئي ته هوءَ ڪونه آئي هئي.
”دلاور حسين!“ لطيفان چيو، ”دلاور حسين! تو کي نعيما ڏاڍي وڻندي آهي.
سوال هو يا بم گولو؟
سوال هو يا ٻرندڙ جبل؟
سوال هو يا تتل ٽامو؟
جواب ڏيڻ کان اڳ ۾ دلاور حسين الاءِ ڪيترين ڪيفيتن مان گذريو. ۽ پوءِ هر روايتي عاشق جيان وراڻيائين. ”نه نه اهڙي ڳالهه نه آهي.“
لطيفان هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو،”مون کي خبر ڪونه هئي ته ڪو منهنجو ڀاءُ گدڙن جي ڪڙم قبيلي جو آهي.“
”ڇا مطلب؟“ دلاور حسين لفظ ائين چيا ڄڻ ته لفظن کي ادا ٿيڻ لاءِ ايلاز ڪندو هجي.
”مطلب ته تون ڊڄڻو آهين، بيوقوف آهين، چريا! سيڪريٽريٽ جي ماڻهن کي ته ڇڏ، سيڪريٽريٽ جي ڀتين کي به اندازو آهي ته تون نعيما تي عاشق آهين.“
”نه نه..................“
ان کان اڳ جو دلاور حسين پنهنجو جملو پورو ڪري، لطيفان کيس وچ ۾ روڪيندي چيو،”بس بس هاڻي بس. جي تو کي وڻندي آهي ته ان ۾ خراب ڳالهه ڪهڙي آهي. چريا تون پڙهيل لکيل آهين، سيڪشن آفيسر آهين، اڳتي شاندار مستقبل اٿئي، تون به ڊڄين ڇو ٿو. کيس سڌو سنئون پنهنجي دل جي ڳالهه چئي ڏي. وڌ ۾ وڌ ڇا ڪندي، ننهن ڪندي نه، توکي بندوق ته نه هڻندي نه.“
همت جڙ پڪڙڻ لڳي.
شرميلو انسان، شرم ڇڏڻ لڳو.
حوصلي منهن مٿي کنيو. دلاور حسين اقرار ڪيو،”ها برابر وڻندي آهي، پر........“
”پر ڇا؟“ لطيفان سخت استاد جيان سوال ڪيو.
”پر، ڊڄان ٿو ته هن کي چوان ته ڪيئن چوان، جي هوءَ ننهن ڪري، سيڪريٽري صاحب کي دانهن ڏئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“
”ڪجھه به نه ٿيندو. تون دل ٻڌي چوينس.“
دلاور حسين کي دل ٻڌندي ٻڌندي الاءِ ڪيترا ڏينهن گذري ويا. لطيفان جي ٽوڪن، ڇڙٻن ۽ دڙڪن نيٺ رنگ لاتو.
شايد مارچ اپريل جا ڏينهن هئا. نعيما ۽ دلاور حسين ڪمري ۾ اڪيلا ويٺا هئا. دلاور حسين پنهنجي پيار جي اظهار لاءِ اندر ئي اندر ۾ الاءِ ڪيترا جملا ٺاهيا ۽ ڊاهيا. پوءِ الاءِ ڪٿان همت هن جي دل ۾ داخل ٿي، هن هڪدم ٽشو پيپر جي دبي مان ٽشو پيپر ڪڍي پنهنجو منهن اگهيو ۽ نعيما کي مخاطب ٿيندي چيائين. ”نعيما! هڪ ڳالهه چوڻي آهي.“
نعيما دلاور حسين ڏانهن ڏٺو. لڳو ائين ڄڻ ته هوءَ به ”ڳالهه“ ٻڌڻ لاءِ منتظر هئي.
”چئه چئه، ڇا ٿو چوڻ چاهين.“
”نعيما!“ ائين چئي، دلاور حسين هڪ دفعو ٻيهر ٽشو پيپر سان پنهنجو منهن ائين صاف ڪيو ڄڻ ته سندس سڄو منهن پاڻيءَ ۾ پسيل هو. ”نعيما! مون کي تون ڏاڍي وڻندي آهين. مان توکي Propose ڪرڻ ٿو چاهيان، مان توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان. مان پنهنجي لاءِ ٻڌائي ڇڏيانءِ ته مان هڪ غريب دوڪاندار جو پٽ آهيان. هن مهل سيڪشن آفيسر آهيان ۽ ساڍا ٻارنهن هزار روپيه پگهار اٿم.“
نعيما خاموشيءَ سان ڳالهه ٻڌندي رهي. دلاور حسين جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ڪافي دير تائين خاموشي رهي. نعيما جي چهري تي جيتوڻيڪ ناگواريءَ وارو تاثر محسوس نه ٿي ٿيو، پر خوشگواريءَ جو تاثر به مليو نه ٿي،
دلاور حسين ڌڙڪندڙ دل ۾ دهرائڻ لڳو؛-
تنهنجي رمز سڄڻ مان ڇا سمجهان،
اقرار به آ، انڪار به آ.
ٿوري دير کان پوءِ نعيما ڳالهايو، ”دلاور حسين، تون ڏاڍو سٺو ۽ شريف آهين، پر منهنجو رشتو منهنجي مالڪن جي مرضيءَ سان ٿيندو.“
دلاور حسين کي پاڻ کي مليل، ”سٺي“ ۽ ”شريف“ جو سرٽيفڪيٽ ڏاڍو سٺو لڳو. سندس خود اعتماديءَ ۾ اضافو ٿيو. هن جو نرڙ جو پگهر سڪڻ لڳو. زبان جي هٽڪ گهٽجڻ لڳي ۽ لفظن ۾ رواني پيدا ٿيڻ لڳي. ان ئي ڪيفيت ۾ دلاور حسين چيو، ”نعيما! ڇا تنهنجا مالڪ، تنهنجو رشتو مون سان نه ڪندا ڇا؟“
”نه ڪجھه چئي نه ٿو سگهجي، پر هنن جا پنهنجا Standards ۽ خواهشون آهن.“
ٿوري دير ويهڻ کان پوءِ نعيما موڪلايو. نعيما جي موڪلائڻ کان پوءِ دلاور حسين، نعيما جي والدين جي ”اسٽينڊرڊس“ تي مسلسل سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات سوچيندو رهيو. هن کي احساس هو ته هو غريب دوڪاندار جو پٽ هو. کيس ڪا به اباڻي ملڪيت ڪانه هئي. هو ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري قبيلي مان هو.
هوڏانهن ڇا هو.
هوءَ ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ جي اعليٰ عملدار جي ڌيءُ هئي.
جتي پئسي جون نديون ٿي وهيون.
جنهن جو ڪلفٽن ۾ عاليشان گهر هو.
۽ هوءَ جيتوڻيڪ عهدي ۾ دلاور حسين کان ننڍي هئي، بلڪه ائين چئجي ته دلاور حسين جي ماتحت هئي، پر آفيس ڏهن لکن واري گاڏيءَ تي چڙهي ايندي هئي. سوچن دوران دلاور حسين پنهنجو پاڻ کي تسلي ۽ دلدار ڏيڻ سان گڏا اهيو به رکي رکي سوچيندو رهيو ته، ”ڪاش نه چوانس ها، ڳالهه ڍڪي ته پئي هئي نه!“
ٻي ڏينهن نعيما هن جي ڪمري ۾ آئي، سندس منهن تي مرڪ هئي، اهڙي مرڪ جيڪا اندر جي پسند جي جذبن جو اظهار ڪندي آهي. هن اچڻ سان ئي دلاور حسين کي چيو ”دلاور! رات نماز پڙهڻ کان پوءِ مان تنهنجي لاءِ دعا گهري هئي.“
”منهنجي لاءِ دعا؟ ڇا گهريئي؟“
”مون دعا گهري ته، الله سائين توکي سهڻي زال ڏئي“.
”پوءِ اهيا دعا ڇو نه گهريئي ته الله سائين توکي منهنجي زال ڪري.“
نعيما هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو. دلاور حسين به نعيما جو ٽهڪ ۾ ساٿ ڏنو. پوءِ ٽهڪن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو.
ٽهڪن جا اڻ کٽ سلسلا ۽ ڳالهين جا بي انت قافلا جنم ٿيو ٻه طرفي عشق جو. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هڪ ڏينهن نعيما چيو، ”دلاور حسين تون ڳالهين جو جادگر آهين. اڄ مان اقرار ڪريان ٿي ته مان به تو ۾ Involve ٿي وئي آهيان.“
دلاور حسين مرڪيو، مرڪ جنهن ۾ فاتحانه اظهار هو ته، ٻهراڙيءَ جي هڪ بي پهچ، سادي انسان، عشق جو قلعو فتح ڪري ورتو هو.
اهي ڪي چوڻيون ۽ پهاڪا ناهن. انسان جي صدين جي تجربن جو نتيجو آهن ته، هر ابتدا کان پوءِ انتها آهي،
هر صبح کان پوءِ رات آهي.
هر خوشيءَ کان پوءِ غم آهي.
دلاور حسين نعيما جي دل جو دروازو کڙڪايو. دروازو کليو، پيار داخل ٿيو، اقرار ٿيو، پر هاءِ ڙي قسمت، ستت، انتها جي به ابتدا ٿي وئي.
انساني سماج جي بيرحم سچن ۾ هڪ سچ اهو به آهي ته، انسان جو بڻ بڻياد ان جو پس منظر، سندس قبر تائين ساٿ ڏيندا آهن. انسان جاگڻ ۽ خوبيون ڪهڙيون به هجن اميرن جي هن دنيا ۾ خاص ڪري ان انسان جي جيڪو غريبيءَ جي ڌرتيءَ تي بيهي، اميريءَ جا ڏاڪا چڙهڻ شروع ڪندو آهي، ان جي ڪَٿ جو پئمانو هميشه ماضي ئي رهندو آهي. ان اميرن جي دنيا ۽ خاص ڪري سنڌين جي مڊل ڪلاسي اميرن جي دنيا عجيب ۽ نرالي آهي.
هاءِ هاءِ، سونهاري سنڌ جو اهو سونهري دؤر گذري ويو جنهن ۾ لياريءَ جي گهٽين ۾ گهور ڪندڙ هڪ يتيم ٻار پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بي پناهه ديا نتداريءَ سان ڪراچيءَ جو امير ترين شخص ٿي اڀريو ۽ زمانو اڄ به هن کي ”سر عبدالله هارون“ جي نالي سان ياد ڪري ٿو. ۽ هڪ ڊکڻ جي پٽ کي زمانو ”شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي“ جي نالي سان ياد ڪري ٿو.
پر هاءِ ڙي منهنجي مٺڙي سنڌ!
گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان پيدا ٿيل مڊل ڪلاس جنهن جو پس منظر غريب، هاري ناري، مزدور، دڪاندار ماستر ۽ ڪلارڪ هو، انهن جو اولاد پڙهيو، نوڪريون ورتائون، خوب رشوت جو پئسو ڪمايائون ۽ پوءِ اچانڪ کين پنهنجي بڻ بڻياد مان بدبوءِ محسوس ٿيڻ لڳي. پوءِ هنن ڇا ڪيو، پنهنجا نالا مٽايا، ذاتيون مٽايون بڻ بڻياد مٽايا.
ان ڪُوڙي مڊل ڪلاس جي سنڌ جي سماج تي بي رحماڻي اجاره داري آهي.
اهو اجاره دار ڪلاس جڏهن ڪنهن نئين ماڻهوءَ کي پنهنجي صفن ۾ داخل ٿيندي ڏسندو آهي ته سندس پس منظر جو ڀوت ڊيڄارڻ لڳندو آهي ۽ ه نئين داخل ٿيندڙ کي ڪُبڻيو سمجهي ان کي ٽوڪ ٺٺول ڪندي، نظر انداز ڪرڻ لڳندو آهي.
رُوش جو شڪار ٿيڻ لڳو.
دلاور حسين جو عشق به ان اڍنگي مڊل ڪلاسي نعيما پڙهيل لکيل هئي.
عمليت پسند هئي.
دلاور حسين کي پسند ڪندي هئي.
پر هوءَ هئي ته مڊل ڪلاسي ڇوڪري.
ايڪسائيز عملدار جي ڌيءُ.
ڪلفتن ۾ سندس گهرهو.
پڻس کيس زيرو ميٽر ڪلٽس ڪار تحفي ۾ ڏني هئي.
هوءَ مهانگن شاپنگ سينٽرن تان خريداري ڪندي هئي ۽ امپورٽيڊ ميڪ اپ استعمال ڪندي هئي.
ان جي برعڪس دلاور حسين ڇا هو.
هڪ غريب صوفيءَ جو پٽ. غربت جي بيرحم ديو سان جنگ ڪندي ڪندي هو تازو تازو سيڪشن آفيسر ٿيو هو.
هو اڃا تائين موٽن داس مارڪيٽ مان ورتل ڪپڙا پائيندو هو، هن، پرفيوم ته پري جي ڳالهه هئي، ڪڏهن روايتي سادو پائوڊر به نه هنيو هو.
جڏهن نعيما ۽ دلاور حسين جي چاهتن جو رنگ گهرو ٿيڻ لڳو تڏهن دلين جو ميلاپ پڙاڏو پيدا ڪرڻ لڳو. جڏهن پڙاڏو پيدا ٿيو ته ڳالهه سيڪريٽريٽ جي چار ديوارين مان نڪتي ۽ اچي گهر تائين پهتي.
ماءُ هڪ ڏينهن نعيما کان پڇيو، ”ڇوري، اهيو سيڪشن آفيسر ڪير آهي؟“
”دلاور حسين نالو اٿس.“ نعيما وراڻيو.
”دلاور حسين صفا ڄٽڪو نالو اٿس. ڪٿان جو آهي.“
”اتر سنڌ جو.“
”تون شادي ڪندينءَ ان سان؟“
”منهنجي دل چوي ٿي.“
”بڻ بڻياد جي خبر اٿئي؟ خاندان ڪيئن اٿس، پيءُ ڇا ڪندو اٿس؟“
”دلاور حسين، ٻڌايو آهي ته، سندس پيءُ فوت ٿي ويو آهي ۽ اهو هڪ دڪاندار هو.“
”دڪاندار؟“ طنز جي وڏي ڇولي دلاور حسين ۽ نعيما جي عشق کي پاش پاش ڪرڻ لاءِ اُٿي.
”دڪاندار؟“ نعيما جي ماءُ هڪ دفعو ٻيهر ورجايو.
”چري ته نه ٿي آن، ڪل ته نه ٿڙي ٿي. تون دڪاندار جي پٽ سان شادي ڪندينءَ، جنهن وٽ نه ڪو Background نه مال نه متاع. ڪجھه سوچيو اٿئي ته Society ۾ اسان جو نڪ ڪيئن ڪپبو.“
ماءُ جي تنبيهه نعيما جي عشق جي بنيادن کي ڪمزور ڪرڻ جي ابتدا ڪئي.
هن کي دلاور حسين سان عشق هو، ان ۾ ڪو شڪ نه هو.
پر هوءَ مڊل ڪلاسي ڇوڪري هئي، ان ۾ به ته ڪو ابهام ڪونه هو نه.
والدين سان گڏ هر مڊل ڪلاسي ڇوڪريءَ جي خواهش هوندي آهي ته، سندس وَرُ ڪو اعليٰ امير خاندان جو ڊاڪٽر، انجنيئر، CSS يا PCS پاس، ڪو اهڙو ڇوڪرو هجي جيڪو گھٽ ۾ گھٽ کيس هني مُون تي لنڊن، نيويارڪ نه، ته به دبئي، بئنڪاڪ يا ڪولالمپور ته وٺي وڃي.
نعيما جڏهن غور ڪيو ته دلاور حسين جي ڪل ملڪيت سندس اباڻو ٽٽل گھر ۽ ٻارنهن هزار پگھار هئي. سندس نوڪريءَ کي ٽي سال مس ٿيا هئا. رشوت مان مال ميڙڻ جا اڃان کيس موقعا نه مليا هئا. جيتوڻيڪ هن جو به دلاور حسين سان عشق هو، پر هوءَ هئي ته مڊل ڪلاسي ڇوڪري. اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ اعليٰ رتبي جي طلبگار. سوچن جا زاويا بدلجڻ لڳا.
عـشـق جـو تاڃي پيتو ٽٽڻ لڳو.
ڪچهريون گھِريون ٿيڻ لڳيون.
نعيما ٻن ٻيڙين جي سوار. هن دلاور حسين سان پيار ڪيو ٿي، پر سوسائٽيءَ ۾ والدين جو نڪ ڪٽرا.ئڻ نه ٿي چاهيو.
دلاور حسين پنهنجي شاعرانه زبان جو ڀرپور استعمال ڪيو. هن نعيما کي باربار يقين ڏياريو ته هُو هن کي خوش رکندو.
هو، سندس هر خواهش پوري ڪندو.
پر نعيما هڪ مڊل ڪلاسي سنڌي ڇوڪري، خاندان جي هماليه جهڙن انائن ۽ هڪ غريب شخص جي پيار جي ٽياس تي ٽنگجي پئي. هوءَ بهادر نه هئي ته مالڪن سان مڪمل بغاوت جو اعلان ڪري، پر اهڙي بيرحم به نه هئي جو هوءَ دلاور حسين سان قطئه تعلق ڪري.
حد ته اِهيا هئي ته، هوءَ آفيس ايندي هئي، دلاور حسين جون ڳالهيون ٻڌندي هئي ۽ روئندي هئي.
گهر ويندي هئي.
ماءُ ۽ ڀيڻ جا دڙڪا دهمان ۽ طعنا ٻڌندي هئي ۽ روئندي هئي.
لڳو ائين ٿي ڄڻ، ته هڪ ڇوڪري ٻن انتهائن جي وچ ۾ صرف روئڻ لاءِ پيدا ٿي هئي.
سُتت ئي نعيما جي ماءُ محسوس ڪري ورتو ته، جي قصو ائين هليو ته ڳوڙهن مان بغاوت جنم وٺندي، جنهن کي روڪڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو.
آخر ته مڊل ڪلاسي گهر هو.
جتي پنهنجي آزاد خيالي ۽ ٻارن جي پسند نا پسند جو خيال رکڻ به ته سوسائٽيءَ ۾ نڪ اوچو رکڻ لاءِ ضروري هو.
ڳالهه اڃا گهر ۾ هئي، ٻاهر ڪانه نڪتي هئي. جي ڳالهه ٻاهر نڪتي ته لوڪ ڇا چوندو!
”اڙي! نعيما ويچاريءَ جي مرضيءَ جو گلو گُهٽيو ويو.......ويچاري.....“
نعيما جي ماءُ کي پنهنجي روشن خياليءَ جو هر حال ۾ ڀرم رکڻو هو.
ان ڪري هن ڇوڪريءَ جي هٿان نڪرڻ کان اڳ ۾ جنگي بنيادن تي پنهنجي رتبي ۽ برابري جي بنياد تي رشتي جي تلاش شروع ڪئي.
وقت هٿن مان واريءَ وانگر وهندو ٿي ويو. هر لمحو طوفان هو.
دلاور حسين ڄڻ ته محسوس ڪري ورتو هو ته نعيما جي بزدليءَ سبب هو هارائي چڪو هو، پر هن چاهيو ٿي ته، وقت کي ونگ پئجي وڃن ته هو ٿورو وقت نعيما سان گڏ گذاري سگهي.
پر، ڪاتبِ تقدير، انسانن جي تدبيرن ۽ خواهشن جو محتاج ته نه آهي.
ڪاتب تقدير جو قلم هليو.
ٻن ٽن هفتن اندر نعيما جو رشتو هڪ سيٺ جي پٽ سان طئه ٿي ويو.
ڇوڪرو برطانيه مان پڙهيل هو، هڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ اعليٰ عهدي تي هو.
ان رات رنگيءَ جا ٽي رنگ هئا.
نعيما جا والدين ائين ٿي خوش ٿيا، ڄڻ ته هنن سڄي سنڌ تي پنهنجي فتح جو جهنڊو هڻي ڇڏيو هجي.
نعيما ويچاريءَ جون روئي روئي اکيون سُڄي پيون هيون. هن سُڄيل اکين ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ رات جو دير سان دلاور حسين کي فون ڪئي، ”دلاور! منهنجو رشتو طئه ٿي ويو.“
هن جي طرف خاموشي هئي. ان مختصر خاموشيءَ کان پوءِ جڏهن دلاور حسين ڳالهايو ته، ائين لڳو، ڄڻ ته هو اهڙو مسافر هو. جنهن مختصر عرصي ۾ صحراءِ گوبي پار ڪيو هجي. هاڻي مٿس ڪنهن به ڏک، تڪليف ۽ مصيبت جو اثر نه ٿو ٿي سگهي.
دلاور حسين هڪ لفظ ۾ وراڻيو، ”مبارڪ اٿئي!“
نعيما اندازو نه لڳائي سگهي ته دلاور حسين جي لهجي ۾ ڏک هو، ڪاوڙ هئي. ڪروڌ هو، شڪست هئي يا ڪجھه به نه هو.
نعيما چيو، ”دلاور مان مجبور آهيان. مان تنهنجي پيار کي وساري نه ٿي سگهان ۽ نه وري مان ماءُ پيءُ کان ڪنڌ ڪڍائي ٿي سگهان.“
ائين چئي هن سڏڪي ڏنو ۽ باقي وقت سُڏ ڪندي رهي.
دلاور حسين، غريب ابنِ غريب، صحراءِ گوبيءَ جو مسافر، جن لاءِ تنبوري جي تان تي درد جو داستان بيان ڪندڙ بيان ڪيو؛
ڏکـويـن اهـڃـاڻ، ڪـلهـي ڦـاٽو ڪَنجـرو،
وڃي گوندر گاڏيون، لوڪ نه آڇين پاڻ،
سورن اسان ساڻ، ننڍي ئي نينهن ڪيو.
دلاور حسين صحراءِ گوبيءَ جو مسافر. هُو سُڏڪندڙ نعيما کي دلاسا ڏيندو رهيو. دلداريون ڏيندو رهيو. آٿتون ڏيندو رهيو. کيس پرچائيندو رهيو.
وقت رڪڻو هو نه رُڪيو، گهوٽيتن کان وڌيڪ ڪنواريتن کي شاديءَ جي جلدي هئي. شاديءَ جي تاريخ 12 نومبر طئه ٿي.
شادي کان لڳ ڀڳ ٻه هفتا اڳ، نعيما، دلاور حسين کي چيو، ”دلاور! مون کي پنهنجا هٿ ڏي.“
دلاور حسين پنهنجا هٿ اڳتي وڌائي ميز تي رکيا.
نعيما پنهنجا هٿ دلاور جي هٿن تي رکي ڇڏيا.
اِهيو پهريون ۽ آخري دفعو هو. ٻن عاشق معشوقن، هڪٻئي کي ڇُهيو هو.
نعيما هوريان هوريان دلاور حسين جي هٿن کي زور ڏيڻ لڳي.
دلاور حسين کي احساس ٿيڻ لڳو.
حوا ۽ آدم جنت جي بدلي ڌرتي ڇو طلبي هئي؟
رانجهي هزاري جو تخت ڇو ڇڏيو هو؟
دلاور حسين، هزاري جي تخت جو وارث رانجهو نه هو.
هو ته ابنِ آدم هو، هڪ غريب دڪاندار جو پٽ. هن پنهنجا هٿ نعيما کان ڇڏائيندي چيو، ”چري! ايترو پيار نه ڪر مون سان. شاديءَ کانپوءِ ته تون مون کي سڃاڻندينءَ به ڪونه.“
الله اڪبر، دلاور حسين جا لفظ هئا يا بڙڇيون ۽ ڀالا. هڪ دفعو ٻيهر نعيما جي اکين جا بند ڀڄي پيا. هوءَ پرس کڻي تڪڙو تڪڙو آفيس مان نڪري وئي. ان رات، سڄي رات فون تي سُڏڪندي ۽ دلاور حسين کي ڏوراپو ڏيندي رهي ته، هن کيس ائين ڇو چيو هو ته، هوءَ کيس شاديءَ کانپوءِ وساري ڇڏيندي. سڏڪندي سڏڪندي هن دلاور حسين کي چيو ته، هن جي شادي ڀل ته ڪٿي به، ڪنهن به جاءِ تي، ڪنهن سان به ٿئي، پر جڏهن به سندس ساهه جو سڳو ٽٽو ته، سندس زبان تي نالو صرف دلاور حسين جو هوندو.
وقت نه رُڪڻو هو، نه رُڪيو.
12 نومبر جي رات نعيما جي هڪ عاليشان، شادي هال ۾ نهايت عاليشان طريقي سان شادي ٿي وئي. ان رات دلاور حسين پنهنجي ڳوٺ ۾ سڄي رات سڏڪندو رهيو هو.
ان کان اڳ ۾ دلاور حسين نعيما کي شاديءَ کان پوءِ هني مون تي بئنڪاڪ وڃڻ لاءِ موڪل جو آرڊر تحفتن صحيح ڪري ڏنو هو.
مهيني اندر سڀ ڪجھه بدلجي ويو.
سنڌ سيڪريٽريٽ ساڳي هئي.
ماڻهو ساڳيا هئا، پر طور طريقا ۽ انداز بدلجي ويا هئا.
پوءِ هڪ ڏينهن هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ نعيما کليل نموني دلاور حسين کي چيو، ”مسٽر دلاور! تو کي ڪنهن به خوشفهميءَ ۾ نه هجڻ گهرجي ته ڪو پنهنجو Relation هيو. بس“It was just a working relation, nothing else“
ان ڏينهن خبر ناهي ته سسئي، سهڻي ۽ مومل مرڪيون هيون يا رُنيون هيون. دلاور حسين ڏاڍو رنو هو.
پارڪ ٽاور ۾ ويٺي ويٺي ناڪام عشق جي ڪٿا ٻڌندي ڪافي دير ٿي چڪي هئي. اسان ٻنهي جي ڪافي ٿڌي ٿي چُڪي هئي.
”گلو!“ دلاور حسين اچانڪ مون کي مخاطب ٿيو.
”جيءُ سائين!“ مون ڇرڪ ڀريندي جواب ڏنو.
”ائين ڇو آهي ته اسين پاڇن جي پٺيان ڊوڙندا رهندا آهيون. اڻ ٿيڻي جي ٿيڻ جي تمنا ڪندا رهندا آهيون. ميڻ بتيءَ جيان ٻرندي ٻرندي فنا ٿي ويندا آهيون؟“
ٿوري دير خاموش رهڻ کانپوءِ وري دلاور حسين ڳالهايو.
”انهن ٻارنهن سالن ۾ مان سڪيشن آفيسر مان ايڊيشنل سيڪريٽري ٿي ويو آهيان. بي تحاشا پئسا ڪمايا اٿم. ٻه شاديون ڪيون اٿم. چار ٻار اٿم. پر هي نڀاڳو ٻارنهن نومبر جو ڏينهن هميشه مون کي ماضيءَ ۾ ڇو وٺي ويندو آهي؟“
مان دلاور حسين صاحب کي ڪهڙو جواب ڏيان ها.
منهنجي بي جوابيءَ سبب هڪ دفعو ٻيهر خاموشي ڇانئجي وئي.
اچانڪ ٿڌي ڪافيءَ مان آلين اکين سان ڍڪ ڀريندي، دلاور حسين صاحب جهو نگارڻ لڳو؛
جا پر هندو ڪن، مُئي پڄاڻان مَيت سان،
سا پر مون سڄڻن، جيئري ڪئي جهان ۾.