دل جون ڳالھيون
وينا شرنگي پنھنجي باري ۾ ڪھڙي به راءِ قائم ڪري، پر ان حقيقت کان انڪار ڪير ڪري سگھندو ته ھوءَ سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ مانائتي ليکڪا ۽ اديبا آھي، ھن ريڊيو پروگرامز وسيلي سنڌي ٻولي جي مڃتا لاءِ پرچار ڪيو آھي. اِھيئي سڀ عمل آھن جن جي وسيلي ھڪ انسان عام ماڻھوءَ مان شخصيت بڻجي ٿو.
”ڪيئن وساريان ويڙھيچن“ ڪتاب اوھان جي ھٿن ۾ آھي، جيئن ڪتاب جي عنوان مان ظاھر آھي ته ھي يادگيريون پنھنجن مارُن جون آھن، پنھنجن ويڙھيچن ۽ ساٿين جون آھن، جن سان ليکڪا، پنھنجي زندگي جا ڪيئي املھه پل گھاريا آھن، ھڪ خواب جي وارتا کي ڊائريءَ جي صفحن تي لکندي، وينا کي ماضي جون ڪيئي ڪھاڻيون، واقعا ۽ حادثا ياد ايندا ويا ۽ ھوءَ انھن کي لکندي ويئي ۽ ھڪ ڪتاب تيار ٿي ويو. اھڙو ڪتاب جنھن جو بنياد ھڪ سپنو آھي ، ڪتاب ۾ مختلف يادگيرين کي ڌار ڌار عنوانن تحت بيان ڪيو ويو آھي.
”ڪيئن وساريان ويڙھيچن“ جي عنوان واري حصي ۾ وينا، ننڍپڻ ۾ جڏھن ھو اڃا 21 ڏينھن جي مَس ھئي، جو سندن ھڪ گهريلو ملازم، کيس گھمائڻ جي بھاني اغوا جو ارادو ڪيو ھو ، واري واقعي سان شروعات ڪئي آھي، انھيءَ حادثي بابت تمام گهرائي سان سوچيندي، ھوءَ پاڻ بابت انومانن جو ذڪر ڪري ٿي ته جيڪڏھن ايئن ٿي وڃي ھا ته ھُن کي زماني جون ڪيتريون تڪليفون نصيب ٿين ھا. ھوءَ انھي حادثي کان پوءِ واري پنھنجي حياتي کي پنھنجو نئون جنم تصور ڪري ٿي . . . پنھنجي اندر جي جذبن کي، خوداعتمادي ۽ جرئت واري شخصيت اُڀارڻ جو سبب سمجھي ٿي. جنھن سبب ابي ۽ امڙ جا سندس لاءِ ھي لفظ، اڃا به وڌيڪ کيس ھمت عطا ڪن ٿا ته ”توکي ڌيءَ نه بلڪه پُٽ ھئڻ کپي ھا“ انھن ئي احساسن جي آڌار تي ھن جي ھمت ڀري للڪار، ٽن وحشي بگهڙن کان ھڪ ڪمزور ناري جي عصمت بچائي ٿي.
عاشورن جا پڙ ۽ شوالي جي دريءَ مان عاشورن ڏسڻ واري مالڪيءَ جو حق، ڪنھن کي عاشورن جا پڙ ڏسڻ ڏيون يا نه، ڌرمن جي حدبندين کان بي پرواھ، ٻارڙن جو عاشورن جي ڏينھن ۾ گهر ۾ ماتم ڪرڻ ۽ اُنھن جي اڳواڻي جو شرف وينا کي ملڻ، جيڪا عمر جي ان حصي ۾ ڌرمي مت ڀيد کان پري، صرف ھڪ معصوم آھي جنھن بابت پاڻ ئي اظھار ڪري ٿي ته : ”گهر جي صاف سٿرن گلاسن کي ڇڏي اُنھن جي جوٺن جستي ٺولين ۽ گلاسن ۾ شربت پيئڻ ۾ نه بُڇان ايندي ھئي ۽ نه اِھو احساس ٿيندو ھو ته برھمڻ جو اولاد ٿي ڪري ڄٽن جي جوٽن گلاسن ۾ شربت پي رھيا آھيون. خبر ناھي ته اھو ڪھڙو جذبو ھو.“
ڏاڏي مھراج رامچندر جي حڪمت جون ڳالھيون، جڏھن وينا ياد ڪري ٿي ته ڳالھه مان ڳالھه نڪرندي ٿي وڃي. مھراج رامچندر صرف حڪيم نه ھو پر اھڙو ڪردار ھو، جنھن جي ھر طبقي وٽ عزت ھئي. ھُو جڏھن ديھانت ڪري وڃي ٿو ته سڀ افسوس ڪن ٿا ۽ سندس گهر ۾ پاکرن جا ڍير لڳي ٿا وڃن. ان ساڳي حصي ۾ لاڙڪاڻي ۾ ھندو مسلم فساد جي سازش ۽ ان جي ناڪاميءَ جو ذڪر به اچي ٿو. ”مروئان موت ملوڪان شڪار“ ۾ مھمان نوازي جي سلسلي ۾ نماءُ ۽ ڏيکاءُ وارن روين بابت طنزيه اظھار ڪندي، وينا ڪيترن شومن جو ذڪر ڪيو آھي. ھي ليک ھڪ تسلسل ۾ مختلف واقعن جو مجموعو آھن، جن ۾ اڳواٽ ڪابه رٿابندي ڪيل محسوس نٿي ٿئي. “لاکو کٽي، باريجو کائي” جي عنوان واري حصي ۾ ليکڪا ڪيتريون ئي يادگيريون سمائي ڇڏيون آھن. پنھنجي والد جي سخاوت واري ذڪر سان گڏ، پنھنجي دور جي ڪيترن نامور شخصيتن جا واقعا ۽ اُنھن جي پنھنجي والد صاحب سان دوستي واري نسبت جوڙيندي، من کي ڇھندڙ ڳالھيون تحرير ڪيون آھن، سردار پير بخش ڀٽي جو سندن اوطاق تي اچڻ ۽ ھرڻ لاءِ فرمائش ڪرڻ ۽ ٻارڙن جو ھرڻ لاءِ بيچين ٿيڻ، اَٺن ٻارن جو اُٺ تي چڙھڻ ۽ اُتان ڪرڻ، ڀٽاريءَ جي چوري ۽ اُن جي واپسي، جھل مگسي واري لاکي پير جو چشمو، ڌاڙيلن پاران عورتن جي عزت واري روايت، مھراج جي ڌيءُ ھئڻ جي ڪري مختلف ماڻھن پاران ليکڪا کي مليل عزت، لاڙڪاڻي ۾ پڙھائي ۽ مختلف ٽيچرس جو ذڪر، انگريزي ڊبيٽ جو ڪردار ادا ڪرڻ، اِھي سڀ ساروڻيون انھيءَ ڀاڱي ۾ اچي وڃن ٿيون.
”آپ نه پلي ڏوجهيان متان ڏيوين” واري يادگيرين جي حصي ۾ پڻ ڪيترين ئي حقيقتن کي وائکو ڪيو ويو آھي. انھن سچائين کي پڙھي محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪا عمر جي ھن حصي ۾ ڪنھن به مصلحت پسنديءَ ۾ نه ڦاسڻ جو حوصلو رکي ٿي ، جنھن ڪري ئي سندس قلم مان ھي تلخ ۽ تيز جملا لکجي سگھيا آھن.
” . . . . چاھي پوءِ انھن عزت جي علمبردارن جي خود گهر ۾ کاٽ لڳل ھوندو ھو. ڪنھن جي نونھن ، ڏير سان ٺھيل ھوندي ھئي. ڪا سُھري سان ته ڪا مُنشيءَ سان ته ڪا گهران ڀڄي ويندي ھئي . . .”
يا ھي سٽون پڙھو:
”جيڪي ٻين کي نصيحتون ڏيندا ھئا سي خود بدڪاري ۽ بدچلنيءَ جو شڪار ھئا، ٻيو ته شھدادڪوٽ جي ڀنگياڻي، (نالو نٿي ڏيان) جنھن ھڪ عزت دار سان شادي ڪئي آھي. اُن جا ڪيترائي عاشق ھئا.“
سنڌي سماج جون غلط روايتون، دشمنيون، پلاند، ڏي وٺ جون شاديون وغيره جي موضوعن بابت ليکڪا انھي حصي ۾ جرئت سان لکيو آھي.
“ستي ٿي سيڙائي، لنڊي ٿي لاڏ ڪري” ۽ “آ بلاڙي! ويندين ڪاڏي” جھڙن عنوانن تحت به ليکڪا ڪاميابيءَ سان پنھنجي حياتي جي وساريل ورقن کي سھڙيو آھي. “ھجيئي ناڻو ته گھُم لاڙڪاڻو” رائيس ڪئنال سارين جا فصل، فصلن تي ڪيڙن جو حملو، والده جي پيءُ جو ذڪر، ڪراچي ۾ سماجي تحريڪ، جيني سپا ھيملاڻي، ڳوٺ جا تپيدار، باگي جون لٻاڙون، شھدادڪوٽ سارين جا ڪارخانا، بيگاري ھاري، ڪوئٽا ۾ وڏي ڀاءُ جي نوڪري، بلوچن جون روايتون وغيره.
وينا شرنگي ھن ڪتاب ۾ پنھنجي وکريل يادگيرين کي جنھن انداز ۾ سھيڙيو آھي اھو دلچسپ ۽ وڻندڙ آھي ۽ پڙھندڙ انھن ۾ خود گُم ٿي وڃي ٿو سندس انھن يادگيرين کي پڙھندي، مونکي سائين حسام الدين راشدي جو ڪتاب “ھو ڏوٿي ھو ڏينھن” ياد اچي ويو. جنھن جي لکت ۾ ڪا به بناوت ۽ مصنوعيت ناھي. بس دل جون ڳالھيون آھن، جيڪي پني تي اُتارجي ويون آھن. انھن يادن ۾ پنھنجو ذڪر گھٽ، ٻين جو وڌيڪ آھي، انھي اظھاري طريقي تحت وينا شرنگيءَ به ھنن يادگيرين ۾ ڪيترين اھم ۽ غير اھم ماڻھن کي ياد ڪيو آھي. اِھي سڀ يادون پنھنجي ماتر ڀومي سنڌ، شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، اھي سڀ ماڳ مڪان، سندس ساھ ۾ سمايل آھن دھلي ۾ به سندس دل ڄڻ سنڌ جي گھٽين ۾ گھُمي ٿي . ديس جي محبت به پنھنجي گهر کان ئي شروع ٿئي ٿي. وينا پنھجي ماتا ۽ پتا جي شخصيتن کي خوب اجاگر ڪيو آھي. اِھي سڀ فطري ڳالھيون آھن، جيڪي “حب الوطني” واري جذبي تحت ھڪٻئي سان جڙيل آھن. وينا شرنگيءَ جو ھي ڪتاب، جيڪو توڙي جو مختصر آھي پر متاثر ڪرڻ جا سڀئي سامان رکي ٿو ۽ ھند سنڌ جي ليکڪن توڙي پڙھندڙن کي پسند ايندو.
ادل سومرو
واري تڙ – سکر