لاکو کٽي باريجو کائي
خير جاءِ تي اڃا تائين انھن جو ئي قبضو آھي، پر مسواڙ نه جي برابر ملڻ شروع ٿي، ٻي جاءِ تي درياني ڀاءُ جو ناتو بيان ڪري 6 روپيا مسواڙ ڏيڻ شروع ڪئي ھئي. اسان ٻارن کي ڏاڍا خار لڳندا ھئا. بس چوندا ھئاسين ته ان درياني کي مزو چکائينداسين. روز اچي بابي سائينءَ جي چمچاگيري ڪندو ھو. اڇي سٿڻ، اڇي بند گلي سان ڪڙتو، جنھن ۾ سونا بٽڻ پيل، مٿي تي ڪاري وڏي ٽوپي، جنھن ۾ وڏو اڇو ڦندڻ ۽ ڪارو ڪوٽ، جنھن جي کيسي ۾ زنجير ۾ لٽڪيل واچ رکندو ھو. ھڪ دفعي بابو ڪونه ھو، جيئن ئي اوطاق ۾ داخل ٿيو، گهر ۾ پاليل ڪتي کي ڪري ھشي ڏنيسين. اُٺاش، اسان جو اُٺاش چوڻ، ڪتي درياني تي حملو ڪري ڏنو. رڙ واڪو ٿي ويو. اسان کي بابي سائين جو ڏاڍو ڊپ ھو. انھي ڪري اسين ناٽڪ ڪري درياني کي چوڻ لڳاسين، ”اسين ته ڪتي کي حملي کان روڪي رھيا آھيون. ھش، ھش ڪري خاموش ڪرائي رھيا آھيون.” درياني جي کٽن تي ٽپ ٽپان ھجي، اسين ڪتي کي اُٺاش ھش، اُٺاش ھش پيا چئون. ڪجھه دير کان پوءِ واڻيو اسان جي چالاڪي سمجھي ويو ته ھي اُٺاش ڪري بڇ ۽ ھشي ٿا ڏين. گڏوگڏ ماٺ ڪرائڻ وارو لفظ ھش آھستي آھستي چون ٿا ائين اسان جي اُٺاش ۽ ھش واري ڳالھه کلي پئي، بابي جي ڊپ ڪري ڪتي کي ڳچيءَ کان ورتوسين. ساڳئي طرح ڪنھن کان وير وٺڻو ھوندو ھو ته ھرڻ جي زنجير کولي ڇڏيندا ھئاسين، وڃي کيس سنڱ ھڻندو ھو. ھرڻ کي زالن سان ته خاص دشمني ھوندي ھئي، پويان پوتيءَ ۾ زوم سان سنڱ کڻي کپائيندو ھو. ماين جو پوتيءَ سان گڏ چولو به مٿي کڄي ويندو ھو.
ھڪ ڀيري ڀُٽي صاحب جو سؤٽ سردار پير بخش ڀٽو اوطاق ۾ آيو، ھرڻ کي به ٿي کٽي کڻي، ٽپا ڏيندو اوطاق ۾ پھچي ويو. سردار پير بخش بابي سائينءَ کي چيو : ”مھراج! ھي ھرڻ مون کي پسند آھي، مان کڻي ويندس.” اسان ٻارن روئڻ شروع ڪيو. اسان جا منھن لھي ويا. بابي سائين چيو : ”ڪائي ڳالھه نه آھي، توھان لاءِ ٻيو ھرڻ اچي ويندو.” ۽ سردار پير بخش کي چيائون: ھڪ شرط تي ڏيندس، اوھين ھرڻ کي ڪھندا نه وعدو ڪيو. ”مھراج! اوھين خود بنگلي تي اچي ڏسجو، ڪجھه ڏھاڙن کان پوءِ ادو اتي ويو. ھرڻ مچي پيو ھو. اسان کي ھرڻ ملڻ جو وسيلو ھو. جھل مگسي ۾ ھرڻ جام ٿيندا ھئا. اُتي جو مُکي منومل گهر ايندو ھو. اسين ان جا گر براھمڻ ۽ گرو ھئاسين. ان ڪري جڏھن به گهر ايندو ھو ته اسين ويڙھي ويندا ھئاسين. ھڪ ھٿ ۾ اڌ رنگ ھيس، جو سدائين ڏڪندو ھئس. اسين چوندا ھئاسين ته منومل! اسان کي ھرڻ کپي. چوندو ھو ته توھين اسان جا گرو آھيو. کوڙ ھرڻ، دل ھرڻ، ھر ڀيري ھڪ ھرڻ ڏياري موڪليندو ھو. اسان منومل کان پڇندا ھئاسين ته ھرڻ ڪٿان گهرائيندا آھيو؟ ٻڌائيندو ھو ته ھرڻي پنھنجي ٻچڙي سان گڏ جڏھن پاڻي پيئڻ ايندي آھي ته اُتي بروھي بانڊ يا ٻيا قبائلي لِڪي ويھندا آھن ۽ ھرڻي جي ٻچڙي کي پڪڙيندا آھن. ھرڻي ته جان بچائي ڀڄي ويندي آھي، باقي ھرڻي جا ٻچا ڀڄي ڪونه سگھندا آھن. انھيءَ ڪري انھن کي جھلي وٺندا آھن. جھل مگسيءَ جو سردار محبوب علي ھو ۽ اُن جا به فرزند ھئا، ھڪ مير سيف الله خان مگسي ۽ ٻيو سردار يوسف خان، اسان جي گهر جي ڪافي عزت ڪندا آھن. سردار سيف الله مگسي جي گهر واري مائي ام تولا بابي کي ڌرم جو ڀاءُ ڪيو ھو. بس اُن ڌرم جي ڀاءُ ۽ بابي جي سخي دل جو فائدو ڀيڻ کي ملي ويو. بابي کي چيائين : ”ادا گوپي! اھو باغ مون کي پنھنجي ڌي لاءِ کپي. مان تنھنجي گهر گهڙي آئي آھيان. مون کي يقين آھي، ڀيڻ کي انڪار نه ڪندين.“ بابو سائين ڪنڌ نه ڪڍائي سگھيو ۽ شھدادڪوٽ ۾ جيڪو سڀ کان خوبصورت باغ ھو، سو اسان جي ملڪيت مان تبديل ٿي معمولي رقم تي مائي ام تولا جي حوالي ٿي ويو. اسان کي بيحد ڏک ٿيو. مائي ام تولا جڏھن گهر ايندي ھئي، چوندي ھئي ھي باغ ادا گوپي توھان جو ئي آھي، پر اھو باغ اسان جو پنھنجو نه رھيو ھو. ڪڏھن ڪڏھن باغ جا انب، توت، ٻير ۽ ٻيا ڪيترا ميوا ٽوڪرو ڀرائي موڪليندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن ڀاڄيون به اينديون ھيون.
ھتي اچڻ کان پوءِ ڪجھه سال اڳ امڙ ڳالھه ڪئي ھئي ته مير سيف الله خان مگسي کي پنھنجن ڪن عزيزن قتل ڪري ڇڏيو. ٻُڌي بيحد افسوس ٿيو. چوندا ھئا ته ديرادون اسڪول مان تعليم پرائي ھئائين. اسان جي گهر ڪيترا ڀيرا اچي چڪو ھو. ٺاھوڪو جوان ھو. اڇو سلوار ڪڙتو، ڪارو اُس جو چشمو پيل ھوندو ھوس. اھڙيون ڪيتريون شخصيتون ھيون پر اسان جي گهر ۽ بابي سائينءَ جي ڪافي عزت به ڪندا ھئا. ھارين جو اڳواڻ حيدر بخش جتوئي، مير علي بخش، قاضي فيض محمد، ممتاز ڀٽو، سردار پير بخش، ذوالفقار علي ڀٽو، محبوب علي مگسي، علي گوھر کھڙو ۽ ٻيا ڪيترائي کھاوڙ، چانڊيا، مگسي، ۽ بروھي زميندار ايندا ھئا ۽ انھن سان سٺو رستو به ھئو. ان پھلو تي قلم کڻڻ جو ھينئر وقت نه آھي ۽ نه ئي واسطو. بابي سائين جي سماجي خدمت ۽ سياسي پوزيشن جو رڪارڊ موجود آھي. لاڙڪاڻي ۾ آزادي کان اڳ لوڪل بورڊ جا ميمبر ۽ 1965ع ۾ ايوب جي دور ۾ بيسيڪ ڊيموڪريٽس جو چيئرمن رھي چڪو آھي. 1965 کان پوءِ اليڪشن يا سياسي پوزيشن حاصل ڪرڻ کان ڪنارو ڪيو اٿائون. شھدادڪوٽ جون ڪيتريون عمارتون ۽ روڊ بابي سائين جي نظرداري ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ ٺھيا آھن. جن جو اڄ به شھدادڪوٽ جي ميونسپلٽيءَ ۾ رڪارڊ موجود آھي. آزادي کان اڳ ٻوڏ دوران ڪيل خدمتن جي لاءِ حڪومت طرفان کين سوني ٻلي جي اعزاز سان نوازيو ويو. مطلب ته جتان لنگھندا ھئا سلام سلام ڪندي ھٿ ٿڪجي پوندو ھين. جوانيءَ ۾ شينھن مرد چوندا ھئن. گجگوڙ تي ڌاڙيل به ھيسجي ويندا ھئا. کيس ڪنھن به شخص ”اڙي“ ۽ ”واڻيو“ ڪري سڏڻ جي جرئت نه ڪئي. سڄي زندگي اڇي قميص ۽ اڇي پئنٽ يا سٿڻ پائيندا آيا. ڪڏھن ڪڏھن ته حيرانگي لڳندي آھي ته اڇا لٽا پائي ٿڪجي نه پيا ھوندا؟ اُٺ تي چڙھي ٻنين تي ويندا ھئا.
ھڪ ڀيري ٻنين تي وڃڻو ھئن. سنڀرڻ ۾ ٿوري دير ٿين. ان تي اسان اٺ واري کي چيو ته اسان کي اُٺ تي سير ڪرائي. اٺ ڄڻا اُٺ تي چڙھي ويھي رھياسين. اوھين خود اندازو لڳايو. چاھي ٻار ھجن، تڏھن به اٺن جو تعداد ته گھڻو ئي آھي نه؟ اُٺ به ويچارو ماٺ ڪري ھلڻ لڳو. اسان کي ته اُٺ ماٺ ڪيل لڳو، پر دل ئي دل ۾ ضرور رُنو ھوندو. چوندا نه آھن ته ”اُٺن اڳئي پي رنو، جڏھن ٻورا ٿئي لڏيا” سو اُٺ به جڏھن ھڪ ھڪ ڪندي، پاکڙي تي پير رکندي ٻارن جي قطارن کي ڏٺو ھوندو ته ضرور رُنو ھوندو، خير اٺ جي ڪھڙي حالت ھوندي، اُن کي سمجھڻ اسان جي وس جي ڳالھه ڪانه آھي. ٻارن جي قطار اُٺ تي چڙھي ويھي رھي، اُٺ ماٺ ڪري ھلڻ لڳو. ڪجھه اڳتي ھلياسين ته شھدادڪوٽ جي شاھي بازار ۾ دڪان اڳيان ٽين جو ڇاپرو ھو. اٺ ته اڳ ئي ڊگهو، مٿان وري اسان ويٺا ھئاسين، سو وڃي ڇاپري سان ٽڪرايو. اٺ وٺي گوھي ڏني. ڌوم سان وڃي اٺ ئي ڄڻا اُٺ تان ڪلٽي کائي پٽ تي ڪرياسين. پاڙي واري ڇوڪري جيڪا سڀ کان اڳ ۾ ويٺي ھئي اُن جي نڪ مان رت ٺينڍيون ڪري وھڻ لڳو. اُن ڏينھن کان پوءِ اُٺ تي چڙھندي ڏڪندا ھئاسين. قمبر ماٿرين ۽ رانوتيءَ ۾ ٻنيون ھيون. ھڪ ڀيري سڀني کي ٻنين گھمڻ جو اچي شوق لڳو، سو پورو ٽولو اُتي پھچي ويو. ٻنيءَ تي جيئن ئي پھتاسين. ھنداڻن جي ولين ۾ ڪاھي پياسين. ھنداڻن جي پوک جي وچ ۾ کٽولو وجھي ويھي رھياسين. ول مان ھنداڻا پٽي، مڪ ھڻي ھنداڻا ڀڃڻ لڳاسين. جيڪو ڪچو پيو نڪري، تنھن کي کٽولي ھيٺان ڦٽو ڪندا پيا وڃون. اھا خبر نه پئي پوي ته پنھنجو ئي نقصان ڪري رھيا آھيون مطلب ته جيئن ڌڻ ڪاھي پوندو آھي، تيئن ڪاھي پياسين. شام جي وقت ڍوڍي تي مکڻ، چؤنري لسيءَ جي ۽ اُن سان گڏ وڻ تان ڪچيون انبڙيون پٽي، اُن کي اڌو اڌ ڦاڪون ڪري، چير ڏيئي مصالحو وجھي، تئي تي گيھه ۾ سڪي کاڌوسين. اڄ ڏينھن تائين ياد ڪري، وات ۾ پاڻي ايندو آھي ۽ دل تڙپي اٿندي آھي. ٻير ھيٺان ويٺا ھئاسين. سامھون نار ھلي رھيو ھو، جنھن جي ڪنگرين مان پاڻيءَ جي ڪرڻ تي دل لڀائيندڙ جھنڪار اچي رھي ھئي. پاڻي اُڇون ڏيندو ٻارن ۾ وڃي رھيو ھو. ڏاندن جي اکين تي کوپا چڙھيل ھئا، ڪجھه دير اسان به نار ھلائي، سانجھي ڌاري ٽانگي تي ڳوٺ ورياسين، اُن منظر کي ياد ڪري اڄ به دل تڙڦي اٿندي آھي. شايد ڪجھه سمجھه ھجي ھا ته ان خوبصورت ماحول ۽ نظاري کي پنھنجي قلم سان چڱي طرح چٽي سگھان ھا. اھا ڌنڌلي ياد ذھن ۾ وڍ وجھندي آھي. ٻنين تان سارين جون گاڏيون ڀرجي اينديون ھيون. ھڪ ڪوٺي ڇت تائين ڀرجي ويندي ھئي. مستيءَ ۾ اچي سارين تان ٽپا ڏيندا ھئاسين. اِن سمجھه کان بي خبر ته اسان جي راند روند سان ڪيترو نقصان رسي رھيو آھي. اڌ ساريون لتن ۾ خراب ٿي وينديون ھيون ۽ وارن ۽ ڪپڙن ۾ ساريون ڇپجي وينديون ھيون. سارين سان گڏ جيڪو پلال ايندو ھو، اُھو گاين لاءِ رکندا ھئاسين. ھڪ ڀٽاري ته پنھنجو کير پاڻ پي ويندي ھئي. اوھان کي ٻڌي حيرانگي لڳي ھوندي، ساڳيو ئي حال امڙ ۽ ابي جو به ھو اُھي به چوندا ھئا ته اسان ھيءَ نظارو پھريون ڀيرو ڏٺو آھي ۽ اسين به تاڙ ۾ وھندا ھئاسين ته کير لاھي ڏُھون. جڏھن به ڪو کير ڏُھندو ھو ته کير چاڙھي ويندي ھئي. اسين لِڪي وھندا ھئاسين. بالٽي ھٿ ۾ ھوندي ھئي، جيئن ئي کير پيئڻ لاءِ لاھيندي ھئي ته اسان جي وڏي ڀيڻ ۽ ڀاءُ نوڙيءَ جو ڍنگ وجھي، کير ڏھڻ شروع ڪندا ھئا. گانءِ جو پورو جسم ڏڪڻ لڳندو ھو. اڌ کير ته چاڙھي ويندي ھئي باقي ٿورو ڏُھي وٺندا ھئاسين.
ھڪ ڀيري گاين جي ڌڻ ۾ ڪي شاھينگ، اسان جي ڀٽاري ڪاھي رمندا رھيا. سانجھيءَ جو وٺ سٺ ٿي وئي. امڙ شھر جي زميندار کي چيو ته اسان جي ڀٽاري واپس ڪرايو. اُنھن کي ڪيترن پاٿاريدارن جي ڄاڻ ھئي. اُنھن چيو ”ڀاڀي! اسين توھان کي ان ڳئون جي بدران ٻي ٿا ڏيون، اوھين ناراض نه ٿيو.” امڙ چيو : “ادا توھان جي ھوندي، اسان جي ڀٽاري ڪاھي وڃن. شرم جھڙي ڳالھه آھي. اھا اسان جي ۽ توھان جي به گھٽتائي آھي.” چور اسان جي تر جون گايون کڻي راتو رات بلوچستان، پھچائي ڇڏيندا ھئا. دراصل منڊو فضلو ڌنار چورن سان ملتو ھوندو ھو. وڏي مشڪل سان ڳئون واپس ورتيسين. ٿُڪ لعنت ڪري ۽ مُرشد جي گهر جي ڳئون چورائڻ جو واسطو وغيره ڏئي، ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ڳئون واپس آئي. شھدادڪوٽ شھر ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪنھن جي ھمٿ نه ٿي ته اسان جي ۾ گهري چوري ڪري، اڪثر واڻين جي گهر ۾ چوريون ٿينديون ھيون. اسان جي گهر جو ڪڙو اھڙو ھو جو ڌڪ ھڻڻ سان کلي پوندو ھو، ۽ اڌ رات جو به ڪنھن کي اچڻو ھوندو ھو ڌڪ ھڻي يا ھٿ وجھي ڪڙو لاھي ايندا ھئا.
ھڪ ڀيري جھل مگسيءَ ڀرسان باريجن جو ڳوٺ ھو. اُتان جا واڻيا لڏي اچي واڙي واري ڀت ڀرسان گهر ۾ رھيا ھئا. ڪنھن کي خبر پئي ته اُنھن وٽ پئسو ڏوڪڙ، سون گھڻو آھي. سو انھن جي ڀت ٽپڻ لڳا، گاين وٺي رانڀاٽ ڪيا. چور کي ٻي ڪا واھ ڀڄڻ جي نه ملي سو اُن وٺي اسان جي واڙي ۾ ٽپو ڏنو. اسان جي ڀائرن ۽ بابي سائينءَ چور کي ٻک وڌو، پاڙيواري باريجن جي مائي به ٿڪ لعنت ھڻڻ لڳس. بس چور جي حالت اھڙي ھُجي جو ”مروئان موت ملوڪان شڪار” ايتري قدر جو زالون ۽ ٻار به ڌڪ بُجو ھڻڻ لڳس ۽ ھونئن باريجن جون زالون مردن کان به وڌيڪ ھمت واريون آھن.
جھل مگسي طرف لاکي جو ھڪ گرم پاڻيءَ جو چشمو ھو، وھنجڻ سان ڪيتريون بيماريون ڦٽ ڦرڙيون لھي وينديون ھيون. پري پري کان ماڻھو اچي اُتي سنان ڪندا ھئا. باريجن ۾ چار پنج واڻين جا دڪان ھئا. جيڪي لاکي تي ويندا ھئا، سي واڻين کان سودو سازي وڪڻنديون ھيون مسلمانن کي ٻٽي رقم تي سودو وڪڻي خوب ناڻو ڪمائيندا ھئا ۽ جيڪا جمع پونچي ھوندي ھئي، اُتي جا ڌاڙيل اچي واڻين کان ڦري ويندا ھئا. پر عورتن کي ھٿ نه لائيندا ھئا. باريجاڻين جي اھڙي حالت ھئي جو “پٽيندي ئي پيٽ، وئي ڄمار ڄٽ جي.”
جڏھن ڦرلٽ ڪرڻ ايندا ھئا ته عورتن کي چوندا ”امڙ ڀيڻ اٿي اوھين پاسيرو ٿي وڃون” پوءِ مردن کان مال پونچي کسيندا ھئا. جيڪا سؤدي ساريءَ ۾ ٻٽي رقم وٺي ڪمائيندا ھئا. اھا رقم ڌاڙيل اچي ڦري لٽي ويندا ھُين “ڌوڙ ڌاڻيون، پٽين ناياڻيون.”
ھڪ ڀيري جڏھن اُتان جي مُکي جي گهر ۾ داخل ٿيا ته اُنھن جي گهر جي عورت جنھن کي دادلي ماءُ سڏيندا ھئا، ڪوٺي اندر ھئي. سندس ڏير ڊڪون پائيندو اندر گهڙي آيو. ڊپ وچان دادلي ماءُ جي ڀرسان جيڪا کٽ ھئي، تنھن ھيٺان اچي لڪو. دادلي ماءُ خارن وچان چيس ”مرد ماڻھو ٿي عورت وٽ اچي پناھ ٿو وٺين” واڻيو پنھنجي جان بچائڻ لاءِ آتو ھو. عورت ڪري بچي ويو. ڌاڙيل عورت کي ڏسي اُتان ھليا ويا. اُن تر ۾ اھا چوڻي مروج ھئي ته “لاکو کٽي، باريجو کائي” لاکي تي ماڻھو چشمي مان سنان ڪرڻ ايندا ھئا ۽ باريجن ۾ جيڪي چار پنج دڪان ھئا، تن جي خوب ڪمائي ٿيندي ھئي. ڪجھه عرصي کان پوءِ واڻين جا اُھي چار پنج گهر لڏي اچي شھدادڪوٽ ۾ ويٺا زالون ڪچي سون سان جُنجھيل ھُين. اسان کي به اُنھن جي اُتي رھڻ سان ڏاڍو فائدو ھوندو ھو. ڪنھن نه ڪنھن ھٿان ھڙ بدڙي موڪليندا ھئا. ڪڏھن سھڻا گج ۽ فدا ٺاھي موڪلينديون ھيون، اھڙي طرح کائڻ پيئڻ جون ھڙ بدڙيون، جھل مان جڏھن لاري ايندي ھئي ته اسان لاءِ ضروري اينديون ھيون. حالانڪه اُھي قيمت جي لحاظ کان چند روپين جون ھونديون ھيون. پر سڪ ۽ قرب سان موڪلڻ واري شيءِ بي بھا ھوندي آ. جھل مگسيءَ جي مُکيءَ منومل جي گهر ۾ اسان جي گهر جي سڀني ڀاتين جون تصويرون رکيل ھونديون ھيون، جن کي ھر روز صبح جو اٿي پوڄيندا ھئا. اڄ ڪلھه جي دؤر ۾ تصويرن جي اھڙي صدق ۽ عقيدي سان عبادت ڪرڻ بناوٽ لڳندي آھي. پر اُنھن عقيدتمندن ۾ بناوٽ نه پر سچائي ھئي. ھنن جي گهر جو ست ئي پيڙھيون اسان جي گهر جي ڀاتين کي گرو ڪري مڃينديون آيون ھيون. ھُن دور ۾ به اُنھن ۾ اھوئي عقيدو ھو گهران پاڻي پڙھائي، بوتل ۾ کڻي وڃڻ ٻارن کي پيئاريندا ھئا. شادي مراديءَ ۾ گروءَ جي چوڻ کان سواءِ ڪجھه نه ڪندا ھئا.
امڙ کي ھڪ ڀيري جھل مگسيءَ جي مُکيءَ منومل جي پٽ جي شادي جي نينڍ ڏني وئي. جڏھن لاري تان امڙ جھل مگسيءَ جي اڏي تي لٿي ته اڳ ۾ ئي بئنڊ باجن جو انتظام ھو. سڄو ڳوٺ گرياڻيءَ جي درشن ڪرڻ لاءِ پرٽجي پيو. جنھن کٽ تي امڙ کي فراسي وجھي وھڻ لاءِ ڏنائون، اُن جي واڏڻ تي ٻيو ڪير نه وِھندو ھو. امڙ گھڻو ئي چين ته سڀ انسان برابر آھن اوھين فرق ڇو ٿا ڪريو؟ ھنن جو اھوئي جواب “اوھين ڪٿي، اسين ڪٿي. اوھين ٿيا گرو برھمڻ. توھان جي ھٿ ۾ سونو ڪٽوڙو آھي.” چرچي وچان اسان جو وڏو ڀاءُ چوندو ھو “اڙي امڙ چپ ڪريو ته ڪٿي سونو ڪٽوڙو چور نه کڻي وڃن” مطلب ته گهر جي ھر ھڪ ڀاتيءَ کي پيرين پوندا ھئا. جھل مگسيءَ جي زالن جي ڳالھائڻ جو انداز ئي نرالو ھو. ڇو شاڪڻ ، اڙي مٺيس، کوڙ، دل وغيره وغيره اھڙن لفظن جو استعمال عام ڪنديون ھيون.
ڪجھه مھينا اڳ ھتي دھليءَ ريڊيو تي قمبر تعلقي جو ھڪ دوداڻي واڻيو آيو، مان سنڌي يونٽ ڏي مٿي لفٽ ذريعي وڃي رھي ھيس. اُھو واڻيو پتو ڪندو لفٽ جي ڀرسان اچي مون وٽ پھتو، پڇيائين، ”ھتي مھراج گوپي ڪرشڻ جي ڌي ڪم ڪندي آھي ڇا؟ مون کي مھراج جي نياڻيءَ جو درشن ڪرڻو آھي.” مون چيومانس ته “مھراج جي ڌيءُ ته مان آھيان.” دوداڻي واڻئي نه ڪئي ھم نه تم، منهنجي پيرن تي ڪري پيو. مان ڇرڪجي ويس ته ڪٿي منهنجا آفيسر يا ٻيا ساٿي نه ڏسن. جيڪو اُنهن جي ليکي ناٽڪ ۽ اُنهن سڌن سادن واڻين لاءِ پنهنجي گرو براهمڻ جي نياڻيءَ جي عزت احترام ۽ عقيدي وارو جذبو آهي.
هٿ ٻڌي چوڻ لڳو ” ڀيڻ! اوهان کي نوڪري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ اکين ۾ پاڻي تري آيس. چيائين ”مهراج جي ڌيءَ ٿي ڪري ٻين جي نوڪري ڪري رهيا آهيو.“ مون چيومانس؛ ”نوڪري ڪرڻ ۾ هرج ئي ڪهڙو آهي، ڪم ڪرڻ ڪا بري ڳالهه نه آهي.“ اهڙوئي هڪ ٻيو واقعو هتي پيش آيو. سنڌ مان هڪ واڻياڻي آيل هئي. مان صبح جو آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهي هُيس چيائين؛ ” ڀيڻ! مون کي ڪپڙا ڏي ته استري ڪري ڏيانءِ“ مون چيو مانس ” استري ته ڪپڙا مون ڪري ڇڏيا آهن.“ حيرت وچان چيائين ” هيءَ سوٽي ڇر جا ڪپڙا پائي ويندا؟“ توهان جون ٻانهون به ٻُٽيون آهن.“ جڏهن شهدادڪوٽ ۾ هوندا هئاسين، تڏهن ننڍي هوندي کان ئي ٽنهي ڀينرن جي هٿ ۾ ڪچي سون جا ڪنگڻ هوندا هئا. هتي اچي لاهي ڇڏياسين. واياڻي جڏهن ڳوٺ شهدادڪوٽ وئي ته اهو داستان هر هڪ کي ٻڌايائين ته ” مهراج جي ويچارين ڌيئرن جا تمام برا حال آهن. ٻانهون ٻٽيون ۽ سوٽي ڪپڙا پيون پائن.“ اها خبر امڙ تائين به پهچي وئي. مطلب ته ڪيترين کي افسوس ٿيو، ڇو جو اُتي جا واڻيا ۽ واياڻيون سون ۽ ريشمي ڪپڙي پائڻ تي ئي زندگيءَ جي اعلى معيار جو اندازو لڳائيندا آهن.
سنڌ ۾ هاڻي پڙهڻ لکڻ جو رواج ٿيو آهي، اڳي پڙهائي ايتري ڪانه هئي. ڪي ڪامورن جا، وڏن زميندارن جا ٻار پڙهندا هئا، ڇوڪريون ته بلڪل نه جي برابر پڙهنديون هيون. اسان جي پڙهڻ تي ڪيترن کي اعتراض هوندو هو ۽ ڪيترا ڄڻا ته ابي تي زور آڻيندا هئا ته ڌيئرن کي نه پاڙهيو، پر امڙ چوندي هئي؛ ” اسان جا مٽ مائٽ سڀ پڙهيل آهن، مان خود پڙهيل آهيان. منهنجون ڌيئر گھٽ ۾گھٽ مئٽرڪ تائين ته پڙهن.“ ڌڻي جو شڪر آهي ته ڀُل ۾ بي-اي پاس ڪئيسين، نه ته حالتون مئٽرڪ پڙهڻ لاءِ به سازگار نه هيون. هڪ ڀيري جھل مگسيءَ جو مُکي منو مل گهر آيو. ڀاءُ کي چيائين ” مهراج! تمام گھڻو ٿو پڙهين. جڏهن ڪ هو صرف پنجين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهي رهيو هو. اسان کي کل اچي وئي، اسان چيو ” منو مل! هن ست درجا سنڌيءَ جا، پنج انگريزيءَ جا، هڪ سنسڪرت جو ۽ چار درجا هنديءَ جا پڙهيا آهن.“ لڳو آڱرين ئي ڳڻڻ، چيائين ” اي ادا! سترهن درجا پڙهي ويو آهين، مهراج سائين کوڙ آهن، دل آهن ۽ هاڻي اڳتي نه پڙهجانءِ.“
اسان سڀني جي پڙهائي تي ڪافي اثر پيو، ڇو جو اسين هندستان مٽن مائٽن سان ملڻ ايندا هئاسين. انهيءَ ڪري وچ ۾ پڙهائي جو سلسلو ٽُٽندو رهيو. واڻين جي ڇوڪرن جي پڙهائيءَ ۾ رنڊڪون نه پيون ۽ اهي تکا هوندا هئا، پر اسان جا ماءُ پيءَ پڙهيل هئا، انڪري اسان کي ايتري ڏکيائي ڪانه ٿي. رول نمبر پاس واري فهرست ۾ اچي ويندو هو. خاص ڪري مون ۾ شروع کان وٺي اهو احساس هو ته ناپاس نه ٿيان.
لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڀيري خديجا قاضي انويجيليٽر (Invigilator) هئي، تنهن وڏي مدد ڪئي. اُن جي مسڪراهٽ ۽ دلاسي، پيپر ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. مسلمان عورتون ساڙهيون گھٽ پائينديون آهن پر خديجا قاضيءَ کي سوٽي ساڙهي پٽي سان پيل هئي. ڏاڍي ٺهي پئي، برقعو هن وٽ ڪونه هو، ڇوڪرين کان برقعو وٺي، گهر پائي ويندي هئي ۽ پوءِ واپس ڏياري موڪليندي هئي. لاڙڪاڻي ۾ مهاجر ڇوڪريون هونديون هيون ۽ سنڌياڻيون تعليم واري محڪمي ۾ گھٽ هونديون هيون. هندو ڇوڪريون اسين ئي هيون سين؛ مان، منهنجي ڀيڻ ۽ هڪ ٻي ڇوڪري، منهنجي ڀيڻ جو گهر طرف لاڙو وڌيڪ پڙهڻ طرف گھٽ هو.
ٻي هندواڻي ڇوڪري ڪتابي ڪيڙو هئي، نڪ ۾ ڪوڪو، ٻه چوٽيون ۽ مٿي تان پوتي ڪڏهن ڪين لاهيندي هئي، ۽ آئون شرارتي ڇوڪرين جي گروه مان هڪ هيس. ڪپڙي لٽي ۾ PIA جي Air Hostess سان مقابلو هوندو هو. ان شرارتي ٽولي ۾ واحد هندواڻي هيس. ڪنهن جي مجال نه هئي، جو واياڻي ڪري سڏ ڪري، اڪثر ٻي هندواڻي ڇوڪريءَ کي مهاجر ڇوڪريون پريشان ڪنديون هيون، مهاجر ڇوڪريون ڪٽر هيون. اُن ڇوڪريءَ جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏينديون هيون. مون کي واياڻي يا مهتياڻي چوڻ جي ڪنهن جي مجال نه هئي، ڇو جو اُنهن کي ڄاڻ هئي ته خار لڳا ته ٻک وجھي ڪيرائينديسان. هڪ زمينداري خون، ٻيو ڳوٺ جا گيهه مکڻ کاڌل هئا. جيتوڻيڪ گوشت خور نه هئاسين. دال کائيندڙ هئاسين، پر للڪارڻ جي همت ڪنهن ۾ ڪانه هئي. پنهنجو اصول هو ”ٻروچڪو پلئه ڪرڻ.“
هڪ ڀيري انگريزي Debate رکي وئي. سڀني کلي چيو ته هنن جو ٽولو ته گھمڻ گھتڻ وارو آهي، هي ڇا Debate ۾ بهرو وٺنديون. پر مون ان للڪار کي قبول ڪيو. پنهنجو نالو Debate لاءِ لکايم.. سڀني کي غلط فهمي هئي ته هن جا هٿ پير ڏڪندا، پر جڏهن Debate جو وقت آيو ۽ ميدان ۾ مون پير پاتو ته خاموشي ڇائنجي وئي، پهريون انعام مون کي پلئه پيو. جنهن کي مهاجر ڇوڪريون واياڻي سمجھي نظر انداز ڪيو، اُن واياڻيءَ ٻروچڪو پلئه ڪري پهريون انعام حاصل ڪيو. ساڳيءَ طرح هڪ جلسو هو. اُن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي ضرورت هئي، جنهن کي رات جو ڪردار ادا ڪرڻو هو. ڪردار کي خوبصورتيءَ سان نڀائڻو هو. لاڙڪاڻي ۾ منظور آرائين وڏو ٺيڪيدار هو، اُن جي سالي ڊرامي لاءِ ڇوڪرين جو انتخاب ڪري رهي هئي. نجما آپا کي اهڙي ڇوڪريءَ جي ضرورت هئي، جنهن جو قد بت، بيهڪ ٺاهوڪي ۽ وار ڊگها ۽ ڪردار ادا ڪرڻ وارا چهري تي تاثرات عيان هجن. نجما آپا مهاجر هئي. هن سڀني ڇوڪرين کي نظرانداز ڪندي منهنجو انتخاب ڪيو. جنهن تي غير سنڌي ۽ ٻين ڇوڪرين کي خار به لڳا ۽ مون کي حيراني ۽ خوشي به ٿي. ناٽڪ ۾ منهنجي ئي ڪردار کي ساراهيو ويو. فنڪشن واريءَ رات جو جڏهن ڪاري زريءَ واري لباس ۾ چانديءَ واري گوٽي سان ستارن سان جڙيل لباس ۾ رات جي ڪردار ڪرڻ لاءِ Stage تي پهتس ته خود منهنجي امڙ مون کي نه سڃاتو. اها منهنجي ڪردار ادا ڪرڻ ۽ نجما آپا جي انتخاب جي ڪاميابي هئي. دوستن ۽ دشمنن داد ڏنو. اُهي يادگار تصويرون مون وٽ اڄ به موجود آهن.