حب الوطني
اڪثر سڀئي ڀائر ڀينر ڌنار سان گڏ ويھي رهندا هئاسين ۽ کير ڏهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن آرام ڪري، چونري کڻي کير ڏهڻ ويهي رهندا هئاسين. چُڪو کن کير ڏهندا هئاسين. گانءَ جا ٿڻ ننهن جي زور تي پچي پوندا هئا. جڏهن بابي سائينءَ کي خبر پوندي هئي ته ڪاوڙجي چوندا هئا: ”اڙي چريا ته ڪين ٿيا آهيون يا مالي خوليا اٿو؟“ ان دڙڪي جو اهڙو اثر ٿيندو هو، جھڙو اونڌي گهڙي تي پاڻي.
گاين جي رانڀاٽ ڪري ننڊ به حرام ٿيندي هئي، پر فائدو به هوندو هو. جيڪڏهن ڪو شاهينگ لوڙهو ٽپڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته گاين جا رانڀاٽ لڳي ويندا هئا ۽ گهر جا سڀ ڀاتي اُٿي کڙا ٿيندا هئا. هڪ ڏهاڙي امڙ نيون ڇيٽ جون ڳاڙهيون سوڙيون ٺھرايون، جنهن ڳاڙهي ڇيٽ تي ننڍڙا ننڍڙا گل هئا. نين سوڙين جو ڇاپو ڏاڍو وڻيو. مون آٽو ڪيو ته مون کي ان ڇيٽ جو سلوار ڪڙتو ٺھرائي ڏيو. پيار، ڦٽ لعنت، ريجهائڻ جو مون تي ڪو اثر ڪونه ٿيو. منهنجي ضد، انگل آري، ممتا تي سوڀ پاتي. ماءُ پيءُ دڙڪي داٻ جا هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيا. اهو رت جو ريلو ئي ته آهي، جيڪو پٿر دل به پگهرائي ڇڏي. مون کي ڳاڙهو ڇيٽ جو سلوار ڪڙتو نصيب ٿيو. اهو لباس بروهين وانگر ٺھرايم، پيرن تائين پهچندڙ چولو، وڏي ويڪري سلوار ۽ ڊگهيون ٻانهون. اڪثر شهدادڪوٽ جي شاهي بازار ۾ بروهياڻين کي ڳاڙهي ڇر جي لباس ۾ ڏٺو هيم. قدبت ڊگهو، ٻٽنوا ڪٽ وار، گلابي چپ، ڳالهائڻ مٺو، سودو ساري خريد ڪرڻ اينديون هيون ته اُنهن جي گفتگوءَ جو دل ۽ دماغ تي ڪافي اثر هو. نه صرف بروهين ۽ بروهياڻين جي گفتگوءَ جو پر سندن ٻٽون وانگر ڪٽيل وارن واري اسٽائيل به بيحد پسند ايندي هئي. اُنهن جون ڪوڏين وارن سڳين سان ڪيل ٻه چوٽيون به خوب وڻنديون هيون. جڏهن مون ڳاڙهي ڇيٽ جو ڇر وارو لباس پاتو ته ٻن ڳتن ڪرڻ تي به دل ٿي. گذريل سال جڏهن ڀاءُ ولايت مان آيو، تڏهن ڪڏهن ڪڏهن رات جو ٻه چوٽيون ڪري سمهندي هيس ته صبح جو جڏهن گائون پاتل ٻن چوٽين سان لان ۾ ويهي چانهه پيندي هيس ته چهري طرف ڏسي چوندو هو: ”ائين ته وار نه ٺاهه. اسپين ڀرسان Siebera ۾ جپسي عورتون ائين چوٽيون ڪنديون آهن ۽ گهگهو پائينديون آهن. توکي ڏسي اُنهن جپسي عورتن جو ڌيان ٿو اچي.“ ڀاءُ جي روز روز جي ڪٽ ڪٽ ڪري Hair Style بدلائي ڇڏيم. هن وقت ڀاءُ جي چوڻ تي ڪڏهن ڪڏهن گائون، جيڪو هن کي بروهين جي گهگهي وانگر لڳندو هو ترڪ ڪيم، پر ننڍپڻ ۾ پيءُ ماءُ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا ۽ نه صرف ڳاڙهي ڇر جو لباس پاتو هئم، پر انهن بروهين وانگر وار به ڪٽايا هئم. بس پاڻ کي بروهڻ پئي ڀانيم، رنگ روپ ۾ انهن جي برابري ڪرڻ يا برميچڻ ته مشڪل هو، جو انهن جا چپ گلابي ۽ ڳل ڳاڙها هوندا هئا. قدرتي سونهن سان مالا مال هونديون هيون ۽ ڌڻيءَ طرفان عطا ڪيل نزاڪت به هئن جنهن ۾ بناوٽ جو ڪوبه دخل نه هو. آواز ۽ گفتگوءَ جو انداز به نرالو هين. ”هان“ ته اهڙي انداز چونديون جو لفظ دل ۾ پيهي ويندو هو. اڪثر سودي سيڌي خريد ڪرڻ وقت سندن واتان شاهي (چار آنا) انگ گھڻو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. جڏهن مون انگل آرو ڪري ڳاڙهو ڇر جو لباس ٺھرايو ته خوشي ۾ نه پئي ماپان. پٽ پٽيهر ڇڏي ڪوري ڇيٽ جي لباس ۾ پاڻ کي ڪنهن شهزاديءَ کان گھٽ نه پئي ڀانيان. مٿان وري ٻه ڳوتون ڪري، پوتي مٿي تي چوٽين ۾ پويان اٽڪائي، جُتي پائي، هٿ کي لوڏو ڏيئي هلڻ لڳيس ته امڙ کي کل اچي وئي، جلال خان جيڪو خود بروهي هو، تنهن کي چوڻ لڳي! جلال خان ڏس لڳي ٿي نه بروهڻ! ” اڙي آءُ لم نه گودي.“ اڪثر اهو لفظ بروهڻين تي استعمال ٿيندو ٻڌو هئم! رنگ ته بروهين جھڙو نه هئو، پر مان پاڻ کي اُنهن کان وڌ ڀانيان پئي، گھٽ نه. شايد اهو پنهنجي حب الوطني، پنهنجي وطن جي لباس ۽ تهذيب جو اثر ئي هو، جو ريشم ۽ پاش گل جي ڪپڙن کي تلانجلي ڏيئي، کهنبي کي گلي لڳايم. جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن امڙ ڪاوڙجي چوندي هئي، چريءَ چتران وانگر اچي هڪ ئي وڳي کي ورتو اٿيئي. نوريءَ وانگر محل ماڙين کي ڇڏي، ککي مڇيءَ جي ٽوڪرين وچ ۾ رهڻ وارو احساس ۽ انهيءَ احساس ۽ جذبي ڪري سڄي گهر لاءِ مشڪل ٿي پئي. سنڌ ۾ ڏياريءَ کان وڌيڪ مهالڪشميءَ جو ڏڻ ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن. اُن جون تياريون سڳِڙن ٻڌڻ واري ڏينهن کان وٺي ئي شروع ٿي وينديون آهن. سورهن تندين ڳنڍين واري هن سڳڙي کي ڇوڙڻ لاءِ سورنهن ڏينهن بي چينيءَ سان انتظار رهندو هو. گهر جا سڀ ڀاتي نوان ڪپڙا ٺھرائيندا هئا. ڇوڪرا ڊبل گهوڙا بوسڪي يا ٽري ڪاٽ وغيره جا سٺا سلوار ڪڙتا ٺھرائيندا هئا. امڙ ۽ اسان سڀني ڀينرن لاءِ بابو سائين اوچي Lady Hemleton جي Crape جا لباس وٺي ايندو هو. امڙ کي سوٽي ڪپڙو پائڻ نه ڏيندا هئا. حالانڪه خود سڄي زندگي اڇي قميص، اڇو ڪڙتو يا اڇو سوٽ اڄ ڏينهن تائين پائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته سوچيندي آهيان، سڄي زندگي اهو اڇو لباس پائي ٿڪجي نه پيا هوندا. اسان ۽ امڙ لاءِ Lady Hemleton Crape جا تاڪين جا تاڪيا وٺي ايندا هئا، جنهن ۾ ناسي چاڪليٽي رنگ اڪثر هوندو هو.
امڙ جو رنگ ائين ته نه چونديس ته اڇو کير جھڙو آهي، پر سٺو اٿن مٿان وري چاڪليٽي يا ناسي رنگ جو سلوار ڪڙتو کپي. بابي جي واتان ازخود نڪري ويو: امان (پيار وچان ڪڏهن امان ڪوٺيندا آهن) ٻارهن ماهي ڏينهن تي سوٽي ڪپڙا نه پائبا آهن. پر مان پنهنجي ضد تي نٺر ٻار وانگر اڙيل رهيس. مون کي سُوسيءَ جو سلوار ڪڙتو ئي کپي. جڏهن بابي وڏن وڏن Fancy (فينسي) دوڪانن تان سُوسيءَ جو ڪپڙو پڇڻ شروع ڪيو ته سڀ ڪنهن کلي ڏنو. چوڻ لڳا ”مهراج سائين اهڙا سٺا ريشمي ڪپڙا ڏيکاريونَو ٿا، اوهين آهيو جو سُوسي پيا گهرو.“ Fancy ڪپڙي جي دوڪانن ۾ شيخن جي هڪ هٽي هئي ۽ واڻين جي بافتن، ڇرن يعني ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي ڪپڙي ۾. منهنجي انگل آري ڪري شهدادڪوٽ جي شاهي بازار جي هڪ هڪ دڪان تان سُوسيءَ جي باري ۾ پتو ڪيو ويو. مشڪل سان هڪ ننڍڙي دڪان تان جتي ڳوٺن جي بروهي بانڊن يا ٻروچن جي پيهه لڳل هوندي هئي. سي فصل لهڻ کانپوءِ بافتو وغيره وٺندا هئا. مشڪل سان اُن دڪان تان وڃي سلوار ڪڙتي جو ڪپڙو مليو. امڙ ۽ ابو چوڻ لڳا!، هي ڪو ڪپڙو آهي؟ صفا ڇاڻو لڳو پيو آهي. پيار وچان چوڻ لڳا، ”صفا کهرو ڪپڙو آهي.“ پر مان ته پنهنجي ضد تي اڙيل هيس. سُوسيءَ جي سلوار جي پاچن تي ڪاون جي لائين ڀرايم ۽ ڪڙتي اڳيان ڪاون سان ڀريل ڦدو (اڪثر ڳوٺن ۾ عورتون ڪاون سان ڳچي ۽ هيٺ الڳ کيسو ڀرائي پائينديون آهن، جنهن ۾ پئسا ڏوڪڙ وجھنديون آهن) جڏهن مهالڪشميءَ جو ڏڻ آيو ته سڄي ڳوٺ جي واياڻين زربفت، ريشم، ڪريپ پاتا هئا پر مان سُوسيءَ جا سلوار ڪڙتو پاتا ۽ پيرن ۾ گل واري سپاٽي پائي، پاڻ کي ڏسي پئي ڏسان، قدم قدم سنڀالي پئي هلان. ائين پئي ڀانيان ته هرڪو مون ڏي نهاري رهيو آهي پر مان غلط فهميءَ م مبتلا هيس، سڀني کي ٻارهن ماهي ڏينهن تي سوٽي ڪپڙا پاتل ڏسي تپرس پيو لڳي. شايد ڪن جو رايو اهو هو ته چنڊيءَ رن وارا پار پيا اٿائين. پر مون تي نوريءَ وانگر پٽ پٽيهر ڇڏي ککي مڇيءَ جي ٽوڪريءَ اڳيان وهڻ وارو جنون طاري هو. ننڍپڻ جي اُن روپ کي ياد ڪري، پاڻ تي فخر ۽ ناز ٿيندو آهي. ته ايتريءَ ننڍڙي ڄمار ۾ پنهنجي ڏيهي لباس پائڻ جو ڀوت ديوانگي نه آهي بلڪه پنهنجي مٽيءَ سان پيار، پنهنجي وڻن جي مهڪ سان محبت وارو جذبو هو. ان وقت جا ڪاون جي ڀرت ڀريل ڪيترائي ڪڙتا اڄ به مون وٽ موجود آهن. جيڪي وڏي شوق سان ڀرايا هيم. پر بيرحم وقت، قد بت ۾ اوسر اچڻ ڪري کسي ورتا. ٻيو ڪير جي کسي ها ته جنگ جوٽيان ها، پر وقت اڳيان ته دارا ۽ سڪندر، اڪبر ۽ جھانگير جھڙا نادر به ناچيز رهيا. ڀٽائي گھوٽ شاهه عبداللطيف، سچل سرمست ۽ ساميءَ جھڙا درويش به وقت اڳيان ڪنڌ جھڪائي پنهنجي تحريرن جو ورثو ڇڏي، پنهنجو وارو وڄائي رمندا رهيا. مان پنهنجن لباسن کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسي ٿڌو ساهه ڀري، ماضيءَ کي وسارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي آهيان. ان جذبي، اُنهن احساسن ۽ يادگيرين کي برقرار رکڻ لاءِ اڄ به سنڌ مان جڏهن ابو امڙ يا ڀائر ايندا آهن ته چوندي آهيان ته سُوسيءَ جا سلوار ڪڙتا ۽ گل واري جتي وٺي اچو. هر ڀيري پاليسٽر ۽ نهايت خوبصورت ۽ قيمتي ڪپڙا وٺي ايندا آهن. پر اُن سُوسيءَ واري لباس کي وساريو ئي اچن. هر وقت ان ڳالهه تي تڪرار ٿيندو آهي. امڙ ڪاوڙجي چوندي آهي: ”ٻه چار سؤ واريون ڊريسون آڻيان ٿي ته به خوش نه آهين. شاباس ته ڇُٽي، پر مٿان منهن چڙهيو پيو اٿئي.“ اهو سلسلو هر ڀيري جاري رهندو آهي، نيٺ سنڌ مان ٻه گل واريون جتيون آڻي ڏنائون، جيڪي سنڀالي سنڀالي پائيندي آهيان، جي خراب ٿي ويئون ته ڪٿان وٺي سگھنديس؟ ۽ سُوسيءَ جا ٻه سلوار ڪڙتا ڪن خيرخواهن تحفي طور موڪليا آهن. جيڪي وڏي خبرداريءَ سان پائيندي آهيان.
هن سال سورهين مارچ تي ريڊيو تي هوليءَ جو جشن ٿيو. ڪيترن ڏهاڙن کان وٺي هوليءَ جي ان ميلاپي ميڙ ۽ رنگا رنگي پروگرام لاءِ تياريون ٿي رهيون هيون، جو اطلاعات ۽ نشريات کاتي جي وزير صاحب وعدو ڪيو هو ته اُن ڏهاڙي ايڪسٽرنل سروسز جي اسٽاف سان، اُن هوليءَ جي رنگارنگي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندس. 16 تاريخ کان وٺي چهل پهل لڳي وئي. ان ڏهاڙي مان سوٽي سُوسيءَ جو سلوار ڪڙتو پائي ويس. جيئن ئي ريڊيو تي پهتيس ته ڪيترائي حيرانيءَ سان ڏسڻ لڳا ۽ ڪن ٽوڪيو ته هونئن ڪپڙا سٺا پائي اچين، اڄ هوليءَ جو ميلاپي ميڙ ۽ جشن آهي ۽ اطلاعات ۽ نشريات جو وزير صاحب اچڻو آهي، ته تون سوٽي ڪپڙا پاتا آهن، هنن کي ڪهڙي ڄاڻ ته ان سوسيءَ جي لباس جو ملهه ڇا آهي؟ ٻئي طرف پوري ايڪسٽرنل سروسز جون انائونسر اُچيون اُچيون ساڙهيون پائي آيون. ٽن سَوَن کان وٺي هزار تائين ساڙهين جي قيمت هئي. ايتري قدر جو، اسان جي ڊائريڪٽر صاحبه خود به اُچي قيمتي سلڪ جي ساڙهي پهري آئي. ان سان گڏ وارن ۾ گلن جي ويڙهي پڻ پاتي هئائين. نه صرف ڊائريڪٽر صاحبه پر ٻين عورتن به گلن جي ويڙهين سان زلف سجايا هئا. جيئن ئي مان آيس ته ڪيترن ساٿين کي منهنجي سوٽي لباس تي حيرت لڳي. هڪ انائونسر گلن جي ويڻي ڏني ۽ چيائين ”وارن ۾ لڳائي ڇڏ.“ مون ٽاريندي چيومانس: ”مون وٽ ڪانٽو ڪونهي،“ ان تي يڪدم ٻي ساهيڙيءَ ڪانٽو ڪڍي ڏنو. مون ڪانٽو موٽائي خاموشيءَ سان گلن جي ويڻي پنهنجي پرس ۾ وجھي ڇڏي. وقت مطابق اطلاعات ۽ نشريات کاتي وارو وزير پهتو. ايڪسٽرنل جي ڊائريڪٽر صاحبه پوري اسٽاف جو، وزير مسٽر هرڪشن لال ڀڳت سان تعارف ڪرائڻ شروع ڪيو. سڀني سان رسمي طور ڪنڌ ڌوڻي ملندو اڳتي وڌندو ويو. جڏهن منهنجي اڳيان ڊائريڪٽر صاحبه پهتي ته وزير صاحب کي چيائين، ”هيءَ سنڌي انائونسر آهي.“ ٻه قدم اڳتي هلي پلٽو کائي موٽي آيو، چوڻ لڳو: ”اوهان کي ڪٿي ڏٺو اٿم“. هڪ ٻن فنڪشن جو ذڪر به ڪيائين: مون چيو: مون کي ياد نه آهي. ٿي سگي ٿو، اوهان ڏٺو هجي. پر جنهن پروگرام ۾ توهان انائونسمينٽ جو ذڪر ڪري رهيا آهيو، اُن ۾ مان ته ڪانه هيس. اُن وقت مون کي پنهنجي لباس، پنهنجي ٻولي، پنهنجي انفراديت تي فخر ۽ ناز ٿيو. منهنجي رواجي لباس ۽ منهنجي سٻاجھڙي سادي سنڌي ٻوليءَ ۾ ايتري ڪشش هئي، جو سڀني سان دستوري طور ڳالهائڻ بدران مون سنڌي انائونسر کان حال احوال ورتائين.
ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
پاند جنين جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ،
سمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري اُن سين.