آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪيئن وساريان ويڙھيچن

ھن ڪتاب ۾ وينا شرنگيءَ جون يادگيريون آھن. اھي يادگيريون سنڌ ڌرتيءَ سان وابسته آھن، انھي ڪري ھن ڪتاب لکڻ جي انداز ۾ سندس زبان جنھن مان سنڌ ڌرتي جي محبت ليئا پائي رھي آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي مھڪ اچي رھي آھي. نج ڳوٺاڻو سٻاجھو انداز ھن ڪتاب جي سونھن آھي.
  • 4.5/5.0
  • 2904
  • 749
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وينا شرنگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪيئن وساريان ويڙھيچن

آ بلاڙي ! ويندينءَ ڪاڏي؟

شهدادڪوٽ ۾ ننڍي نهر آهي جنهن کي ڪور ڪوٺيندا آهن، ڀرسان ريل جو بند ۽ ڪيترا ڪارخانا هوندا هئا، جتي سارين کي سيڪي جوشي چانور ٺاهي گرم رک ڦٽي ڪري ڇڏيندا هئا. جوشي چانورن جي اوڀر پاڪستان (جيڪو هينئر بنگلاديش آهي.) ۾ ڏاڍي طلب هوندي هئي. ڪور جي ڀرسان ڪارخانن جي رک جا ڍير لڳل هوندا هئا. ڪور جي گپ مان بدڪون ڀرجي نڪرنديون هيون، اسين به بڊي سراڌن واري مهيني ۾ جڏهن عورتون پتر موڪلائڻ لاءِ ڪور تي ڏيئا پرواهه ڪرڻ وينديون هيون ته انهن جي پويان پويان ويندا هئاسين، ڪڏهن ڪڏهن گهران ٺاهوڪي دٻ ملندي هئي. بدڪن جو آواز ڏاڍو وڻندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته بدڪون چڪ به پائينديون هيون. بدڪن جو اهو آواز اڄ ڏينهن تائين ڪنن ۾ گونجندو آهي. پر اهو وهم ۽ صرف دل جو خيال آهي. دهلي جھڙي شهر ۾ نه بدڪون آهن نه ئي ڪور ۽ نه ئي وري صبح جو ڪڪڙ جي ٻانگ ۽ پکين جا چهچاٽ. نه ئي کنياتي (ڪانو ) جو لنوڻ، هتي ڪانو جي لنوڻ جو انداز ئي نرالو آهي. صبح ٿيندو هو ڪانون جو ميڙاڪو لڳي ويندو هو، کوهه جي بالٽيءَ مان پاڻي به پيئندا هئا، ۽ وهنجندا به هئا، ۽ شام جو ولر ڪري پکي پنهنجن آکيرن ڏي روانا ٿيندا هئا.
هڪ ڀيري اسان جي گهر جو پالتو ڪتو مري ويو، بيحد افسوس ٿيو. پاڙي واري ڇوڪري ٻڌايو ته اهو ڪتو ٻاليشاهي ڪور تي ڦٽو ڪيو آهي. منهنجي دل ڪتي کي ڏسڻ لاءِ تڙڦي اٿي. ابي امڙ کي ٻڌائڻ بنا ان ڇوڪري سان گڏ ڪتو ڏسڻ ويس، ڇوڪري شرارت ڪري چيو؛ ”او هتي مٿي رک جي دڙي تي پيو آهي.“ ڪارخانيدارن جوشي چانورن جي گرم رک اڇلائي هئي، مون به نه ڪئي هم نه تم سڌو دڙي تي چڙهي ويس. بس پوءِ ته آءُ بلاڙي، ويندينءَ ڪاڏي؟ گرم رک ۾ ائين ٽپا ڏيڻ لڳس ڄڻ جيئري جاڳندي دمبي (رِڍ) کي بلوچستان جا بروهي ڪاٺي ۾ اونڌو ٻڌي باهه ۾ روسٽ ڪندا هجن. جيئن پير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريان تيئن پير وڃن گرم رک ۾ ڌٻڻ وانگر ڦاسندا. منهنجون رڙيون واڪا ۽ هانوَ ڏاريندڙ رانڀاٽ لڳا پيا هجن. اکين مان ڳوڙهن جا وسڪارا لڳا پيا هئا. ڇوڪرو ته ڊپ وچان اٿي ڀڳو، مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي رک جي ڍير تان رڙيون واڪا ڪندي روئندي رڙندي گهر طرف زمين کان ٻه فوٽ مٿي ٽپا ڏيندي پهتس. امڙ حالت ڏسي تڙڦي اُٿي. جلال خان نه ڪئي هم نه تم، سڌو بزار ۾ وٺي وڃي نيروليءَ جي نير جي ڊٻ ۾ پير وڌائين. پير ته ٺري پيا، پر پيرن تي وڏا ڦوڪڻا ٿي پيا ۽ پيرن جي اهڙي حالت هئي جھڙي نيروليءَ جي نير ۾ گدڙ جي رڱڻ واري. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ڦوڪڻا ڦاٽي پيا ۽ ڪمپائونڊر ڪئنچيءَ سان مٿين چمڙي ڪٽي ڇڏي، جنهن ڪري اندرين اڇي چمڙي ظاهر ٿي پئي. مهينو ساندهه پير وٺي ويٺي هيس. جڏهن ڦٽ لٿا تڏهن پيرن تي اڇا داغ ٿي پيا. پاڙي وارو ڇوڪرو ته ڊپ وچان ٻن ٽن مهينن لاءِ ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويو. امڙ ۽ ڏاڏي سائين کي پيرن جي اڇن داغن جو فڪر ٿي پيو. وڏيءَ مشڪل سان ڪيترن حيلن کان پوءِ وڃي پير ٺيڪ ٿيا. پر پيرن تان اڇا داغ لهن ئي نه پيا. ڪنهن ڏس ڏنو ته پيرن کي ميندي لڳايو. رفته رفته اهي داغ لهي ويا ۽ پيرن تان وڃي اڇا داغ جھڪا ٿيا.
اسان جي ٽنڊي واري زمين تان امير بخش بروهيءَ جي وڃڻ کانپوءِ اسان کي وفادار ۽ ايماندار هارين جي تلاش هئي. اسان جي پريشانيءَ کان شهدادڪوٽ جو زميندار ۽ سندس مهاجر هاري واقف هئا. زميندار کان اُهي هاري ٻج ۽ ڪپڙي لاءِ پئسو وٺي کائي ويا هئا، زميندار اُنهن هارين کي بيگاري (Bonded Labour) ڪري رکيو هو. ڏاڍا پريشان هئا. جيئن ئي امير بخش بروهيءَ جي وڃڻ جي خبر ٻڌائون ته اسان جي اوطاق ۾ پنهنجي برادريءَ جو ميڙ وٺي لنگھي آيا ۽ ابي کي پناهه ڏيڻ لاءِ عرض ڪيائون ته اسان کي زميندار جي چنبي مان نجات ڏيار. اسين اُن جي عيوض اوهان جي ٻنيءَ تي ڪم ڪري اوهان جو قرض لاهينداسين. تيستائين اوهين زميندار کي اها رقم ڀري ڏيو، زميندار جا منهنجي ويچار ۾ ڏهه هزار روپيا هئا. ان کان وڌيڪ ٿي سگھن ٿا، پر گھٽ نه، جيڪي زميندار هنن کي ريزڪيءَ ۾ ڏاندن جي جوڙن يا ڪپڙي لٽي لاءِ ڏنا هئا. اوطاق ۾ اچي زارو قطار رنائون، بابي سائينءَ جي سخاوت جي ڇا ڳالهه ڪريان. امڙ کي چيائون؛ ”ستي! ٽنڊي واري زمين تان امير بخش هليو ويو آهي. هي ويچارا ٻارن ٻچن وارا آهن. ننڍيون نيٽيون زالون اٿن. اسان جي پوک به ڪندا ۽ زميندار جو قرض به لاهيندا.“ زميندار ڪو اسان جي ابي وانگر ڀورڙو يا رحم دل نه هو، تنهن چيو؛ ”مهراج سائين! هنن جا ڏهه هزار توهين ڀري ڏيو ته پوءِ ئي هنن کي رِهائي ملندي.“ ابي زميندار کي چيو؛ ”مان هنن جو ضامن ٿو پوان، فصل لهندو ته ڪجھه رقم ڪٽي اوهان کي ڏياريندس.“ پر زميندار ته اِٽ هڻي بيٺو ته مان ضامن کي مڃان ئي ڪونه . هوڏانهن مهاجر هارين جون دانهون ڪُوڪون لڳيون پيون هجن. پيرن تي ڪري آزي نيزاري ڪرڻ لڳا ته ”اسان جي زميندار مان جان ڇڏرايو. خداتعاليٰ اوهان جي رزق ۾ برڪت وجھندو. اسين محنت ڪري اوهان جي رقم لاهينداسين ۽ اهو احسان اوهان جو تا زندگي اسان تي رهندو، غريبن تي رحم ڪريو.“
بابي سائينءَ هنن کي سمجھائيندي چيو ته ”هن وقت اسين خود وقت جي چپيٽ ۾ آهيون، اسان جي مالي حالت ٺيڪ نه آهي ۽ منهنجي ٽجوڙيءَ ۾ ڏهه هزار روپيا ته ڪونه آهن، جو مان هن وقت زميندار کي ڪڍي ڏيان. ان تي زميندار چيو، ”ٺيڪ آهي مهراج سائين! توهين مون کي دستاويز تي لکي ڏيو ته مان ڏهه هزار هٿ امانتي ورتا آهن.“ ابي چيو، ” اهو ته مشڪل آهي.“ ان تي زميندار چيو ته هنن ڪمبختن تي رحم کائڻ جي ضرورت نه آهي. هوڏانهن هاري بابي سائينءَ جا پير پڪڙي ويهي رهيا. ڌڻيءَ ٻچن جا واسطا وجھڻ لڳا.
امڙ اوطاق مان بابي کي منع ڪئي. چيائون ”امانتي لکي ڏيڻ جي ڪائي ضرورت نه آهي. اسان ڪي ڏهه هزار زميندار کان روڪ ٿورو ئي ورتا آهن. آخرڪار اسين به ٻارن ٻچن وارا آهيون. ننڍا ننڍا ٻار آهن. امڙ ۽ ابي وچ ۾ اهو گفتگوءَ جو سلسلو هلي رهيو هو ته مهاجر زالون ٻارن ٻچن سوڌيون گهر اندر ڪاهي پيون. قرآن پاڪ جو واسطو ڏيئي امڙ کي آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳيون ته اسان جي زميندار مان جان ڇڏايو، حالتن ۽ قسمت ابي کي گھيري ورتو. زميندار کي لکي ڏنائون ته مان ڏهه هزار هٿ امانتو ورتا آهن. ان جي شهدادڪوٽ جي هر هڪ هندو مسلمان کي ڄاڻ آهي. زميندار چيو ته اسان جا بزرگن کان وٺي تعلقات آهن. ڳوٺائي آهيون، زميندار جو ڀاءُ ۽ ٻيا سؤٽ ۽ هُو خود بابي سان گڏ آزاديءَ کان وٺي ميونسپالٽيءَ ۽ لوڪل بورڊ جي چونڊن ۾ پنهنجن پنهنجن تڪن مان کٽي ايندا هئا. اڪثر بورڊ جي ميٽنگن ۾ به دعا سلام ٿيندي رهندي هئن. زميندار اُنهن هارين کي پنهنجي چنبي مان آزاد ڪري ڇڏيو. هاري ته رِها ٿي ويا، پر بابي سائينءَ امانت جي قيد ۾ پاڻ کي اڙائي ڇڏيو. پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هنيائون. هارين کي لڏائي ٽنڊي واري زمين تي پوک لاءِ آندو ويو. مٿان ٻي رقم به لڳائيسين. ڏاندن جا جوڙا، ڪپڙو لٽو، اناج جون ڳوڻيون وغيره. هارين جي ته الله ٻڌي زميندار ڪجھه عرصي کانپوءِ پنهنجي رقم جي تقاضا ڪرڻ شروع ڪئي، ٻئي طرف مهاجر هارين جا اهي ڏهه ٻارهن گهر راتون رات ٻارن ٻچن سوڌو پنجاب ڀڄي ويا. خبر به ڪانه هئي ته ڪٿان جا هئا. نه ئي داد فرياد ٿيو. ڇو جو پنجاب جو علائقو سنڌ کان ڏور آهي. تر ۾ هجن ها ته ڪٿان نه ڪٿان سڳ ملي وڃي ها. ڪافي پڇا ڳاڇا ڪئيسين. پر هُو پکيءَ وانگر پڃري مان آزاد ٿي، پر ڦڙڦڙائيندا اُڏامي ويا. اسين اڙجي وياسين، آخرڪار بابي سائين کي رحم دلي ۽ سخاوت جي قيمت ادا ڪرڻي پئي.
مصيبتن مٿان مصيبتن جو دؤر شروع ٿي ويو. اهو سلسلو وڏي ڀاءُ کي ڪوئيٽا بلوچستان ۾ Geological Survey جيالاجيڪل سروي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي نوڪري ملڻ سان رُڪيو. مالي طور ٿورو سُک جو ساهه کنيو سين. گرمين کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوئيٽا (بلوچستان) هوا بدلائڻ وياسين، جتي سڄي سنڌ جي تر جا هندو مسلمان اچي ٽڪندا هئا. ڪيترا علاج خاطر به ويندا هئا. ائين لڳندو هو ته سڄو ڳوٺ ته ڇا پر سڄي سنڌ، ڪوئيٽا ۾ پرٽجي پئي آهي. ڪوئيٽا جي مشهور بازار جناح روڊ تي اڪثر ڳوٺائي ملي ويندا هئا. وڏي ڀاءُ کي آفيسر جي نوڪري ملڻ تي اردلي به هوندا هئا، ان سان گڏ گھمڻ لاءِ جيپ به حالانڪه اُن کان وڏا آفيسر به انهن سهوليتن کان محروم هئا، اهو سڀ هن جي فرض شناسي ۽ پنهنجي آفيسرن سان رهائي اسائيءَ جو نتيجو هو. هن جا اعليٰ عملدار کيس پيار ڪندا هئا، پر اسان سڀني جو به خيال رکندا هئا. ڪوئيٽا جا بلوچ بيحد ايماندار ۽ عورتن جي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. نه ڊپ هوندو هو نه ڊاءُ. رات رات تائين نمائش ۾ پيا گھمندا هئاسين. واياڻيون ململ جون سٿڻيون ۽ واڻيان ڌوتي پائي گھمندا هئا. ته به انهن تي حملو ڪندا هئا ۽ نه ئي گٿن لفظن جو استعمال، عورت جي عزت ۽ احترام ڪندا هئا، هتي وانگر Eve teasing ڪانه آهي، اهڙا واقعا صرف عورت جي پنهنجي مرضيءَ سان يا ڪنهن ذاتي تڪرار سان درپيش ايندا هئا.
پنهنجو پاڻ لاءِ مصيبت کڻڻ واريون عورتون به هيون، جيڪي گھٽ ذات يا اخلاقي طور ڪريل هونديون هيون، جھڙوڪ باگڙياڻيون، ٻاليشاڻيون، ميراثڻيون يا خراب پيشي واريون عورتون، باگڙياڻيون دڪانن تي پنڻ وينديون هيون ته پوءِ ڄاڻي واڻي ناز نخرا ڪري مصيبت کڙي ڪنديون هيون. ڪن عورتن کي افسوس نه بلڪه فخر ٿيندو هو. ڪيتريون پنڻ جي بهاني دل لڳي ڪندي، چڱن ڀلن جو کيسو ڪتري وٺنديون هيون. اهڙا مرد دانهن ڪوڪ به نه ڪندا هئا. متان سندن شرافت جو پڙدو فاش ٿي وڃي! ” اندر جون مڪون اندر .“ ڏوڪڙ وڃائي منهن مٿو پٽي ويهي رهندا هئا. تنهن هوندي به ڪنهن نه ڪنهن ذريعي اُنهن مان ڪن جون خبرون عام تائين پهچي ئي وينديون هيون. آئي ڏينهن باگڙياڻين جي ڀڄڻ جو خبرون ملنديون هيون، پوءِ سڀ باگڙي ڀٽ وغيره ميڙ ڪري بابي وٽ ايندا هئا ته اسان جي عزت هلي وئي، ڌيءَ يا نُنهِن ڀڄائي ويا آهن. جنهن تي امڙ ڪاوڙجي چوندي هُين؛ ”اوهين خود ڏنڊا ڏوٽا آهيو، عورتن کي ڇو ٿا پنڻ لاءِ موڪليو. ان ۾ اوهان جو پنهنجو ئي قصور آهي.“ ڪن کي اُتان واپس آندو ويندو هو ۽ ڪي وري خود اچڻ کان انڪار ڪري اسلام قبول ڪنديون هيون، پوءِ چاهي ڪجھه عرصي کان پوءِ اُهي مڙس اُنهن کي وري ڇڏي ڏيندا هئا. ڪي ته ”نه رهنديون هيون گهر جون نه گھاٽ جون.“ ڪي وري موٽي ٻيهر پنڻ وارو پيشو اختيار ڪنديون هيون.
ڪي بزرگ هندو عورتون نه ڏينهن ڏسنديون هيون نه رات، نه تتي نه ٿڌي هندو چاهي مسلمان جي گهر بنا ڊپ ڊاءُ جي هليون وينديون هيون. اُهي دارونءَ يا جھاڙ ڦوڪ ڪرڻ واريون عورتون هيون. هڪ وڏي خاندان کياڻيءَ جي ڪٽنب جي بزرگ عورت هئي. ان جي ڪٽنب جا سڀ ڀاتي هندستان لڏي ويا هئا. هوءِ صرف اڪيلي ئي اُتي رهندي هئي. سؤ سالن کان مٿي ڄمار ٿي وئي هيس. ڪلها جُهڪي ويا هيس، پر مجال جو ٿڪاوٽ ٿئيس. سڄو شهر قطار يندي هئي. ٻار بيمار پوندا هئا ته پرمي ماءُ کي بگي تي گهرائي ٻارن کي ڏيکاريو ويندو هو، ٻار ساهيءَ ۾ پئجي ويندا هئا ته ڦوڪ هڻندي هُين. ايتري قدر جو ڳوٺ جو صوبيدار، مختيارڪار ۽ وڏي مسيت وارو مولوي صاحب به سُتي وغيره لاءِ گهرائيندا هُيس. سڀ ”امڙ“ ۽ ”آئي“ ڪري ڪوٺيندا هيس. هٿ ۾ شفا هُيس. ان هٿ شفا سان گڏ هٿ جي صفائيءَ جو فن به سٺو هوندو هُيس. ويٺي ويٺي ٿالهيون، ڪٽورا، لوٽا، سون وغيره تڳائي وٺندي هئي. ڪپڙا لٽا ميرا جھڙا مٽي ڪيترا ماڻهو وڳا پهرائيندا هُيس. پر اهي ويندي هئي سانڍيندي، بابو چوندو هُيس؛ ”پرمي ماءُ! ڪنهن لاءِ ٿي ڪوڙ ڪمائين. جنم سڦلو ڪري هاڻي پرماتما جو نالو وٺ“ پر هُن تي اهڙو اثر ٿيندو هو جھڙو اونڌي گهڙي تي پاڻي. اُهي لاٽون اهُي چگھه. هينئر پرلوڪ سِڌاري آهي. ڀڳوان شل هن جي آتما کي شانتي ڏئي! مئل ماڻهو، چوندا آهن ديوتا سمان ٿيندو آهي.
ٻيو ته ٻيو ان عورت مندرن ٽڪاڻن ۽ مسجدن کي به ڪونه بخشيو هو. هڪ ڀيري وڏي مسجد مان ڪجھه کسڪايائين. اُتي هڪ ڄٽ هن کي اُبتو ڪري کوهه ۾ لٽڪايو. جڏهن مولوي صاحب آيو ته هن اُن ڄٽ تي ڪافي ڪاوڙ ڪئي، ڇو جو هو ملياڻين وٽ وڏي مسيت مولوي صاحب جي گهر ويندي ڪئي هئي ۽ ايتري قدر جو ٻارن جو علاج وغيره به ڪندي هئي. صوبيدار ۽ مختيار ڪار جي گهر کي به نه بخشيائين. اُهي به پرمي ماءُ جي عادت کان واقف هوندا هئا. پر کيس چوندا ڪجھه ڪين هئا. جڏهن انهن جا ٻار بيمار ٿي پوندا هئا ته پرمي ماءُ کي گهرائيندا هئا. هڪ ڀيري اسان جي گهر ويٺي هئي ته اُتان ويٺي ويٺي ئي چار وڏا ٿالهه ۽ پتل جي گهاگهر کسڪايائين. اسان جو نوڪر جلال خان پويان ڊڪون پائيندو ويس. ڪجھه مال هٿ لڳو. ڪجھه هڪ اڳ واري چڪر ڪٿي کسڪائي رکي آئي هئي. امڙ گھڻوئي باسيس ته وڏن جون نشانيون آهن، ڏي پر پرمي ماءُ چئي: ” هئه حرام، مون ته ڏٺوئي ڪونه آهي.“ گهر اندر هڪ انڌيري ڪوٺڙي هيس، ان ۾ ويندي هئي ڪن ڦٽ لڪائيندي اسان جي واڙي مان سندس گهر جي دري هئي. جتان اسين لڪي اندر جھاتيون پائيندا هئاسين ته من اسان کي پنهنجا ٿالهه ۽ گهاگهريون ڏسڻ ۾ اچن، پر ڪوٺڙيءَ ۾ اوندهه انڌڪار لڳل هوندو هو. ڪي چوندا هئا ته اندر نانگ ۽ بلائون آهن، ڇو جو اهي اوندهه ۽ ٿڌڪار واري جڳهه تي وڃي واسو ڪندا آهن. سڀ ڪجھه هوندي به ڪين جو ڪنو چڙهيل هوندو هوس. چوندا آهن، جن جو ڌن دولت ۾ موهه هوندو آهي، سي ٻئي جنم ۾ نانگ بڻجي اُن هنڌ تي واسو ڪندا آهن. اها ڳالهه ڪيتري قدر سچ آهي، ان جي صرف ڌڻيءَ کي ئي ڄاڻ آهي.