آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪيئن وساريان ويڙھيچن

ھن ڪتاب ۾ وينا شرنگيءَ جون يادگيريون آھن. اھي يادگيريون سنڌ ڌرتيءَ سان وابسته آھن، انھي ڪري ھن ڪتاب لکڻ جي انداز ۾ سندس زبان جنھن مان سنڌ ڌرتي جي محبت ليئا پائي رھي آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي مھڪ اچي رھي آھي. نج ڳوٺاڻو سٻاجھو انداز ھن ڪتاب جي سونھن آھي.
  • 4.5/5.0
  • 2886
  • 740
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وينا شرنگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪيئن وساريان ويڙھيچن

ڪيئن وساريان ويڙھيچن

امڙ ڳالھه ڪندي آھي ته جڏھن 21 ڏينھن جي ھئس ته گهر جو ملازم گھمائڻ جي بھاني اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاھي ٽيشن طرف کڻي ڀڳو ھو، پر ھن جو منصوبو ڪامياب نه ويو يا ائين چوان ته قسمت منھنجو ساٿ ڏنو ۽ منھنجي امڙ ابي کي زندگيءَ ڀر جي وڇوڙي جي زھريلي ڏنگ کان رھا ڪيو. جڏھن نوجوان ملازم جي ريل گاڏي ڇٽي وئي ته ھن ڏاند گاڏي جي ھيٺان پناھ ورتي ۽ بُھه سان پاڻ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. تنھن وچ ۾ امڙ جي ھاءِ گهوڙا ۽ اکين جي گنگا جمنا جي ڌارا وانگر وھندڙ لڙڪن ۽ ڏاڏي سائين جي ڪمدارن جي زوردار ھڪلن سڄي ڳوٺ ۾ واءِ ويلا مچائي ڏني. “اڙي پڪڙيو ڙي پڪڙيو قھر ٿي ويو!” اوڙو پاڙو ته ڪٺو ٿيو، تنھن سان گڏ سڄو ڳوٺ تلاش ۾ نڪري پيو. ابي جو به سياسي ۽ سماجي خدمتگار جي حيثيت ۾ سٺو اثر رسوخ ھو، جتان لنگھندا ھئا ، سلام جي اسلام سان ۽ رام رام جي رام رام سان موٽ ڏيندي ڏيندي منٽن جو وقت ڄڻ سيڪنڊن ۾ گذري ويندو ھو. ڏورانھون فاصلو بنا ٿڪاوٽ جي طئه ٿي ويندو ھون. اُن ڏھاڙي سندن مختصر قافلو به وڌي ويو ۽ ادب ۽ تھذيب کي تلانجي ڏيئي دعا سلام جي موٽ ڏيڻ بنا تلاش ۾ نڪري پيا. نيٺ گهر جي منشيءَ کي ڪاميابي پلئه پئي، جنھن بُھه جي وٿي مان ڏاند گاڏيءَ ھيٺان ملازم کي ويٺل ڏٺو. گھلي ڪري ٻاھر ڪڍيائينس ۽ منھنجو راڙو لڳو پيو ھو. ان وقت معصوم ٻار جو روئڻ نه بلڪه ڪڙا رنڀاٽ نڪري رھيا ھئا. ملازم جي بابي خوب مرمت ۽ موچڙي موچڻائي ڪئي ۽ ڏاڏي سائينءَ جي گارين جو ڦھڪو لڳو پيو ھو. مٿان ڳوٺ وارن جي ٿڦاٿوڦي ۽ ٿُڪ لعنت ، ڪُٽيندا ڪُٽيندا، ٽيشن تان گھليندا کيس سڌو اوطاق تي وٺي آيا. امڙ به غير مردن ۽ اڻ ڄاتل ھندو مومن جو خيال ڪرڻ بنا پڙدي ۽ حجاب کي تلانجلي ڏيئي، پيھه ۽ گوڙ ۾ مينھن واچوڙي وانگر ڌوڪيندي اچي ملازم ڇوري کي ڄنڊن کان وتو. اُن وقت عورت جو ديوي ۽ گونگيءَ گانءِ وارو روپ نه بلڪه ٿوناري گانءِ وارو سروپ ھو. اُن سروپ گھڻي دير جٽاءُ نه ڪيو، ڇو جو رت ولوڙو ڏنو ۽ ٿڃ جي ڇڪ، ممتا جي ان حملي ڪرڻ واري ھٿ کي ڪمزور بڻائي ڇڏيو. ملازم ھٿ ٻڌي معافي طلب ڪرڻ لڳو ۽ روئي چوڻ لڳو: ”ايمان سان مون کي ٻارڙي اغوا ڪرڻ جو ڪو ارادو نه ھو، خدا گواھ آھي مان پنھنجي ڳوٺ وڃڻ پئي چاھيو.“
ملازم جي آزين نيزارين ۽ پيرن تي ڪري ليلائڻ تي امڙ ۽ ابي کي رحم اچي ويو ۽ کيس اکين اڳيان ٽري وڃڻ جي ھدايت ڪيائون. امڙ به ميڻ وانگر پگهرجي وئي. رحم کائي گناھ بخشي ڇڏيائينس پر ڏاڏي سائينءَ جي گارين جو ڦھڪو پئي پيو. ڏمرجي چيائون، “ڪوڙو ڪرم – ساک اٿو. بلڪل نه ڇڏيوس.” اچي لڪڻن جو وسڪارو ڪيائينس. ابي ۽ امڙ ڏاڏي سائينءَ کي معاف ڪرڻ جو عرض ڪيو ٻڍيون عورتون پٽ پاراتن سان گڏ ڇوري کي ڀونڊا ڏيئي رھيون ھيون. ننڍيون نيٽيون وائل جي پوتي مان اڌ منھن اگھاڙو ڪري ڪاوڙ ۾ نڪ چپ موڙي رھيون ھيون. نيٺ ملازم کي چئن چڱن ڦٽ لعنت ڪري تڙي ڪڍيو.
اھو حادثو امڙ ڪيترا ڀيرا بيان ڪيو آھي. ذھن ۾ ان واقعي متعلق الڳ الڳ ويچار اُڀرندا آھن ۽ اکين آڏو مختلف منظرن جو سلسلو جاري ٿي ويندو آھي. ڪڏھن سوچيندي آھيان ته ڪٿي فقيرن جي ٽوليءَ ۾ پنڻ لاءِ يا اوڏن جي ڪٽنب ۾ اوڏڪيون ڀتيون کڻڻ لاءِ تغاري ڍوئڻ نصيب ٿئي ھا. ڪڏھن ڪڏھن اھو سوچيندي آھيان ته بروھين کي وڪڻڻ تي خانه بدوش ٿي، اُنھن سان الڳ الڳ ڳوٺن ۾ لاڏن جھڙي زندگي بسر ڪريان ھا. ڪڏھن ڪڏھن اھو تصور به ڪندي آھيان ته ڪنھن بي اولاد مالدار جي گهر جي سڪيلڌي گود ورتل نياڻي ٿي وڌان ويجهان ھا، يا اھو به ٿي سگھي پيو ته غريب گهر ۾ رڌ پچاءَ ڪرڻ ۽ باسڻ برتڻ صاف ڪرڻ نصيب ٿئي ھا. اھي سڀ تصور ايترو ذھن تي اثر ڪندڙ ۽ ڏک رسائيندڙ نه لڳندا آھن، جڏھن من ۾ اھو ويچار ايندو آھي ته ڪنھن رقص گاھ جي رونق به بڻجي سگھان ھا ته پاڻ کي خوبصورت لباس ۽ زيورن سان جڙيل جسم جو تصور ڪري ڏڪي اٿندي آھيان. دل جي ڌڙڪن وڌي ويندي آھي. اکيون خوفزده ٿي وينديون آھن، سڄي بدن ۾ سيئاندو پئجي ويندو آھي، نرڙ تي پگهر جون بوندون موتين جيان چمڪي اٿنديون آھن، ۽ ٿڌو ساھ کڻي مالڪ جا شڪرانا مڃيندي آھيان ته اڄ جتي آھيان، جنھن حال ۾ آھيان، خوش آھيان ۽ خوش نصيب آھيان. امڙ کلي چوندي آھي ته ايڪيھين ڏينھن جي ھلي وڃين ھا، ايڏو موھ به نه پوي ھا ۽ خبر نه آھي ڪٿي ھجين ھا.
شايد ماءُ پيءُ روئي ڌوئي وقت جي اُن گھاءَ کي برداشت ڪري ۽ نصيب جو ڀاڻو سمجھي روزمره جي ڪمن ۾ مصروف ٿي وڃن ھا، پر مان ڪٿي ھجان ھا ۽ ڪھڙي حال ۾ ھجان ھا، اھو تصور ڪري خوفزده ٿي ويندي آھيان، ان سان گڏوگڏ پاڻ کي خوشنصيب ڀائيندي آھيان. ڌڻيءَ جا لک لک شڪرانا مڃي عقيدي سان من ئي من ۾ سر جھڪائيندي آھيان. قسمت تي ناز ۽ فخر ڪري، مالڪ جي احسانن کي مڃي، عقيدي جو جذبو سرشار ٿي ويندو آھي. نوڙت ۽ نياز سان دل بار بار سلام ڪندي آھي، شايد ننڍپڻ جي اُن حادثي، ذھني سوچ ۽ دل جي اُنھن جذباتن جو اثر ئي آھي، جو عورت جي حفاظت ۽ عزت جو فڪر، دل ۽ دماغ تي ڇانيل آھي، انھي ڪري عورت خلاف گٿن لفظن ٻڌڻ تي نفرت اٿم. پاڪ دامني تي فخر ۽ ناز، اُنھن جي حفاظت ۽ عزت جو فڪر ستائيندو رھندو اٿم. انھن ويچارن ايتري ته دل تي ڇاپ ڇڏي آھي ، جو انھن کي ڪو مٽائڻ جي ڪنھن به طريقي سان ڪوشش ڪندو ته به ڪاميابي پلئه نه پوندس ۽ نااميديءَ جو منھن ڏسڻو پوندس. اُن کي سڪندر اعظم وانگر وقت ۽ مقدر اڳيان زبردست شڪست جو مقابلو ڪرڻو پوندو. سمنڊ جي طوفاني ڇولين جون ٿڦڙون کائي بيھوشي جي عالم ۾ ڪناري تي موٽڻو پوندو يا واچوڙي جي زد ۾ آيل ھڪ ڪمزور پن وانگر اُتر کان ڏکڻ ۽ اولھه کان اوڀر ڌڪا کائڻا پوندا.
ائين چونديس ته مون اُن حادثي کان پوءِ نئون جنم ورتو آھي. لڪل جذبا، ھمت، خوداعتمادي، پنھنجو پاڻ کي سنڀالڻ جي قوت ۽ جرئت واري شخصيت اڀارڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. شايد انھي ڪري ئي ڊپ بنھه نه جي برابر ٿيندو اٿم. خود اعتمادي ۽ جرئت گھٻرائڻ تي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ حاوي پئجي رھيا آھن. ڪوشش ڪري ڪڏھن پاڻ کي ڊپ ۽ گھٻراھٽ واري صورتحال ۾ تصور ڪندي آھيان. ناٽڪ رچي ڪنھن ڪردار کي سمائڻ جي ڪوشش ڪندي آھيان. پر اھو ڊپ وارو ڪردار پنھنجي ناٽڪ جي ڪلائيميڪس تي پھچڻ کان ٽُٽي پوندو آھي ۽ مردن جيان مقابلو ڪرڻ جو سوچڻ لڳندي آھيان. پاڻ کي ڪمزور نينگر نه سمجھي، بردبار شخصيتن وانگر مخالف جنس کي للڪاريندي آھيان. اھا شخصيت، اھو ڪردار مون تي حاوي پوڻ لڳو آھي. ان بھادريءَ جي ساک ڪڏھن ابو ۽ امڙ به ڀريندا آھن ۽ کلي چوندا آھن : “توکي ڌيءَ نه بلڪه پُٽ ھئڻ کپي ھا.” بس ابي امڙ جا اھي لفظ تھائين اُن شخصيت کي مضبوط ڪن ٿا.
ڪجھه ڏينھن اڳ ڪنھن ڪم سانگي سانجھيءَ ڌاري ڪٿي وڃڻو پئجي ويو. شام جا ساڍا ست وڄي رھيا ھئا. سج لھي چڪو ھو پکي پنھنجن آکيرن ڏي ولر ڪري وڃڻ لڳا ھئا. ڪم ڪار ڪندڙ مرد ۽ عورتون گهر موٽي ٿانيڪا ٿي رھيا ھئا. ايڪڙ ٻيڪڙ مجبوريءَ ڪري ڪم ڪار تان جلدي جند ڇڏائڻ جا سانباھا ڪري رھيا ھئا. مون کي اھڙي رستي تان لنگھڻو ھو، جتي ايتري وسئن ڪانه ھئي. ايڪڙ ٻيڪڙ جھوپڙيون ھيون. روشنيءَ جو به خاص بندوبست ڪونه ھو. مان پنھنجي ڌُن ۾ مگن مڪني ھاٿيءَ وانگر ڪنڌ لوڏيندي پئي ويس. پنھنجي چال ڍال کان بي خبر، نازڪ ناز نخري واري نينگر وانگر نه، بلڪه بي پرواھ بي ڊپي داداگير ڇوڪريءَ وانگر. اوچتو منھنجي اُن چال ڍال ۽ موج مستي ۾ رخنو پيو. لاپرواھي ۽ بي خبريءَ وارو عالم ٽٽي پيو. اوچتو منھنجي نگاھ ھڪ نينگر تي پيئي، جيڪا مون کان ڪجھه فاصلي تي وڃي رھي ھئي. اوچتو ان نينگريءَ جي چال ۾ بي اعتمادي ۽ لرزش نظر آئي، يڪدم اکين ان جو ڪارڻ تلاش ڪرڻ چاھيو. اکين جي ان تلاش کي عقل ساٿ ڏنو ۽ سمجھڻ ۾ دير نه لڳي ته ان لرزندڙ ۽ بي اعتماديءَ واري چال جو ڪھڙو راز آھي. پاڪ دامن ۽ پاڪيزگيءَ تي ناپاڪ ۽ بدڪار نگاھ جو حملو ئي بدڪار، عصمت فروش، پاڪ دامن کي ھوس جي وار سان چاڪ ڪرڻ ۽ پاڪيزگي تي بدنما داغ جي ڇاپ ڇڏڻ جو پھه پچائي چڪا ھئا. کيس پنھنجي ھوس جو شڪار بنائڻ لاءِ پنھنجن قدمن کي طوفاني رفتار سان اڳتي وڌائڻ لڳا. مان به انھن جي پٺيان پٺيان وڃي رھي ھئس، اُن نوجوان نينگر جي حالت ڪاسائيءَ اڳيان بي زبان ٻڪريءَ وانگر ھئي. جيتوڻيڪ اُن ڇوڪريءَ جو چھرو مان مڪمل ڏسي نه پئي سگھيس، پر سندس احساسن ۽ جذبن کان مڪمل واقف ھيس. اُن عالم ۾ منھنجي من ۾ غصي جو طوفان مچي اٿيو. غصي وچان جسم تپڻ لڳو. مٿن حملي ڪرڻ لاءِ دل آماده ٿي. شايد اھو احساس عورت کي عورت سان ھمدردي ۽ اخلاق جي اثر ھيٺ ھو، آبروءَ جي حفاظت ۽ خاندانيءَ بھادري ۽ جرئت وارا منظر اکين اڳيان تري آيا. انھن جذبن جي پٺڀرائيءَ للڪار جو روپ اختيار ڪيو. عصمت ۽ آبرو لُٽڻ جي خواھشمندن ۽ پاڪ دامنيءَ کي داغدار ڪندڙ لٽيرن کي للڪاريم. ٽي ھٽا ڪٽا شخص ھئا. منھنجي للڪار تي ٽنھي مڙي ڏٺو. مٿن شينھڻ وانگر وار ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪيم. فاصلو تمام گھڻو ھو.
سڀ کان اڳ اُھا گھٻرايل ڇوڪري، اُن پٺيان اُھي ٽي بداخلاق ۽ ھوس جا بکيا گدڙ ۽ سندن پويان مان ھيس. منھنجي للڪار سندن رفتار ۽ ارادن ۾ ڪجھه خلل وڌو، ان ناقابل برداشت حرڪت تي غصو کائي، اُنھن ٽنھي بدڪارن پٺتي مڙي ڏٺو ۽ منھنجي للڪار ۽ آواز سندن ارادن ۾ رخنو پيو ۽ سندن قدمن ۾ ڪنڊو چُڀايو. مان به پنھنجي ھم ذات تي حملو ڏسندي پاڻ کي روڪي نه سگھيس ۽ منھنجا قدم تيز رفتار سان اڳتي وڌڻ لڳا. اُن وقت ھڪ ازغيبي جھٽڪو لڳو. ٽنھي مردن جي قد بت، وزن، طاقت ۽ قوت جو احساس ٿيو، عقل، حماقت جي پڙدي کي فاش ڪري سوچ کان ڪم وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو. پنھنجي عورت ھئڻ جو احساس شدت سان ٿيو. پنھنجي ھمت ۽ قوت جي تور جڏھن تارازيءَ ۾ ڪيم ته عورت جي وزن جو پلڙو جھٽڪي سان کڄي ويو ۽ مرد جي ڀيٽ ۾ ڪک برابر لڳم. توازن جو احساس ڪري گھٻرائجي ويس. انھن ٽنھي لُٽيرن اُن ڇوڪري کي ڇڏي مون طرف پلٽو کاڌو. قسمت ۽ عقل ساٿ ڏنو. مان پويان پير ڪري ڀڳيس ۽ مون سان گڏ اھا ڇوڪري به مونکي سمجھه ۾ نه پيو اچي ته ڪيئن مقابلو ڪريان. مون ھرڻي واري رفتار سان ڊڪڻ شروع ڪيو. ان ڀڄڻ واري عالم ۾ اوچتو سمڪ آئي، عقل جي زوردار چماٽ لڳي. يڪدم واتان آواز نڪتو، ”چور چور، چور چور“ مون سان گڏ ان ڇوڪريءَ به ڀرڀور آواز ۽ وڏي واڪي سان “چور چور” جو آواز ڪيو. ٻنھي جا آواز ملي ڪري وڏي واڪي سان ”چور چور” ڪرڻ لڳا.
چور چور جي آواز تي اوڙي پاڙي جي جھوپڙين مان ٻار، ٻڍا نوجوان نڪري آيا ۽ سڀني ھڪ ئي آواز ڪڍيو ”چور چور ، چور وارو ڪريو پڪڙيو اڙي پڪڙيو“ وٺ سٺ ٿي وئي!
عصمت جي لٽيرن، عورتن جي پاڪ دامن کي داغدار ڪرڻ وارن سماج جي بدڪار انسانن کي ماڻھن گھيري ورتو. سندن چئني طرف ماڻھن جي پيھه لڳي وئي. ماڻھن جا ھشام گڏ ٿي ويا. اُنھن ٽنھي کي ٻک کڻي وڌائون، اھا ڇوڪري ماڻھن جي گوڙ کان ڪنارو ڪري پنھنجي گهر طرف رواني ٿي وئي. مان چند گهڙين لاءِ سوچ ۾ پئجي ويس نه گھٻراھٽ ھئي، نه ڊپ، نه غصو ھو، نه ڪاميابي جي خوشي. بلڪه سَپ سِنگھڻ واري خاموشي طاري ھئي. ان خاموشي کي ”سماج” لفظ ٽوڙيو. ھا سماج جي تعاون کان سواءِ انسان ڪجھه به نٿو ڪري سگھي. اڪيلو انسان، ڪمزرو، ھيڻو ۽ بيوس آھي. ”ٻه ته ٻارھن” سماج جي ساٿ سان سڀ ڪجھه حاصل ڪري سگھجي ٿو. چئني طرف ”چور چور، وارو ڪريو، وارو ڪريو” جا آواز اچي رھيا ھئا. مان ان گوڙ گنبوڙ ۽ پيھه کان پري يڪمشتي ۽ سماجي ۾ ٻڌيءَ ۾ کوٽ جو سوچي پنھنجي واٽ وٺي ھلڻ لڳيس. ڪنھن کي خبر ڪانه ھئي ته اھي چور ڪنھن جي چوري ڪري رھيا ھئا. ھا چورن کي چوري ڪرڻ کان اڳ ئي پڪڙيو ويو ھو.