حڪمت
ريڊيو ۾ فنڪاره جي حيثيت ۾ شايد ھي فن مون تي حاوي پئجي ويو آھي. ڪنھن سان به ڳالھائڻ ۾ نه ڊپ ٿئي ٿو، نه ئي جهجهڪ ۽ نه ئي ناز نخرن واريون ادائون، نه وري فضول حجاب، جيڪي من ۾ اچي چئي ڏيان. اھا عادت ننڍپڻ کان ئي ھئي، جنھن تي اڪثر ڏاڏو سائين ڪاوڙجي ويندو ھو ۽ منھنجي امڙ پنھنجي نُنھن کي چوندو ھو: ”مائي! تنھنجي ڌيءُ اوڙي پاڙي جي ڇوڪرن سان به پئي کلي ڳالھائي، ڌيءَ ڌڻ آھي.” ان تي امڙ چوندي ھئي: ”توھان جي به ته پوٽي آھي، توھين ڇو نٿا چئوس؟” ڪڏھن ڪڏھن ٺاھوڪي دٻ ڪڍندا ھئا، پر پيار به گھڻو ڪندا ھئا. دلي خواھش ھين ته ڊاڪٽرياڻي بڻجان. ابي ۽ ڏاڏي سائين کي فن، سنگيت ۽ رقص کان سخت نفرت ھئي. ڪوبه نچندو ھو ته چوندا ھئا ته ”کيدو مشانگ آھين ڇا؟” (مسخرن وانگر ٺينگ ٽپا پيو ڏين!)
پاڙي ۾ ھڪ واڻياڻيءَ جي ڌيءَ ھئي. رنگ روپ جو نالو نشان ڪونه پر قدم قدم تي ادائون ۽ ناز نخرا. غصي ۾ اچي ڏاڏو سائينءَ چوندو ھو: ”واڻڪو وياءُ جيئن وڌي تيئن کڙي.” اھڙين عورتن ۽ ڇوڪرين کي گهر ۾ بيھندي نه سھندا ھئا. ڏاڏي سائين وٽ وسو ٽينائي اچي ويھندو ھو ، جيڪو بابي ۽ ڏاڏي سائين کي زور وغيره به اچي ڏيندو ھو ۽ اسان کي قصا ٻڌائيندو ھو ته ”مم گوڏا چٽي ويندي آھي، ۽ پوءِ ماڻھو ھلي نه سگھندا آھن. يا بلا جي ڦوڪ ھڻڻ سان اکيون انڌيون ٿي وينديون آھن.” ڪڏھن ڪڏھن وسو ٽينائيءَ تي ڏاڏا ڪاوڙجي ويندو ھو ۽ سرائڪي ۾ چوندو ھو ته ”بس وسو ھان تي ھان، نا تي نا ڪرندا ھئه” ڦونا ڳاءِ ڦونا ورءُ، بس جي ڦوني کي چئو ته ڳاءَ ته ڳائيندو، جي چئو ته روءُ ته روئندو. اسين به ڏاڏي سائين جون ڳالھيون ڌيان سان ٻڌندا ھئاسين. اُن کان وڌيڪ انتظار ھوندو ھو ته کانئس ڏوڪڙ ڇڏائي کيسو گرم ڪريون، ھر روز ڪلفيءَ وارو ايندو ھو. شام جو ڪلفي سڀني جي کري.
دوائن ڏيارڻ ۾ ھمراھي ڪندا ھئاسون. ابرڪ جو ڪک گرميءَ لاءِ فولاد طاقت لاءِ خميرو گائو زبان دل جي طاقت لاءِ، سِپَ يا گرمي لاءِ اِنج پاڙ جو شربت، ڪٺور ڪاٺي پيٽ جي تڪليف لاءِ ، ننڍيون ھويڙيون وڏيون ھويڙيون وغيره وغيره. انھن دوائن ۽ سُتين جو ڪھڙين بيمارين لاءِ استعمال ڪيو وڃي، اسان کي ڪافي ڄاڻ پئجي ويئي ھئي. امڙ ڏاڏي سائين جي ڪافي مدد ڪندي ھئي. ابرڪ جو ڪک ٺاھڻ تي سڀئي لڳي ويندا ھئاسين. روھيءَ ۾ پيھه پيھان لڳي پئي ھوندي ھئي ۽ شنگرف سؤ لڏون ٺاھي، اُن جي وچ ۾ وجھي جالاري گيھه ۾ تريندا ھئا ۽ اُن کان پوءِ الڳ رس سان روھيءَ ۾ پاڻي کڻائيندا ھئا. ھر ھڪ ذات جا مريض ايندا ھئا. چانڊيا ٻروچ، مگسي، بروھي، جروار، گھلُو، لغاري، کھاوڙ وغيره ته پاڻ سان گڏ جستي چونريءَ ۾ لسيءَ سان گڏ مکڻ کڻي ايندا ھئا. ڍوڍي تي اھو مکڻ لڳائي کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو ھو. ھڪ ڀيري ٻروچياڻي دوا لاءِ آئي، پورو ڪَنُ ڪچي سون جي ڪيوٽين سان ڀريل ھئس. ڏاڏي سائين نبض ڏسي دوا لاءِ شيشي گهري، ٻروچياڻي دوا جي لاءِ شيشي پاڻ سان گڏ آندي ھئي. جيئن دوا وجھڻ لڳاسين ته اُن شيشي اندر وڇون جي جوڙي ڪي ٻچا ڏنا ھئا سي دوا جي شيشيءَ ۾ پرٽڻ سان ئي وڇون جا ٻچا ڀڙڪو ڏئي شيشي کان ٻاھر نڪرڻ لڳا. بس چؤطرف وڇون ئي وڇون ڦھلجي ويا. اسان جو رڙ جو واڪو لڳي ويو. ڏاڏي سائين جو ان عورت تي گارين جو ڦھڪو ۽ لعنت جو وسڪارو پئجي رھيو ھو. سڄي اوطاق ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو ھو. ان وقت اھي لفظ ازخود زبان تي اچي ويا : ”ريل گاڏي ڪُو ڪُو ڪندي ، ڇُو ڇُو ڪندي آئي، ٻيڙيءَ ٻڏي ٻروچ کي رڻ ۾ رولي وئي ” پر ھتي معاملو اُلٽو ھو. ڏاڏي سائينءَ جي گارين جي ڦھڪي جي رفتار ڪافي وقت جاري رھي. ڏاڏي سائين جي اھڙين ڇڙٻن جا اڪثر ڪيترائي مريض شڪار بڻجندا ھئا. جنھن کي گرميءَ جي لھس ھوندي ھئي، جي اُن چيو ته ڪڪڙ کاڌو اٿم ته بس، اھو ڏاڏي سائين جي گارين کان بچي نه سگھندو ھو ۽ جي ڪِري پڇن، سائين وڏو گوشت يا ننڍو گوشت فلاڻي فلاڻي بيماري سان بيمار کي کارايون؟ ته چوندا ھئا ته ”ڪفن جو سامان اڳي ئي ٺاھي رکو.” ان جي باوجود به مريضن جي پيھه لڳل ھوندي ھئي. چوندا ھئا ته مھراج رامچندر جي ھٿ ۾ شفا آھي. ڪيترا ماڻھو ته کانئس ائين ڊڄندا ھئا ته جيئن باگڙيءَ اڳيان ڳوھ. وڏا وڏا ڌاڙيل، خوني، رھزن به اچي اوطاق جي سلام ڪندا ھئا. شھر جا پھلوان به حاضري ڀرڻ ايندا ھئا. ملھه ڏسڻ جا ڏاڍا شوقين ھئا. ڏاڏي سائينءَ جي وفات تي پري پري جي ڳوٺن جا ماڻھو ۽ وڏيون وڏيون شخصيتون ”رضا الله” جي ڪرڻ آيون. رضا الله دوران زر جا نذرانا پيش ڪيا ويا، جن کي وٺڻ کان انڪار ڪيو ويو. پوري شھدادڪوٽ ۾ لڏن جا پئڪٽ ورھايا ويا ۽ ديڳيون چاڙھي ڪيترن ئي سَوَن گهرن ڏني ماني موڪلي وئي.
ڏاڏي سائين جي وفات تي دوست دشمن رُنا ۽ افسوس ظاھر ڪيائون. پاکرن جا ڍير لڳي ويا. سندن وفات کان پوءِ ھڪ ڏينھن ڪنھن ڳوٺ مان ڏاند گاڏي تي ھڪ مريض کي آندو ويو چيائون: ”مھراج رامچندر کي مريض ڏيکارڻو آھي.” کين ٻڌايو ويو ته : ”مھراج رامچندر گذاري ويو آھي.” اھو ٻڌي روئڻ لڳا چوڻ لڳا، “انھن کي گھڻو سمجھايو ويو ته حڪمت جو ڪم رام چندر جي وفات کان پوءِ بند ٿي ويو آھي. مريض جي حالت خراب آھي ته بھتر ٿيندو ته لاڙڪاڻي جي وڏي اسپتال ۾ کڻائي وڃو. مريض جا مائٽ آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳا، ”اسين مرشد جي چائنٺ ڇڏي نه وينداسين بچائڻ، مارڻ اوھان جي ھٿ ۾ آھي.” ابو گهر ۾ ڪونه ھو، امڙ نڪري آئي، سندس پيرن تي ڪري پيا. ”اسين ٻئي ڪنھن جي در تي نه وينداسين.” امڙ مُنجھي پئي، ڏاڏي سائينءَ جي طب جو ڪتاب پيل ھو، اُھو پڙھي، ڪجھه ڏاڏي سائينءَ جون دوائون پيون ھيون ۽ ڪجھه پساري کان گهرائي، ڌڻي جو نالو ۽ پنھنجي سُھري جو نالو وٺي، دوا ڏنائون ۽ چيائون، ڳوٺ کڻائي وڃو. ڪجھه ڏھاڙن کان پوءِ اُھو مريض چاڪ چڱو بلو ٿي، مُستي، مکڻ، ۽ ٻيا ڪيترا تحفا کڻي حاضر ٿيو. امڙ کي حيرانگي لڳي وئي. پوري تر ۾ امڙ جو ڳوٺاڻن ۾ نالو ٿي ويو. چيائون، مھراج جي ننھن قابل آھي، ھٿ ۾ شفا اٿس.
بس اُن کان پوءِ ڪيترا مريض امڙ وٽ اچڻ لڳا، ٻنين تي لاباري توڙي ٻجن پوکڻ دوران گرميءَ جي لھس جا ماريل ڪيترا مريض ٺيڪ ڪري ڇڏيائون. اُنھن ۾ ڪيترا چور چڪار، خوني ۽ ڌاڙيل به ھوندا ھئا. امڙ نبض ڏسندي يا اُنھن اڳيان ويندي جهجهڪ ڪندي ھئي ، پر اُھي امڙ کي ڌيءَ ۽ ڀيڻ امڙ وانگر ڏسندا ھئا. بابي جي چوڻ تي امڙ اُنھن کي دوائون ڏيڻ شروع ڪيون، جيترو دوائن تي خرچ ايندو ھو اوترو ئي وٺندي ھئي. ھڪ ڀيري جمعي خان شيخ جو پوٽو سخت بيمار ٿي پيو، جمعو خان ٻين شيخن جي ڀيٽ ۾ مالدار ۽ پنھنجي برادريءَ جو چڱو مڙس ۽ بابي جو چونڊن ۾ مخالف ويچار رکندڙ ھو. پر دعا سلام جو رستو ضرور ھو. اک جي ديد به ھيس. جمعو خان پڪو نمازي ۽ اسلامي اصولن جو پابند ھو. جڏھن پوٽو بيمار ٿي پيس ته گهر جا سڀ ڀاتي پريشان ٿي ويا. ھر ڪو گهر جو ڀاتي ڀڄ ڊڪ ۾ ھو. ڇوڪرو پوين پساھن تي ھو. خيراتون، پيرن فقيرن تي چادرون، ڊاڪٽرن حڪيمن جي لائين لڳائي ڇڏيائون، پر رتيءَ ڀر به فائدو نه پيو ٿئي. امڙ ٽپڻو وغيره به ڏسندي ھئي. ڪنھن چين! ”مھراج گوپي ڪرشن جي گهر واري کان تعويذ وٺو ته چڱو ڀلو ٿي ويندو.” روئنديون پٽينديون شيخياڻيون گهر ۾ گهڙي آيون. امڙ چيو، ”مان ڇا ٿي ڪري سگھان.” چيائون ”ٽپڻي مان ڏسي ٻڌاءِ” گھڻو انڪار ڪرڻ جي باوجود آخر امڙ کي رحم اچي ويو. مجبور ٿي امڙ کانئن پڇيو، ”ھينئر اوھان ڇا ڪري رھيا آھيو.” چيائون ته ڏس مليو آھي ته ڇيلا ڪھائي خيرات ڏيون. امڙ چيو يڪدم نياپو موڪليو ته ”ڇيلا نه ڪھو، ڇو جو منھنجي تعويذ سان گڏ اھاخيرات نه ھلندي.” ھنن جو عقيدو به ٻجھي ويو ھو. يڪدم گهر نياپو موڪليائون ته ڇيلا ڪھائڻ بند ڪريو، کين پاڻي پڙھي، اُن سان گڏ شلوڪ لکي، تعويذ ٺاھي ڏنائون، گڏوگڏ دوائون ۽ دعائون به چالو رھيون. قادر جي قدرت، ڇوڪرو چڙھي پيو. خبر نه آھي انھن بي زبان ڇيلن جي بچائڻ جو نتيجو ھو يا ڌڻي طرفان چڱائي ٿيڻي ھئي، جو ان گهڙيءَ ڇوڪري تان موت ٽري ويو. بس اُن ڏھاڙي کان پوءِ مسلمان عورتن ۽ شيخياڻين جي گهر ۾ پيھه لڳل ھوندي ھئي، نه صبح، نه منجھند، نه رات ، نه ڏينھن، نه تتي، نه ٿڌي، نه مينھن، نه جُھڙ، مھلو ڪمھلو عورتن جا ٽولا ڪري گهر ۾ اچڻ وارو سلسلو جاري رھيو. ابو بيزار ٿي ويو. امڙ کي ڪاوڙ ۾ چوندا ھئا، ”ستي لاءِ مايون ائين آھن ڄڻ پوليس وارو اچي ويو ھيءَ ته وئل ٿيو” امڙ به حجاب ۽ شرم وچان ڪنڌ نه ڪڍائي سگھندي ھئي. زالون پيون روئڻا روئنديون ھيون، ڪي مڙس جا ، ڪي سس جا، ڪي سھري جا، ڪن جا مرد ڌنڌي لاءِ مھورت ڪڍائڻ لاءِ زالن کي موڪليندا ھئا. ڪن جا ڇوڪرا عرب ملڪن ڏانھن ڀڄي ويندا ھئا تن جي موٽڻ لاءِ ڦار وجھائينديون ھيون.
ھڪ ڀيري شھدادڪوٽ جي ساڌڻي مائي لڇي بيمار ٿي پيئي، ڳوٺ جون زالون ڪافي عزت ڪنديون ھئس ۽ ڪو مائي لڇيءَ جي ڳالھه به ڪونه موٽائيندو ھو. نيڪ عورت ھئي. گهر ۾ گرنٿ رکيل ھوندا ھيس ۽ روز شام جو 30 40 زالون ڪٿا ٻڌڻ وينديون ھيون. جڏھن مائي لڇي بيمار ٿي پيئي ته امڙ وٽ پنھنجي سورداس چيلي، مائي گيانيءَ ۽ ٻين عورتن کي موڪليائين ۽ چيائين ”ادي ستيءَ کان وڃي پڇي اچو ته منھنجي ڪُپڙيءَ ۾ گھڻا ڪُڻا آھن.” امڙ ٽپڻو ڏسي چيو ته ھيترن ڏينھن ۽ ھن تاريخ تائين ڪاشٽا اٿئي، جي لنگھي پار پوندينءَ ته پوءِ تنھنجو نئون جنم ٿيندو. امڙ جي ڳالھه ٻڌي مائي لڇيءَ علاج ڪرائڻ ڇڏي ڏنو، امڙ پريشان ٿي وئي. گھڻو ئي سمجھايائينس پر ساڌڻي امڙ جي چيل قول تي ڳنڍ ٻڌي، ٺيڪ اُن ڏھاڙي شھدادڪوٽ جي اُن ساڌڻي ڏيھه ٽياڳيو، بس اُن ڏينھن کان پوءِ وڏا وڏا سياستدان ، ايتري قدر جو ڪٽر مسلمان به امڙ جي لفظ تي اعتبار ڪرڻ لڳا. امڙ گھٻرائجي وئي، سڀني کي چوندي ھئي، ”ڌڻيءَ جي ڳجھه ۾ مان ھٿ نه وجھنديس، منھنجي واتان ته اوچتو لفظ نڪري ويو ھو. ” آخر ان سلسلي کي ٽوڙڻ لاءِ امڙ پاسپورٽ ٺھرائي ڪجھه مھينن لاءِ ھندوستان پنھنجن پيڪن ڏي ھلي وئي. جيئن ماڻھن جي اھا عادت ٽٽي. ھڪ ڏھاڙي ھڪ عورت امڙ جي غير حاضريءَ ۾ مون وٽ آئي. چيائين، ”نياڻي آھين، تون ٽپڻو ڏسي ٻڌاءِ، منھنجو پٽ ھندوستان مان واپس ايندو يا نه؟” ان عورت کي ڌيئري ماءُ ڪوٺيندا ھئا. سندس پٽ ھندستان گھمڻ ويو ھو. جتي ھن جو پاسپورٽ گم ٿي ويو ھو ۽ واپس اچڻ جي اجازت نه پئي مليس. پويان ٻار ٻچا پريشان ھيس، گڏوگڏ ڪاروبار به رلي ويو ھين. مون ڌيئري ماءُ کي چيو، ڌئيري ماءُ مونکي ته ٽپڻو ڏسڻ ڪونه ايندو آھي. ان تي ڌئيري ماءُ چيو، ”نياڻي آھين ناسڪا ھڻي ڏس” خبر نه آھي مونکي ڇا ٿيو؟ مون به ڪري ناسڪا ھئين. چيومانس تنھنجي پٽ جي ڪم ۾ ھاڻي ڪائي رڪاوٽ ڪانه پوندي، جلد اچي توسان ملندو. بس ڪجھه ڏينھن کان پوءِ ڌئيري ماءُ ڊڪون پائيندي آئي ۽ اچي ريشمي وڳو پھرايائين. اھا ڳالھه ٻڌي ڪيتريون عورتون اچي مون کان ناسڪا ھڻائڻ لڳيون. جن ٻارن کي ڊيڄو ٿي پوندو ھو اُنھن جون مائر يا ڏاڏيون ڪپ يا چمچو کڻي جھاڙ وجھائڻ اينديون ھيون ۽ ڪيتريون چونديون ھيون ”نياڻي آھين ھلي پاٺ جو مھورت ڪر” منھنجي ماءُ جڏھن ھندستان مان واپس آئي، اھا خبر ٻڌي ڊڄي وئي ته منھنجي جان ڇٽي ته منھنجي ڌيءَ جي جان ڦاٿي. امڙ ابي زالن کي اصل گهر کان ڌڪي ٻاھر ڪڍڻ شروع ڪيو، چوندا ھئا، ”ملڻ ڀلي اچو، اسان جي اکين تي، پر پڇا ڳاڇا لاءِ نه” وڏي مشڪل سان وڃي جان ڇٽي ۽ امڙ سان گڏ سڀئي ٻار ڪي مھينا ھندستان گھمڻ ھليا آياسين. تڏھن وڃي اھو سلسلو ٽٽو. انھيءَ جي باوجود اڃا تائين ڪي زالون امڙ کان پڇا ڳاڇا ڪنديون رھنديون آھن.