آپ نه پلي ڏوجھيان متيان ڏيوي
اهو سلسلو اها درٻار ڪنهن نه ڪنهن چڱي مڙس جي اوطاق تي چلم ڇڪڻ جي روايتي رسم سان شروع ٿيندي هئي ڪنهن تي الزام هڻندا هئا ته تنهنجي ڀيڻ جي چال چلت ٺيڪ نه آهي ڪنهن کي نصيحت ڪندا هئا ته تنهنجي ڌيءَ اوسر کاڌي آهي جلدي پرڻاءِ پوءِ چاهي ڇوڪرو انڌو هجي ڪاڻو هجي يا پوڙهو يا وري اٺن ٻارن جو پيءُ مطلب ته ڪنوارو وياءُ گهر ۾ وهارڻو نه آهي. ڪيترا مت جا موڙها ۽ ڳنڍ جا ڳوڙها سماج جي ٺيڪيدارن کان ڊڄي وڌاتا جو ليک سمجھي فيصلو ڪندا هئا. هونئن به اسين ماحول، زماني جي گردش، مٽ مائٽ، سماج ۽ پنهنجين ڪمزورين ڪري وڌاتا جو ليک سمجھي چوندا آهيون ”جن لکيو ڙي منهنجو انگ اديون قلم کان ڪاڏي وڃان“ يا وري ”ڏني ڪا ماءُ سورن جي پينگھي منجھه لولي الا! “چئي، خاندان ۽ سماج جو ڏر رکي ڏکن سکن کي گلي لڳائي ڇڏيون يا وري ان زندگيءَ کي پنهنجو رهبر بڻائي ڇڏيون. اهڙين حالتن جو شڪار اڪثر ڪير نه ڪير بڻجندو هو. ايتري قدر جو شينهن مرد به سماج جي ٺيڪيدارن مکين ۽ چئن چڱن ۽ دنيا جي آڱرين کان ڊڄي فيصلو وٺندا هئا، چاهي پوءِ انهن عزت جي علمبردارن جي خود گهر ۾ کاٽ لڳل هوندو هو. ڪنهنجي ننهن ڏير سان ٺهيل هوندي هئي، ڪا سهري سان، ڪا منشي سان، ته ڪا گهران ڀڄي ويندي هئي. هتي اهڙن جي نالن ڏيڻ کان ڪنارو ڪريان ٿي. ” ڳڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري.“ انسان خطائن جو گهر آهي. تلاهي ٺھرائڻ وارو بندو نه بلڪه خدا آهي. ڌڻي در گناهه گارن جي قطار مان پاڻ کي ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ بي سود جدوجھد ۽ جنگ ۾ ڪوڙي فتح پائڻ جو ناٽڪ ڪري دل ئي دل ۾ بي انتها خوشي ٿيندي آهي، ته انهن گناهه گارن جي فهرست ۽ دائري کان ٻاهر آهيان. پنهنجي حماقت ۽ بناوٽ تي ڏک نه بلڪه خوشي جو احساس ٿيندو آهي. هر انسان گناهگار آهي، پر اگر انسان جو گناهه کان پلاند آجو هجي ته اهو انسان نه پر فرشتو سڏجي ٿو. جيڪي ٻين کي نصيحتون ڏيندا هئا سي خود بدڪاريءَ ۽ بدچلنيءَ جو شڪار هئا. ٻيو ته شهداد ڪوٽ جي ڀنگياڻي، نالو نه ٿي ڏيان، جنهن هڪ عزت دار سان شادي ڪئي آهي. اُن جا ڪيترائي عاشق هئا. جنهن حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ڪري سگھندو. انهن عزت دارن جي عزت بچائڻ لازمي به آهي ۽ فرض جي تقاضا به، ڌرمي ۽ مذهبي اسٿان پڻ اهڙن افواهن جو اڏو هوندا هئا. ان معاملي ۾ زالون به پٺتي ڪونه هيون ”ڏاچي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن“ ڪا چوندي هئي ته منهنجو مڙس منهنجي ماءُ يعني پنهنجي سس سان ٺهيل آهي. ڪا چوندي هئي، ڏيرياڻيءَ کي ڏسي ٺريو پيو ٺري. مطلب ته ”ڳڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري“. امڙ وٽ اچي روئڻا روئنديون هيون. ٻيو ته مڙسن تي جادو ٽوڻا ڪرائينديون هيون. ملان ۽ بيبين کان تعويذ وٺي پيون پائينديون هيون. ڍونگين فقيرن وٽ اولاد جي آس ۾ سڀ ڪجھه لٽائي اندر جون مڪون اندر ۾ هڻي واپس ورنديون هيون. هڪ اهڙو ئي پهتل درويش شهدادڪوٽ ۾ آيو. جنهن جي چڪر ۾ ڪيتريون هندواڻيون، شيخياڻيون ۽ مسلمانيون ور چڙهيون، ڪجھه عرصي کانپوءِ اُن پهتل پير کي ڪوئيٽا بلوچستان ۾ پوليس هٿڪڙيون وجھي، سڄي شهر ۾ گھمايو.
ڪاش اسان جي عورتن کي عقل اچي. ان انڌ وشواس۽ پرائي پچار واري ناسور کان نجات حاصل ڪن. هڪ ڏهاڙي هڪ عورت امڙ وٽ آئي چيائين؛ منهنجو مڙس وقت به وقت پنهنجي پاڙي واريءَ سان ويٺو آهي. امڙ پئي سڀني کي سمجھائيندي هئي ۽ دلجاءِ ڏيندي هئي ۽ هدايت ڪندي هُين ته مڙدن تي شڪي نظر رکڻ سان ڪم تهائين بگڙجي ويندو، ان ڪري اهڙين ڳالهين کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. اجايو ٻين جي خاطر پنهنجو ٺهيل ٺڪيل گهر تباهه نه ڪريو. پڙهيل لکيل شهري ڇوڪرين تي طنز ڪرڻ کان مڙنديون نه هيون، پر خود انهن کان ٻه هٿ اڳتي هونديون هيون. اسان جي گهر ۾ کوهه آهي. اُتي اوڙي پاڙي جون واڻياڻيون اچي کار جا ٽين ڌوئينديون هيون. امڙ کان اچي اجازت وٺنديون هيون. امڙ کار جي ٽينن ڌوئڻ جي اجازت ڏيندي هُين. پر سنانُ پاڻي ڪرڻ تي پابندي ۽ 144 قلم لاڳو ڪندي هُين. امڙ چوندي هين. ڪپڙا ڌوئو، پر سنان وڃي پنهنجي گهر ڪريو. ڪڙتو ململ جو، سٿڻ ململ جي، پورا ڪپڙا ڀڄي ويندا هُين. جنهن مان اڌ جسم جي نمائش ٿيندي هُين. خير اهو ته ٿيو اسان جي گهر جي چار ديوارين اندر. پر ڪيتريون ته شهدادڪوٽ ۾ ڪو ننڍي پاڻيءَ جو واهه وهندو هو ۽ جنهن ڀرسان ريل جو بند ۽ ٿورا پر ڀريان باغيچا شروع ٿيندا هئا، اتي به مايون ڪپڙا ڌوئڻ وينديون هيون. اسين به ننڍا هوندا هئاسين ته شوق سان پاڙي وارين سان گڏ سوئنٽي داٻڙو کڻائي، ڪور تي مستي مارڻ ويندا هئاسين، اُتي به انهن ماين جو اهڙوئي حال هو. ڪپڙا ڌوئيندي ڌوئيندي، اڌ جسم جي نمائش ٿيندي هُين. شاباس سنڌي مسلمان جي شرافت کي ڏجي، جو ڪنارو ڪري هليا ويندا هئا. خير پنج ئي آڱريون برابر نه آهن، ڪي نظرون بچائي ڏسندا، کلندا، مخول ڪندا لنگهندا هئا. اها خبر جڏهن بابي سائينءَ وٽ پهتي ته پوءِ واڻياڻين جو ڪور (ننڍو واهه) تي وڃڻ بند ٿي ويو. يا اسان جي گهر اچي کوهه تي ڪپڙا ڌوئينديون هيو، يا وري پنچائتي کوهه تي. ڪجھه عرصي کانپوءِ گهرن ۾ سرڪاري مٺي پاڻيءَ جا نلڪا لڳا. تنهن کانپوءِ وڃي اهو سلسلو بند ٿيو.
شادي غميءَ ۾ پير ڀرڻ جو به ڏاڍو شوق هوندو هُئن. پوءِ چاهي رستو ڏت پرت يا ڀاڄي وغيره جو هُجي يا نه هُجي. پير ڀرڻ کان وڌيڪ رونشو هوندو هُين. ڀڳوان سُک ڪري، شل نه ڪٿي ڪا غمي ٿئي. پئنچائتي ٽھليو سڏ تي مس نڪرندو هو ته سڀ اتي پهچي وينديون هيون. زالون ته ضلعي واري گهر جي ڀاتين کان وڌيڪ پار ڪڍي روئنديون هيون. پرائي تڏي تي، پنهنجي مئل سسن، سهري يا ڏير ڏيرياڻيءَ جا پار ڪڍي اوڇنگارون ڏيئي، پوتيءَ سان نڪ اگھي پيون روئينديون. بس ڪجھه دير کانپوءِ پار بند ڪري منهن کولي پوتيءَ سان نڪ رڳڙي، اُتي جو اتي پرائي پچار کي لڳي وينديون هيون، ”اهي ئي لاٽون اهي ئي چگهه“.
جڏهن اسان جو ڏاڏو سائين گذاري ويو ته تڏي تي اچي پار ڪڍي روئڻ لڳيون ۽ زوريءَ امڙ کي چوڻ لڳيون ته پار ڪري روءُ. هڪ واڻياڻيءَ امڙ جي رئي کي ڇڪ ڏيئي، امڙ جو منهن ڍڪيو. امڙ کي منهن ڍڪڻ ۽ پار ڪڍڻ جي عادت ڪانه هئي. امڙ سٽ ڏئي رئو منهن کان پري ڪيو . امڙ کان وڌيڪ ٻيون پار ڪڍي ڪري روئڻ لڳيون. امڙ کي ڀاڪر پائي، ڏاڏي سائينءَ جون ڳالهيون ياد ڪري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳيون. امڙ جي اکين مان صرف ڳوڙهن جي ڌارا جاري هئي، ساڳيو حال اسان ٻارن جو به هو. امڙ کين چيو ”ٻار اڳيئي پريشان آهن. مهرباني ڪري پار نه ڪڍو نه ته ٻار بيمار ٿي پوندا.“ تڏهن وڃي ماين ماٺ ڪئي. اُنهن جي دل ڏاريندڙ پارن تي گهر جا ڀاتي ککا وکا ٿي رهيا هئا. بس ڪجھه گهڙين کانپوءِ وري ڳالهين ۾ لڳي ويون. مطلب ته مايون هر ڳالهه ۾ اڳ اڳريون هونديون هُيون. چاهي شادي مُرادي هجي يا جڻين جا لاڏا هجن. يا وري ڏڻ وار هجن. ٿڌڙيءَ تي دل کولي داءُ هڻنديون هيون. ٻن ٽن واياڻين جي گهر ته ڪافي وڏو پڙ هوندو هو. ڪٿي روپيو اچپ هوندي هئي ته ڪٿي پنج. ڪٿي ڪٿي ته سؤن تائين اچپ ڪنديون هيون. ڪي وري بلئڪ تي اچپ ڪنديون هيون . جن وٽ پئسو ڪونه هوندو هو، سي بادامين تي راند ڪنديون هيون. سڀني کي ٿڌڙيءَ تي جوئا ڪندي ڏسي اسان جي دل سرڪندي هئي، پر امڙ ۽ ابو ٿڌڙيءَ جي اچڻ کان اڳ ئي پئسا ڏوڪڙ يا خرچي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا ۽ چِتاوني ملندي هئي ته اگر ڪٿي ٽاس ڪندي ڏٺو ويو ته هَڏ گُڏ ڀڃي ڇڏينداسونوَ. دل پئي سرڪندي هئي. پوءِ پيا الڳ الڳ گهرن ۾ لڳل ٽڪريون ڏسڻ ويندا هئاسين. سڀئي زالون پيون ڪرڙين نظرن سان ڏسنديون هُيون. ڪنهن جي اڳيان ويهي تري کوڙيندا هئاسين ته ڪاوڙ ملندي هئي، ” تري نه کوڙ مان هارائينديس“ پتن سٺن نه اچڻ تي خاصي دٻ ڪڍنديون هيون، هڪ هنڌان ڌِڪو ملندو هو ته ٻئي هنڌ ٻي ڌِڪو ڏيندي هئي، ته ٽينءَ جي ڀر ۾ وڃي وهندا هئاسين.
اسان جو ڀاءُ اشوڪ ڪوئيٽا ۾ نوڪري ڪندو هو. اشوڪ چڱو چلتو پرزو هو. هن وقت اسپين ۾ آهي اسان تي ڪافي اثر رسوخ هوس. خبر هئس ته چغلي لڳڻ جو امڪان گھٽ آهي انهن عورتن سان گڏ اهو به تاس کيڏڻ ويهي رهندو هو، اسين خرچي جي لالچ تي گهر ڪونه ٻڌائيندا هئاسين، اشوڪ جي اها ساعت گھڻي هئي هميشه کٽندو هو، صرف ڏهن ويهن رپين سان راند شروع ڪندو هو، سؤ سؤ تائين کٽي اٿڻ لڳندو هو، ته زالون زوري پڪڙي ويهارينديون هيس، ته اڌ ۾ نه وڃ، سڀني جا پئسا کڻي ٿو ڀڄين، پر بابي سائينءَ جو نياپو پهچي ويندو هو، ته اشوڪ ۽ ٻار ڪٿي به هجن ڳولي وٺي اچون، ٻارن جو گهر کان ٻاهر ۽ غير حاضري جو مطلب جوا جي ٽڪرين تي وڃڻ. بابي جي نياپي پهچڻ تي اسين سڀ ائين ڀڄندا هئاسين جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ. زالون به ڊپ وچان خاموش ٿي وينديون هيون، ساڳي طرح مردن جا به الڳ الڳ جوا جا اڏا ۽ ٽڪريون لڳنديون هيون، پوليس کي به ڄاڻ هوندي هئي، صوبيدار کيسو گرم ڪندو هو، پر جي ڪنهن کيسو گرم نه ڪيو ۽ سڻڀو گراهڪ هوندو هو ته ان تي ڇاپو هڻائيندا هئا. ڪيترن کي ته بابو سائين ضامن ٿي ڇڏائي ايندو هو. هڪ ڀيري رات جو ستا پيا هئاسين ته اسان جي سامهون واري اوطاق ۾ ٿڦا ٿڦي ٿي وئي، رڙ واڪو ٿي ويو، ”مهراج سائين مهراج سائين بچايو“، اسين سڀ ٻار ۽ بابو سائين ڊڪندا وياسين. صوبيدار جو کيسو گرم نه ڪيو ويو هو، تنهن ڇاپو هڻايو هو، ڪيترن جون واچون سونا سڳا، پونچيون، لاهي ورتائون. ڪن وري چالاڪي ڪري سونا بٽڻ، سڳا وغيره بابي سائين جي کيسي ۾ ڪري وڌا. انهن جو مال بچي ويو. مڙئي صوبيدار کي چؤ چواءِ ڪري ۽ پنهنجو اثر رسوخ هلائي واڻين جي جند ڇڏايائون. مختيارڪار ۽ صوبيدار چوندا هئا مھراج تون وچ ۾ نه پئو اسان کي نقصان ٿو پوي.
اسان جي واڙي جي سامهون هڪ واڻئي جي اوطاق هئي جنهن ۾ هڪ مسلمان ڪٽنب رهندو هو، اتي روز رڙ واڪو لڳو پيو هوندو هو. عورت ابتي پير تي هئي. هر روز تماشو لڳل هوندو هو. وڏي مشڪل سان انهن کي اٿاريوسين. مسلمانن ۾ ڏي وٺ جو به سرشتو تمام خراب آهي، پوءِ چاهي جوڙي ٺهي يا نه ٺهي، عمرين به ڪافي تفاوت هوندو هو. ٻه ٻه ٽي ٽي زالون پرڻجڻ ڪري گهرن ۾ ڪٽڪو لڳو پيو هوندو هو. ڪيترا ته اهڙا به هوندا هئا جو ڍور ڍڳي وانگر عورتن جو سؤدو ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن انهن ڳالهين تان خون به ٿيندا هئا. بس پوءِ ڪچهريءَ ۾ هڪ ئي بيان هوندو ”ڪارو ڪاري ڪري پڪڙيو سين“. جيلن مان ڇٽي ايندا هئا يا خون جو بدلو خون سان وٺندا هئا.
اسان جي تر جا زميندار پنهنجي وڏن جي مزار تي پڳ لاهي رکندا ”جيستائين خون جو بدلو خون نه وٺنداسين، تيستائين اها پڳ نه پائينداسين“. اسان جي گهر جي سامهون انهن جو تڪرار وارو زميندار رهندو هو. حاجي الاهي بخش کوکر جنهن تي ڪيترا خون جا حملا ڪيا ويا. ان جي پٽ تي ڪيترائي ڀيرا بندوق سان حملا ڪيا ويا، هر ڀيري بچي ويندا هئا. ان جي نوجوان فرزند تي ايترا ته حملا ڪيا ويا جو هو بدصورت ٿي پيو. نيٺ کيس قتل ڪري بدلو وٺي پوءِ ئي پڳ پاتائون. ان نوجوان جو والد الاهي بخش کوکر مونکي بيحد ڀائيندو هو، مهالڪشمي ايندي هئي ته سڌ ڪري چوندو هو ته ”وينا! ست پُڙا ته کاراءِ“ يا وري ٿڌڙيءَ جا لولا کائڻ ايندو هو. اڄ ڏينهن تائين ان جو ڪنن ۾ آواز گُونجندو آهي. اکين آڏو سندس صورت اچي ويندي آهي. اڇي ڊگهي ڏاڙهي، رنگ صاف، اکين جا تارا ناسي، وڏي ويڪري سلوار ۽ ڪڙتو ململ جو، مٿان پٽڪو ٻڌل، ان چهري کي ڀلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي آهيان، پر ڪاميابي پلئه نه پوندي آهي.