مهاڳ
جي ها! بلڪل ايترو ئي ڏکيو... جيترو ... اڇا! هتي پهرئين منهنجي امڙ جو هڪ گفتو... چوندي هئي: ”جي خبر هجي ها، ته سامائجڻ بعد هڪ ڏينهن ٻار به ڄڻڻا پوندا، ته اصل ئي وڏي نه ٿيان ها.“
ته بس سمجهي وڃو... ٻالڪپڻ مان نڪري، پخته ڄمار ٿي وڃڻ بعد ڪنهن به ليکڪ لاءِ ٻار بڻجي لکڻ به ايترو ئي ڏکيو، جيترو عظيم مائرن لاءِ ٻار ڄڻڻ.
اڙي بابا... مٿان وري هي اڄوڪي دنيا ۾، جيڪي هچائُن سمانُ ٻار ڄمن پيا، انهن جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي. جي ها! اُهي ته مراڳو هٿ ۾ موبائيل فون، چپن تي Chip ۽ مٿي ۾ ميگنيٽ ڪارڊ کنيو، دنيا ۾ تشريف آور ٿين پيا- ۽ اهي به اهڙا... جهڙا بابن جا بابا.
اڙي بابا! يقين ڪريو، مون پنهنجي اکين سان، اڍائي ٽن سالن جي هڪڙي ٻار کي ڪمپيوٽر هلائيندي ۽ وڊيو گيم کيڏندي ڏٺو آهي.
هاڻي ڪائنات اندر اهڙي پيدا ٿيندڙ نئين نسل لاءِ ڪهڙي شاعري ڪجي ۽ ڪهڙيون ويهي ڪهاڻيون لکجن؟ ۽ علاوه ان جي انهن ۾ ادب پڙهڻ جي هَيرَ وجهجي، ته اُها آخر ڀلا ڪيئن؟ ۽ انهن کي مطالعي ڏانهن آڻجي ته ڪهڙي طرح... بهرحال انهن ۾ اهڙو ذوق develop ڪرڻ لاءِ efforts به، اسان ئي ته وڏڙن کي وٺڻا آهن ۽ مقرر وٺڻا آهن.
خير منهنجي مُرڪڻي ۽ محبوب يار ’انور ابڙي،‘ پُوري عزم سان... جي ها! ٻاراڻو ادب ۽ اهو به مسلسل لکڻ جي سلسلي ۾ هڪڙي هيءَ جيڪا اولمپڪ مشعل هٿ ۾ کنئي آهي- ۽ ميدان ۾ نڪري نروار ٿيو آهي، ته ان لاءِ هن کي سئو سئو نه... لکَ لکَ واڌايون.
بهرڪيف اسان جي هن بهترين قلمڪار... انور جي به، لڳي ٿو مون ئي وانگر دلي خواهش آهي ته اڄ جي دؤر جو هي پيدائشي انجنيئر ٻار... ڪمپيوٽر ۽ ٻين ڪَلَ پُرزن سان... برابر ته ضرور کيڏي، وندرَي ۽ باخبر رهي... پر بابا! انهيءَ ۾ پڙهڻ... معنيٰ بوڪ ريڊنگ جي به ته عادت develop ٿيڻ گهرجي. ۽ sms ۽ نيٽ چيٽ واري انگلش رومن الفابيٽ سان گڏ پنهنجيءَ ٻولي جي صورتخطيءَ سان به ته ان جي حرف شناسي رهي ته ڪيڏو نه چڱو.
اڇا! هتي اٿندي ئي ٿورڙي ڳالهه هنن ڪهاڻين جي ڪهاڻيڪار انور جي، پنهنجي به... جيڪو آئون ڀانئيان ته... همعصرن ۾ پخته، سنجيده، باوقار، آدرشي ۽ هر حالت ۾ بامقصد لکڻ ڏانهن مائل ۽ روشن خيال ليکڪ جو رتبو هاڻي ماڻي ئي چڪو آهي. ته بس اسان جي انهيءَ سنجيده ۽ سُلڇڻي انور ۾، ڪوئي ننڍڙو ٻار ڇَپ هنيو به ته ويٺو پيو ڀائنجي، جنهن هن جي هٿ ۾ قلم ڏيئي، کيس ننڍپڻ ۽ ماضيءَ جي مشاهدن کي لکڻ لاءِ پڪ سان ته آماده ڪيو ٿو ڏسجي ته، هو ٻاراڻو ادب لکندو رهي ۽ لکندو ئي رهي.
هونئن هتي هڪڙي ٻي ڳالهه، هيءَ به... ته جيڪي ليکڪ ٻارن لاءِ لکڻ جِي پاڻ ۾ همٿ ڌاريندا آهن، اُهي اندران پاڻ به ته... ٻارن جهڙي ئي دل رکندڙ هوندا آهن: معصوم، پاڪ، قلزم جي قطري سمانُ، اڇي ۽ اُجري دل. ٽئين ڳالهه هتي هيءَ به، ته اهڙا ليکڪ پڪ سان، ننڍپڻ ۾، مائُن، نانيُن ۽ ڏاڏين سان هر حال ۾ گِهر گهلا ئي رهيل هوندا آهن... آءِ مِين ٽچ بٽڻ!
آئون ڀانئيان ته ’عَني ۽ مائو‘ ٻالڪ ڪهاڻي ڪتاب جي هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪو نه ڪو هڪڙو ڪردار... اهڙو به ضرور آهي، جهڙوڪ ليکڪ انور پاڻ آهي... ڳوٺ جنگياڻي، تعلقه ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي وارو انور ابڙو.
۽ ياالله... هيءَ ڪهاڻي ’عني ۽ مائو‘ به ڇا ته مزيدار ڪهاڻي... جنهن ۾ ننڍڙو ذهين ٻارڙو عني، شين جا نالا ئي پنهنجا ٿو رکي، جيئن مثال طور ٻليءَ کي هُو نالو ڏئي ٿو ’مائو‘... ادا... کي ... ’دا‘ ۽ پاؤڊر کير کي ’بُو‘. اِجهو ان ئي ڪهاڻيءَ جو هي سين به ”ڪيا هي سين؟“
- عني جڏهن ننڍڙو هو... صوفا سيٽ هيٺان ويٺل ٻليءَ جي ٻچن
کي فرش تي ليٽي، جُهڪي جُهڪي ڏسندو رهندو هو. پوءِ ڪو ڪارو ٻلو، اِهي ٻچا کائي ويو، ته ننڍڙو عني ڪيترا ڪيترا ڏينهن صوفا سيٽ ڀرسان ليٽي ان جي هيٺان ٻليءَ جا اُهي ٻچا اُتي ڳوليندو رهندو هو.“
الا..! انور ڇا ته ذهانت سان هيءَ ڪهاڻي لکي آهي، جنهن کي پڙهي هڪ پاسي جي منهنجي اکين ۾ لڙڪ لهي آيا ته ٻئي پاسي چپن تي تري آيم مُرڪ.
هونئن انور ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين کي دلچسپ ڪهاڻي بنائي ڏيکارڻ جو به، ڇا ته ڏانءُ... مثال طور ڪهاڻي ... ”منوءَ کي مار“... ۽ هاءِ ويچارو منو؟ پر منو، اِها مار کائي ڇو ٿو؟ ان جو تفصيل ته وڃي ڪهاڻي ۾ پڙهجو... باقي منو سان گڏ جيڪي ٻيا شرارتي ٻار، انهن جا نالا هتي پڙهندا هلو: جي ها!.. هڪڙي جو نالو ’علي‘ ۽ ٻئي جو ’انور‘... ته ڇا اِهو انور... ڪٿي خود انور ابڙو پاڻ ته ناهي؟.
اڇا! انور جي هنن اڪثر ڪهاڻين جو Locale گهڻو تڻو ته ڳوٺاڻو آهي ۽ ماحول وري سيڪنڊري اسڪول ٽائيپ. ان ڏس ۾ ’ڪرم ڊِڊِ‘ ڪهاڻي!. ۽ اها به ڇا ته مزيدار... پر ڪهاڻي پڙهندي پڙهندي منهنجو ڌيان پنهنجي اسڪول واري دؤر ۽ ڪلاس ڏانهن به ته هليو ويو، جتي جي، ڪنهن ٻار جو ’ڪُٻ‘ نڪتل، ته ان کي سڏيندا هئاسين ’ڪٻٽ.‘ ڪو ٻار سنهڙو ته اُهو کڳو، ڪو ساده صورت، ته اهو ’لُوپڙ‘... ته بس انور جي ڪهاڻي ’ڪرم ڊڊ‘... اهڙي ئي ته ساڳئي موضوع تي پڙهڻ جو ويٺس ته ڪيتري ڪيتري دير تائين پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪري کلندو ئي رهيس. يا وري ’ورُو ٻوڙو‘... ’ضمير ڏندرو‘... جنهن جا ڏند وڏا... ۽ ايڏا وڏا، جو بعد ۾ سندس نالو ئي پئجي ويو: ”ڏانداري.“
۽ اڙي هان!- هي ڇا؟ انور جي ڪهاڻي ’ادو رفيق‘ پڙهيم، ته ياد پئم، زندگيءَ ۾ جيڪي جيڪي رفيق مون کي ٽَڪريا، اُهي به انور واري ”ادي رفيق“ وانگر ئي، ڇا ته خوش مزاج ۽ ذهين! (۽ يارو! ائين الائي ڇو؟) ته خير مون چيو پئي، انور پنهنجي اسڪول لائيف ۽ هاڻوڪي مشاهدي جون جيڪي جيڪي به هي ڪهاڻيون هن پُستڪ ۾ لکيون آهن، سچ پڇو ته نهايت ئي سليقي سان لکيون آهن. هونئن پڪ ڄاڻو ته ٻڌائڻ لاءِ اهڙيون ڪهاڻيون هر عام ماڻهوءَ وٽ به عام جام هونديون آهن، پر اُهي سڀ انور وانگر ڪنهن کي لکڻ به ته اچن. خير بقول انور جي، صرف هي ئي نه، هُن وٽ ٻارن لاءِ ههڙيُن ڪهاڻين ۽ ناولن لکڻ لاءِ ٻيا به گهڻا ئي خيال ۽ موضوع ذهن ۾ موجود آهن... ان ڏس ۾ انور وڌيڪ هي به لکيو آهي ته، ”هُن جا پنهنجا ٻه ٻارڙا عنيق ۽ اريب جيستائين ننڍڙا آهن، هو انهن جي ٻاتين ٻولين مان اُتساهه ماڻي اول خير آئينده به لکندو رهندو؛ انشا الله!“
۽ اجهو اِن ڳالهه تي آئون وري کيس هتي دعائون ڏيندي هي پيو ٿو لکان ته: هي صرف عنيق ۽ اريب ئي ڇو! انهن جي شاخن مان ڦُٽي نڪرندڙ گلن کي به شال اسان جو هي انور ڏسي ۽ اُنهيءَ کان پوءِ انهن جي به نئين کان نئين ايندڙ نسل لاءِ، هو لکندو... لکندو... ۽ شال لکندو ئي رهي. (الاهي آمين.)
نصير مرزا
25 مئي 2015ع حيدر آباد