غُربتَ جي سَزا
پيءُ واتان اهڙا، نماڻائي ۽ درديلي آواز ۾ نڪتل لفظ بڙڇي بڻجي سليم جي ستل ضمير کي سجاڳ ڪرڻ لئه چُٽيندا رهيا. کيس پنهنجا سندر سپنا، جيڪي مستقبل ۾ تعبير ٿيڻا هئا، سي واريءَ جي گهرڙن جيان جهٽ پلڪ ۾ ڀُرندي نظر آيا.... سندس آئيندي ۾ ڊاڪٽر بڻجڻ وارا خيالَ وَر وَر ڪري سندس ذهن جي ڪينواس تي ائين ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا، جيئن واريءَ تي ليڪا .
اهي ئي خيالَ ۽ سندر سوچون ته:”آءٌ ڊاڪٽر بڻجي بي وقتائتي موت جو کاڄ بڻجندڙ پنهنجن ماڻهن کي وڌيڪ زندگي وٺي ڏيندس، اُنهن يتيم، مسڪين ۽ غريب ٻارڙن جو سهارو بڻجندس، جيڪي ٻاروتڻ ۾ ئي خطرناڪ ۽ وچرندڙ بيمارين جي نٽهڻ اُس ۾ سڙي ۽ مستقبل جون حسين موجون ماڻڻ بغير مري، افق جي هُن پارِ هليا ٿا وڃن - ۽ ڊاڪٽر بڻجي انهن امڙين جي پرگهور لهندس، جيڪي غريب آهن ۽ انهن پورهيتن جو ڀرجهلو ۽ نئين حياتي ڏيندڙ مسيحا بڻجندس، جيڪي لُنڊيءَ تي لت اچڻ سبب، ڏائڻ موت جو بک بڻجي اسان کي دائمي وڇوڙي جا چهڪ ۽ ڏک ڏيو هليا ٿا وڃن،“ پر کيس پنهنجا اهي خيالَ رڳو خوابَ ئي لڳي رهيا هئا .
سليم هينئر ڏهين جماعت ۾ هو. اڃا کيس ڊاڪٽر بڻجڻ ۾ پورن ستن ورهين جو عرصو پيو هو، ۽ سندس محدود مالي وسيلا ان ڊگهي عرصي کي گهٽائي نه پئي سگهيا. ان ڊگهي سفر تي ويچاريندي، سندس ڏيئي جيان ٽمڪندڙ تارن وٽان ٻه موتي، ڳوڙهن جي صورت ۾ اچي سندس جهوليءَ ۾ ڪِريا. هن پڪو پهه ڪيو ته، هيءُ انڌي منڊي نوڪري يا مزوري ڪري به پنهنجي والدين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ڊاڪٽر بڻجڻ واري خواب جي پورائي لاءِ ڪوشش جاري رکندو.
ڀنڀرڪي مهل اُٿيو. ڪاٺ جهڙي سُڪل ماني، پاڻيءَ ۾ پُسائي، نرم ڪري، کائي، بک جي باهه کي ڪجهه ڇنڊا هڻي، روزگار جي ڳولا ۾ شهر جو رخ ڪيائين. ٻه ٽي ڏينهن شهر جي نرالي ۽ مصروف ماحول ۾، گهٽين ۾ گهمندو ۽ ٻارڙن ۽ وڏڙن کي ڏسندو رهيو.
ان دوران سيٺ ۽ ڪاموري جو هڪ به گهر نه رهايائين، جتي هِن ٻيجل جو ٻيو روپ وٺي، ِسرَ بدران روزگار جي سئن نه هنئي. جڏهن مايوسيءَ جي ٻاٽ اوندهه ۾ کيس ڪٿي به اميد جو ڪو ڪرڻو نظر نه آيو، ته ٿڪل ٿڪل قدم، جيڪي مڻن جي وزن جهڙا ڳرا ٿي لڳا، کڻندو، هارايل جُواريءَ جيان پنهنجي گهر ڏانهن وڌڻ لڳو. واٽَ تي کيس اسڪول جو گهرو سنگتي رحيم ملي ويو ، جنهن ته پهريان سُڃاتسِ ئي ڪونه، ڇو ته لڳاتار ٻه ٽي ڏينهن بک ۽ اڃ تي شهر جو سڙيل دونهون کائي کائي، سرطان ۾ ورتل مريض جهڙو ٿي لڳو.
ويجهو اچڻ کان پوءِ هي پاڻ ۾ مليا. سليم جي اهڙي رحم جوڳي حالت تي، ڪنهن کي به رحم اچڻ فطري ڳالهه هئي، پر رحيم ته سندس گهاٽو سنگتي هو ، سو اُهو وڌيڪ پريشان ٿي ويو. ڪجهه پل ته سليم جي لُوساٽيل چهري طرف ڏسندو رهيو، پر پوءِ ڏکاري آواز ۾ کانئس پنهنجي اهڙي حالت ٺاهڻ جو ڪارڻ پڇيائين ۽ چيائين ته، ”آءٌ پاڻ تنهنجي ڳولا ۾ هئس. ڇو ته تون ڪافي ڏينهن کان بنا ٻڌائڻ جي، اسڪول نه آيو هئين. سو کُٽڪو هو. چڱو ٿيو جو ملي وئين، پر هاڻي تڪڙ ۾ ٻڌاءِ ته پنهنجي ههڙي حالت ڇو ڪئي اٿئي؟“
سليم کيس ٻڌائڻ لڳو، ”بس يار! اسان جي دل جي درد جي اُڏوهي کاڌل ڪتاب جا ورق نه اٿلاءِ .... ائين نه ٿئي جو باقي سانڍيل ورق به ڀورا ڀورا ٿي ڇڻي پٽ پئجي وڃن. يار رحيم! ياد اٿئي، اسان کي نائين ڪلاس ۾ سائين غلام عمر ڀٽائي سائينءَ جو هڪ بيت ٻڌايو هو؟“
”ڪهڙو بيت؟“ رحيم پڇيس.
اِهو ته، ”سرجيس ته سور، سامايس ته سُک ويا،
اِهي ٻئي پورَ، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا—
اُن وانگر اسان ڄمندا ۽ جوان ٿيندا آهيون ته، اسان جا رهيل کُهيل سک به غربت جي ظالم طوفان جي زد ۾ اچي ڪکَ پنَ جيان اڏري هليا ويندا آهن .“
رحيم کيس آٿت ڏيندي چيو ته، ”يار، اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. همت ۽ حوصلي سان اڻ ٿيڻي ڳالهه به ٿي پوندي آهي. تدبير سان تقدير کي بدلائي سگهجي ٿو. تون حوصلو ڪر. هنن ڏکين ڏينهن ۾ پنهنجن دوستن کي به پرک ته، ڪهڙا تنهجا ڏُک ڀائي ٿيندا..... پر دوست، آءٌ توکي پڪ ٿو ڏيان ته، مان وک وک تي توسان ساٿ نڀائيندس.“
رحيم جو والد هڪ وڏو آفيسر هو.
اُن کان پوءِ سليم رحيم کي، حالتن، ماحول ۽ سماج طرفان رسيل دلي زخم کولي ڏيکاريا. رحيم دلجاءِ ڏيندي چيس ته،”سڀاڻي اچجانءِ. ڪهڙي به حالت ۾ تنهنجي روزگار جو ڪو بندوبست ڪنداسين.“ ان کان پوءِ گپ شپ ڪري، ٻئي ڏينهن تي ملڻ جو طئي ڪري، ڳل ڳراٺڙي پائي، هڪٻئي کان موڪلايائون.
هاڻي سليم جي چهري تي خوشيءَ جون ريکائون، انڊلٺ جيان رنگ ڪڍڻ لڳيون. خوشيءَ جي حالت ۾ سندس پنڌ جهٽ پلڪ ۾ گذري ويو. گهر پهتو ته سندس پوڙهي امڙ، جيڪا جهوپڙيءَ جي ڪنڊ ۾ ڀڳل کٽ جي ڏوليءَ ۾ ليڙون ٿيل رليءَ ۾، ڪپڙن جي ڳنڍ جيان ويڙهي سيڙهي سُتي پيئي هئي، تنهن پنهنجي پٽ جي پيرن جو آواز ٻڌي، ڪوشش ڪري وڏي آواز ۾ کانئس پڇيو: ”ا.....با......س...ليم ......ڇا .....ٿيو ....رو.....جگار.....(روزگار) ....جو؟“
”امان، بس دعا ڪر. سڀاڻي پڪ سان ڪم ٿي ويندو. منهنجو دوست آهي نه رحيم، اُن پڪو دلاسو ڏيندي چيو آ ته، هُو مون کي سڀاڻي نوڪري وٺرائي ڏيندو.“
”ابا.....الله .....و ....ڏي ....ڄما.....ر...... ڏئيس.....“ ائين سندس امڙ جي واتان چچريل آواز نڪتو .
ٻئي ڏينهن باک ڦٽيءَ مهل سليم سجاڳ ٿي، راتوڪي پاروٿي ماني کائي، شهر روانو ٿيو. سندس دل ۾ سوين تمنائن جو ارڏو ۽ هٺيلو سنڌو ڇوليون هڻي رهيو هو: ”ابي امڙ کي پڇاڙيءَ ۾ ڪو ڏک نه ڏيندس.... هاڻي سندن حياتي سکي گذرندي،“ هِن پاڻ سان ڳالهايو.
رحيم جو گهر لطيف چوڪ جي ڀرسان هو. سليم جيئن ئي خوشيءَ ۾ خيالي محل جوڙيندو، ڊگهيون ڊگهيون ٻرانگهون ڀريندو، چوڪ وٽان ٽپڻ لڳو ته، اوچتو اُڀ ڦاڙ ٺڪاءُ ٿيو .... رڻ گجيو راڙو ٿيو....سليم ڪِريو...سندس جسم مان رت وَهڻ لڳو.... لطيف چوڪ لال ٿي ويو. لاغرض ۽ لاپرواهه ڪار وارو، نشي ۽ گيتن جي آواز تي جهومندو، هڪ مظلوم نوجوان جي مٿان پنهنجي ڪار جا ڦيٿا وهائيندو، سندس رت جو ڦهنگون اٿاريندو، ائين هليو ويو، ڄڻ انسان نه، پر ڪنهن بي زبان جانور کي ڪار جو ٽڪرَ هنيو هجيائين....
نوجوان سليم جي بيرحم موت تي ماتم ڪرڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ مڙي آيا. اُن وقت رحيم به چوڪ وٽ پهتو هو. ماڻهن جو ميڙ ڏسي، هيءُ به اُن طرف وڌڻ لڳو.... پوءِ ماڻهن جي پيهه کي چيريندو جڏهن هيءُ ميت مٿان آيو ته، بجليءَ جو ڪرنٽ لڳيس. دل ڏاريندڙ دانهن ڪري وڃي پنهنجي مقتول دوست جي رت ۾ رڱيل جسم مٿان ڪِريو.
پر سليم اڄ ڪٿي ٿو ساڻس ڳالهائي! هو ته روزگار نه وٺي ڏيڻ ڪري هميشه لاءِ کانئس رُسي هليو ويو هو - رحيم ائين محسوس ڪيو، ڄڻ سليم جي ريٽي رت جي سرهاڻ ۽ سڳنڌ سندس حواسن سان ٽڪرائجي، کيس چئي رهي هجي ته، ’مون کي هاڻي تنهنجي روزگار جي ڪا ضرورت ڪانهي.... مون کي اهڙو روزگار ملي ويو آهي، جنهن جو آءٌ گهرجاؤ هئس. اهو ئي روزگار ته، هِن ظلم، ڏاڍ ۽ اڻبرابريءَ واري سماج کان آجائپ ملي- ۽ هتي گهٽ ۾ گهٽ سڪون، امن ته آهي، ان ڪري منهنجي ان سماج کان دوري آ ..... دوري آ ..... دوري آ...‘
ماهوار گُل ڦل، مارچ 1986ع