مُنهنجي پاران
ٻارن جي لاءِ منهنجيون لکيل هي ڪهاڻيون منهنجي ننڍپڻ وارن اِنهن ڏينهن جو، ڪنهن حد تائين عڪس آهن، جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل منهنجي ڪهاڻي ”عني ۽ مائو“ ۽ ”بابا ته بابا ٿيندو آهي“ اڄوڪي ٻار جي ڪهاڻي آهن، تنهن ڪري ڪهاڻين جو هيءُ ڪتاب ترتيب ڏيئي، ڄڻ مون پنهنجي زندگيءَ جي هڪ دور جي، هڪ معمولي جهلڪ محفوظ ڪئي آهي.
مون 1980ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ٻارن جي لاءِ اول شاعري ڪئي هئي، جيڪا هلال پاڪستان، ڪراچي، روزاني آفتاب حيدرآباد ۽ ٻين اخبارن جي ٻارڙن جي صفحن ۾ شايع ٿي هئي. مون ٻارن جي لاءِ پهرين ڪهاڻي 19 سالن جي عمر ۾ ”ٺٺولين جي ٺوڪر“ جي عنوان سان لکي هئي، جيڪا اربع، 25 اپريل 1984ع تي ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ اخبار ”ناظم“ جي ٻاراڻي صفحي ”سرهاڻ“ ۾ شايع ٿي هئي. اُها ڪهاڻي پڻ هِن ڪتاب ۾ ڏني وئي آهي. اُن کانپوءِ مون ڪجهه ٻيون به ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکيون، جيڪي اُن وقت سنڌي ٻاراڻي ادب جي هڪ وڏي نانءَ- اڪبر جسڪاڻيءَ جي ادارت هيٺ، سنڌي ادبي بورڊ جي، ٻارن جي لاءِ شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”گُل ڦُل“ ۾ شايع ٿيون هيون، جن ۾ هڪ ڪهاڻي ”غربت جي سزا“ (شايع ٿيل مارچ 1986ع) ۽ ٻي ”مار ناهي سنوار“ (ڊسمبر 1987ع) شامل هيون. اِهي ٻئي ڪهاڻيون پڻ هِن ڪتاب ۾ ڏنل آهن.
مون وٽ اڄ به ٻارن جي ڪهاڻين ۽ ٻاراڻن ناولن جا ڪيترا ئي موضوع آهن، جن تي لکڻ جي لاءِ دل به ڏاڍو چوندي آهي، پر منهنجي مجبوري اِها آهي، جو مان گهڻو ڪري اڄ اُنهن ئي موضوعن تي لکان ٿو، جن سان منهنجي گهر جو چلهو ٻَري ٿو ۽ ٻارڙن جون اکيون ٺرن ٿيون، پر مون اِهو طئي ڪيو آهي ته ٻارن جي لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهندس. هاڻي ته ٻارڙن جي لاءِ لکڻ واسطي منهنجي اتساهه جو ذريعو، منهنجا ٻه ننڍڙا ۽ معصوم گل به ته آهن: عنيق ۽ اريب. سو اِنهن جون ٻاتيون ڳالهيون ۽ معصوم حرڪتون مون کان ضرور ڪجهه نه ڪجهه لکرائينديون رهنديون.
مان سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر ۽ ڪالمنگار سائين نصير مرزا جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي هِن ڪتاب جو دل سان، ٿورڙي وقت ۾ مهاڳ لکيو. ان سان گڏ مان پوپٽ پبلشنگ هائوس جي سربراهه ۽ پنهنجي دوست قربان منگي ۽ پنهنجي دوست ۽ نئين ٽهيءَ جي هڪ بهترين شاعر ۽ نثرنويس امر اقبال جو پڻ بيحد ٿورائتو آهيان، جن منهنجو هيءُ ڪتاب شايع ڪيو. هِنن دوستن سنڌي ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ لاءِ جيڪي ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون آهن، تن کي يقيناً سنڌ جا سنجيده حلقا مانُ ۽ مڃتا ڏيندا.
انور ابڙو
22 فيبروري 2016ع ڪراچي