چَماٽَ
هڪ ڏينهن جمال اُن سيڪشن ۾، پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هو ته ڇهين جماعت جو هڪ ڇوڪرو بادل وٽس دانهين ٿي آيو،”سائين، سر ڪامران مون کي چماٽ هنئي آهي.“ هُن پنهنجو جملو اڃا پورو ئي مَس ڪيو ته سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا. جمال ڏٺو ته بادل جي ساڄي اک سُڳل هئي ۽ اُن جي هيٺان هڪ ڪارو داغ پڻ پيل هيو. ڇوڪري جي اهڙي حالت هِن کي ڏُکارو ڪري وڌو.
”سائين، مان اِن مارَ بابت بابا کي نه ٻڌائيندس. نه ته ڳالهه وڌي ويندي. بابا ته اسان کي ڪڏهن به ناهي ماريو. هُن ته اسان سان ڪڏهن وڏي آواز ۾ به ناهي ڳالهايو. هُو منهنجي مارَ واري ڳالهه ٻڌي برداشت نه ڪري سگهندو،“ بادل ڏاڍي نماڻائيءَ وچان وضاحت ڪندي چيو.
”سائين، بس استاد کي سمجهائي ڇڏجو، ته جيئن هُو اڳتي ٻين ڇوڪرن کي ائين نه ماري،“ بادل جڏهن ائين چيو ته جمال جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو ۽ کيس اِهو يارهن سالن جو ٻارڙو پاڻ کان ۽ ڄاڻايل استاد کان تمام گهڻو وڌيڪ سُلجهيل ۽ باشعور لڳو.
”استاد اوهان کي ڇو چماٽ هنئي پُٽ؟“ جمال کانئس پڇيو.
”سر، سر ڪامران اسان کي ريڊنگ پئي ڪرائي. جڏهن مون ريڊنگ شروع ڪئي ته مون آهستي پئي ريڊنگ ڪئي، تنهن تي هُن مونکي چماٽ هنئي. ...منهنجو ڳَلو ويٺلُ هو سائين،“ بادل ٻڌايو.
”توهان جو بابا ڇا ڪندو آهي پٽ؟“ جمال ٻارڙي جي ايڏي بااخلاق هئڻ جو پسمنظر جاچڻ جي ڪوشش ڪئي.
”بابا رٽايرڊ ٽيچر آهي سائين،“ بادل وراڻيو.
“اوهان جي گهر ۾ ٻيو به ڪو پڙهيل آهي؟“ جمال، بادل کان هڪ ٻيو سوال ڪيو.
”جي سائين. منهنجي امڙ هڪ گرلس اسڪول جي هيڊ مسٽريس آهي. ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو آهي.“
جمال هِن کان وڌيڪ ڪو ٻيو سوال نه ڪيو. هِن کيس رڳو ايترو چيو، ”بابا، توهان هاڻي وڃو، مان اوهان جي استاد ڪامران کي چئي ٿو ڇڏيان. هُو اڳتي ايتري معمولي ڳالهه تان اوهان کي نه ماريندو. اوهان ڏاڍا سٺا ٻار آهيو.“
ڇوڪري ويندي ويندي وري نماڻائيءَ وچان چيو: ”مهرباني سائين، بس معاملي کي اِتي ئي ختم ٿا ڪريون....“
جمال هُن جي اِن آخري جملي ۾ لِڪل معصوميت ۽ ڊگهي نظر بابت سوچي دنگ رهجي ويو. هُو ٻارڙو ته هليو ويو، پر هُن جون ڳالهيون جمال کان اڄ ڏينهن تائين ناهن وسريون.