ضَمير ڏندرو
هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ ضميرُ، شريف سان تِکو ڳالهائي رهيو هو ته، سارنگ پري کان رَڙ ڪندي چيو:”اڙي ڏندرا، ڇو ٿو غريب سان وڙهين. ڪلاس ۾ صحيح ٿي هل، نه ته اِهي ڏند ڀڃي ڇڏيندو سانءِ.“
ضمير اُن وقت سارنگ کي چيو ته ڪجهه به نه، پر هُو پنهنجن چپن ۾ ڀُڻِ ڀُڻِ ڪرڻ لڳو. بعد ۾ ضمير ڪلاس ۾ پنهنجن ڪجهه دوستن کي چيو ته،”اڄ اسانکي هيڊ ماستر سان سارنگ جي شڪايت ڪرڻ گهرجي. هُن سڀني جو ساهه مُٺ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. سڀني سان وڙهندو ٿو وتي.“
ڪلاس جي شاگردن مان ڪنهن ۾ به اِها همت نه هئي ته ڪو هُو ضمير سان گڏجي وڃي هيڊ ماستر وٽ سارنگ جي شڪايت ڪن. نيٺ ڪَوڙَو ڪَن ڪَٽيو ۽ خيرو کانڀاڻي ضمير ڏندري سان گڏجي هيڊ ماستر قمبر عليءَ وٽ ويا ۽ کيس چيائون،”سائين، سارنگ کي اسڪول مان ڪڍو. هُو اسان سڀني شاگردن سان اجايو سجايو وڙهي ٿو.“
هيڊ ماستر کين وراڻيو، ”سارنگ ته هوشيار ڇوڪرو آهي. هُن کي هروڀرو اوهان جي شڪايت تي ڇو اسڪول مان ڪڍيو وڃي؟“
”سائين، سارنگ جي رڳو اسان شڪايت نٿا ڪريون، پر ٻيا ڇوڪرا به هِن مان خوش ناهن.“
”پوءِ اُنهن کي به پاڻ سان ڇو وٺي نه آيئو؟“ هيڊ ماستر کين چيو.
”ٻيا سائين اِن ڪري نه آيا، جو اِهي سارنگ کان ڊڄن ٿا. هُو چون ٿا ته، جيڪڏهن سارنگ کي اِها خبر پئجي ويئي ته اسان هيڊ ماستر وٽ سندس شڪايت کڻي ويا آهيون ته، هُو اسان سان وڙهندو- ۽ استاد به هُن کي ڪجهه ناهن چوندا سائين،“ ضمير ڏندري تفصيل سان ڳالهايو.
”چڱو، مان سارنگ کي گهرائي کيس سمجهايان ٿو. هُو اڳتي اوهان سان نه وڙهندو،“هيڊ ماستر قمبر عليءَ ضمير ڏندري کي دلجاءِ ڏيندي چيو.
بعد ۾ هيڊ ماستر سارنگ کي سڏائي ٿوري ڪاوڙ مان کيس چيو،”آخر تو سان مسئلو ڪهڙو آهي، جو وتين ٿو هرڪنهن سان وڙهندو؟“
سارنگ معصوم ٿيندي وراڻيو:”سائين، مان ته ڪنهن سان هروڀرو ناهيان وڙهندو، باقي جيڪو اڳرائي ڪري مونسان وڙهندو آهي، پوءِ مان به اُن کي ٿورو سمجهائيندو آهيان، پر مان اڄوڪي ڏينهن ۾ ته ڪنهن سان به ناهيان وڙهيو.“
” سارنگ ڏِسُ، تون اسانجي اسڪول جو هوشيار ڇوڪرو آهين. تو ۾ ٻيون به تمام گهڻيون خوبيون آهن. تون سدائين پهريون نمبر کڻندو آهين. تون پنهنجو هوم ورڪ به وقت تي ڪري ايندو آهين. تون گوسڙو به ناهين، پر تو ۾ رڳو اِها خراب عادت آهي ته، تون ٻين ڇوڪرن سان هروڀرو وڙهين ٿو ۽ اُنهن سان ڀوڳ ڪري اُنهن کي تنگ به ڪرين ٿو. اِها عادت پاڻ مان ڪڍ. جيڪڏهن اڳتي تنهنجي ڪا شڪايت آئي ته پوءِ مان اسڪول مان تنهنجو نالو ڪڍي ڇڏيندس.“
”سائين، توهان منهنجي ڪلاس مان ڪنهن کان به پڇي ڏسو، مان ته اڄ ڪنهن سان به ناهيان وڙهيو،“ سارنگ هيڊ ماستر کي چيو.
”پوءِ، ضمير وارا ڇو تنهنجي شڪايت کڻي آيا هئا؟“ هيڊ ماستر کانئس پڇيو.
”سائين، اصل شرارتي ته ضمير آهي. هُو وڙهندو به پاڻ آهي ڇوڪرن سان ۽ وري شڪايت به پاڻ کڻي ايندو آهي. توهان کي پاڻ خبر آهي ته هُن جهڙو شرارتي ۽ سازشي ٻيو ڪير به ناهي اسانجي اسڪول ۾،“ سارنگ، ضمير ڏندري جي شڪايت جو ڪتاب کڻي کوليو.
”ٻين کي تون ڇڏ، تون پاڻ کي ٺيڪ ڪر،“ هيڊ ماستر کيس تنبيهه ڪندي چيو.
سارنگ کي ضمير ڏندري تي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر هُو هيڊ ماستر کي ”جي سائين“ چئي ان جي آفيس مان نڪري اِهو سوچيندو پئي آيو ته، جيڪڏهن هاڻي هُو ضمير ڏندري سان وڙهي ٿو ته پوءِ ته هيڊ ماستر ضرور اسڪول مان سندس نالو ڪڍي ڇڏيندو. اڳ ۾ به اهڙين شڪايتن تي هِن جو ٻه دفعا نالو نڪري چڪو هيو ۽ جنهن تي پڻس چڱي خاصي مار به ڪڍي هئس. هِن کي پڪ هئي ته جيڪڏهن هِن ڀيري اسڪول مان سندس نالو ڪڍيو ويو ته پوءِ پڻس وري ڪڏهن به اسڪول ۾ کيس داخل نه ڪرائيندو ۽ کيس ڳوٺ جي ٻين ٻارن جيان مال چارڻو ۽ زمين تي ڪم ڪرڻو پوندو.
سارنگ ڪنڌ هيٺ ڪيون سوچيندو ئي آيو پئي ته سامهون ضمير ڏندرو اچي ويس. هِن اول ته ڪوشش ڪئي ته هُو ضمير ڏندري کي ڪجهه به نه چوي، ۽ پاسو وٺي هليو وڃي، پر هي جيئن ئي ضمير ڏندري جي ويجهو پهتو ته ضمير ڏندرو هِن کي ڏسي، ڏند ڪڍي کِليو. ضمير جا ڏند اڳ ۾ ئي وڏا هيا، جيڪي جڏهن خاموش هوندو هيو، تڏهن به اُهي سندس چپن مان ٻاهر نڪري بيهندا هيا، ۽ جيڪي سارنگ کي اصل نه وڻندا هيا. هاڻي ته جيئن ئي ضمير کِليو ته سندس ڏند سارنگ کي اڃا به وڏا، خراب ۽ چيڙائيندڙ لڳا. سارنگ کي هڪ ته هيڊ ماستر جي ڌمڪيءَ سبب اڳ ۾ ئي هِن تي ڪاوڙ هئي، مٿان وري ضمير جا ڏند جو ٽِڙيل ڏٺائين، ته اصل تپي باهه ٿي ويو.
هيءُ ضمير کي ڳچيءَ کان پڪڙي چوڻ لڳو: ”واءِ شُڊِ يو ڏنداري، هيڊ ماستر سان منهنجي شڪايت ڪيئي؟“ ائين چئي هِن ضمير کي ڪنڌ واريون اڃا ٻه مُڪون مَس هنيون ته ڪلاس جا ٻيا ڇوڪرا به اچي ويا، جن کين ڇڏائي ورتو. ضمير هَڪو ٻَڪو ٿي ويو.
جڏهن هيڊ ماستر کي هِنن ٻنهي جي جهيڙي جي خبر پئي ته هُن هِنن ٻنهي جو نالو اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو. هاڻي سارنگ ڳوٺ ۾ ٻڪريون چارڻ لڳو ته ضمير شهر ۾ ڇولا کپائڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سارنگ پنهنجي دوست ۽ هم ڪلاسي انور سان مليو ۽ کيس منٿ ڪيائين ته هُو ٻين شاگردن کي به پاڻ سان گڏ وٺي وڃي هيڊ ماستر کي راضي ڪري ته سارنگ اڳتي ڪنهن سان به نه وڙهندو. هُن کي بس آخري دفعو اسڪول ۾ داخلا ڏني وڃي. سارنگ، انور کي اِهو به چيو ته، هُو ضمير ڏندري جي داخلا جي لاءِ به هيڊ ماستر سان ڳالهائي.
”منهنجي ڪري هُن ويچاري ضمير ڏندري جي به پڙهائي ختم ٿي ويئي،“سارنگ کلندي انور کي چيو، ”جي اسڪول ۾ ضمير ڏندرو نه هوندو ته وري اسان کي به مزو نه ايندو،“ سارنگ ائين چئي انور کي ڏٺو ته هُو مُرڪيو پئي. تنهن تي سارنگ کانئس پڇيو،” ڇو ٿو مُرڪين؟ ڇا غلط ڳالهه ڪيم؟“
”نه، غلط ڳالهه ته نه ڪيئي.“
”ته پوءِ ڇو مُرڪئين؟“
”انڪري مُرڪيس پئي جو اسان ڪلاس وارا اڳ ۾ ئي هيڊ ماستر ڏي ويا هئاسين ۽ هُن کي اسان لکي ڏيئي آيا آهيون ته اڳتي سارنگ ڪنهن سان به نه وڙهندو. هُن کي هيءُ ڀيرو معاف ڪريو. هُو هوشيار ڇوڪرو آهي. ننڍڙي ڳالهه جي ڪري هُن جي زندگي تباهه ٿي ويندي.“
”پوءِ هيڊ ماستر ڇا چيو؟“ سارنگ ڇيلڙيءَ جي پُٺيءَ تي آهستي لڪڻ هڻندي اُتاولائيءَ مان پڇيو.
ُهن چيو ته، ”جيڪڏهن اوهان اهڙي ضمانت ڏيو ٿا ته سارنگ اڳتي دل سان پڙهندو ۽ ڪنهن سان به نه وڙهندو ته پوءِ ڀلي وٺي اچوسِ.“
”۽ ضمير ڏندري لاءِ ڇا چيائين؟“ سارنگ پڇيو.
”هُن ضمير ڏندري جي لاءِ به چيو ته، اُن کي به چئو ته سڀاڻي اسڪول اچي.“
اِهو ٻڌي سارنگ لڪڻ ڦِٽي ڪندي زور سان نعرو هنيو،”هو هو مست قلندر-“ ۽ پوءِ هُو خوشيءَ ۾ ٻڪريون گهر ڏانهن تيز تيز هَڪلڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن تي اسڪول ۾ سارنگ ۽ ضمير ڏندرو پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ملي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کِلڻ لڳا ته ضمير ڏندري سارنگ کي چيو،”هاڻي اوهان مون کي وري ڪڏهن به ’ضمير ڏندرو‘ نه چوندا.“
تنهن تي سارنگ ٽهڪ ڏيئي چيس،”ها، هاڻي اسان توکي ڪڏهن به ’ضمير ڏندرو‘ نه چونداسين، پر توکي ’ڏنداري‘ چونداسين،“ تنهن تي آس پاس بيٺل شاگردن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ سارنگ وري ضمير کي ڇڪي پنهنجي ڳلي سان لڳايو.