تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مذهب جو فلسفو

اعليٰ انسانيت ڇا آهي؟ مذهبن انسانيت کي ڇا ڏنو؟ اسلام ٻين مذهبن کي ڪٽيندڙ آهي يا ان جي صداقتن کي پڌرو ڪندڙ دين آهي؟ تصوف هڪ رويو آهي يا هڪ مذهب؟
اهڙن ڳوڙهن سوالن تي ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي مولانا عبيد اللھ سنڌي جي فڪر انگيز لکڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب جا سنڌيڪار رحيم داد راهي ۽ محمد انس راڄپر جن آھن.
هيءُ ڪتاب مولانا عبيدالله سنڌي جي مختلف تحريرن ۽ افڪار جو مجموعو آهي، جيڪي اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ قلمبند ٿيا. ان وقت ننڍي کنڊ جون قومون جنهن قومي غلاميءَ، سماجي ابتري ۽ مذهبي گروهه بندين جي گهيري ۾ هيون، اها صورتحال بدستور قائم آهي. اسان جي سنڌ ته هيئنر شديد فڪري بحران جو شڪار آهي،
Title Cover of book مذهب جو فلسفو

سهيڙيندڙ پاران

مولانا عبيدالله سنڌي ننڍي کنڊ جو تمام وڏي مرتبي وارو عالم ۽ آزاديءَ جو اڳواڻ ليکيو وڃي ٿو. ننڍي هوندي کان ئي علم جي تلاش ۽ انقلابيت سندس مزاج ۾ سوائي سمايل هئي ۽ هن انساني شرف ۽ ڪمال جي لاءِ اعليٰ ۽ فطري اصولن جو هڪ خاڪو ان وقت کان ئي پنهنجي ذهن تي چٽي ڇڏيو هو، هن سک مذهب کي جڏهن پنهنجي ذهن تي چٽيل اعليٰ انساني اصولن تي پورو لهندي نه ڏٺو ۽ ان جو تنگ مذهبي تصور سندس فڪري روشن خياليءَ جو ساٿ ڏئي نه سگهيو ته عمر جي ابتدائي حصي ۾ ئي ان مذهب کي خيرباد چئي اسلام قبول ڪيو. اسلام جي سچائي ۽ سٿرائي هن کي پاڻ ڏانهن آماده ته ڪيو، پر ان جي سچائي، وسعت ۽ انسان دوستيءَ تي ان وقت جي مسلمانن جيڪي پردا وجهڻ شروع ڪيا هئا، هن انهيءَ تي به پنهنجي بيتابي ظاهر ڪئي ۽ پوءِ انهن پردن کي هٽائي اسلام جي اصل روح کان ٻين هندستانين کي روشناس ڪرائڻ جا جتن ڪندو رهيو. ان مقصد لاءِ هن پنهنجي سموري زندگي وقف ڪري ڇڏي. هو ٻن محاذن تي اسان کي مستعد نظر اچي ٿو. هڪ علمي ۽ فڪري حوالي سان ۽ ٻيو انقلابي جدوجهد جي ميدان ۾. علمي حوالي سان هن عام مذهبي ماڻهن جي پاران قرآن پاڪ کي رڳو تعويذن، ڦيڻن ۽ مالي برڪتن حاصل ڪرڻ جو ڪتاب سمجهڻ وارن روين تي پنهنجو سخت احتجاج ظاهر ڪيو ۽ ان احتجاج کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ هن قرآن پاڪ کي عالمگير انسانيت جي سعادتن، ڀلائي، هر قسم جي ڏاڍ، جبر ۽ استحصال کان نجات لاءِ انقلابي دعوت جو سرچشمو قرار ڏئي، ان جي پيغام کي نکيڙي نروار ڪيو ۽ ڀرپور پرچار ڪئي. هن اهو کولي ٻڌايو سعادت ۽ چڱائي سڄي انسانيت جو ورثو آهي، اسلام ان مقصد لاءِ اعليٰ اصولن کي مٿانهين درجي تي پهچايو آهي. جن ماڻهن پنهنجي خاص ننڍڙن مقصدن ۽ ارادن جي پورائي لاءِ دين جي هٿ ٺوڪي تشريح کي پنهنجي ڍال طور استعمال پئي ڪيو، مولانا عبيدالله سنڌي انهن جي آڏو للڪار ٿي اڀريو. هن هند ۽ سنڌ جي ترقي پسند، وطن دوست ۽ وحدت انسانيت جي پرچارڪ عالمن جي ساٿ سان هڪ طرف انهن فتنن کي ٻنجو ڏنو ته ٻئي طرف دين اسلام جي انسان دوست انقلابي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪري هند ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ظلم جي خلاف ويڙهه جو حوصلو ڏنو. پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ سوچ ۽ لوچ کي عقيدي جي حيثيت ڏئي هن مظلوم ماڻهن، طبقن ۽ قومن جي جدوجهد کي تابنده رکيو.
سندس شخصيت جي خوبيءَ جو ڪمال وارو پهلو هي آهي ته هو جنهن شيءِ کي نظرياتي، فڪري ۽ علمي حوالي سان صحيح سمجهي پيو، هن پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ به ان مطابق ڀرپور عمل ڪري ڏيکاريو. پاڻ ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف ويڙهه کي عقيدي جي حيثيت ۾ مڃيو هئائين، ان ڪري سموري زندگي هندستان جي سڀني قومن کي انگريزن جي غلاميءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ انقلابي منصوبا تيار ڪري انهن کي عملي شڪل ۾ آڻڻ جي جدوجهد ڪندو رهيو. هن وحدت انسانيت کي مذهبن جو اصل اصول قرار ڏنو هو ۽ ان جي مطابق هو ننڍي کنڊ ۾ سڀني قومن کي اعليٰ انساني اصولن جي بنياد تي خوداختيار يونٽن جي حيثيت ۾ هڪ بين الاقوامي سوسائٽي/ يونين يا سياسي وحدت جي نظام ۾ سموئڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.
مولانا عبيدالله سنڌيءَ پنهنجي انقلابي فڪر ۽ جدوجهد جو بنياد قرآن پاڪ کي قرار ڏنو هو ۽ هن ٻڌايو ته سمورا آسماني مذهب پنهنجي پنهنجي دور ۾ ان وقت جي زماني، حالتن ۽ ماڻهن جي ذهني اوسر ۽ انهن جي مسئلن جي نمائندگي ڪندڙ هئا. جيئن جيئن انسان ذهني ۽ سماجي ارتقا ڏانهن وڌندو ويو، تيئن تيئن ان جي رهنمائي ٿيندي آئي. اسلام جي اچڻ وقت انساني سوسائٽيءَ جي اها ارتقا ڪافي حد تائين ميچوئر ٿي چڪي هئي ۽ انسان بين الاقواميت جي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو هو، ان ڪري انسانن کي ان حيثيت ۾ اسلام بطور مڪمل دين جي عطا ڪيو ويو. اسلام جيئن ته انساني هدايت جي ارتقائي ۽ انتهائي شڪل آهي، ان ڪري ان اڳ ۾ آيل آسماني مذهبن جي اصل ۾ حق هئڻ جي تصديق ڪئي ۽ انهن جي پوئلڳن پاران انهن جي اصل روح اهڙي طرح مسخ ڪيو جو اهي انساني فڪر کان هٽي ويا. پوءِ اها انساني هدايت گروهي هدايت بڻجي وئي. اسلام ان انساني هدايت کي پنهنجي گروهه ۾ محدود رکڻ ڪري انهن جي منسوخ ٿيڻ ۽ پنهنجي اظهار جو اعلان ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌي قرآن حڪيم کي حاڪم ۽ دين جو اصل اصول مڃي انسانيت جي ترقيءَ لاءِ ان جي رهنمائي کي اجاگر ڪيو. هُن اسلام جي پيشه ور خانقاهي تشريحن خلاف بغاوت ڪئي ۽ کولي کولي ٻڌايو ته قرآن جي اعليٰ اصولن تي ئي انسانيت کي نجات ۽ سلامتيءَ جي واٽ تي وٺي هلي سگهجي ٿو.
يورپ ۾ جيڪا مذهب تي تنقيد ٿي، ان جو ڪارڻ به اها روڳي مذهبيت هئي، جيڪا مذهب جي اصل روح کان هٽي ڪري يورپ جي نئين دور ۾ داخل ٿيڻ جي مرحلي تي، اتان جي زوال پذير جاگيرداراڻي ٽولي جي ساٿاري بڻجي بيٺي. اها يورپ ۾ ٿيندڙ تنقيد جڏهن لٽريچر جي ذريعي اسان وٽ پهتي ته ڪجهه نالي ماتر ۽ فيشن ايبل ترقي پسندن پاران هتي يورپ جي معروضي حالتن جي پسمنظر ڄاڻڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ مذهب جي خلاف پيدا ٿيل ردعمل کي سمجهڻ جي ڪوشش به نه ڪئي وئي. هن حقيقت کي به نه ڀيٽيو ويو ته اتان جي ڪليسا ۽ پادريءَ جي ڪردار ڇا رهيو آهي ۽ هوڏانهن اسلام جو انقلابي فڪر ۽ حضرت محمد ﷺ جي پاران مڪي جي جاگيرداراڻي گروهه، قيصر ۽ ڪسريٰ جي ڏاڍ ۽ جبر تي قائم سلطنتن جي خاتمي لاءِ ورتل ڪوششون ۽ شرف انسانيت ۽ انساني مساوات جا قائم ڪيل اعليٰ مثال ۽ پيش ڪيل فڪر ڪيڏو واضح آهي. اسلام جيڪو چوڏهن سؤ سالن کان وٺي ان روڳي مذهبيت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو، ان کي به ساڳي تنقيد جي ور چاڙهيو ويو. ان جو هڪ سبب شايد هي به ڄاڻايو وڃي ٿو ته اسلامي دنيا ۾ وقت بوقت اهڙا گروهه اڀرندا رهيا جن ان جي اعليٰ انساني فڪر ۽ انقلابي روين کان هٽي گروهه بندي ۽ رهبانيت جي مقصدن کي هٿي ڏني، جنهن جي خلاف ترقي پسنديءَ جو واقعاتي ردعمل ظاهر ٿيڻ لازمي هو، ان مسئلي کي به جيڪڏهن حقيقت پسنديءَ جي نظر سان ڏٺو وڃي ها ته اسلام جي نالي تي جڏهن به اهڙي گروهه بندي، رهبانيت ۽ رجائيت جو عمل پيدا ٿيو ته اسلام جي اندر ئي ان جو ڀرپور نظرياتي توڙي عملي ردعمل سامهون ايندو رهيو.
ٻي اسلامي دنيا وانگر ننڍي کنڊ ۾ شاهه ولي الله، مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت کان وٺي ڪري هند ۽ سنڌ جي ترقي پسند عالمن ۽ صوفي بزرگن جون اهڙيون ڪيتريون تحريرون ۽ تحريڪون اسان جي سامهون آهن، جن اهڙي صورتحال ۾ وڏي کان وڏي قرباني ڏئي ڪري به اسلام جي سچائيءَ تي حرف اچڻ نه ڏنو، انهن تحريرن ۽ تحريڪن جي صداقت ۽ سڦلائتي هجڻ جو انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو چٽو ثبوت ٿي سگهي ٿو ته اڄ به عوام جي اڪثريت مذهبي گروهه بندين ۽ ڪٽرپڻيءَ جي بجاءِ اسلام جي اصلي خداپرست – انسان دوست فڪر تي يقين رکندڙ آهي.
هيءُ ڪتاب مولانا عبيدالله سنڌي جي مختلف تحريرن ۽ افڪار جو مجموعو آهي، جيڪي اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ قلمبند ٿيا. ان وقت ننڍي کنڊ جون قومون جنهن قومي غلاميءَ، سماجي ابتري ۽ مذهبي گروهه بندين جي گهيري ۾ هيون، اها صورتحال بدستور قائم آهي. اسان جي سنڌ ته هيئنر شديد فڪري بحران جو شڪار آهي، اسان جي صوفي بزرگن سنڌ جي ماڻهن جي مزاج ۽ طبعي تقاضائن پٽاندڙ اسلام جي انسان دوست صوفياڻي فڪر جي صدين کان پئي آبياري ڪئي پر ڪجهه وقت کان هتي ان فڪر تي لامذهبيت جي پردن وجهڻ جون شعوري ڪوششون ڪيون ويون آهن. سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي هيستائين سنڌ جا گهٽ ۾ گهٽ ٽي نسل انهيءَ لامذهبيت جو شڪار ٿيندا آهن. مذهب هڪ ضابطو آهي. هتي جيڪڏهن ان ضابطي کي مدي خارج سمجهي ان مان ماڻهن کي خلاصو ڪرائڻ جو عمل قومي آزاديءَ جو بنياد بڻايو پي ويو ته ڀلا کين زندگيءَ جو متبادل ضابطو به ته ڏنو وڃي ها! ايئن ڇڙواڳ ڪرڻ جي شعوري ڪوشش اسان جي ڀٽڪڻ جي عمل ۽ قومي ڇڙواڳيءَ کي ڪٿان کان ڪٿي اچي بيهاريو آهي. انهيءَ اسلام دشمنيءَ کي نظريي جي شڪل ڏيڻ جي ڪري هڪ طرف اسان جي قومي تحريڪ عوامي تحريڪ نه بڻجي سگهي ۽ وقت اسان جي هٿ مان نڪرندو ويو ۽ ٻئي طرف ذهني ڇڙواڳيءَ اسان جي سموري قومي تنظيم کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو ۽ ڪٿي به ڪي ضابطا ۽ ڪا آرگنائيزيشن نظر نه ٿي اچي.
اهڙين حالتن ۾ هي ڪتاب اسان جي ماڻهن لاءِ اسلام جي اصل قرآني فڪر ۽ انسان دوست صوفياڻي پيغام جي آگاهي ۽ رهنمائيءَ جو ڀنڊار آهي، جيڪو پڪ سان اسان جي ڀٽڪندڙ وجود جي اصل شناخت آهي.
ڪتاب جا شروعاتي مضمون محترم رحيم داد “استاد راهي” ترجمو ڪري ڏنا هئا، بعد ۾ ڪتاب جي موضوع جي نسبت کي سامهون رکندي ان کي جامع بنائڻ لاءِ وڌيڪ مضمون محترم محمد انس راڄپر کي ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا، جنهن مختصر عرصي ۾ اهو ڪم ڪري ڏنو، ان لاءِ اسان ٻنهي صاحبن جا شڪرگذار آهيون. ڪتاب جا شروعاتي ست مضمون پروفيسر محمد سرور جي مرتب ڪيل ڪتاب “حالات، تعليمات اور سياسي فڪر مولانا عبيدالله سنڌي” تان ورتل آهن، دين ايمان ۽ عمل “ماهوار توحيد” تان، قرآن جي تعليم- انقلاب جي تعليم بشير احمد لڌيانوي جي سهيڙيل ڪتاب “دستور انقلاب” تان، قرآن جو خلاصو- سورت فاتحه مضمون مولانا سنڌي جي “تفسير الهام الرحمان” تان، اسلام ۽ اجتماعيت مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڪتاب “شاهه ولي الله ڪا فلسفه” تان ۽ آخري مضمون پروفيسر محمد سرور جي مرتب ڪيل ڪتاب “افادات ۽ ملفوظات مولانا عبيدالله سنڌي” تان ورتل آهن.
اسلاميات سيريز ۾ سنڌيڪار وٽ ڪافي ڪتاب تياريءَ هيٺ آهن، جن مان ڪجهه جو تفصيل ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل آهي، انشاءَ الله ڪوشش ڪري جلد ئي انهن کي منظر تي آڻبو.

نور احمد ميمڻ
چيئرمين
سنڌيڪا اڪيڊمي