تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مذهب جو فلسفو

اعليٰ انسانيت ڇا آهي؟ مذهبن انسانيت کي ڇا ڏنو؟ اسلام ٻين مذهبن کي ڪٽيندڙ آهي يا ان جي صداقتن کي پڌرو ڪندڙ دين آهي؟ تصوف هڪ رويو آهي يا هڪ مذهب؟
اهڙن ڳوڙهن سوالن تي ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي مولانا عبيد اللھ سنڌي جي فڪر انگيز لکڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب جا سنڌيڪار رحيم داد راهي ۽ محمد انس راڄپر جن آھن.
هيءُ ڪتاب مولانا عبيدالله سنڌي جي مختلف تحريرن ۽ افڪار جو مجموعو آهي، جيڪي اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ قلمبند ٿيا. ان وقت ننڍي کنڊ جون قومون جنهن قومي غلاميءَ، سماجي ابتري ۽ مذهبي گروهه بندين جي گهيري ۾ هيون، اها صورتحال بدستور قائم آهي. اسان جي سنڌ ته هيئنر شديد فڪري بحران جو شڪار آهي،
Title Cover of book مذهب جو فلسفو

قرآن جو انٽرنيشنل انقلاب

[b]قريش قرآن جا پهريان مخاطب
[/b]سورة جمعه ۾ رسول الله ﷺ جن جي باري ۾ اها وضاحت ڪئي وئي آهي ته سندن پهريان مخاطب ”امي“ آهن، ”امي“ مان مراد آهي عرب جا اهي قبيلا جن قريش جي اڳواڻي قبول ڪري ورتي هئي. ٻئي موقعي تي قرآن شريف رسول الله ﷺ جن جي بحيثيت مقصد جي هيئن وضاحت ڪئي آهي ته ابراهيم ۽ اسماعيل ؑ جن گڏجي دعا گهري هئي ته اسان جي نسل مان هڪ ”مسلم امت“ پيدا ڪئي وڃي. هي گهر (ڪعبو) ان جو مرڪز هجي. ظاهر آهي ته انهيءَ امت کي هڪ اهڙي نبيءَ جي ضرورت هئي، جيڪو ابراهيمي دين جي صحيح تعليم ڏيندو رهي ۽ ان امت کي تعليم ۽ تربيت جي ذريعي اهڙي همت ۽ ساڀيان وارو بڻائي جو اهي ابراهيمي دين سڄي دنيا جي قومن کي ٻڌائي ۽ سمجهائي سگهن. مطلب اهو ته حضور اڪرم ﷺ جن ان لاءِ موڪليا ويا ته قريش جي اصلاح ڪن ۽ انهن جي تربيت ڪري دنيا جي قومن ۾ اسلام کي ڦهلائڻ ۽ ان جي اشاعت جو ذميدار بڻائين.
قريش حضرت ابراهيم ؑ جو اولاد هئا. حضرت ابراهيم جو وطن عراق ۽ ان کان پوءِ فلسطين هو، ابلته قريش عربن سان ملي جلي عرب بڻجي چڪا هئا. سڀ کان پهريائين حضرت اسماعيل عرب ۾ اچي آباد ٿيو هو هن جو اولاد ڪافي وڌيو ويجهيو. اڳتي هلي انهن جا مستقل قبيلا ٺهيا، تورات ۾ هڪ اڳڪٿي آهي، ته اسماعيل ؑ جي اولاد مان ٻارهن سردار پيدا ٿيندا. اسان انهيءَ پيشنگوئيءَ جو اهو مطلب ٿا وٺون ته اسماعيل جي اولاد جي ذريعي عربن ۾ ابراهيمي دين جي اشاعت ٿيندي ۽ اڳتي هلي انهن جي ٻارهن سردارن جي توسط سان عرب سرزمين حنيفي ملت جو مرڪز بڻجندي.
تورات جي انهيءَ اڳڪٿي ۽ ابراهيم ۽ اسماعيل جي دعا جي ساڀيان ايئن ٿي ته ڊگهي زماني گذرڻ کان پوءِ قصيٰ نالي هڪ قريشي سردار قريش جي ٽڙيل پکڙيل قبيلن کي مڪي ۾ آباد ڪيو، انهيءِ سندن جماعتي زندگي کي منظم ڪيو، انهن جي مختلف قبيلن کي مختلف ڪم ڏنا ويا، ”دارلندوة“ جو بنياد پوي ٿو، جنهن ۾ سڀ گڏجي پنهنجا فيصلا ڪن ٿا. حج جي موقعي تي ٻاهران ايندڙن لاءِ باقاعدي انتظام ڪيو ٿو وڃي. اها ڄڻ تمهيد آهي نبي ڪريم ﷺ جي بعثت جي. قصيٰ بن قلاب جي اها جماعت پاڻ کي حضرت ابراهيم ؑ جو اولاد سمجهندي هئي. جڏهن ته حضرت ابراهيم ؑ رڳو اسماعيلي عرب جون ڏاڏو نه هو، مسيحي ۽ موسوي ملتون به هُن کي پيشوا ۽ اڳواڻ مڃين ٿيون.
انهيءَ ڪري قصيٰ جي اها جماعت خالي عربن جي سرداريءَ تي بس ڪرڻ نه پئي گهري، انهن جا حوصلا تمام گهڻو بلند هئا، اها پارٽي هڪ طرف عرب قبيلن کي اثر هيٺ آڻڻ جي ڪم ۾ لڳل هئي ته ٻئي پاسي عراق ۽ شام تائين جي علائقي ۾ پنهنجي تجارتي قافلن جي ذريعي اثر رسوخ پيدا ڪري رهي هئي، سندن سوچ اها هئي ته انهن سڀني قومن کي گڏ ڪري هڪ ”قومن جو ميڙ“ ٺاهجي ۽ ان ميڙ جي قيادت سندن هٿ ۾ هجي. انهيءَ جماعت ۾ خانداني روايتن طور اهو خيال نسل در نسل منتقل ٿيندو پئي آيو ته ابراهيم ؑ جي نسل مان هڪ تمام وڏو نبي پيدا ٿيندو، جيڪو اسان کي سمورين قومن جو سردار بڻائي ڇڏيندو، ساڳيو جذبو بني اسرائيل ۾ به هو ۽ انهيءَ سبب جي ڪري بني اسرائيل ۽ بني اسماعيل جي پاڻ دشمني به هئي، پر بني اسرائيل موسيٰ ؑ کان پوءِ ڪنهن کي به ان جي برابر مڃڻ لاءِ تيار نه انهن جو مقصد هو ته جيڪو ڪم موسيٰ ؑ ڪيو، اهو ئي ڪم ابراهيم ؑ جي دعا جي مصداق هو، جڏهن ته موسيٰ ؑ جي تعليم صرف بني اسرائيل تائين محدود ٿي رهجي وئي هئي. نتيجو اهو ٿيو جو يهودين ابراهيمي دين کي سڀني قومن جو دين بڻائڻ جي بدران رڳو هڪ خاندان جو يا وڌ ۾ وڌ هڪ قوم جو دين بڻائي ڇڏيو هيو.
اهو سچ آهي ته بني اسرائيل مان مسيح ؑ جي تعليم اسرائيل کان ٻاهرين ماڻهن تائين پهتي هئي ۽ ان جي ”حوارين“، صابئن ( يعني آرين قومن) ۾ به مسيحيت جي اشاعت ڪئي. پر ٿيو ايئن جو خود بني اسرائيلن مسيح ؑ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري يهودين ان جي تعليم کان تمام گهٽ پرايو. عجيب ڳالهه اها آهي ته يهودين حضرت مسيح کي مڃڻ کان ته انڪار ڪيو پر حضرت مسيح جي مڃڻ وارن، يهودين جي نبي حضرت موسيٰ ۽ ان جي ڪتاب تورات جي سڀ کان وڌيڪ اشاعت ڪئي.
يهودين ۽ عيسائين جي انهيءَ ڇڪتاڻ جو قريش جي سمجهدار ماڻهن تي پڻ اثر پوندو رهيو، هنن ڏٺو ٿي ته عيسائين ڪيئن وڏيون سلطنتون قائم ڪري ورتيون آهن. ان جي باوجود هو اهو به محسوس ڪندا هئا ته عيسائي ابراهيمي دين کان پري ٿي ويا آهن ۽ حنيفي ملت جي قيادت سنڀالي نه سگهيا آهن. يهودي ته ابراهيمي دين جي اشاعت ۾ هونئن به ناڪام ٿي چڪا آهن. پر انهيءَ ميدان ۾ عيسائي به گهڻو ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن. قصيٰ جي انهيءَ نئين تنظيم کان پوءِ مڪي جي قريشن ۾ هي حوصلو پيدا ٿي رهيو هو ته انهن مان ڪو وڏو ماڻهو پيدا ٿئي، جيڪو ابراهيمي دين جي دعوت ۽ ان جي قيام جو مرڪز بڻجي سگهي.
قريش جو مڪي ۾ آباد ٿيڻ ۽ قصيٰ کان پوءِ انهن ۾ هڪ خاص نوع جي جماعتي زندگيءَ جي شروعات کي مان ابراهيم ۽ اسماعيل ؑ جي دعا جو نتيجو ٿو سمجهان. ان دعا جي تڪميل هيئن ٿي سگهي پئي ته منجهن هڪ امت پيدا ٿئي جيڪا دنيا جي سڀني امتن جي هدايت جي لاءِ نڪري ۽ انهيءَ امت کي به امام جي ضرورت هئي، جيڪو انهن کي تعليم ۽ تربيت جي مدد سان دنيا ۾ ابراهيمي دين جي اشاعت لاءِ تيار ڪري سگهي. ” کَذٰلِکَ جَعَلۡنٰکُمۡ اُمَّۃً وَّسَطًا لِّتَکُوۡنُوۡا شُہَدَآءَ عَلَی النَّاسِ وَ یَکُوۡنَ الرَّسُوۡلُ عَلَیۡکُمۡ شَہِیۡدًا “ ¬جو اهو ئي مطلب آهي).

[b]انفراديت ۽ اجماعيت
[/b]بدقسمتيءَ سان هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي اسان جا اهل علم ماڻهو تاريخ کي انفرادي نقطه نظر سان ڏسڻ جا عادي ٿي ويا آهن. اهو مرض اسان ۾ مستبد (ڏاڍ ڪندڙ) بادشاهن جي دور جو يادگار آهي. اهو جبر جو لازمي نتيجو هوندو آهي ته جماعت جي جڳهه تي فردن تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو آهي ۽ تاريخ جي لاهن چاڙهن ۽ واقعن جي تغير ۽ تبديليءَ کي اجتماعي قوتن جي بدران چند شخصن جي ڪوششن جو نتيجو ٻڌايو ويندو آهي. انهيءَ سبب جي ڪري اسان جي تاريخ جا ڪتاب قوم جي اجتماعي زندگي ۽ انهن جي ترقيءَ ۽ تنزل تي بحث ڪرڻ بجاءِ بادشاهن ۽ نالي چڙهين فردن جي حالتن جو ڪٻاڙ خانو بڻجي ويا آهن. اهو انفراديت پسنديءَ جو رجحان آهي، جنهن اسان جي عالمن کي اهڙي هنڌ ڌڪي وڃي بيهاريو آهي، جتان هو اسلام جي اجتماعي زندگيءَ کي سراسر نظرانداز ڪري پنهنجو زور فردن جي شخصيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيندا آهن. قوم جي ترقيءَ ۾ اجتماع کي جيڪا اهميت حاصل آهي، اسان جا عالم انهيءَ تي بحث ڪرڻ ضروري نٿا سمجهن.
مثال طور جڏهن هو حضور اڪرم ﷺ جن جي سيرت لکڻ لڳندا آهن ته مڪي جي اجتماعي زندگي، قريش جي قومي نظم ۽ نسق، قصيٰ جي زماني کان وٺي قريش جي تنظيم ۽ توسيع جي حالتن (جنهن جو نبي ڪريم ﷺ جي بعثت ۽ سندن مشن سان تمام گهرو تعلق آهي) هو انهن ڳالهين کي نظر ۾ ئي نه رکندا آهن هو رسول الله ﷺ جي نبوت ۽ رسالت تي صرف ايترو سوچيندا آهن ته الله سائينءَ کي منظور هو ته سڄي انساني نسل ۾ هڪڙو مڪمل ۽ برتر رسول موڪلجي ۽ اهڙي يڪتا شخصيت نبي ڪريم ﷺ جي آهي، هر عالم جي سامهون سيرت النبيءَ جو صرف اهو موضوع هوندو آهي، جنهن کي هو پنهنجي علمي رجحان ۽ استعداد مطابق پيش ڪندو آهي ۽ انهيءَ طرز تي اسان وٽ تمام گهڻا سيرت جا ڪتاب لکيا ويندا آهن.
اسان جڏهن يورپ جي سياست جو براهِ راست مطالعو ڪيو ته، سرمائيدارانه نظام جي پيدا ڪيل اجتماعيت سان گڏوگڏ انهيءَ اجتماعيت کي پڻ ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو ڀرپور موقعو مليو، جيڪا پورهيت ڪش طبقو قائم ڪري رهيو هو. اسان ڏٺو آهي ته سرمائيداري نظام هجي يا اشتراڪي نظام، ٻنهي جا ليڊر مذهب جي خلاف آهن، فرق رڳو اهو آهي ته سوشلسٽ پنهنجي ضمير جي آواز کي لڪائڻ جي ضرورت نه ٿا سمجهن، کلئي عام مذهب تي حملو ٿا ڪن، پر سرمائيدار اندر ۾ ته مذهب جي مخالفت ۾ انهن جو همنوا آهي پر هو ظاهر ظهور ان جو اعلان نه ٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته سرمائيدار پنهنجي سياسي مصلحتن لاءِ مذهبي ماڻهن کي استعمال ڪندو آهي، ان ڪري کلئي نموني مذهب جي مخالفت ڪري هو مذهبي طبقي جي دشمني کڻڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
سرمائيدارن پاران مذهب جي اعلانيل مخالفت نه ڪرڻ جي باوجود هو مذهب کي سٺو نٿا سمجهن ۽ دليئون ان جي سخت خلاف آهن. اهڙيءَ طرح پورهيت طبقن جيڪو اجتماع قائم ڪيو آهي، اسان انهن جي انهيءَ اجتماعي تحريڪ جو لادينيت سان ڪو به طبعي ربط محسوس نه ڪيو آهي. اسان جي خيال ۾ محنت ڪش ماڻهن جي تحريڪ ۽ لادينيت پاڻ ۾ لازم ملزوم ناهن. معنيٰ اهو ضروري ناهي ته جڏهن به ڪٿي انسانيت جا پٺتي پيل محنت ڪش ماڻهو ڪو سماج اڏين ته لازمي طور انهن جو اهو سماج لاديني ۽ مذهب جي خلاف هجي.
مطلب ته اسين قومي زندگيءَ ۾ فرد جي جاءِ تي انساني اجتماع کي اهم ٿا سمجهون ۽ اسان شاهه صاحب جي ڪتابن ۾ پڻ اهو ڏٺو آهي ته هو به فردن جي بدران انساني اجتماعيت تي وڌيڪ زور ٿو ڏئي. اسان جيڪو ڪجهه به اسلام جي باري ۾ پڙهيو آهي، اهو ديوبند مان پڙهيو آهي ۽ ديوبندي فڪر جيئن سڄي دنيا کي خبر آهي ته شاهه ولي الله جي فڪر جو مرڪز آهي، ان ڪري ديوبند جي تعليم، يورپ جي سياست جو مطالعو ۽ شاهه ولي الله جو فڪر، اهي شيون آهن جن اسان کي تاريخ جي واقعن ۽ حادثن کي اجتماعي نقطه نظر سان ڏسڻ جو عادي بڻايو آهي. البت اسان وري به واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته اسان جي خيال ۾ اجتماعيت لاءِ لادينيت لازمي ناهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهه ولي الله صاحب انفراديت جي مقابلي ۾ اجتماعيت کي گهڻو چٽو ناهي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت جيڪي ملڪ جون حالتون هيون، اهي کلئي عام اهڙن فڪرن جي پرچار جون متحمل نه پئي ٿي سگهيون، البت اڄڪلهه زمانو گهڻو بدلجي چڪو آهي. بادشاهن جو دور ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو. هن وقت شاهه پرستيءَ جي دور کان اسين تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهيون. ظاهر آهي هن زماني جي موجوده حالتن ۾ ڪهڙي ضرورت يا مصلحت آهي، جنهن جي ڪري مان به شاهه صاحب وانگر اسلام جي اجتماعي تحريڪ کي واضح ۽ چٽو ڪرڻ ۾ سستي ڪيان؟
مون کي اها ڳالهه کلئي عام چوڻ سان وڌ ۾ وڌ اهو نقصان ٿيندو ته منهنجي دوستن مان اهي ماڻهو جن شاهه ولي الله صاحب جي فلسفي کي غور ويچار سان نه پڙهيو آهي، اهي مون کان ناراض ٿيندا ۽ منهنجي مخالفت ڪندا. پر صورتحال هيءَ آهي ته اهي طبقا گهڻو ڪمزور ٿي چڪا آهن. هن وقت انهن ڪمزور طاقتن جو لحاظ ڪرڻ ۽ انهن کي ڪا تڪليف پهچڻ جي ڊپ کان پنهنجي ڳالهه نه ڪرڻ هڪ بيڪار ڳالهه آهي.
شاهه صاحب جي زماني ۾ مسلمانن جي انهيءَ طبقي ۾ وري به ڪجهه ست ساهه هو ۽ ان جي حفاظت لاءِ شاهه صاحب جيڪڏهن وقتي مصلحت کان ڪم ورتو ته ان اهو صحيح ڪيو، البت هنن ٻن سؤ سالن ۾ سڀ ڪجهه مٽجي چڪو آهي. ڪا به اهڙي شيءِ باقي نه رهي، جنهن جي حفاظت لاءِ مصلحت جو خيال دل ۾ آندو وڃي. انهيءَ ڪري هنن حالتن ۾ مون پنهنجي زندگيءَ جو مقصد هي بڻايو آهي ته شاهه ولي الله صاحب جي اصل تعليم کي چٽو ۽ واضح ڪري کلئي عام سڄي انسانيت جي سامهون پيش ڪري ڇڏيان.

[b]قرآن ۽ اجتماعيت
[/b]انهيءَ فيصلي جو منهنجي سوچن تي پهريون اثر اهو ٿيو ته مون کي پنهنجي قرآن شريف جي تفسير تي نظرثاني ڪرڻي پئي، جنهن ڪري مون پنهنجي انفرادي رجحان جي اثر هيٺ قرآني تعليم منجهان جيڪي تشريحون ورتيون، انهن کي پنهنجي ذهن مان ڪڍي، مون اسلامي اصولن جي اجتماعي روح کي قائم رکڻ پنهنجي لاءِ فرض بڻايو. مون انهيءَ حقيقت کي گهڻو ڄاڻي ورتو هو ته قرآن کي اهڙيءَ ريت سمجهڻ کان سواءِ ان کي دنيا جي قومن جي سامهون پيش ڪرڻ ڪنهن صورت ۾ به ممڪن نه ٿيندو. جيڪڏهن قرآن شريف جي تعليم جو خلاصو اهو هجي ته هو دنيا جي ڪامل ترين انسان تي نازل ٿيو آهي، ان ڪري سڄي دنيا کي هي پيغام ٻڌڻ گهرجي ته منهنجو اندازو آهي ته هر قوم پنهنجي بزرگ ۽ اڳواڻ کي ڪامل ۽ برتر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ خاص طور مسيحي قومون حضرت عيسيٰ کي برتر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون ۽ ظاهر آهي ته ائين قرآن جو جيڪو مقصد آهي اهو ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.
ان جي ڀيٽ ۾ مان فردن جي جڳهه تي اجتماعيت تي زور ڏيڻ شروع ڪيو آهي ۽ مان انفراديت جي خلاف اجتماعيت جو قائل آهيان. منهنجي خيال ۾ حضرت ابراهيم ۽ اسماعيل جي دعا جو پهريون نتيجو اهو هو ته مڪي ۾ قريش جي اجتماعي حيثيت وجود ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته قريش جو اهو اجتماع ابراهيمي دين جو محافظ ۽ ان جو پکيڙيندڙ بڻجي سگهيو ٿ. باقي وڃي رهي هئي اهڙي فرد جي ضرورت جيڪو انهن کي ديني تعليم ڏئي ها ۽ انهن ۾ قيادت جي صلاحيت پيدا ڪري ها. سو اها ضرورت رسول الله ﷺ جن پوري ڪئي.
اهڙيءَ ريت دنيا جون ٻيون قومون حضور اڪرم ﷺ جن ۽ سندن تعليم کان قريش جي واسطي سان واقف ٿي سگهيون. ان ڪري سڄي دنيا سان سندن تعلق قريش جي واسطي سان ٿيو، ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب اهو آهي ته دنيا جي قومن اسلام جي ڄاڻ رسول الله ﷺ جن جي ذات جي ذريعي حاصل نه ڪئي هئي، بلڪه انهن اسلام کان واقفيت انهيءَ اجتماعي تحريڪ جي ذريعي حاصل ڪئي هئي، جنهن ۾ قريش سڀني کان اڳيان اڳيان هئا، معنيٰ اسلام کي سمجهڻ جي لاءِ رڳو نبي اڪرم ﷺ جن جي ذات اقدس تي سمورو زور ڏيڻ بجاءِ انهيءَ اجتماعي تحريڪ کي سامهون رکڻ گهرجي، جيڪا انهيءَ مقدس هستيءَ جي چوڌاري ظاهر ٿي هئي انهيءَ سان منهنجا ڪيترائي مونجهارا حل ٿيا آهن.
قريش جي معاملي ۾ پڻ مان انهن جي ڪنهن خاص گروهه جي خصوصيت ۽ امتياز جو قائل ناهيان، جنهن ڪري هاشميت، صديقيت ۽ فاروقيت جا لفظ منهنجي ذهن مان نڪري چڪا آهن. هڪ حديث ۾ اچي ٿو ته: ”الائمہ من قريش“ معنيٰ امام قريش مان ٿيندو. هڪ ٻيءَ روايت ۾ آيو آهي ته : ٻارهن سردار ٿيندا، جيڪي سڀ جا سڀ قريشي هوندا، اهو ذڪر ڪرڻ مان منهنجو مقصد هي آهي ته هتي مجموعي حيثيت سان قريش جو ذڪر ڪيو ويوآهي، قريش مان ڪنهن خاص خاندان کي مخصوص ناهي ڪيو ويو، پر بدقسمتيءَ سان اسان شين کي اجتماعي حيثيت سان سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ انفراديت جي رجحان اسان جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي.
منهنجي مٿان اهو اجتماعيت ۽ اجتماعي فڪر جو اثر آهي، جنهن ڪري مان سورة بقره جي آخري آيت ” لَا نُفَرِّقُ بَیۡنَ اَحَدٍ مِّنۡ رُّسُلِہٖ“ مان اهو ٿو سمجهان ته اسان لاءِ اهو ضروري آهي ته، اسين سڀني نبين تي ايمان آڻيون، انهن نبين مان هڪڙو ڪامل فرد نبي ڪريم ﷺ آهي. نبين جي جماعت کان قطع نظر صرف رسول الله ﷺ جن جي سيرت تي غور ڪرڻ مون وٽ هاڻي ڪافي ناهي.
اسان جي وڏي غلطي اها آهي ته اسان نبي ﷺ جي شخصي وصفن ۾ ايترو ته غرق ٿا ٿي وڃون جو سندن پيدا ڪيل جماعت جو قدر ۽ قيمت به اسان جي نظرن مان ختم ٿيو ٿي وڃي. اسان جي انهيءَ غلط تخيل کي درست ڪرڻ لاءِ قرآن شريف جو هڪڙو اشارو به ڪافي آهي. سورة فتح ۾ ” مُحَمَّدٌ رَّسُوۡلُ اللّٰہِ “ ان گڏ ” وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗۤ“ جو فرمان پڻ آهي، يعني حضور اڪرم ﷺ جن جي سموري ڪاميابي حضورﷺ جن ۽ سندن اصحابن سڳورن جي ڪارنامن جو نتيجو ٻڌائي وئي آهي. ان کان سواءِ حديث جي ڪتابن ۾ هڪ مشهور حديث آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مسلمانن جي هڪ جماعت حق واري هوندي. ان جي تفسير ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جو هي قول ته، ”ما انا عليہ و اصحابي“ (حق اهو آهي، جنهن تي مان ۽ منهنجا اصحابي آهن) نقل ڪيو ويو آهي.
اسان جي فڪر جي تائيد ان دعا سان به ٿئي ٿي، جيڪا قرآن شريف سيکاري آهي، اها دعا سورة فاتحه ۾ اچي ٿي، ان ۾ ” صِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ“ جو تفسير ”صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنۡعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ“ سان ڪيو ويو آهي، يعني سڌو رستو اهو آهي، جنهن تي هلڻ وارا خدا جو انعام حاصل ڪري ويا ۽ اهي ماڻهو جن تي الله جو انعام آهي، انهن جو تعين به خود قرآن شريف ڪيو آهي، قرآن وٽ ”الَّذِیۡنَ اَنۡعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ“ ۾ نبي، صديق، شهيد ۽ صالح شامل آهن. ان کان وڌيڪ قرآن مجيد جي اجتماعي تصور جي حق ۾ ٻيو ڪهڙو دليل ٿي ٿو سگهي؟ پر خبر نه ٿي پوي.، ته ڇو انهيءَ پاسي اسان جو ڌيان نه ويو. نتيجو اهو وڃي ٿيو ته اسان اجتماعيت کان غافل ٿي انفراديت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويا آهيون.

[b]انسانيت کي گڏيندڙ نظريو
[/b]قرآن جو اهڙيءَ طرح مطالعو ڪرڻ سان منهنجي سوچن تي انهيءَ جو ٻيو اثر اهو ٿيو ته مان هن وقت انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته هيءُ ڪتاب دنيا جي سڀني قومن کي انٽرنيشنل انقلاب جي دعوت ڏئي ٿو ۽ انهيءَ جو اصلي مقصد اهو آهي ته سموري انسانيت کي هڪ نقطي تي جمع ڪري. ٻين لفظن ۾ قرآن جو هيءُ فڪر آهي ته دنيا سڀني دينن کان اعليٰ دين، سڀني فڪرن کان انتهائي بلند فڪر، سڀ کان بلند بين الاقوامي نظريو جيڪو سموري انسانيت تي جامع هجي، ان جي طرف ماڻهن کي سڏي ۽ انهن کان ان تي عمل ڪرائي. انٽرنيشنل انقلاب جو اهو مضمون مون قرآن شريف جي آيت ”ہُوَ الَّذِیۡۤ اَرۡسَلَ رَسُوۡلَہٗ بِالۡہُدٰی وَ دِیۡنِ الۡحَقِّ لِیُظۡہِرَہٗ عَلَی الدِّیۡنِ کُلِّہٖ ۙ وَ لَوۡ کَرِہَ الۡمُشۡرِکُوۡنَ “ (سورة التوبه: 33) مان استنبط ڪيو آهي.
تاريخ ۾ اسان ڏٺو آهي ته هڪ وقت ۾ هڪ قوم هڪڙو مذهب اختيار ڪري ٿي ۽ اهو مذهب انهيءَ قوم جي قومي فڪرن ۽ عملن جو مقدس حصو بڻجي ٿو وڃي. اهڙيءَ طرح دنيا ۾ هر قوم جو پنهنجو پنهنجو ڌار ڌار دين وجود ۾ اچي ويو پر قرآن سموري انسانيت جي لاءِ هڪ دين پيش ڪري ٿو ۽ انهيءَ دين حق کي سمورن دينن تي غالب ڪرڻ قرآن جو مقصد آهي. ان لاءِ ظاهر آهي ته سمورين قومن ۾ انقلاب پيدا ڪرڻ ضروري آهي.
انهيءَ دين حق کي سمورن دينن تي غالب ڪرڻ جون ٻه صورتون ٿي سگهيون ٿي: هڪ صورت ته اها هئي ته تعليم ۽ تربيت، وعظ ۽ نصيحت جي ذريعي هي دين سمورن دينن تي غالب اچي وڃي، پر جيڪڏهن اها ڳالهه ائين ممڪن هجي ها ته جهيڙي ۽ جنگ، قتال ۽ جهاد جي ضرورت ئي ڪو نه پوي ها ۽ سڀ قومون خوشيءَ سان اهو دين قبول ڪري وٺن ها. پر مٿئينءَ آيت جي آخري حصي ۾ ” وَ لَوۡ کَرِہَ الۡمُشۡرِکُوۡنَ “ جو جملو پڻ آهي. ان جو مطلب آهي ته مشرڪن يا رجائيت پسندن کي اها ڳالهه قبول نه پوندي ته دين حق جو غلبو ٿئي، ان ڪري انهن جي اها ناپسنديدگي ۽ ڪرڀ دين حق جي راهه ۾ ضرور رڪاوٽ بڻبا. ان لاءِ هڪ اهڙي مرڪزي طاقت جي ضرورت پوندي، جنهن جي زور تي انهيءَ دين کي غالب ڪيو وڃي، اهو آهي ”انقلاب“ ۽ ڇاڪاڻ ته ان جو دائرو هڪ ملڪ يا هڪ قوم تائين محدود نه هوندو، بلڪه سموري انسانيت ان جي اثر هيٺ ايندي، ان ڪري اهو انقلاب انٽرنيشنل هوندو، دنيا جي اندر قرآن انهيءَ انٽرنيشنل انقلاب جو پيغام آهي.
اڄڪلهه هندستان ۾ هيءَ سوچ عام ٿي رهي آهي ته عدم تشدد جي رستي به قومن ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو. انقلاب لاءِ جنگ ضروري ناهي. عدم تشدد کي ايئن قبول ڪرڻ وارا چون ٿا ته هن وقت جيڪو نئون انقلاب ايندو، اهو انهيءَ نئين طريقي تي ايندو. ظاهر آهي ته هن وقت تائين انقلاب جو جيڪو مفهوم سمجهيو ويندو هو، هيءَ شيءِ ان کان بلڪل ڌار آهي.
عدم تشدد جي ذريعي انقلاب آڻڻ وارو خيال اڃا تائين هڪ نظرئي جي حد کان اڳتي نه وڌي سگهيو آهي. ان ڪري جيتري تائين ان تي عمل نه ٿئي ۽ ان کي تجربي جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو نه وڃي، ايتري تائين ان کي صحيح مڃڻ ۽ انقلاب جي پهرين طريقن کي رد ڪرڻ صحيح ناهي. منهنجي خيال ۾ انقلاب جي ابتدائي مرحلي ۾ هڪ حد لاء عدم تشدد جو پابند ٿيڻو پوندو آهي ۽ ذاتي طور مان هڪ ٿورڙي وقت لاءِ پنهنجي لاءِ عدم تشدد جي پاليسي متعين به ڪري چڪو آهيان ۽ مان اهو سمجهان ٿو ته تاريخ ۾ وڏين وڏين مقدس هستين عدم تشدد جي پاليسيءَ کي هڪ خاص وقت تائين پنهنجي لاءِ ضروري سمجهيو آهي. پر حقيقت هيءَ آهي ته انسان جي فطرت ئي ڪجهه اهڙي آهي جو عدم تشدد جي ذريعي هميشه ڪم نه هلي سگهندو ۽ ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن جڳهه تي تشدد جي ضرورت ٿي پوندي آهي.

[b]حزب الله
[/b]جيڪڏهن اهو مڃي وٺجي ته قرآن جو مقصد انٽرنيشنل انقلاب آڻڻ آهي ته ان لاءِ ٽي شيون متعين ڪرڻ ضروري آهن.
(الف) انٽرنيشنل انقلاب جو ”آئيڊيا“ (نصب العين يا سوچ جو مرڪز ۽ محور.)
(ب انٽرنيشنل انقلاب جو پروگرام.
(ج) انهيءَ پروگرام کي هلائيندڙ ڪاميٽي. (يعني جماعت)
آئيڊيا جو ترجمو گهڻو ڪري اسين پنهنجي زبان ۾ سوچ جو مرڪز، نصب العين يا مطمع نظر ڪندا آهيون. پر اهو ترجمو آئيڊيا جو پورو مفهوم واضح نه ٿو ڪري. سياسي سوچ وارا ماڻهو انهيءَ اصطلاح کي خاص معنيٰ ۾ استعمال ڪندا آهن. ٿورن لفظن ۾ ان مان انهن جي مراد هيءَ هوندي آهي ته هڪ وڏو مقصد جيڪو عملي طريقن جي رهنمائي ڪري ۽ اهو ضروري ناهي ته اهو مقصد لازمي طرح مڪمل شڪل ۾ حاصل ٿئي. بلڪ اهو چوڻ صحيح آهي ته آئيڊيا مڪمل صورت ۾ ڪڏهن به ظاهر نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو ڪم ته فقط عمل جي طريقن (رستن) جي طرف رهنمائي ڪرڻ آهي. ان کي هڪ ستاري جي مثال سمجهو، جنهن سان اسين طرف متعين ڪندا آهيون.
اهڙيءَ ريت انسانيت کي هڪ بلند ۽ مٿاهين مقام تي وٺي وڃڻ لاءِ هڪ آئيڊيا مقرر ڪيو ويندو آهي. فعال جماعتون انهيءَ آئيڊيا کي پنهنجي سامهون رکنديون آهن ۽ ان جي مدد سان پنهنجو رخ درست ڪنديون آهن، انهيءَ کي آئيڊيا چئبو آهي. اسان جي دين ۾ هڪ حد تائين ان جو مثال قبلي ڏي منهن ڪرڻ جو آهي.
هر انقلاب لاءِ ضروري هوندي آهي ته ڪا نه ڪا جماعت يا پارٽي انهيءَ انقلاب جي پٺڀرائي ڪندڙ هجي ۽ اها ان کي اپنائي وٺي، انهيءَ انقلابي پارٽيءَ جي ڪو نه ڪو آئيڊيا ضرور هوندو آهي. انهيءَ لاءِ ان کي پروگرام به ٺاهڻو پوندو آهي. ڪو به انقلاب انهن ٽن شين کان سواءِ ڪامياب نه ٿي سگهندو آهي، تنهن ڪري پهريائين ان کي هڪ آئيڊيا جي ضرورت هوندي آهي. ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي هڪ بهترين پروگرام جي ۽ ٽئين نمبر تي هڪ پارٽي يا ”حزب“ جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا پارٽي يا ”حزب“ انهيءَ پروگرام کي هلائي.
منهنجي نظر ۾ اسلام هڪ عالمگير ۽ بين الاقوامي انقلاب جو سڏ ڏيندڙ آهي. انهيءَ انقلاب جو آئيڊيا منهنجي نظر ۾ قرآن جي هيءَ آيت ”ہُوَ الَّذِیۡۤ اَرۡسَلَ رَسُوۡلَہٗ بِالۡہُدٰی وَ دِیۡنِ الۡحَقِّ لِیُظۡہِرَہٗ عَلَی الدِّیۡنِ کُلِّہٖ ۙ وَ لَوۡ کَرِہَ الۡمُشۡرِکُوۡنَ “ آهي.
انهيءَ انقلاب جي پروگرام جي وضاحت کان پهريائين ان پارٽيءَ يا حزب جو هجڻ ضروري آهي، جنهن جي هٿان اهو پروگرام نافذ ٿيندو، قرآن جي انٽرنيشنل انقلاب کي جيڪا پارٽِي ڪامياب بڻائيندي، قرآن جي زبان ۾ ان جو نالو ”حزب الله“ آهي، حزب الله جي فرضن ۽ مقصدن جي سلسلي ۾ قرآن شريف جي مختلف سورتن ۾ ڪافي هدايتون ڏنيون ويون آهن. جتي جتي ” یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا“ وغيره سان قرآن مؤمنن کي خطاب ڪيو آهي ۽ انهن کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪافرن ۽ منافقن جي رستي تي نه هلو، يا فلاڻي فلاڻي حڪم جي هن طرح پابندي ڪيو. انهن سڀني احڪامن ۽ بيانن کي حزب الله جو پروگرام سمجهڻ گهرجي.
قرآن ” یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا “ جي ضمن ۾ انهيءَ حزب الله کي خطاب ڪيو آهي ۽ اهو حزب الله انهن سڀني مردن، توڙي عورتن، عرب توڙي عجم تي مشتمل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ قرآن جي انٽرنيشنل انقلاب کي قائم ڪرڻ چاهين پيا، انهيءَ حزب الله جو پهريون نمونو مهاجرن ۽ انصارن جو ٽولو آهي، جنهن کي قرآن ”السّٰبِقُوۡنَ الۡاَوَّلُوۡنَ مِنَ الۡمُہٰجِرِیۡنَ وَ الۡاَنۡصَارِ“ جو نالو ڏنو آهي، انهيءَ گروهه حضور اڪرم ﷺ جن جي زندگيءَ ۾ ، ۽ سندن لاڏاڻي کان پوءِ قرآن جي انقلاب کي ڪامياب ڪري ڏيکاريو.
ان کانپوءِ حزب الله جو سلسلو ختم نه ٿو ٿئي، بلڪه اهو برابر جاري ٿو رهي. انهن کان پوءِ ايندڙن کي قرآن ”وَ الَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُمۡ بِاِحۡسَانٍ“ سان ياد ٿو ڪري. انهن ۾ اهي سڀ مسلمان قومون شامل آهن، جيڪي قيامت تائين قرآن جي پروگرام کي هلائڻ جي لاءِ سرگرم عمل رهن.
اهڙيءَ طرح جيڪو ماڻهو انهيءَ حزب الله جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجي ۽ حزب الله جي خلاف وڙهي ٿو، اهو ڪافر آهي. ان کي قرآن حزب الطاغوت ڪوٺيو آهي، ” اَلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا یُقَاتِلُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ۚ وَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا یُقَاتِلُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ الطَّاغُوۡتِ“ (سورت النساء: 76) اهو آهي قرآن جي انٽرنيشنل انقلاب جو آئيڊيا ۽ ان جو پروگرام.
باقي سوال رهي ٿو انقلاب جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو، ان لاءِ منهنجو خيال آهي ته قرآن شريف جي آيت ”السّٰبِقُوۡنَ الۡاَوَّلُوۡنَ مِنَ الۡمُہٰجِرِیۡنَ وَ الۡاَنۡصَارِ“ انهيءَ مرڪزي ڪاميٽي جو تعين ڪري ٿي.

[b]انساني اجتماعيت ۽ اقتصاديات
[/b]شاهه ولي الله صاحب جي فلسفي جي اساسي اصولن کي سامهون رکي، جيڪڏهن سندن مشهور ڪتاب حجة الله البالغه جو مطالعو ڪيو وڃي ته اها ڳالهه ڀليءَ ڀت پڌري ٿئي ٿي ته شاهه ولي الله صاحب جي سوچ ۾ نبين سڳورن جي تعليم جهڙيءَ ريت انسانن کي باطني صلاحيتن جي سڌاري ۽ انهن جي اصلاح کان پوءِ هن جي لائق بڻايو ته اهي خد اجي ديدار جا اهل ٿي سگهن، تهڙي طرح انهيءَ تهذيبي سڌاري جو فرض پڻ ادا ڪيو آهي. شاهه صاحب جي ويچار موجب نبوت جو مقصد انسان جي پوري زندگيءَ جي اصلاح ڪرڻ ۽ ان کي مهذب بڻائڻ آهي. حَسَنَۃً فِی الدُّنۡیَا (دنيا جو سڌارو) هجي يا حَسَنَۃً وَّ فِی الۡاٰخِرَۃِ (آخرت جو سڌارو) هجي، نبوت انهن ٻنهي جي نگران آهي.
نبوت جي جيڪڏهن اها تعريف سمجهه ۾ اچي وڃي ته ابن خلدون جيڪو نبوت جي متعلق نظريو پيش ڪيو آهي، اهو ازخود غلط ثابت ٿي ٿو وڃي. ابن خلدون جو نظريو آهي ته اسان کي صرف هن دنيا کان پوءِ آخرت جي زندگيءَ لاءِ نبوت جي ضرورت پوندي آهي، البت جيتري تائين هن دنيا جي معيشت جو تعلق آهي ته انسان پنهنجي هنن معاشي نظامن لاءِ نبوت جو محتاج ناهي. ابن خلدون پنهنجي انهيءَ دعويٰ جو دليل هي ٿو ڏئي ته، اسان ڏسون ٿا ته جيڪي قومون مسلمان ناهن، انهن ۾ دنياوي ترقي موجود آهي، جڏهن ته اهي نبوت جي روشنيءَ کان محروم آهن ۽ ان جي ڪري انهن جي دنياوي ترقيءَ ۾ ڪا به رڪاوٽ نه ٿي سگهي آهي. ان مان ابن خلدون اهو نتيجو ٿو وٺي ته نبوت خالي آخرت جي مسئلن تائين محدود آهي، دنيا جي معاملن ۾ ان جو ڪو به دخل ڪونهي.
نبوت جي باري ۾ ابن خلدون جي انهيءَ نظرئي عربن جي سوچن تي تمام گهڻو اثر وڌو آهي. عربن کي ابن خلدون کان وڌيڪ ڪو به ڏاهو پاڻ ۾ نظر نه ٿو اچي. هوڏانهن ابن خلدون جو اهو حال آهي ته هو نبوت کي رڳو آخرت جي مونجهارن کي سڌارڻ لاءِ وقف ٿو مڃي. ان جو لازمي نتيجو اهو آهي ته ابن خلدون جو نظريو دنياوي معاملن ۾ انسانيت کي نبين جي تعليم کان بي پرواهه ڪيو ٿو ڇڏي. ظاهر آهي ته ان جو نتيجو فردن ۽ قومن جي حق ۾ ڪڏهن به سٺو نه ٿو نڪري سگهي. ٿيو به ايئن جو نبوت کي صرف آخرت جي علاج سمجهڻ جي ڪري عرب دنياوي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سولائيءَ سان يورپي فلسفين ۽ مفڪرن جي پروپئگنڊا جو شڪار ٿي وڃن ٿا، البت شاهه ولي الله صاحب نبوت جي جيڪا تعريف ڪئي آهي، ان جو فائدو اهو ٿيو آهي جو شاهه صاحب جي فلسفي پڙهڻ وارا انهيءَ مصيبت کان محفوظ رهن ٿا.
شاهه صاحب نگران عضون جي شروعاتي ڳالهين کان پوءِ ان ۾ لطيف عضوا به تسليم ڪيا آهن. انهن لطيف عضون کي انساني زندگيءَ جو اساس (بنياد) قرار ڏيڻ سان شاهه صاحب هڪ ٻي پيچيدگيءَ کي به سلجهايو آهي. گهڻو ڪري تصوف ۽ فلسفي جي شروعات اخلاقن کان ڪئي ويندي آهي. انسان جي حيواني زندگيءَ جي لاءِ اقتصادي ضرورتن کي بيشڪ ضروري مڃيو ويندو آهي، پر تصوف ۽ فلسفي جي موضوع يعني انسانيت جي اعليٰ ۽ اتم زندگيءَ جو سڌيءَ طرح اقتصادي ضرورتن سان تعلق ڳنڍيو ناهي ويندو. انساني زندگيءَ کي ان طرح سمجهڻ سان ڇا ٿيو جو اسان جي سياست کوکلي ٿي وئي. اسان جا سياڻا سيبتا ۽ اهي ماڻهو جيڪي وڌيڪ بااخلاق ۽ معتبر مڃيا وڃن ٿا، اهي انسانيت جي بلندي ۽ مٿڀرائي سمجهن ئي ان کي ٿا ته هو سياسي سرگرمين کان بلڪل ڌار رهن. ان ڪري هو زندگيءَ جي هر روز جي ڪمن کي سلجهائڻ واري سياسي زندگيءَ کي بلڪل معمولي ۽ نهارڻ جي قابل به نه سمجهندا آهن.
ان جيڍ ابتڙ شاهه صاحب حجة الله البالغه ۾ ڪيترين جڳهين تي انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ڪئي آهي ته انسا ن جي اعليٰ اخلاقن واري اتم زندگيءَ جو دارومدار گهڻي حدتائين اقتصادي زندگيءَ جي بهتر انتظام تي هوندو آهي.
هڪ هنڌ لکيو اٿن ته: ”انسانيت جا اجتماعي اخلاق برباد تڏهن ٿي ويندا آهن، جڏهن زوري زبردستيءَ انهن کي اقتصادي تنگيءَ تي مجبور ڪيو وڃي ۽ هو گڏهن ۽ ڍڳن جيان ڪم ڪرڻ لڳن. انسانيت تي جڏهن به ڪا اهڙي مصيبت ايندي آهي تڏهن الله تعاليٰ انسانيت کي انهيءَ مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ ڪو نه ڪو رستو پيدا ڪندو آهي ۽ ان لاءِ پنهنجي ڪنهن ٻانهي کي الهام پڻ ڪندو آهي. فرعون جي هلاڪت، قيصر ۽ ڪسريٰ جي تباهي انهيءَ اصول هيٺ نبوت جو لازمي حصو ڳڻجي ٿي.“ (انهن نظامن جي خاتمي جو تسلسل ختم ناهي ٿيو.)
جيڪڏهن انساني زندگيءَ کي ان جي اقتصادي ضرورتن کان وٺي ان جي اعليٰ ۽ ترقي يافته شڪل تائين، هڪ سلسلي جون ڪڙيون سمجهيو وڃي ته پوءِ ان انساني زندگيءَ لاءِ جيڪو به فلسفو ٺهندو، اهو مڪمل هوندو ۽ اهو سموري زندگيءَ کي مجموعي حيثيت سان هڪ اڻ ٽٽ وحدت سمجهي، ان لاءِ نظام مرتب ڪندو. ان ڪري انسان جي اجتماعي زندگيءَ لاءِ هڪ اهڙو اقتصادي نظام هجي، جيڪو ان جي اقتصادي ضرورتن کي پورو ڪري. اهڙي طرح جڏهن انسان پنهنجي حيواني ضرورتن کان مطمئن ٿي ويندو ۽ ان وٽ اٽي ۽ لٽي جي مسئلن کان پوءِ ڪجهه وقت واندو بچندو، تڏهن وڃي هو پنهنجي بلند صلاحيتن ۽ ٻين اعليٰ قسم جي لطيف ضرورتن جي تڪميل ڏانهن متوجه ٿي سگهندو.
انهيءَ تجزئي جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن هيئن چئجي ته غلط نه ٿيندو ته جيڪو فڪري نظام يا فلسفو زندگيءَ جي اقتصادي ضرورتن کي نظرانداز ٿو ڪري، اهو فلسفو ڪڏهن به مڪمل ۽ صحيح ثابت نٿو ٿي سگهي.
انسانيت جڏهن به اهڙي قسم جي مصيبت ۾ گرفتار ٿيندي آهي، تڏهن ان جي نجات لاءِ ڪڏهن نبين کي خدا وٽان الهام ٿيندو آهي ته ڪڏهن صديق ۽ حڪيم کي ان جي اظهار جو واسطو بڻايو ويندو آهي. ان کان پوءِ انهن جي ڪوشش سان جڏهن انساني اجتماع جو اهو اقتصادي نظام سڌرندو آهي، تڏهن وڃي انسانيت جي سامهون پنهنجي اخلاق کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جا رستا کلندا آهن. اهڙيءَ ريت جڏهن هن دنيا ۾ انسان جا اخلاق مڪمل ٿيندا آهن ته مرڻ کان پوءِ ان کي قبر ۽ حشر جي مصيبتن کان ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي. حقيقت هي ءَ آهي ته موت کان پوءِ جي حياتيءَ ۾ انسان جو جنت جي نعمتن مان فائدو وٺڻ انهيءَ اخلاقي بلندي جو نتيجو هوندو آهي، جيڪا اخلاقي بلندي انسان دنيا جي هن زندگيءَ ۾ حاصل ڪندو آهي.
انساني حياتيءَ جو هڪڙو درجو ته هيءَ انساني زندگي آهي. انسان زندگيءَ ۾ پنهنجي اخلاقن جي تڪميل کان پوءِ دنيا کان موڪلائي موت جو رستو طئي ڪري جنت ۾ پهچندو آهي. اهو ان جي زندگيءَ جو ٻيو درجو آهي. هتي پهچي ان جي ترقيءَ واري وک رڪجي نه ٿي هو اڃا اڳتي وڌي ٿو ۽ زندگيءَ جي ٽئين درجي ۾ قدم رکي ٿو. هتي ان کي خدا جي ديدار جي سعادت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت نصيب ٿئي ٿي.
توهان ڏٺو ته ڪهڙيءَ طرح انساني زندگيءَ جي ابتدا کان وٺي ان جي آخري درجي تائين انهيءَ حڪمت جو سلسلو ڪٿي به ٽٽي نٿو. شاهه صاحب جو فڪري نظام ايترو ته جامع، عالمگير ۽ همه گير آهي، جو انسان جي ضرورتن، جن کي اسين حيواني ضرورتون سڏيندا آهيون، کان وٺي انسانيت جي ترقيءَ جي آخري ۽ بلند ترين منزل تائين ترقيءَ جا جيترا به مرحلا آهن، انهن سڀني کي پاڻ ۾ سموئي ٿو ڇڏي. هاڻي جيڪڏهن نبوت کي اهڙي نظام فڪر جو اساس مڃي وٺجي ۽ جتي نبوت نه هجي، اتي نبين جي پيروڪارن مان صديق ۽ شهيد (سچا ۽ مجاهد) اهو ڪم سرانجام ڏين ته انهيءَ تشريح کان پوءِ نبوت انسان جي لاءِ ڪيئن نه فطري شيءِ ٿي لڳي ۽ جيڪو گهڻي ڀاڱي هي چيو ويندو آهي ته نبوت صرف مرڻ کان پوءِ جي لاءِ آهي، ان جي به ترديد ٿي وڃي ٿي ۽ نبوت جي صحيح تعليم حقيقت ۾ حَسَنَۃً فِی الدُّنۡیَا ۽ حَسَنَۃً وَّ فِی الۡاٰخِرَۃِ جي حامل پڻ بڻجي وڃي ٿي.

[b](سنڌيڪار: محمد انس راڄپر)[/b]