دين، ايمان ۽ عمل
قرآن جي دعوي آهيٰ ته اسلام الله تعاليٰ جو انسان ذات لاءِ پسند ڪيل دين آهي، تنهن ڪري اهو خيال ته اسلام مذهب جي صورت ۾ 1327ورهين جي ڄمار جو آهي،( ) سراسر غلط آهي. اسلام سڄي انسانيت جو مذهب آهي ۽ ان جي شروعات ان وقت کان ٿي آهي، جنهن وقت الله تعاليٰ پهريون انسان دنيا جي تختي تي پيدا ڪيو. ان وقت به سندس پسند ڪيل اهو ئي دين هو.
قرآن اسلام کي مذهب نه سڏيو آهي پر ان کي دين جي لفظ سان تعبير ڪري ٿو، دين جي هڪ معنيٰ آهي ضابطه حيات، يعني ته اهو قانون جو مجموعو جنهن جي ماتحت زندگي بسر ڪرڻي آهي. هن وقت اهو قانون جو مجموعو انسان ذات جي هدايت لاءِ قرآن جي صورت ۾ موجود آهي.
دنيا جي تختي تي وقت بوقت الله تعاليٰ جي طرفان انسان ذات جي هدايت لاءِ نبي ۽ رسول ايندا رهيا آهن. انهن سڀني جي دعوت جي حقيقت ساڳي هئي، سڀني جي تعليم يڪسان هئي، سڀني جو دين اسلام هو.
سڀني نبين جي دعوت ۽ تعليم جو بنياد خدا جي طرفان موڪليل وحيءَ تي مبني آهي. هو پنهنجي طرفان ان ۾ ڪمي بيشي نه ڪندا آهن ۽ نه انهن کي ڪمي بيشي ڪرڻ جو حق آهي. سندن ڪم فقط ايترو آهي ته ان تي خود به عمل ڪن ۽ اهو انسان ذات تائين به پهچائين.
دنيا جي ٻين شين وانگر وحي به الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل قانون ارتقا جي ماتحت آهي. هن وقت اسان وحيءَ جي حقيقت تي بحث ڪرڻ نه ٿا گهرون ۽ نه وري وحيءَ جي ارتقا تي بحث ڪرڻ جي هت گنجائش آهي. ”حقيقت وحي“۽ ”ارتقاءِ وحي“ٻئي جدا موضوع آهن، جن تي تفصيل سان گفتگو ڪري سگهجي ٿي. هت فقط ايترو چوڻ گهران ٿو ته، الله تعاليٰ وقت بوقت وحي انسان جي ذهني ترقيءَ مطابق نازل ڪندو آهي، ان لاءِ ته انسان ان کي سمجهي سگهي ۽ ان مان فائدو حاصل ڪري سگهي.
قرآن جي دعويٰ آهي ته وحيءَ جي مڪمل ضرورت قرآن آهي. قرآني نظام تعليم ۾ ٻه ڳالهيون مکيه آهن: هڪ ايمان ۽ ٻيو عمل. ايمان ۽ عمل، قرآن ۾ جابجا گڏ بيان ٿيل آهن، پر ايمان کي هر هنڌ عمل کان اڳ رکيو ويو آهي. ايمان انساني دل جي ڪيفيت يا ان جي نفسياتي حالت جو نالو آهي. قرآن جي هر وقت انسان کان اها ئي تقاضا ٿيل آهي ته هو پنهنجي ايمان کي صحيح رکي ۽ عمل صالح ڪري.
ايمان ۽ عمل جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. ايمان عمل لاءِ سرچشمو آهي ۽ عمل ايمان لاءِ آئينو. ايمان جي صحت عملن ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ اعمال فاسده ايمان جي غلطيءَ تي دلالت ڪن ٿا. ايمان ۽ عمل جي تعلق بابت هت فقط ايترو چوڻ ڪافي آهي، انهن تي اڳتي بحث ڪنداسين، هت فقط ايترو چوڻ گهران ٿو ته ايمان يا قرآني اعتقاد اهڙا نه آهن، جيڪي عقلي طرح ثابت نه ٿي سگهن ۽ نه وري قرآن انسان کان بنا سمجهڻ جي ڪي ڳالهيون مڃائڻ گهري ٿو. قرآن جي تعليم ۾ انساني عقل کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ هر وقت قرآن انساني عقل کي ئي خطاب ڪري ٿو، تنهن ڪري قرآني اعتقاد عقلي طرح ثابت ٿي سگهن ٿا، ڇو ته اهي خود انساني فطرت جا بنيادي اصول آهن. مثلاً قرآن انسان کان ايمان بالله جي تقاضا ڪري ٿو، ڇو ته الله تعاليٰ جي هستيءَ يا ان جي ربوبيت جو احساس انسان جي فطرت ۾ داخل آهي، يا وري قرآن رسالت تي ايمان جي تقاضا ڪري ٿو، ڇو ته انساني هدايت رسولن جي معرفت واقع ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح قرآني ايمان يا قرآني اعتقاد سڀ انسان جي فطرت جا اصول آهن، ڇو ته قرآن انسان ذات کي سندس عين فطرت تي قائم رکڻ گهري ٿو. فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبۡدِیۡلَ لِخَلۡقِ اللّٰہِ ؕذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ ٭ۙ، جي معنيٰ به اها ئي آهي ته الله جي مقرر ڪيل فطرت اها آهي جنهن تي خود انسان کي پيدا ڪيو ويو آهي ۽ اهو ئي سندن لاءِ دين آهي، يعني ته انسان لاءِ “دين قيم” يا پائيدار ضابطه حيات اهو ئي آهي، جو سندس فطرت مطابق آهي.
مطلب هي آهي ته قرآني ايمان يا قرآن جا مقرر ڪيل اعتقاد خود انساني فطرت جا اصول آهن۔ انهن اصولن جي ماتحت جيڪي اعمال مقرر ڪيا ويا آهن، سي به فطرت جي مطابق آهن: نماز جو قائم ڪرڻ، زڪوات ادا ڪرڻ، روزو، حج ۽ ٻيا اعمال ..... انهن ۾ ڪو به عمل اهڙو نه آهي، جنهن کان انساني فطرت گريز ڪري يا انساني طبيعت نفرت ڪري.
انسان جا ترڪيبي جزا ٻه آهن، هڪ جسم ۽ ٻيو روح. جسم قانون ارتقا جي پيداوار آهي ۽ روح امر ربي آهي. جسم جي پيدائش مٽيءَ جي جوهر مان ٿي آهي ۽ روح خدائي صفات جو ڪرشمو ۽ انهن ٻنهي جي موزون ميلاپ سان انساني زندگي شروع ٿئي ٿي. انساني زندگيءَ کي صحيح طريقي سان هلائڻو آهي ته انهن ٻنهي جزن جي پوري پوري نگهداشت ۽ تربيت لازمي آهي، ٻيءَ حالت ۾ انساني زندگيءَ جي ترقي ناممڪن آهي.
دنيا جي ڪجهه مذهبن تي نظر ڪرڻ سان هيءَ حقيقت ظاهر ٿيندي ته انهن جسم ۽ روح جي تعلق ۽ انهن جي تربيت جي باري ۾ افراط ۽ تفريط (زيادتي/گهڻ ۽ بي اعتداليءَ) کان ڪم ورتو آهي. ڪن مذهبن جسم جي ترقيءَ ۽ ضرورتن کي مقدم رکيو ۽ روح کان انڪار ڪيو ۽ ان نظريي جي ماتحت نظام حيات يعني رهڻي ڪهڻي، تعليم ۽ تمدن کي مرتب ڪيو. ان ڪري سڄي زندگي ماديت ۾ منحصر رهي. اهڙن مذهبن جي پيروي ڪندڙن وٽ نه روح جو وجود ثابت آهي نه روحاني حياتي. انهن وٽ جي ڪا شيءِ قابل توجهه آهي ته اها آهي سندن مادي زندگي، تنهن ڪري هنن جون سڀ ڪوششون ان مادي زندگيءَ کي برقرار رکڻ، ان لاءِ اسباب آرايش مهيا ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي مادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مصروف ٿين ٿيون. ان نظريي جي ماتحت جيڪو زندگيءَ جو نظام قائم ٿئي ٿو، ان ۾ نه خالق جو تصور آهي ۽ نه انساني افعالن لاءِ ذميواري يا جوابديءَ جو قانون، هو پنهنجي افعالن ۾ آزاد ۽ غيرذميوار آهن، تنهن ڪري هنن وٽ ڦرلٽ، دغا ۽ فريب پنهنجن ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ جائز آهي.
ان جي برعڪس ٻيا مذهب آهن، جن وٽ جسم ڪا به حقيقت نه ٿو رکي، هنن وٽ فقط روح قابل قدر آهي، تنهن ڪري ان جي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ جسم ۽ ان جي ضرورتن ۽ خواهشن کي فنا ڪرڻ لازمي آهي. ان قسم جي مذهبن جي پيروي ڪندڙن عبادت ۽ رياضت جا اهڙا طريقا ايجاد ڪيا، جن سان جسم جي تمنائن کي نابود ڪيو وڃي. دنيا کي ترڪ ڪري جبلن ۽ جهنگلن ۾ رهڻ، ڏينهن جا ڏينهن بک ۽ فاقا ڪڍڻ، زال ۽ اولاد جي خيال کي ترڪ ڪرڻ. هي آهن انهن جا ذريعا جن سان هو جسم کي فنا ڪن ٿا.
حقيقت هن طرح آهي ته جسم به اهڙي طرح ضروري آهي، جهڙي طرح روح ۽ انهن مان ڪنهن به هڪ جي وجود کان يا ان جي ضرورتن کان انڪار ڪرڻ خالص جهالت آهي. انساني زندگي انهن ٻنهي جي تعلق جو نالو آهي. اسلام جيڪو الله تعاليٰ جو روز ازل کان مقرر ڪيل دين آهي، ان انهن ٻنهي جي وچ ۾ تعديل (درستگي) قائم ڪئي. اسلام نه جسم کي روح تي ترجيح ڏني ۽ نه وري روح کي جسم تي مقدم ڪيو. ان ٻنهي جي تربيت ۽ نگهداشت کي لازمي ڪيو. جهڙيءَ طرح جسم جي اصلاح ضروري آهي، اهڙيءَ طرح جي تربيت به لازمي آهي. بدن کي ناڪاره ڪبو ته روح جي ترقي ناممڪن آهي ۽ جي روح کي نظرانداز ڪبو ته جسم بي سود آهي، ڇو ته عقل، سائنس ۽ فلسفي جي ويجهو هيءَ حقيقت آهي ته جسم ۽ روح هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿين ٿا.
قرآن ان لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته اعتقادن ۾ زيادتي ۽ زيان ۽ اعمالن ۾ افراط ۽ تقريط کي مٽائي ۽ انسان کي عين سندن فطرت جي مطابق هلائي صراط مستقيم تي قائم رکي.
هن بيان مان ظاهر آهي ته:
1) قرآن انسان کان ايمان ۽ عمل جي تقاضا ڪئي آهي.
2) قرآن ايمان ۽ عمل کي انسان جي عين فطرت مطابق مقرر ڪيو آهي.
3) قرآن ايمان ۽ عمل زيادتي ۽ زيان کي مٽائي درستگي قائم ڪئي آهي.
هن مضمون ۾ قرآن جي تعليم مان هڪ ئي ڳالهه بابت اجمالي اشارا ڪيا ويا آهن، نه ته قرآن جا علوم ته هزارين آهن، مثلاً وحدت انساني، ابداع تذڪير، (پيدائش جو ذڪر) قانون عدل و مساوات، تخليق بالحق وغيره، قرآني علمن جي تفصيلن لاءِ وڏن وڏن جلدن جي ضرورت آهي.
[b]روح ۽ جسم
[/b]ڪيترا اهڙا ماڻهو به آهن، جن جي خيالن ۾ انسان ذات کي مذهب جي ضرورت نه آهي. هنن جي خيال ۾ انساني عقل ڪافي آهي. پر جيئن مٿي بيان ڪيو ويو ته انساني حياتيءَ جا ٻه پهلو آهن: هڪ مادي ۽ ٻيو روحاني. روح جو وجود هن وقت اهڙيءَ طرح ثابت ٿيو آهي، جهڙي طرح جسم جو وجود- هيءَ ڳالهه به ثابت ٿي آهي ته روح جون خواهشون، تقاضائون يا ضرورتون اهڙيون ئي حقيقي آهن، جهڙيون جسماني خواهشون يا ضرورتون. جسماني خواهشون يا تقاضائون سراسر طبعي قانون جي ماتحت آهن ۽ ان معاملي ۾ انسان ۽ ٻي حيوانات ۾ جيڪڏهن ڪو فرق آهي ته فقط روحاني پهلوءَ جي ڪري آهي ۽ جي روحاني ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين ته روح جو موت واقع ٿئي ٿو، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن جسماني ضرورتون پوريون نه ٿيڻ ڪري جسم نيٺ فنا ٿيو وڃي.
[b]عقل ۽ روح
[/b]عقل انسان جي حياتي جي روحاني پهلو، ان جي ضروتن ۽ تقاضائن کي سمجهڻ ۽ پورو ڪرڻ لاءِ هرگز ڪافي نه آهي، ڇو ته عقل جنهن جي رسائي انساني حواسن جي پيش ڪيل مواد يا معلومات تائين آهي، سو خود روح جي حقيقت تائين پهچڻ ۾ قاصر آهي، تنهن ڪري روحاني دنيا ۾ انساني عقل کي ڪافي رهبر خيال ڪرڻ غلط آهي. منهنجي خيال ۾ عقل انسان جي مادي زندگيءَ جي رهبري ۽ هدايت لاءِ به ڪافي نه آهي، ڇو ته عقل پنهنجي ڪارفرمائيءَ ۾ حواسن تي مدار رکي ٿو ۽ خود حواسن ۾ غلطي ۽ ڪمي پيشي ٿي پوندي آهي، تنهن ڪري جسماني ۽ مادي زندگيءَ لاءِ عقل کي سراسر ڪافي خيال ڪرڻ به غلط آهي.
[b]مذهب جي ضرورت ۽ انڪار
[/b]مذهب کي انساني حياتيءَ لاءِ ضروري نه سمجهڻ معربي زندگيءَ جو اثر آهي. ان غلطيءَ جو سبب هي به آهي ته مذهب جي انڪار ڪندڙن ان جي صحيح معنيٰ ۽ حقيقي مفهوم کي نه سمجهيو آهي. هنن مذهب کي پوڄاپاٺ ۽ پرستش تائين محدود ڪيو آهي، تنهن ڪري هنن انساني حياتيءَ لاءِ مذهب جي ضرورت کان انڪار ڪيو. جيڪڏهن انڪار ڪندڙ پنهنجي عقل کان ڪم وٺي، ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ قدرن جو جيڪڏهن پنهنجي روحاني زندگيءَ تي اثر محسوس ڪن ها ته شايد مذهب کان انڪار نه ڪن ها.
حقيقت هي آهي ته انسان ذات مذهب جي حقيقي معنيٰ ۽ ان جو انساني حياتيءَ سان تعلق نه سمجهيو، جنهن ڪري آسماني وحي ۽ الهام ۾ مذهب جي لفظ جي جاءِ تي دين جو لفظ ڪم آندو ويو آهي. دين جي معنيٰ آهي. ضابطه حيات. يعني اهو طريقو جنهن تي انسان پنهنجي زندگي گذارين. ظاهر آهي ته هرڪو انسان ڪنهن نه ڪنهن طرز فڪر ۽ عمل جي زيراثر زندگي گذاري ٿو ۽ اهو نمونو يا مسلڪ يا طرز فڪر و عمل ان جو دين آهي. باقي سوال آهي ته ڪهڙو طريقو انساني حياتيءَ لاءِ وڌيڪ موزون ۽ مناسب آهي؟ سو به آسماني وحي واضح ڪري ڏنو آهي. الله تعاليٰ حياتيءَ جو خالق آهي ۽ هو ان جي حقيقت ۽ ان جي ضرورتن کان وڌيڪ واقف آهي، تنهن ڪري ان پاڪ هستيءَ حيات انساني لاءِ دين به مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
قرآن واضح ڪيو آهي ته “اِنَّ الدِّیۡنَ عِنۡدَ اللّٰہِ الۡاِسۡلَامُ” يعني ته الله جي ويجهو صحيع معنيٰ ۾ دين اسلام ئي آهي. قرآن اهو به ارشاد ڪيو آهي ته: “رَضِیۡتُ لَکُمُ الۡاِسۡلَامَ دِیۡنًا” يعني ته الله تعاليٰ انساني حياتي خاطر دين اسلام ئي اوهان لاءِ پسند ڪيو آهي. ان بعد ان دين جي خصوصيت به بيان ڪئي ته، “فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبۡدِیۡلَ لِخَلۡقِ اللّٰہِ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ ”٭ۙ يعني ته الله تعاليٰ انسان کي پنهنجي مقرر ڪيل فطرت تي پيدا ڪيو آهي، ان ۾ تبديلي ناممڪن آهي ۽ اهو ئي پائيدار دين آهي. يعني ٻين لفظن ۾ قرآن واضح ڪيو ته دين اسلام جيڪو الله تعاليٰ جو پسنديده نظام حيات آهي، سو عين انساني فطرت جي مطابق آهي.
[b]اسلامي دين جي قدامت
[/b]اسلام ايترو ئي قديم آهي، جيترو انسان ذات، قرآن جي دعويٰ آهي ته، جڏهن الله تعاليٰ زمين جي تختي تي پهريون انسان پيدا ڪيو، ان وقت به ان جو دين اسلام هو ۽ هر وقت اهو ئي دين رهيو آهي. سڀ نبي ۽ رسول به ان دين جي ئي تبليغ ۽ هدايت ڪندا رهيا آهن . ايئن به آهي ته دنيا ۾ انسان غلطيءَ کان پنهنجي سمجهه موجب ٻيا مذهب به ايجاد ڪيا جن مان ڪن جو بنياد نسلي ۽ قومي هو. ڪن جو مخصوص خطي لاءِ ۽ ڪن جو طبقاتي هو پر اهي سڀ مذهب يا ضابطه حيات غير فطري هجڻ ڪري گھڻو وقت دنيا ۾ جٽاءُ نه ڪري سگھيا. نتيجي ۾ انهن خودساخته طرز فڪر ۽ عمل جو نتيجو برباديءَ کان سواءِ ڪجهه به نه نڪتو.
الهامي دين ۽ انساني خودساخته مذهب ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ نموني ۾ صاف نظر ايندي آهي. اها هيءَ ته مّذهبن جا پيروي ڪندڙ ڪي ڳالهيون عقيدي وانگر مڃيندا آيا آهن، اهڙن عقيدن کان ڪو به مذهب خالي نه آهي. پوءِ ڀلي اهي عقيدا خلاف عقل ڇو نه هجن.
مذهب جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هر هڪ مذهب جو بنياد چند عقيدا آهن ۽ انهن عقيدن کي مذهبن جي پيروي ڪندڙن وٽ يقينيات جو درجو حاصل آهي. ايتري قدر جو انهن پيروي ڪندڙن جو ادب ۽ فن، سندن طرز فڪر و عمل، انهن جي معيشت، انهن جو تمدن ۽ تهذيب سڀ انهن عقيدن جي ماتحت مرتب ٿئي ٿو ۽ انهن عقيدن جو سندن انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ تي نمايان اثر نظر اچي ٿو.
قرآن به پنهنجي پيش ڪيل دين جو بنياد چند عقيدن تي رکيو ۽ انهن عقيدن کي ايمان جي جامع لفظ سان تعبير ڪيو ۽ انسان ذات کان ايمان جي تقاضا ڪئي. قرآني نظام تعليم ۾ ايمان کي ايتري اهميت حاصل آهي جو قرآن جو ڪو به صفحو ان جي بيان ۽ تشريح کان خالي نه آهي. قرآن ايمان جي حقيقت به بيان ڪئي ۽ ان جي ترڪيبي جزن جي وضاحت به ڪئي. قرآن ايمان جو عمل سان تعلق بيان ڪيو آهي. قرآن ايمان جو عملي زندگيءَ تي اثر بيان ڪيو آهي ۽ ايئن به ظاهر ڪيو آهي ته جيڪي به علم ايمان کان سواءِ آهن، سي سڀ بي سود ۽ بي اثر آهن. مطلب ته قرآن ڪيترن ئي طريقن ۽ نمونن ۾ ايمان جي اهميت کي ظاهر ڪيو آهي.
ايمان ڇا آهي؟ عمل ڇا آهي؟ انهن جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ قرآن جو واضح مطالبو هي آهي ته انسان کي گهرجي ته خدا ۾ ايمان رکي، رسولن ۾ ايمان رکي، الهامي ڪتابن ۽ ملائڪن ۾ ايمان رکي ۽ يوم آخرت ۽ تقدير ۾ ايمان رکي. ان ايمان جي ماتحت نماز ادا ڪري، زڪوات ادا ڪري، روزو رکي، جهاد ڪري ۽ ٻيا عمل ڪري. نه فقط ايترو پر پنهنجي سڄي زندگيءَ کي ايمان جي ماتحت مرتب ڪري. قرآن جي دعويٰ آهي ته ايمان کان سواءِ ڪو به عمل بي فائدي ۽ بي اثر آهي، ڇو ته ان عمل ۾ نه خلوص آهي ۽ نه صداقت. قرآني تعليم مطابق ايمان ئي سڄي عمل جو سرچشمو آهي. ٻاهران تي ايمان فقط چند اعتقادن جو نالو آهي پر حقيقت ۾ منجهن وڏي اهميت سمايل آهي. اهي اعتقاد اهڙا نه آهن جي عقلي طرح ثابت ٿي سگهن يا انساني عقل انهن کان گريز ڪري انساني فطرت کان نفرت ڪري. اهي اعتقاد حقيقت ۾ انسان جي فطرت جا جزا آهن، جن تي انسان ذات کي پيدا ڪيو ويو آهي.
ايمان بالله جي حقيقت هيءَ آهي ته الله جي ذات، صفات ۽ لوازمات ۾ يقين رکي. الله تعاليٰ جي هستيءَ جو اعتراف، ان جي صفات جو يقين ۽ ان صفات جي لوازمات جو احساس ته خود انساني فطرت ۾ وديت ڪيل آهي. رسول، ملائڪ ۽ ڪتاب انسان ذات جي هدايت لاءِ رباني اهتمام آهي، ڇو ته الله تعاليٰ انسان کي اجايو ۽ بي سود پيدا نه ڪيو آهي. آخرت ۾ اعتقاد جي معنيٰ آهي جوابداري، يعني انسان کي يقين هجي ته هو پنهنجي هر هڪ ڪم لاءِ مسئول ۽ جوابده آهي، ٻيءَ حالت ۾ هو بي لغام گهوڙي وانگر ٿي پوندو. تقدير ۾ ايمان انسان کي بي پناهه قوت جو مالڪ ڪري ٿو، ان اعتقاد جي ڪري هن کي نه دنيوي قوتن جو خوف ٿو رهي ۽ نه ناڪاميءَ تي ڏک ۽ ملال.
انساني فطرت ۾ اها ڳالهه داخل آهي ته ڪنهن نه ڪنهن جي اڳيان نمي ۽ ڪنهن نه ڪنهن جي ضرور اطاعت ڪري. انسان جي مذهبي تاريخ شاهد آهي ته انسان حجر و شجر کي، نانگن بلائن کي ۽ پٿر جي خود ساخته بتن کي معبود تصور ڪيو آهي. جمادات، نباتات ۽ حيوانات ته هڪ طرف، انسان پنهنجي ظن (شبهي) ۽ گمانن کي به معبود تصور ڪيو آهي، ان تصور جو جيڪو انساني حياتيءَ تي اثر پيو آهي، اهو به لڪل نه آهي. اهي قومون جن ۾ اهو غير الله جي اطاعت وارو تصور رائج رهيو آهي، انهن ۾ نه تهذيب رهي ۽ نه تمدن، نه اخلاق ۽ نه پاڪيزگي. انهن قومن جي حياتي حيوان جي حياتيءَ کان وڌيڪ خوار گذري آهي قرآن ان ڪري ايمان بالله جي تلقين ڪري انسان ذات کي ان ذلت جي زندگيءَ کان آزاد رکيو. رسولن ۽ ڪتابن ۾ اعتقاد ۽ يقين خود ايمان بالله جو جزو آهي، ڇو ته رسول ۽ ڪتاب ان خدا جي طرفان انسان جي هدايت لاءِ نازل ٿين ٿا ۽ انسان کي خدا تعاليٰ جي رضا ۽ مشيت کان آگاهه ڪن ٿا، ڇو ته معبود جي رضا معلوم ڪرڻ جو هن کان وڌيڪ افضل ۽ مفيد طريقو ٻيو نه آهي.
آخرت جو ايمان انسان جي اعمالن تي هڪ ضابطي وانگر آهي، ٻي حالت ۾ انساني حياتي بي ضابطه ۽ غيرذميدارانه ٿي پوندي ۽ ان حياتي جو نتيجو ڪيتري قدر برو ٿيندو، اهو هر عقل وارو ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. قرآن جي تقاضا آهي ته انسان عمل ڪندو رهي ايمان بالاخرت جي ماتحت، پر ان عمل جي نتيجي کان بي نياز رهي ايمان بالقدر جي ماتحت. اسلامي تاريخ شاهد آهي ته ان ايمان جي ماتحت انسان ڪيترين بي پناهه قوتن جو مالڪ ٿو ٿئي، جو بي سروسامان هوندي به قيصر ۽ ڪسريٰ جي تخت کي الٽ پلٽ ڪري سگهي ٿو.
[b]روح جي هجڻ تي بحث
[/b] قرآني ايمان ظاهريءَ طرح ته چند اعتقادن جو نالو آهي پر حقيقت ۾ اهو دلي ڪيفيت يا نفسياتي حالت جو نالو آهي، جيڪا انهن اعتقادن جي ماتحت مرتب ٿئي ٿي. هي ته ظاهر آهي ته انسان جي جنهن قسم جي نفسياتي حالت هوندي، ان مطابق ئي کانئس عمل صادر ٿيندا. فلسفي جو هي هڪ اهم مسئلو آهي ته انساني روح ۽ جسم جو هڪ ٻئي تي اثر آهي، ٻين لفظن ۾ انسان جون روحاني حالتون سندس جسماني حالتن تي اثرانداز ٿين ٿيون. هڪ گروهه فلاسافرن جو ٿي گذريو آهي، جن خود روح جي وجود کان انڪار ڪيو ۽ انسان ۽ سڄي ڪائنات کي هڪ مشين وانگر تصور ڪيو آهي. ان مادي تصور جو جيڪو اثر ٿيو سو يورپ وارن جي حياتيءَ ۾ ظاهر آهي.
سندن معاشرت، ادب ۽ فنون لطيفه سڀ هن ڳالهه کي ظاهر ڪن ٿا ته هنن وٽ دغا ۽ فريب روا، تشدد ۽ خون ريزي جائز آهي. سندن ادب ۽ فنون ۾ دلسوزي ۽ بي حيائي لڪل آهي. طاقت وارين قومن کي سڀ ڪو حق آهي ته ڪمزور قومن مان جيترو فائدو ڪڍي سگهن، اوترو ڪڍن. جيترو انهن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري سگهن اوترو بهتر ۽ جيترو انهن جي حقن ۽ ملڪيت تي ڌاڙو هڻي سگهن اوترو صحيح.
ٻئي پاسي هن وقت فلسفي ايتري ترقي ڪئي آهي جو روح جو وجود ثابت ٿيو آهي ۽ اهو به ثابت آهي ته روح جو بدن تي اثر پوي ٿو. انساني عمل انسان جي نفسياتي حالت مان ڦٽي نڪري ٿو ۽ ان لاءِ آئيني جو ڪم ڏئي ٿو، يعني ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته انسان جي نفسياتي حالت سندس عملن جو سرچشمو آهي ۽ عمل ان نفسياتي حالت جو آئينو آهي.
[b]فيصلي جون قوتون
[/b]خدا تعاليٰ اسان کي ٻه قوتون عطا ڪيون آهن: هڪ قوت نظري ۽ ٻي قوت عملي. قوت نظري خيال ڪرڻ ۽ غور ڪرڻ جي قوت آهي. اها قوت ڪائنات جي شين جي حقيقت دريافت ڪري ٿي، ان بعد سڀني عملن ۽ افعالن جي سڀني پهلوئن تي غور ڪرڻ بعد فيصلو ڪري ٿي ته ڪهڙو عمل بهتر ۽ قابل قبول آهي ۽ ڪهڙو عمل برو ۽ ترڪ ڪرڻ جي قابل آهي. ان فيصلي بعد قوت عمليه ۾ تحريڪ پيدا ٿئي ٿي. اها قوت نظري جي فيصلي مطابق ڪنهن ڪم ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جي تحريڪ آهي. قوت نظري جي فيصلي کان سواءِ هن قوت کان ڪو به عمل صادر ٿيڻ ناممڪن آهي.
[b]قرآني ايمان
[/b]قرآني ايمان جو قوت نظري سان تعلق آهي ۽ قرآني عمل جو تعلق قوت عمليه سان! مطلب هي آهي ته جهڙيءَ طرح قوت نظري ۽ قوت عمليه جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي، اهڙيءَ طرح ايمان ۽ عمل جو به پاڻ ۾ تعلق آهي. جيستائين ايمان راسخ نه آهي يا يقين محڪم نه آهي، تيستائين عمل جو ظاهر ٿيڻ ناممڪن آهي. ان ڪري ئي قرآن ڪافرن ۽ مشرڪن جي باري ۾ وري وري ظاهر ڪيو ته سندن اعمال سڀ بيڪار ۽ بي اثر آهن، ڇو ته انهن اعمالن جي پٺيان نه خلوص آهي ۽ نه اها نفسياتي حالت، جنهن جي ماتحت اهي عمل صادر ٿين ٿا. انهن ڪافرن ۽ مشرڪن جي دلي ڪيفيت يا نفسياتي حالت ۽ سندن عملن ۾ ڪنهن به قسم جي مطابقت نه آهي، ان ڪري انهن جا عمل سڀ بي سود ۽ بي اثر آهن.
قرآن امت محمديه کي جابجا ”یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا“سان خطاب ڪيو آهي، يعني ته اها امت ايمان وارن جي امت آهي. ان سان گڏ قرآن اهو به بيان ڪيو ته “ہُوَ سَمّٰىکُمُ الۡمُسۡلِمِیۡنَ” يعني الله تعاليٰ ان امت کي ”مسلمان“ جو نالو رکيو آهي. ايمان جي لحاظ کان امت محمديه مومنن جي جماعت آهي. عمل ۽ ڪردار جي لحاظ کان ان امت جو نالو مسلمان آهي. قرآن ۾ جتي جتي ”یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا“ جو خطاب آهي، انهن جاين تي غور ڪرڻ سان واضح ٿيندو ته انهيءَ خطاب بعد امت کي ڪنهن نه ڪنهن عمل جو حڪم ڏنو ويو آهي، مثلاً:
1) یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُلُوۡا مِنۡ طَیِّبٰتِ مَا رَزَقۡنٰکُمۡ (سورة البقره: 172)
يعني ، اي ايمان وارؤ جيڪي اوهان کي پاڪ رزق ڏنو اٿئون اهو کائو!
2) یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَنۡفِقُوۡا مِمَّا رَزَقۡنٰکُمۡ. (سورة البقره: 254)
يعني، اي ايمان وارؤ جيڪي اوهان کي ڏنو اٿئو ان مان خرچ ڪيو.
3) یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُتِبَ عَلَیۡکُمُ الصِّیَامُ. (سورة البقره: 183)
يعني، اي ايمان وارؤ اوهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن.
4) یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُتِبَ عَلَیۡکُمُ الۡقِصَاصُ فِی الۡقَتۡلٰی. (سورة البقره: 178)
يعني، اي ايمان وارؤ اوهان تي قتل ٿيل بابت عيوضو مقرر ڪيو ويو آهي.
5) یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اسۡتَعِیۡنُوۡا بِالصَّبۡرِ وَ الصَّلٰوۃِ ؕ (سورة البقره: 153)
يعني، اي ايمان وارؤ صبر ۽ صلوات سان مدد وٺو!
اهڙيءَ طرح قرآن ۾ جيترا به هنڌ آهن جتي یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا جو خطاب ٿيل آهي، اُتي ان سان گڏ عمل جو حڪم ڏنو ويو آهي. قرآن ۾ ڪيترن جاين تي گڏ گڏ ايمان ۽ عمل جي تقاضا ڪئي وئي ۽ ڪن هنڌن تي ايمان ۽ عمل وارن ماڻهن لاءِ خير ۽ فلاح جي بشارت آهي. ڪيترين هنڌن تي انهن ماڻهن لاءِ جن کي ايمان ۽ عمل نه آهي، ” خَسِرَ الدُّنۡیَا وَ الۡاٰخِرَۃَ ؕ“ جي سزا جو واعدو ٻڌايو ويو آهي. مطلب ته جيترا به هنڌ آهن، جتي عمل جو بيان ٿيل آهي، اتي ايمان کي عمل تي تقديم ڏني وئي آهي ڇو ته قرآني تعليم ۾ ايمان ئي بنيادي شيءَ آهي، جنهن جي بغير عمل صالح ناممڪن ۽ بي سود آهي.
[b]اسلام ۽ ايمان
[/b]هن باري ۾ قرآن جي هڪ آيت اسان جي مطلب کي وڌيڪ ويجهو ۽ واضح آهي. سورة البقره ۾ ارشاد آهي: “یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا ادۡخُلُوۡا فِی السِّلۡمِ کَآفَّۃً” (سورة البقره: 208) يعني، ايمان وارؤ! سراسر اسلام ۾ داخل ٿي وڃو. ان جو مطلب فقط هي آهي ته قرآن ايمان وارن جي جماعت کان، اسلام يعني عمل ۽ ڪردار جي تقاضا ڪري ٿو ۽ ايمان مطابق عمل ۽ ڪردار تي هن امت جي فردن کي مسلمان جي خطاب جي لائق ڪري ٿو.
[b]فڪر، عمل ۽ قرآن حڪيم
[/b]پهريان بيان ڪري آياسين ته انسان کي الله تعاليٰ ٻه قوتون ڏنيون آهن: هڪ قوت نظري يعني غور ۽ فڪر جي قوت ۽ ٻي قوت عملي يعني عمل ڪرڻ جي قوت. اسان اهو به بيان ڪيو آهي ته عملي قوت نظريي جي ماتحت آهي. قرآن جي سڄي تعليم انهن ٻنهي قوتن جي تشريح ۽ تربيت تي بڻايل آهي. قرآن انهن قوتن جي حقيقت بيان ڪئي آهي، انهن جي ڪارفرمائيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن. انهن جا فرض بيان ڪيا آهن. انهن ڳالهين ۾ جو بيان به ڪيو آهي، جن جي ڪري انهن ۾ فتور واقع ٿئي ٿو ۽ انهن ڳالهين جو بيان ڪيو آهي، جن ڪري انهن جي صحت قائم رهي ٿي ۽ انهن ۾ ترقي ٿئي ٿي، ڇو ته قرآن جي تعليم مطابق انساني فلاح ۽ امتياز انهن ٻنهي قوتن جي ڪماليت ۽ برابري تي مدار رکي ٿو، جنهن وقت انهن قوتن ۾ بي اعتدالي پيدا ٿئي، ان وقت گندا اخلاق پيدا ٿين ٿا ۽ جيستائين انهن ۾ توازن ۽ اعتدال قائم رهي ٿو، تيستائين فضيلت ۽ اخلاق جو ظهور ٿئي ٿو.
قرآن رسولِ خدا لاءِ هي فرض ڪيو آهي ته هو انسان ذات کي حڪمت جي تعليم ڏئي ۽ قرآن جنهن شيءِ کي حڪمت چوي ٿو، سا ٻنهي قوتن جي ڪمال اعتدال جو نالو آهي.
ايمان قوت نظري تي ضابطي وانگر آهي ۽ قرآن جي تقاضا آهي ته انسان قوت نظري کي ايمان جي روشنيءَ ۾ جاچي. ساڳيءَ طرح قرآن قوت عمليءَ لاءِ ارتقا کي معيار مقرر ڪيو، يعني انسان کي گهرجي ته جڏهن به عمل ڪري ته ان وقت سندس مقصد فقط حڪم خداونديءَ جي تعميل هجي ۽ نه ڪو ٻيو مقصد قرآن جي دعويٰ آهي ته جيڪو به انسان پنهنجي قوت نظري ۽ قوت عمليءَ کي مقرر ڪيل معيار ”ايمان ۽ پرهيزگاري“ جي ماتحت رکندو ۽ تربيت ڪندو، اهو ئي فلاح تي پهچندو، ساڳيءَ طرح قومن جو معاملو آهي ۽ جيڪا به قوم قرآن جي مقرر ڪيل ايمان ۽ عمل کي “نمونو” خيال ڪري پيروي ڪندي ته اها به دنيا ۾ سڀ کان سڌريل ۽ ڪامياب قوم ٿيندي.
[b]سهيڙيندڙ: مسٽر حامد علي
[/b](اڳوڻو مئجسٽريٽ بدين)
(ماهوار “توحيد” ڪراچي مارچ، جون ۽ جولاءِ 1948ع تان ورتل)