تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مذهب جو فلسفو

اعليٰ انسانيت ڇا آهي؟ مذهبن انسانيت کي ڇا ڏنو؟ اسلام ٻين مذهبن کي ڪٽيندڙ آهي يا ان جي صداقتن کي پڌرو ڪندڙ دين آهي؟ تصوف هڪ رويو آهي يا هڪ مذهب؟
اهڙن ڳوڙهن سوالن تي ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي مولانا عبيد اللھ سنڌي جي فڪر انگيز لکڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب جا سنڌيڪار رحيم داد راهي ۽ محمد انس راڄپر جن آھن.
هيءُ ڪتاب مولانا عبيدالله سنڌي جي مختلف تحريرن ۽ افڪار جو مجموعو آهي، جيڪي اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ قلمبند ٿيا. ان وقت ننڍي کنڊ جون قومون جنهن قومي غلاميءَ، سماجي ابتري ۽ مذهبي گروهه بندين جي گهيري ۾ هيون، اها صورتحال بدستور قائم آهي. اسان جي سنڌ ته هيئنر شديد فڪري بحران جو شڪار آهي،
Title Cover of book مذهب جو فلسفو

وحدتِ انسانيت

زندگيءَ جو حاصل هيءُ آهي ته ماڻهو هڪ نظريو رکي ۽ ان کي عملي دنيا ۾ مادي شڪل ڏيڻ لاءِ لڳاتار جهاد (جستجو، سرگرمي ۽ ويڙهه) ڪندو رهي، انسان پنهنجو پاڻ سان جهاد ڪري، پنهنجي گهر وارن سان جهاد ڪري، پنهنجي سماج سان جهاد ڪري، رسمن رواجن خلاف جهاد ڪري، قوم سندس نظريي ۾ رنڊڪ بڻجي ته ان سان جهاد ڪري ۽ جيڪڏهن هو ڏسي ته سڄي دنيا سندس نظريي جي روءِ سان غلطڪار آهي ته هو ان جي خلاف به جهاد ڪري. جيڪڏهن نظريو صرف نظريو رهي ٿو ۽ ظاهر ۾ ان جو ڪو به اثر نه ٿو پوي ته ايئن سمجهڻ گهرجي ته نظريو پختو نه آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪو ماڻهو نظريو رکڻ کانسوا جهاد ڪري ٿو ته ان جو اهو جهاد به ناقص آهي ۽ ان مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو.
مان زندگيءَ ۾ نظريي ۽ جهاد جو اهو سبق قرآن شريف کان سکيو ۽ ان سبق جو عملي نمونو مون کي رسول مقبول ﷺ جن ۽ سندن اصحابين جي زندگين ۾ مٿاهين درجي تي نظر آيو. هيءُ جذبو ننڍپڻ کان ئي مون ۾ هو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته سکن جي گورنر، ديوان مولراج جي گهر منهنجي نانيءَ ۽ امڙ جو اچڻ وڃڻ هو. رام نگر يا رسول نگر ۾ ديوان مولراج جو گهر هو ۽ منهنجي گهراڻي جا لاڳاپا ديوان مولراج جي گهراڻي سان هئا. سندن گهر جون عورتون گهڻو ڪري انگريزن جا ظلم بيان ڪنديون هيون، منهنجي والده ۽ ناني گهر اچي مونکي اهي واقعا ٻڌائينديون هيون. انهن ڳالهين ڪري مونکي انگريزن کان نفرت ٿي وئي ۽ منهنجي دل انهن جي حڪومت کي تسليم ڪونه ڪندي هئي. مان مسلمان ٿيس ته شاهه اسماعيل شهيد سان منهنجي خاص طور تي محبت ٿي وئي ۽ هن جي مجاهدانه زندگي منهنجي لاءِ ڪشش جو باعث بڻي. انهن بزرگن جي عمل، منهنجي جهاد جي جذبي کي گرم ڪيو ۽ انهن جي تعليم منهنجي نظريي کي ڪشادگي ۽ گهرائي بخشي ۽ اهو (انسانن لاءِ پاڻ ارپي انهن جي آزادي لاءِ وڙهڻ جو) جذبو جيڪو ننڍپڻ ۾ صرف پنجاب ۽ سکن تائين محدود هو، شاهه اسماعيل ۽ شاهه ولي الله جي برڪت سان ايترو ڪشادو ٿيو، جو ان سڄي انسان ذات کي پنهنجي احاطي ۾ آڻي ڇڏيو. انهن بزرگن ئي مون کي ٻڌايو ته “قرآن” صرف مسلمانن جو ڪتاب نه آهي، پر سمورن انسانن جو صحيفو آهي ۽ مون کي ان جو مطالعو ڪندي اڄ پنجاهه سٺ ورهيه ٿيڻ وارا آهن، پر مونکي انهن بزرگن جي ان ڳالهه تي اڄ تائين ڪڏهن به شڪ نه ٿيو آهي.
قرآن شريف سمورن انسانن جي ”اعليٰ انسانيت“ واري بنيادي فڪر جو ترجمان آهي ۽ اهو بنيادي فڪر نه ڪڏهن بدليو آهي ۽ نه وري ڪڏهن بدلبو. سمورن دينن، مذهبن ۽ فلسفن جو بنياد اهو ئي فڪر آهي. ان بنيادي فڪر کي “فطرت الله” چئو، ان کي دين جو نالو ڏيو يا “انساني ضمير” سان تعبير ڪيو، انهيءَ انساني ضمير جي ترجماني نبي سڳورا ﷺ، ڏاها ۽ بزرگ ڪندا آيا آهن. زماني گذرڻ سان گڏ ان اصلي فڪر ۾ ٻاهريون ڪينو، رنجشون ۽ دل جو غبار سمائبو ويو ۽ وري وري نئين “نذير” (ڊيڄاريندڙ) ۽ “بشير” (خوشخبري ڏيندڙ) جي ضرورت پئي. قرآن حڪيم انهيءَ بنيادي فڪر جو ترجمان آهي ۽ اهو بنيادي فڪر عالمگير، ازلي، ابدي ۽ لازوال آهي. قرآن ۾ بيشڪ اهو فڪر عربي ويس پهري آيو آهي ۽ “اُم القريٰ” ۽ “من جهولا” کي سمجهائڻ جي لاءِ ماحول جي لوازمات جو خيال رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته حق جي مشاهدي بيان ڪرڻ جي لاءِ هميشه کان “ساغر ۽ مينا” جي ضرورت پوندي رهي آهي. اهل نظر ڄاڻن ٿا ته چوڻ واري ڇا چيو آهي ۽ کين اها به ڄاڻ هوندي آهي ته لفظن جي سرحدن کان پري معنيٰ جو اصل مقصد ڇا آهي.
قرآن شريف انهيءَ انساني ضمير جو ترجمان آهي. “گيتا” (هندن جي مذهبي ڪتاب) به پنهنجي زماني ۾ انهيءَ حقيقت جي ترجماني ڪئي هئي، “توريت” ۽ “انجيل” به انهيءَ انساني ضمير جي سمجهاڻي ڏيندڙ هئا ۽ ڏاهن به ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ، انهيءَ راز تان پردو کنيو آهي. گيتا حق آهي، پر ان جو جيڪو غلط تعبير ڪيو ويو آهي، اهو ڪفر آهي. توريت ۽ انجيل حق آهن، پر انهن جي لفظن کي جيڪي غلط معنائون پهرايون ويون آهن، اهي باطل آهن. اهڙيءَ طرح قرآن حق آهي پر جنهن نموني مسلمان ان کي عام طور مڃين ٿا ۽ جيڪو تفسير هو ڪن ٿا، اهو حق نه آهي. جيڪڏهن گيتا ۽ انجيل کي غلط طور تي مڃڻ وارن کي “ڪافر” قرار ڏئي سگهجي ٿو ته قرآن کي غلط مفهوم ۾ مڃڻ وارن کي ڪيئن “ مومن” چئي سگهبو!؟
قرآن کي ان جي اصل شڪل ۾ ڏسو ته معلوم ٿيندو ته نج ۽ صاف انسانيت ئي قرآن جو صحيح ۽ مڪمل نصب العين آهي، جيڪو نصب العين، عالم انسانيت جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿئي، اهو ئي حق آهي ۽ جيڪا تعليم انسانيت جي ارتقا ۾ رڪاوٽ بڻجي، اها تعليم حق ٿي نه ٿي سگهي.
قرآن جي اصولن تي هن دنيا ۾ نج انسانيت جو قيام اصل عقيدو آهي. نج ۽ خالص انسانيت ئي “فطرت الله” جي سنڀاليندڙ آهي ۽ سچو دين جيڪڏهن آهي ته اهو ئي آهي.
منهنجي نظر ۾ اسلام جي تعليم جو خلاصو قرآن مجيد جي هيءَ آيت
“ہُوَ الَّذِیۡۤ اَرۡسَلَ رَسُوۡلَہٗ بِالۡہُدٰی وَ دِیۡنِ الۡحَقِّ لِیُظۡہِرَہٗ عَلَی الدِّیۡنِ کُلِّہٖ ۙ وَ لَوۡ کَرِہَ الۡمُشۡرِکُوۡنَ” (التوبه: 33)
آهي، يعنيٰ قرآن جو اصلي مقصد، سمورن دينن کان مٿاهون دين، سمورن فڪرن کان مٿاهون فڪر يا سڀ کان مٿاهون بين الاقوامي نظريو، جيڪو گهڻي کان گهڻي انسانيت تي جامع هجي، پيش ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ آهي. هيءُ دين ٻين دينن کي مٽائڻ نه آيو آهي پر هيءُ دين سڀني دينن جي سچائين کي مڃي ٿو ۽ سڀني قومن جي وجود کي مڃي ٿو پر اُن جو چوڻ هيءُ آهي ته تاريخ ۾اهو ٿيندو آيو آهي ته ڪا قوم، هڪ مذهب کي قبول ڪندي آهي ۽ جيئن جيئن زمانو گذري ٿو تيئن تيئن هوءَ ان کي پنهنجي رنگ ۾ رڱيندي ويندي آهي ۽ اهڙي طرح انساني دين قومي دين بڻجي ويندو آهي. پوءِ ان قوم جو اهو ضد هوندو آهي ته ان جو دين ئي سموري انسانيت جو دين آهي ۽ صرف اها ئي قوم انسانيت جو بار کڻندڙ ۽ نمائنده آهي! بي شڪ منڍ ۾ سندن اهو فڪر انساني دين هوندو آهي ۽ ان ۾ هر رنگ ۽ هر نسل واري کي جاءِ مليل هوندي آهي، پر هوريان هوريان اهو قومي دين بڻجي ويندو آهي ۽ آخر ۾ نوبت ايستائين پهچندي آهي جو هر فرد ايئن سمجهڻ لڳندو آهي ته ڇڙو مان ئي حق تي آهيان، باقي سڀ ڀٽڪيل ۽ ڪافر آهن. اهو دين، جيڪو سڄيءَ انسانيت کي هڪ ڪرڻ لاءِ تحريڪ بڻجي ايندو آهي. ڪو وقت اهڙو ايندو آهي، جو اهو ئي انتشار ۽ فساد جو سبب بڻجي ويندو آهي، قرآن اهڙي روش کي ڪفر قرار ڏئي ٿو.
قرآن اهو ڪيو ته انهن سڀني قومي مذهبن کي جيڪي انسانيت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو سبب بڻجي ويا هئا، رد ٿيل ۽ ڪنهن نه ڪم جو قرار ڏنو ۽ هيءَ تلقين ڪئي ته خدا جو سچو مذهب اهو آهي جيڪو خدا جي تمام گهڻو ويجهو هجي ۽ خدا سان ويجهڙائيءَ جي معنيٰ اها آهي ته اهو ٽولن ۽ گروهن کان مٿاهون ٿي ڪري ، سموريءَ انسان ذات کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي، قرآن سمورين قومن جي دينن ۽ مذهبن جي مرڪزي نڪتن کي، جيڪي سڄيءَ انسانيت لاءِ هڪ جهڙا مفيد ٿي سگهيا پئي، هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ سڄيءَ دنيا کي هيءَ دعوت ڏني ته صرف اهو ئي هڪ بنياد آهي، جنهن تي صحيح انسانيت جي تعمير ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن يهودين جي قوم ۾ ان انسانيت جي کوٽ آهي، توڙي جو هو سڀ پنهنجي خيال ۾ “اَبۡنٰٓؤُااللّٰہِ وَ اَحِبَّآؤُہٗ ”ؕ ( الله جا پٽ ۽ پيارا) بڻيا وتن ته به اهي گمراهه آهن. جيڪڏهن عيسائي ان کان خالي آهن ته سندن ابن الله ( عيسيٰ کي الله جو پٽ) مڃڻ کين ڪنهن ڪم نه ايندو ۽ جيڪڏهن هندن ۾ ان انسانيت جي فڪر جي گهٽتائي آهي ته سندن پاڪ پوتر هئڻ به اجايو خيال ليکيو ويندو. اهڙيءَ طرح مسلمانن تي به اهو حڪم جاري ٿي سگهي ٿو. قرآن هڪ ساهمي آهي، جنهن ۾ سڀ تورجي سگهجن ٿا. هندو، مسلمان، يهودي ۽ عيسائيءَ جو ان وٽ ڪو فرق نه آهي. جيڪو به صحيح انسانيت ۽ ان جي وحدت ۽ ڀلائيءَ ۾ ذري برابر به گهٽ نڪتو ته ان جي گرفت ٿيندي، يعني مذهبي جي بنيادي روح کي مڃڻ جي مسئلي ۾ ڪنهن کي به رعايت ڪونهي.
اصل دين اهو ئي آهي، باقي سڀ رسمون ۽ روايتون آهن. قرآن جو مقصد، انسانيت کي انهن رسمن رواجن ۽ روايتن جي ٻڌڻن کان آزاد ڪرائڻ آهي. بدقسمتيءَ سان هر قوم انهن رسمن کي اصلي مذهب سمجهي ورتو ۽ ان جي پٺيان ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهڻ لڳا. قرآن کي سچو مڃڻ وارو اهو آهي، جيڪو انهن بي روح رسمن جي خلاف جهاد ڪري ۽ خلوص دل سان رسمون ٽوڙيندڙ هجي. قرآن جي مڃڻ وارو مُوحِدُ هوندو آهي ۽ ان جو مذهب رسمون ٽوڙڻ آهي. جڏهن رسمون مذهب جو درجو حاصل ڪن ۽ مذهب جو اهو ويس ان جي روح جو درجو حاصل ڪري وٺي ته ان وقت انهن رسمن کي مٽائڻ، قرآن کي مڃڻ وارن جو فرض ٿي ويندو آهي.
اهو برابر آهي ته زندگي جڏهن هن دنيا ۾ سببن ۽ حالتن جو ويس پهري ٿي تڏهن ان کي ممڪن ۽ موجود هجڻ جي لاءِ نيٺ رسمون اختيار ڪرڻيون پونديون آهن، انهن رسمن کان سواءِ زندگي، زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ وجود وٺي نه سگهندي، پر هجڻ هي گهرجي ته انهن رسمن کي رسمون ئي سمجهڻ گهرجي. لباس، لباس ئي هجي، ان کي صاحب لباس نه مڃڻ گهرجي، پر جڏهن لباس تي ئي زور ڏنو وڃي، رسمون ئي اصل مذهب جو درجو حاصل ڪن ۽ ماڻهن جي گهڻائي قبلي کي “قبلي نما” سمجهڻ کان عاري ٿي پوي ته پوءِ اهي رسمون بت بڻجي وڃن ٿيون ۽ پوءِ جهڙيءَ طرح لات ۽ هبل کي ذرا ذرا ڪيو ويو هو تيئن انهن رسمي جڙيل بتن کي به ڀڃي ڀورا ڪرڻو پوندو آهي. قرآن انهيءَ توحيد جي دعوت ڏئي ٿو ۽ ان جي خلاف سڀني نشانين کي ڪفر سمجهي ٿو. هي ڪفر جون نشانيون سدائين پٿر ۽ سون چانديءَ جا بت نه هوندا آهن. اسان جون رسمون، اسان جو اخلاقي معيار، اسان جو ادب ۽ اسان جا طور طريقا ۽ اسان جا نالي ماتر مذهب به ڪنهن وقت بت بڻجي ويندا آهن، جهڙيءَ طرح اڳي ڪڏهن پٿرن جا بت غير الله بڻجي ويا هئا، اهڙيءَ طرح جڏهن رسمن جا بت غيرالله بڻجي وڃن ته انهن جي خلاف به قرآن جهاد جي تلقين ڪري ٿو، اصلي مذهب ۽ رسمن جي اِن نازڪ فرق کي هن طرح ڄاڻو:
“قومن ۾ ڪنهن تحريڪ ۽ سرگرميءَ کي محفوظ ڪرڻ جو هيءُ بنياد آهي ته جيڪا شيءِ وچولي طبقي ۾ عام ٿي وڃي، اها شيءِ فنا نه ٿي سگهندي، هيٺيون طبقو ان جي پيروي ڪندو آهي ۽ مٿيون طبقو جو ڪجهه چوندو آهي ان جي عملي شڪل اها ئي هوندي آهي جيڪا وچولي طبقي ۾ هوندي آهي. شاهه ولي الله “حجته الله البالغه” ۾ ان کي “رسمن” سان تعبير ڪري ٿو. ڪنهن حقيقت ۽ حڪمن کي جيستائين رسم نه بڻايو ويندو، اها انسانيت جي لاءِ فائدي واري نه ٿي سگهندي. امام ولي الله سموري الاهي شرائع اندر رسمن کي مرڪز مڃي ٿو، قرآن مجيد اِن کي “معروف” جي لفظ سان تعبير ڪيو آهي.”
بيشڪ رسمون قابل احترام آهن پر ان وقت تائين جيستائين اهي حقيقت ۽ حڪمت سان بهره ور رهنديون آهن، پر جڏهن رسمون کوکليون ٿي وڃن ۽ انهن جي اندر صحيح روح باقي نه رهي، ته پوءِ انهن جو هئڻ ۽ نه هئڻ هڪ جهڙو ٿي وڃي ٿو ۽ انهن جو تبديل ٿيڻ يا انهن ۾ نواڻ آڻڻ ضروري ٿي پوندي آهي. ايئن هميشه کان ٿيندو آيو آهي ۽ هميشه ٿيندو رهندو، تبديلي ۽ نواڻ جو هي عمل ان لاءِ ضروري آهي ته جيئن انسان انهن الڳ الڳ رسمن ۾ پئجي ڪري اهو ڀلجي نه وڃن ته سموران انسان هڪ آهن ۽ قومن، فرقن ۽ طبقن جي ورهاست حقيقي نه آهي. اصل ۾ سڀني جو اصل هڪ آهي، سموري انسانيت هڪ آهي، سڄي ڪائنات هڪ آهي ۽ جيڪو ڪجهه اسان کي نظر اچي ٿو سو سڀ هڪ ئي وجود مان نڪتو آهي ۽ هي وجود هڪ ئي ذات جو پرتوو يا فيض وٺندڙ آهي. هر ذري ۾ انهيءَ وجود جو ظهور آهي ۽ هر انسان ۾ انهيءَ نور جو جلوو آهي.
قومن جي زندگيءَ ۾ هڪ دور اهڙو اچي ٿو، جڏهن رسمون، قانون ۽ مذهب پردا بڻجي ڪري، ڪُل ۽ جز جي وچ ۾ رڪاوٽ بڻجي ويندا آهن. ان وقت انساني فطرت ان جي خلاف بغاوت ڪندي آهي ۽ نئين دور جو ظهور ٿيندو آهي، جنهن ۾ هر ماڻهوءَ جو رشتو وري نئين طرح روح ڪُل سان ڳنڍجي ويندو آهي، يعني جڏهن ڪنهن قوم جي حالت هن طرح جي هوندي آهي جو بقول اقبال:
دانش و دين و علم و فن بندگي هو تمام
عشق گره ڪشائي ڪا فيض نهين هي عام اڀي
جوهر زندگي هي عشق جوهر عشق هي خودي
آه ڪه هي يه تيغ پردگي نيام اڀي
ان وقت ڇا تمدن، ڇا تصوف، ڇا شريعت ۽ ڇا ڪلام، سموري جا سمورا بت بڻجي ويندا آهن ۽ حقيقت ويڳاڻپ بڻجي ويندي آهي، مذهب فقط روايتن جو ڳٽڪو بڻجي ويندو آهي، جنهن ڪري زندگيءَ جي هر جوهر جي تپش ختم ٿي ويندي آهي ۽ انسان رک جو ڍير بڻجي ويندو آهي، تڏهن انسانيت وري هڪ نئينءَ تجلي جو انتظار ڪندي آهي ۽ آخرڪار طور کان هي آواز اٿندو آهي ته:
ڪيون خالق و مخلوق مين حائل رهين پردي
پيرانِ ڪليسا ڪو ڪليسا سي اٺادو
هيءُ عمل تاريخ ۾ سدائين ٿيندو رهندو آهي ۽ جنهن ڏينهن انسانيت پنهنجي زندگيءَ جي ان تقاضا کان محروم ٿي وئي، اهو ڏينهن انسانيت جي موت جو ڏينهن هوندو، اهو ئي روح آهي قرآن جو تعليم جو.
انسانن ۾ وحدت ته ڇا پر سموري ڪائنات ۾ وحدت سمايل آهي، پر جهڙيءَ طرح ڪائنات جي ڪثرت صاحب نظر کي پريشان نه ٿي ڪري ۽ هو ڄاڻي ٿو ته انهن سڀني مختلف شڪلين ۾ هڪ ئي جلوي جو پاڇو آهي، اهڙيءَ طرح هن کي انسانن جو قومن، جماعتن ۽ فردن ۾ ورهائجي وڃڻ انساني وحدت جي خلاف نظر نه ٿو اچي. هو ان ورهاست کي مٽائڻ غير فطري سمجهي ٿو، ايئن ٿي به نه ٿو سگهي. فرد هڪ مستقل ايڪو آهي، جماعت به هڪ ايڪو آهي جيڪا فردن تي مشتمل آهي، اهڙيءَ طرح هڪ قوم پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ مستقبل وجود رکي ٿي ۽ انسانيت سڀني قومن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ويٺِي آهي. ماڻهوءَ جي چڱيءَ ٿيڻ جو ان ڳالهه تي دارومدار آهي ته هو جماعت جو سٺو جز هجي. سُٺي جماعت اها آهي جيڪا سموري انساني برادريءَ جي لاءِ نيڪ جز جو درجو رکندي هجي. انفراديت ان معنيٰ ۾ ته هر ماڻهو هر جماعت ۽ هر قوم ٻئي سان جهيڙي ۾ هجي ۽ سڀ ملي ڪري هڪ مجموعي انسانيت نه بڻجي سگهن، غلط ۽ مردود ڳالهه آهي، قرآن جي تعليم جو مقصد اِهو ئي آهي ته ان وحدت جو قيام عمل ۾ اچي ۽ فرد، جماعتون يا گروهه ۽ قومون وڌي علمي ۽ عملي طرح مُوحد (هيڪڙائي پسند) بڻجي وڃن.

(سنڌيڪار: رحيم داد “راهي”)