تمدن جو نظريو
تمدن، ايستائين سٺو رهندو آهي، جيستائين اهو ماڻهن جون اجتماعي ۽ حياتياتي ضرورتون پوريون ڪندو آهي، پر جڏهن ڪنهن قوم ۾ انسانن جو هڪ مخصوص طبقو، تمدني لحاظ کان گهڻو اڳتي وڌي وڃي ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي تعداد ۾ پڻ گهڻا هجن، تمدني لحاظ کان گهڻو پوئتي رهجي وڃن ته پوءِ انهيءَ تمدن کي اڏوهي لڳي ويندي آهي، قدرت يا زماني جي اها تقاضا ٿيندي آهي ته انهيءَ تمدن کي، جيڪو مدي خارج ٿي چڪو آهي، برباد ڪيو وڃي.
قوم جي هڪ محدود طبقي جي اهڙي غير فطري ترقيءَ جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو آهي ته لکين ڪروڙين انسان ته معمولي گذران جي ضرورتن لاءِ تڙپندا وتندا آهن، پر چند ماڻهن جي هٿن ۾ دولت جا انبار جمع ٿيو وڃن. اهڙين حالتن ۾ قوم کي روڳ لڳي ويندو آهي، فردن جون صلاحيتون بيڪار ٿي وينديون آهن. عيش پرستي عام ٿيڻ لڳندي آهي. عام مفادن جو ڪو به خيال نه رکيو ويندو آهي ۽ نفسا نفسي جو ماحول پيدا ٿي پوندو آهي. هر ماڻهوءَ جي اها ڪوشش هوندي آهي ته هو پيٽ ڀري پنهنجي خواهش پوري ڪري، پوءِ سندس پاڙيسري ڀلي ته بکن ۽ فاقن ۾ مرندو رهي، جڏهن ڪا قوم بدنصيبي ۽ زوال جي انهيءَ نرغي ۾ گرفتار ٿي ويندي آهي ته پوءِ انقلاب اچڻ هڪ لازمي ۽ يقيني امر بڻجي پوندو آهي.
جيڪڏهن قوم جا سڀ طبقا انهيءَ روڳ جي ڪري مفلوج نه ٿي ويا هجن ۽ قوم جي عمومي جسم ۾ زندگيءَ جو گرم خون موجود هجي، ته زوال ڏانهن ويندڙ طبقي جي جڳهه وٺڻ لاءِ قوم جو ٻيو طبقو اٿي بيهندو آهي ۽ اهو پهرين طبقي کي ڏاڍائيءَ سان يا صلح صفائيءَ سان سياست جي ميدان کان الڳ ڪندو آهي ۽ قوم جي واڳ پنهنجي هٿن ۾ وٺندو آهي. هيءُ طبقو پنهنجو نئون تمدن جوڙيندو آهي ۽ پهريون تمدن ڦاٽل ڪپڙي وانگر استعمال جي لائق نه سمجهيو ويندو آهي.
فرانس جو انقلاب، انگلستان جي جمهوري حڪومت جو ارتقاءُ، جرمني، روس ۽ ترڪيءَ جا انقلاب، اهي سڀ اهڙي قسم جي اندروني ڇڪتاڻ جو نمونو آهن، پر جيڪڏهن زوال جا جراثيم قوم جي سڄي جسم ۾ پنهنجو اثر ڪري چڪا آهن ۽ ڪنهن طبقي ۾ به ايترو ست ساهه ناهي، جو قوم جي ٻيڙيءَ کي تاري سگهي ۽ زماني جي وهڪري جو مقابلو ڪري سگهي ته اهڙي صورت ۾ ٻاهران ڪا ٻي قوم چڙهائي ڪري ايندي آهي ۽ اها قوم، بي جان تمدن کي جيڪو پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري چڪو هوندو آهي، نيٺ انجام تي پهچائيندي آهي. اها قوم حڪمرانن کي تلوار سان اجاڙي ڇڏيندي آهي. ملڪ جي انتظام جا نقشا بدلائي ڇڏيندي آهي، نوان طبقا وجود وٺندا آهن ۽ ترقي ڪندا آهن. نئون تمدن جڙندو آهي. معيشت ۽ سياست جا نوان اصول ٺهندا آهن.
شاهه ولي الله، قومن جي عروج ۽ زوال جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، جڏهن ڪنهن قوم جي ڪمائيندڙ طبقن جي ڪمائيءَ تي، نه ڪمائيندڙ طبقا قبضو ڪري وٺن، يا انهن جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو پاڻ ڦٻائي وڃن ته اها حالت انقلاب جي اڳڪٿي هوندي آهي. هڪ ڌر يا ٽولو انقلاب جو علمبردار بڻجي اڳتي ايندو آهي، ٻيو ٽولو جيڪو تعداد ۾ تمام وڏو هوندو آهي، انقلاب جو همدرد ٿي پوندو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن همدردن جي طور طريقن ۽ اخلاقن جو اثر انقلاب جي مظهرن تي پوندو آهي، پر ان جو تعلق رڳو ظاهري شڪل سان هوندو آهي، اصل ۾ انقلاب جي روح جو ترجمان پهريون طبقو ئي ٿيندو آهي.
رسول ڪريم ﷺ جن جا صحابي سڳورا ”سابقين اولين“ اسلام جي انقلابي روح جا حقيقي ترجمان هئا. عربن جي تقريباً سڄي جي سڄي آبادي انهيءَ تحريڪ جي همدرد بڻجي شريڪ ٿي ۽ انهن اسلام جي ظاهري شڪل ۽ صورت کي پنهنجي رنگ ۾ به رنگيو. جيستائين اسلامي تعليمات جي اصلي جوهر جو تعلق آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جو بهترين عملي طريقو ۽ سندن ويجهن صحابن جو عمل ان جو بهترين مثال آهي،، ڇاڪاڻ ته حقيقت ۾ انهيءَ عالمگير انقلاب جون روح روان اهي ئي پاڪ هستيون هيون.
انقلاب جي لاءِ وڏي تياريءَ جي ضرورت پوندي آهي. انقلابي جماعت کي پهريائين پنهنجي فڪر کي سڌارڻو ۽ ان کي مضبوط ڪرڻو پوندو آهي. ته جيئن انقلابي فڪر انهن جي ذهن ۾ پختو ٿي وڃي ۽ انقلابي عمل لاءِ ان جي ترتيب پڻ مڪمل ٿي سگهي. رسول اڪرم ﷺ جن پورا تيرهن سال مڪي ۾ انهيءَ فڪر جي تبليغ ڪئي ۽ جيڪي انهيءَ فڪر کي سڪ ساهه سان مڃي چڪا هئا، انهن جي تنظيم سازي ڪئي. ان کان پوءِ انهيءَ جماعت جي تنظيم ۽ ترتيب ۾ ڏينهن رات لڳا رهيا ۽ پڇاڙيءَ ۾ جڏهن ڏٺائون ته مڪي جو ماحول سازگار ناهي ۽ هتي انهيءَ نئين جماعت جي مستقل سياسي تشڪيل ۾ ڏکيائيون آهن ته پاڻ هجرت ڪيائون ۽ مديني کي پنهنجو نئون انقلابي مرڪز بڻايائون.
قريش جي انقلابي جماعت رسول الله ﷺ جن جي تعليم جي اثر ڪري جيڪڏهن پنهنجن کي قتل نه ڪري ها، جيڪي توڻي جو سندن سڳا ڀائر ۽ ويجها مٽ مائٽ هئا، پر اهي انقلاب جي راهه ۾ رڪاوٽ هئا، ته اسلام ڪڏهن به هيءَ حيثيت نه وٺي سگهي ها ۽ نه ڪو سڄي دنيا کي پنهنجو پيغام ٻڌائي سگهي ها. ضرورت آهي ته اڄ جا مسلمان پنهنجي پيغمبر جي انهيءَ ”اسوه حسنه“ جي اهميت کي سمجهن ۽ جيڪي پنهنجي قوم جو رت چُوسي رهيا آهن، اهي ماڻهو توڙي جو اسان جي پنهنجي جگر جا ٽڪڙا ڇو نه هجن، يا اسان جا بزرگ ڇو نه هجن، انهن جو وجود سڄي قوم تي هڪ بار بڻجي رهيو آهي. اسان جا اهي مفاد پرست طبقا جنهن کوکلي تمدن کي ٽيڪ ڏيو بيٺا آهن، اهو انسانيت لاءِ هڪ روڳ آهي. اسان جي قوم جي نوجوان گروهه جو فرض آهي ته اهي انهن جي تسلط کان پنهنجي قوم ۽ عوام کي آزاد ڪرائين، جيستائين ائين نه ٿيندو، اسان جي قوم جي بدحالي ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.
هيءَ ڳالهه بلڪل صاف ۽ واضح آهي. فرض ڪريو هڪ گهر ۾ ڪمائڻ وارا گهٽ هجن ۽ کائڻ وارا وڌيڪ، ته اهو گهر ضرور تباهه ٿيندو. اهڙي طرح جنهن تمدن ۾ ڪمائڻ وارا گهٽ هجن ۽ کائڻ وارا وڌيڪ، ته اهو تمدن فاسد ٿي پوندو آهي. هر انسان کي بغير ڪنهن معقول عذر جي پنهنجي روزي پاڻ ڪمائڻ گهرجي. ٻين جي محنت تي جيئڻ زندگي ناهي، اهو موت آهي، اهو زوال جو رستو آهي. ڪمائڻ وارا ته محنت سان ڪمائين پر هڪ شخص يا گهڻا شخص جن جي هٿن ۾ انتظام هجي، اهي ڪمائڻ وارن جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو پنهنجي انتظام جي بدلي ڦٻائي وٺن، ته اهڙو تمدن به گهڻا ڏينهن زنده رهي نه سگهندو ۽ ان سان انسانيت کي ڪڏهن به ڀلائي نصيب نه ٿيندي.
انسانيت جي تباهيءَ ۽ بربادي جو گهڻو ڪري، هيءُ سبب هوندو آهي ته عوام جي اڪثريت کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه ملندو آهي، اهي لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن ۽ اهڙي طرح انهن کي محتاج رکي، کين معاشي ۽ اخلاقي حيثيت سان تباهه ڪيو ويندو آهي. معاشي حالت جي تباهيءَ جي ڪري ايئن به ٿيندو آهي ته خالي پيٽ کي ڀرڻ جي ڳڻتيءَ ۾ ماڻهن کي ڪنهن ٻي شيءِ جي سڌ ناهي رهندي، انساني زندگي جون جيڪي اعليٰ ضرورتون آهن، اهي سڀ حاصل ناهن ٿينديون ۽ اهڙي طرح انسانيت پوئتي پئجي ويندي آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته انسانيت جون اعليٰ تقاضائون، گهڻي حدتائين معاشي سببن ۽ حالتن کان متاثر ٿينديون آهن. بيشڪ اسين معاشي حالت سڌارڻ جي سلسلي ۾ ته اشتراڪيت جي اصولن سان پوريءَ طرح سهمت آهيون ۽ اسين چاهيون ٿا ته انسانيت جي سڀني معاشي ضرورتن کي گهڻي کان گهڻي اهميت ڏني وڃي. پر ان سان گڏوگڏ انسانيت جو اهو رخ، جيڪو اخلاق ۽ فڪر جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو آهي، ان کي به ڇڏي نه ڏنو وڃي.
اخلاق ۽ فڪر کان سواءِ ڪو به تمدن جٽاءُ نه ٿو ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو سرمائيدارن تي جتي اهو الزام لڳايو ويندو آهي ته هنن انسانن جي تمام وڏي حصي کي محتاج رکي.، انهن کي انسانيت جي درجي کان ڪيرائي ڇڏيو آهي، اتي انهن تي ٻيو الزام اهو به آهي ته انهيءَ وڏي حصي منجهان هڪ گروهه اهڙو به هو جيڪو انساني اخالق ۽ فڪر کي وڏي ترقي وٺرائي ٿي سگهيو، پر سرمائيدارن انهن کي اٽي ۽ لٽي جو محتاج بنائي، ان کان محروم ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري انسانيت جي ترقي، مجموعي طرح سان رڪجي وئي.
جڏهن ڪنهن سبب جي ڪري قوم جو ذهين طبقو، جيڪو اخلاق ۽ فڪر جو مالڪ هوندو آهي، پنهنجي اخلاقي فرضن کان غافل ٿي ويندو آهي، تڏهن ان جون اهي صلاحيتون بڇڙن ڪمن ۾ ڪتب اچڻ لڳنديون آهن. پوءِ سندن ذلت جي پهرئين وک چاپلوسي هوندي آهي، يعني حڪمران طبقي جي خوشامد ڪري، انهن کان گهڻي کان گهڻو وصول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ اهوئي مرض آهي، جيڪو اڳتي هلي انهن کي غير الله جي عبادت جو داعي (سڏيندڙ) بڻائيندو آهي. اهوئي جذبو بت پرستي سيکاريندو آهي. انهيءَ منزل تي پهچي انسانيت جون اعليٰ خصلتون تباهه ٿي وينديون آهن ۽ انسانيت فاسد ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح مسخ ٿيل (رجعت پسند) انسانيت کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ قدرتي اسباب پيدا ٿي پوند آهن. ان کان پوءِ انهيءَ برباد ٿيل انسانيت جي کنڊرن تي سڌريل ۽ صالح انسانن جي آبادي وسڻ لڳندي آهي.
انهيءَ زوالجندڙ ۽ مدي خارج تمدن جي تباهيءَ جي لاءِ انسانن جو هڪ نئون گروهه اٿندو آهي. قدرتي اسباب انهن جي موافق هوندا آهن. انهيءَ گروهه جي قيادت هڪ شخص کي ملندي آهي، جيڪو انقلاب جو امام هوندو آهي.
انقلاب جي انهن امامن جو هڪ اعليٰ ۽ اتم درجو هوندو آهي، جن کي نبي ڪوٺبو آهي. نبين جي آندل نظام ۾ انساني فطرت جي گهڻي رعايت هوندي آهي، ان ڪري اهو نظام گهڻي دير تائين قائم رهندو آهي.
قرآن شريف ۾ نبين جا جيتري قدر قصا آهن، اهي اهڙي ئي انقلاب جو نمونو پيش ڪن ٿا، جيڪو نبي اڪرم ﷺ جن جي هٿن مبارڪن سان اچڻو هو. رسول اڪرم ﷺ جن انسانيت جي عالمگير انقلاب ڏانهن سڏيندڙ هئا، سندن اصحابي سڳورا ”خلافت راشده“ جي دور ۾ ان کي هڪ حد تائين عالمگير بڻائي وٺن ٿا، يعني انهيءَ انقلابي حڪومت جو دائرو ايترو وسيع ڪري ٿا ڇڏين جو دنيا جون سڀئي رجعت پسند حڪومتون گڏجي به انهيءَ انقلابي حڪومت جي سامهون اچن ٿيون، تڏهن به ان جي سامهون نه ٿيون بيهي سگهن. قرآن جو اهو انقلاب ختم ناهي ٿيو، بلڪ اهو هميشه ميدان ۾ رهندو، ڇاڪاڻ ته ڪو به زمانو اهڙو نه ٿو اچي سگهي، جنهن ۾ رجعت پسند طاقتون بلڪل اڻلڀ ٿي وڃن. جيڪڏهن ترقي پسنديءَ (اڳتي وڌڻ) ۽ رجعت پسنديءَ (پوئتي هٽڻ) جي اها ڇڪتاڻ نه رهي، ته جيڪر انسانيت جو به خاتمو ٿي وڃي.
شاهه ولي الله جي ڪتابن ۾ انهيءَ ڳالهه جو بار بار تذڪرو ٿيل آهي. پاڻ پنهنجي زماني جي ڪريل سوسائٽيءَ ڏانهن خاص طرح توجهه ڏياريو اٿن ۽ ٻڌايو اٿن ته قوم جو بچاءُ انهيءَ فرسودو نظام کي ٽوڙڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙي طرح به ممڪن ناهي، ”حجة الله البالغه“ جي ٻئي جلد جي صفحي نمبر 100 تي فرمائين ٿا.
” ڏهه هزار ماڻهن جو هڪ ڳوٺ آهي، جيڪڏهن ان جو گهڻو حصو نيون شيون پيدا ڪرڻ ۾ لڳل نه هوندو، ته اهي تباهه ٿي ويندا. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن انهن جو ڳچ حصو عياشيءَ ۾ لڳي ويندو ته اهو قوم جي لاءِ بار بڻجي پوندو، جنهن جو نقصان آهستي آهستي سڄيءَ آباديءَ ۾ ڦهلجي ويندو ۽ انهن جي حالت اهڙي ٿي ويندي جهڙوڪ ڇتي ڪتي جا کاڌل هجن.“
انهيءَ ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ صفحي نمبر 35 تي لکيل آهي:
”هن زماني ۾ گهڻو ڪري شهرن جي برباديءَ جو سبب ٻه شيون آهن. هڪ اهو ته سرڪاري خزاني مان هٿرادو حقن جو نالو وٺي ماڻهو پئسا وصول ڪن، جنهن نالي سان ماڻهو پئسا وٺن، انهيءَ نالي جي حق کي هو ڪنهن صورت ۾ به پورو نه ڪندا هجن، ٻيو سبب اهو آهي ته ڪمائيندڙن يعني هارين پورهيتن ۽ واپارين تي گهڻي کان گهڻا ٽيڪس لڳايا ويندا آهن. انهن ۾ نرمي رکندڙ ته ٽيڪس ادا ڪندا رهن ٿا، البت جن ۾ مقابلي جي همت آهي، اهي بغاوت ڪن ٿا ۽ ايئن سڄي سلطنت ڪمزور ٿيو ٿي وڃي.“
شاهه صاحب جي تعليمات ۾ معاشي مسئلي تي گهڻو زور ڏنو ويو آهي ۽ نهايت چٽائيءَ سان ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن ماڻهن جي معاشي حالت درست نه هوندي ته نه انهن جا اخلاق سٺا هوندا ۽ نه انهن ۾ ماڻهپو پيدا ٿي سگهندو. پاڻ دهليءَ جي محمد شاهي دور کي قيصر ۽ ڪسريٰ جي مثال قرار ڏنو اٿن، يعني عياشي، دولت جو اجايو خرچ، پئسو گڏ ڪرڻ ۽ لٽ مار، ڪافرن جي هٿان هجي يا مسلمانن جي هٿان، ٻئي مٽائي ڇڏڻ جي لائق آهن. اهو مٽائڻ ۽ ختم ڪرڻ جو ڪم صرف انقلاب ڪندو آهي، اهو انقلاب آڻڻ اسلام جو بنيادي مقصد آهي ۽ ان کي اڄ عملي صورت ۾ پيش ڪرڻ مسلمانن جو فرض آهي.
شاهه صاحب جي نقطه نظر ۾ رسول اڪرم ﷺ جن جي بعثت جو مقصد ئي اهو هو ته سندن ذريعي خدا جي دين کي ٻين سڀني دينن تي غالب ڪيو وڃي ۽ اسلام ماڻهن کي هڪ اهڙو نظام حيات ڏئي، جيڪو سڀني نظامن کان بهتر ۽ مٿاهون هجي. پاڻ سڳورن جي بعثت جو اهو مقصد هن صورت ۾ پورو ٿيو، جو قيصر ۽ ڪسريٰ جو نظام جيڪو هڪ حد تائين دنيا تي حاوي هو، تباهه ۽ برباد ٿي ويو ۽ انسانيت کي قيصريت ۽ ڪسريت ٻنهي کان ڇوٽڪارو مليو.
قيصر ۽ ڪسريٰ جي نظام کي تباهه ڪرڻ جي ضرورت، انهيءَ ڪري پيش آئي، جو ان جو بنياد عوامي مفادن جي ابتڙ، عوام جي ڦرمار Exploitation)) تي ٻڌل هو. بادشاهه ۽ ان جي امين ۽ مذهبي طبقن جو ڪم اهو وڃي رهيو هو ته اهي رعيت جي رت ۽ پگهر جي ڪمايل دولت تي عيش ڪن. حجة الله البالغه جي صفحي نمبر 105 تي شاهه صاحب لکن ٿا ته:
”عجم ۽ روم جا شهنشاهه ايترو ته عياشيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا هئا، جو جيڪڏهن انهن جو ڪو درٻاري (رائج الوقت) لک روپين کان گهٽ قيمت جي ڪا ٽوپي يا ڪمربند (چيلهه وارو پٽو) پائيندو هو، ته ان کي ذليل سمجهيو ويندو هو.“
ڦرمار جي انهيءَ گرم بازاريءَ ۾ عوام جي حالت حيوانن کان به خراب ٿي وئي هئي ۽ جڏهن مٿئين طبقي جي ماڻهن کي بغير محنت جي دولت ملي وڃي، تڏهن انهن ۾ هر قسم جا اخلاقي عيب پيدا ٿي پوندا آهن. پوءِ نه سندن صحت ٺيڪ رهندي آهي ۽ نه انهن جون ذهني صلاحيتون درست هونديون آهن. جيئن ته انهن جي زندگيءَ جو مقصد رڳو هوس پرستي ۽ حيوانيت وڃي رهندو آهي، ان ڪري انهن جي وچ ۾ ڦوٽ پئجي ويندي آهي ۽ شاهي درٻار سازشن جو مرڪز بڻجي ويندي آهي. پوءِ ٿيو ايئن جو عوام بکن ۾ پاهه ٿي ويو ۽ ”اشرافن“ (دولتمندن) کي عياشي نڪمو ڪري ڇڏيو.
رسول الله ﷺ جن جي بعثت جي وقت ايران جي جيڪا حالت هئي، مشهور ڪتاب “ڪليله دمنه” جي مصنف ايراني حڪيم برزويه، ان جو نقشو هنن لفظن ۾ ڇڪيو آهي:
”ايئن ٿو لڳي ته ماڻهن سچائيءَ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي، جيڪا شيءِ ڪم جي آهي اها موجود ناهي ۽ جيڪا موجود آهي اها نقصانڪار آهي. جيڪا شيءِ سٺي آهي، اها مرجهايل آهي،جيڪا شيءِ بري آهي سا سائي آهي، ڪوڙ اڀرندڙ آهي ۽ نيڪي بي رونق آهي، علم پٺتي پيل آهي ۽ بي عقليءَ جو درجو بلند آهي. بڇڙائيءَ جو نالو روشن آهي ۽ ذاتي شرافت اڻلڀ آهي، محبت جو نالو ئي ڪونهي ۽ نفرت دلپسند آهي. فيض ۽ ڪرم جو دروازو نيڪن جي لاءِ بند ۽ شرارتين لاءِ کليل آهي. حاڪمن جو فرض صرف عياشي ڪرڻ ۽ قانون کي ٽوڙڻ آهي. مظلوم پنهنجي ذلت تي ماٺ آهي ۽ ظالم کي پنهنجي ظلم تي فخر آهي. حرض وات ويجهي توڙي پري واري هر شيءِ کي ڳيهي رهيو آهي، تسلط، لائقن جي هٿان نالائق ڏانهن هليو ويو آهي، ايئن ٿو معلوم ٿئي ته دنيا خوشيءَ جي نشي ۾ ڌُت ٿي اهو چئي رهي آهي ته مون نيڪيءَ کي تالو هڻي بڇڙائي کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي.“
اهڙي ئي حالت تقريباً روم جي پڻ هئي. شاهه صاحب جي لفظن ۾ انهن جو اهو روڳ وڌندو ئي رهيو. پڇاڙيءَ ۾ ٿيو ايئن جو خدا تعاليٰ جي غضب جي باهه ڀڙڪو کاڌو ۽ نبيءَ (اميءَ) جي بعثت ٿي، جنهن جي زبان سان قيصر ۽ ڪسريٰ جي عادتن جي مذمت ڪرائي وئي. ان جي ذريعي ٻنهي سلطنتن جو خاتمو ڪيو ويو ۽ انهن جي جڳهه تي هڪ ٻيو نظام نافذ ڪيو ٿيو، جيڪو عدل ۽ مساوات تي جڙيل هو، جنهن جي نتيجي ۾ مٿيان ڦرمار ڪندڙ طبقا يا ته مورڳو ختم ٿي ويا، يا انهن جي هٿن مان اقتدار کسجي ويو. قدرتي طور تي ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هر ملڪ جي عوام کي ڪنڌ کڻڻ جو موقعو ملي ويو ۽ انهيءَ واقعي کي گهڻو عرصو نه گذريو هو جو مصر، شام، آفريقا ۽ ايران ۾ تان جو عوام جماعتي زندگيءَ ۾ اڳيان اڳيان نظر اچڻ لڳو.
قيصريت ۽ ڪسرويت جي عادتن جي مذمت ۽ ان جي نظام کي ٽوڙڻ ۽ هڪ سڌريل ۽ ڪارائتي نظام جو قيام، قرآن جي نازل ٿيڻ جو مقصد هو. جيڪو گروهه ۽ قوم قيصريت کي پنهنجي خاص عادت بڻائي ٿو وٺي ۽ عوام جي لٽ مار تي ان جو گذر هجي، قرآن ان جي خلاف جهاد جي دعوت ڏئي ٿو. قرآن جو اهو پروگرام ڪنهن ڌر يا قوم جي لاءِ مخصوص ناهي، قرآن هر ظلم جو انڪار ڪري ٿو ۽ هر مظلوم جي دل ۾ هيءُ ولولو ۽ حوصلو پيدا ڪري ٿو ته هو ظلم کي مٽائڻ ۽ ظالم کي ظلم کان روڪڻ ۽ ان جي پاران ظلم تي ڳت ڏيڻ تي کيس پنهنجي انجام تي پهچائڻ لاءِ اٿي بيهي.
شاهه صاحب پنهنجي وقت ۾ قرآن جي مڃيندڙن کي قرآن جو اهو پيغام ڏياريو هو. ان وقت هندستان جا مسلمان زوردار نموني زوال ڏانهن لڙهندا ٿي ويا. عوام بي حس ٿي پيو هو ۽ خاص طبقن وارا عيش عشرت جي هٿان اپاهج ٿي پيا هئا. شاهه صاحب قوم جي هر طبقي کي للڪاريو ۽ انهن کي تنبيهه ڪئي ته جنهن رستي تي توهان بي پرواهه ٿي هلندا ٿا وڃو، ان جي اڳيان اونهي کڏ آهي. جيڪڏهن توهان ان اونهي کڏ کان پهرين رڪجي نه ويؤ، ته توهان جو انجام سٺو نه ٿيندو. شاهه صاحب بادشاهن کي ڊيڄاريو، اميرن ۽ ملڪ جي سربراهن کي پاڻ سنڀالڻ جو چيو، فوجي سپاهين کي انهن جا فرض ٻڌايا. صنعت ۽ حرفت وارن کي نفس جي اصلاح جي دعوت ڏني. بزرگن کي سمجهايو ۽ عالمن کي سنئين دڳ جو ڏس ڏنو. عام اسلامي امت کي مخاطب ٿيندي شاهه صاحب چيو:
”توهان جا اخلاق ننڊاکجي چڪا آهن. توهان تي اجايو حرص ۽ لالچ سوار ٿي پيو آهي، توهان تي شيطان ڪنٽرول ڪري ويو آهي. عورتون مردن جي مٿي تي چڙهي ويون آهن ۽ مرد عورتن جا حق ڦٻائي رهيا آهن. حرام کي توهان پنهنجي لاءِ من پسند بڻائي ڇڏيو آهي ۽ حلال توهان جي لاءِ بي لذت ٿي ويو آهي.“
مطلب ته جيڪو ڪجهه روم ۽ ايران تي گذريو هو، تقريباً اهو ئي اسلامي هند مٿان گذريو. بادشاهه ختم ٿي ويا. اميرن جو ڪو وجود نه رهيو، صنعتڪار ۽ عوام بي سهارا فوج وانگر ڇورا ڇنا ٿي ويا. شاهه صاحب جو پيغام قوم نه ٻڌو، جن ٻڌو به ته اهي زوال جي وهڪري کي روڪي نه سگهيا. شاهه صاحب جي جماعت ان کي روڪڻ جي برابر ڪوشش ڪئي. پر هڪ عام طوفان ۾ ٿورڙن مخلص ماڻهن جي ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ هندستان کي نئين وهڪري پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو.
نئون دور اسان لاءِ وڏيون مصيبتون کڻي آيو. اسين هن ملڪ جا مالڪ هئاسين. اڄ اسين ٻين جا غلام آهيون. اسان جي هٿن ۾ سياسي اقتدار ۽ معاشي خوشحاليءَ جي واڳ هئي، ان کان اسين محروم ٿي ويا آهيون. اسان جا اشراف (مٿئين ڪلاس وارا) علم ۽ فضل جا محافظ هئا. اڄ علم ۽ فضل ٻين جي هٿن ۾ وڃي چڪو آهي. اسين چوٽيءَ تي هئاسين پر تقدير اسان کي اونهي کڏ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. اسان جي لاءِ اهو انقلاب ڪو معمولي انقلاب نه هو.
اسين واقعي شڪست کائي چڪا آهيون. جيڪڏهن اسان جو تمدن، زندگيءَ جو فلسفو ۽ قانون اڻپورو نه هجي ها ته اسان جو سياسي وجود ڇو خراب ٿئي ها. هر هڪ تمدن ڪنهن خاص فڪر جو خارجي وجود هوندو آهي. قوم جي اجتماعي زندگي انهيءَ خارجي وجود کي قالب ۾ آڻيندي آهي، جنهن کي اسين سياست چوندا آهيون. جڏهن ڪنهن قوم جو سياسي ڍانچو خراب ٿي ويندو آهي ته ان جو اهو مطلب ناهي هوندو ته اهو اصلي فڪر جيڪو انهيءَ ڍانچي جو بنياد هو، اهو بيڪار ۽ مدي خارج ٿي ويو آهي. ان فڪر جو لباس برابر پراڻو ٿي ويندو آهي پر ان جي اصل روح جي آب و تاب ۾ گھٽتائي نه ايندي آهي.
اسين تاريخ ۾ گھڻو ڪري ڏسندا آهيون ته، جڏهن ڪا قوم زوال جي انهيءَ منزل تي پهچندي آهي، تڏهن ان ۾ ڪا نه ڪا اهڙي شخصيت پيدا ٿيندي آهي، جيڪا سڀ ظاهري پردا هٽائي، انهيءَ تمدن جي حقيقي روح کي بي نقاب ڪندي آهي ۽ پنهنجي هم وطنن کي دعوت ڏيندي آهي، ته هي آهي توهان جي زندگيءَجو اصل مقصد پر توهان انهيءَ اصل کي ڇڏي ٻين راهُن تي هلڻ لڳئو، هاڻي به وقت آهي ته توهان پاڻ سنڀاليو نه ته ياد رکو، خدا جو عذاب توهان جي مٿان گول چڪر هڻي رهيو آهي ۽ تاريخ توهان کان پنهنجو حساب چڪائي وٺندي، قرآن جي انهيءَ آيت جو به اهو مقصد آهي ته اسين ڪنهن ڳوٺ تي ايستائين عذاب نه ڪندا آهيون، جيستائين انهن ۾ ڪو خبردار ڪندڙ، ڊيڄاريندڙ نه موڪليون ۽ اها ئي اسان جي سنت (عادت) آهي.
اسان کي انهيءَ شڪست جو کليءَ دل سان اقرار ڪرڻ گهرجي، پر اها شڪست اسان جي تمدن ۽ نظام جي شڪست آهي، اسان جي فڪر جي شڪست نه آهي. انهيءَ فڪر هڪ زماني ۾ هيءُ ڍانچو اختيار ڪيو. هاڻي اهو ڍانچو ڀڄي پيو آهي. جهاز ٻڏڻ کان پوءِ رڳو انهيءَ خيال کان ته اهو جهاز ڪڏهن اسان جو هو، ان جي ذريعي اسين سمنڊ جي سيني تي ڊڪون پائيندا هئاسين، جهاز جي تختن کي چنبڙيو رهڻ ڏاهپ ناهي، جهاز ٻڏي ويو ۽ اسان وري به ڪوشش ڪئي ته اهو نه ٻڏي. مون ۽ منهنجي ساٿين ته انهيءَ جهاز کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو ۽ آخري وقت تائين انهيءَ خاطر سمنڊ جي موجن، لهرن، طوفانن ۽ جهوٽن سان وڙهندا رهياسين. پر هاڻي جڏهن اهو جهاز سمنڊ هيٺان اچي چڪو آهي. ان جي تري اچڻ جي اميد ۽ وهم به باقي نه رهيو آهي، انهيءَ جهاز تي ڳوڙها ڳاڙيندو رهڻ سمجهه ۽ سوچ کان موڳائپ جي برابر آهي. عقل ۽ همت جي ته اها تقاضا آهي ته جهڙي طرح اسان پهرين اهو جهاز ٺاهيو هو، هاڻي هڪ ٻيو جهاز ٺاهي کڻي بيهارجي، پر جڏهن به اسين نئون جهاز بڻائينداسين ته ظاهر آهي ته اسان کي ان جي ٺاهڻ ۾ اڳئين جهاز جي فن، مهارت ۽ نموني مان وڏي مدد ملندي.
مطلب ڳالهه جو ته اسان جو تمدن، اسان جو نظام زندگي ۽ اسان جو قانون جيڪو اسان هاڻي طوفان جي حوالي ڪيو، هوبهو اهو ٻيهر زنده ٿي نه سگهندو. ان جي حيثيت هاڻي هڪ تاريخي واقعي جي آهي، پر ان سان گڏوگڏ اسان کي هيءُ به، مڃڻو پوندو ته هڪ عرصي تائين اسان جي قومي ۽ ملي تشخص پنهنجي وجود کي انهن مظهرن ۾ ظاهر ڪيو ۽ اهي شيون اسان جي باطني وجود جي لاءِ نشانيون بڻجي ويون آهن. ان ڪري انهن جو بلڪل انڪار ڪهڙيءَ طرح به ممڪن ڪونهي. زندگيءَ جو سلسلو اڻ کٽ آهي ۽ جهڙيءَ طرح پاڻي پنهنجي سطح هموار رکندو آهي، تهڙيءَ طرح زندگي پڻ هميشه پنهنجو تسلسل قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. قوم زندگي جي جن مرحلن کي طئي ڪري چڪي هوندي آهي، نئون نظام جيڪڏهن درست ۽ صالح هجي ته انهن مرحلن کان اڳتي بلنديءَ جون راهون پڻ ڏيکاريندو آهي، پر اهو نئون نظام انهن مرحلن کان ٺپ انڪار نه ڪندو آهي، البت انهن جي خراب جزن کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آهي.
(گڏيل) هندستان جي مسلمانن کي پڻ انهيءَ شيءِ جي ضرورت آهي. انهن کي گهرجي ته هو ماضيءَ جي ورثي جو جائزو وٺن. کري کوٽي کي پرکين، کوٽي کي پنهنجي قومي وجود کان ڪڍي ٻاهر اڇلائين، جيڪو کرو هجي ان کي سيني سان لڳائين، آسي پاسي ۾ جيڪي نوان عنصر وجود وٺي چڪا آهن، انهن کي اپنائين ۽ پنهنجي قومي مزاج ۾ ان طرح پنهنجي لاءِ نئون نظام حيات، نئون قانون ۽ نئون تمدن جوڙين، بيشڪ انهيءَ تمدن نظام ۽ قانون جو روح اهو ئي هوندو، جيڪو قرآن ۽ اسلام جو روح آهي، البت لباس جو فرق ضرور هوندو. ڇا قرآن ۽ اسلام جو روح ايترو ئي عام ڪونهي، جيتري خود انسانيت آهي ۽ ڇا انسان کي هر هنڌ ۽ هر زماني ۾ هڪ ئي لباس جو پابند بنائڻ ممڪن آهي؟
اها ڳالهه بجا چئبي ته هار کائڻ خراب ڳالهه آهي، پر هار کائي، هٿ تي هٿ رکي ويهي رهڻ، اڃا به وڌيڪ مذمت لائق آهي. انسان کي هر شڪست مان عمل لاءِ نئين ولولي جو ڪم وٺڻ گهرجي ۽ پهريائين جيڪا چُڪ چڪي، ان جي تلافيءَ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ننڍپڻ ۾ جنهن وقت آءٌ شروعاتي درجن ۾ پڙهندو هئس، هڪ دفعي گهروارن تي رعب وجهڻ لاءِ مون ڇا ڪيو جو هڪ سٺن اکرن واري ڇوڪر کان پنهنجي ڦرهيءَ تي ڪجهه لکرائي آيس. اتفاق سان منهنجي ڪنهن هڪ جيڏي مائٽ اها ڦرهي ڌوئي ڇڏي. جيئن ئي مون ڏٺو تيئن روئي روئي سڄي گهر کي کڻي مٿي تي کنيم. ايتري ۾ منهنجو مامون اچي پهتو، اهو منهنجي ڳالهه ٻڌي چوڻ لڳو ته جڏهن تو هڪ دفعو لکيو ۽ اهو ڪنهن ڊاهي ڇڏيو ته هاڻي تون ان کي ٻيهر لکي سگهين ٿو، هن ڌاڙ گهوڙا جو آخر ڪهڙو مقصد!
مامي جي اها ڳالهه اڄ تائين منهنجي ذهن تي چٽيل آهي. بيشڪ ڦرهيءَ تي لکيل ته ڊهي سگهي ٿو، پر هٿ سان لکڻ جي مهارت ۽ دماغي صلاحيت، جيڪا هٿن کان لکرائي ٿي، اها ته موجود ۽ قائم آهي. مظهر بدلجن ته ڀلي بدلجن پر جيڪڏهن فڪر موجود ۽ زنده آهي ته انهن مظهرن جي بدلجڻ سان ماڻهو ڇو بد دل ٿئي.
منهنجو هيءُ پختو يقين ۽ عقيدو آهي ته اسلام جو مستقبل تمام روشن ۽ شاندار آهي. بيشڪ اسلام پنهنجي پوري قوت ۽ توانائيءَ سان هڪ دفعو وري اٿندو، پر خارج ۾ ان جو اهو ڍانچو نه هوندو، جيڪ هن وقت آهي. مون کي جهڙيءَ طرح هن ڳالهه جو يقين آهي ته اسلام هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندو، اهڙي طرح منهنجو اهو به ايمان آهي ته اسان جو موجوده ڍانچو هاڻي ٿورڙن ڏينهن جو مهمان آهي. اسلام کي پنهنجو هڪ نئون ڍانچو جوڙڻو پوندو ۽ مسلمان ان کي جيترو به جلد جوڙي وٺن ايترو بهترو ٿيندو. اهي ٻه عقيدا آهن، جيڪي مون کي هندستان ڏانهن ڇڪي وٺي آيا. آءٌ هاڻي صبح وارو وهائو تارو آهيان، خدا ٿو ڄاڻي زندگي باقي گهڻا ڏينهن آهي، چوان ٿو ته مرڻ کان پهريائين پنهنجي قوم کي اها حقيقت پهچائي ڇڏيان.
(سنڌيڪار: محمد انس راڄپر)