تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مذهب جو فلسفو

اعليٰ انسانيت ڇا آهي؟ مذهبن انسانيت کي ڇا ڏنو؟ اسلام ٻين مذهبن کي ڪٽيندڙ آهي يا ان جي صداقتن کي پڌرو ڪندڙ دين آهي؟ تصوف هڪ رويو آهي يا هڪ مذهب؟
اهڙن ڳوڙهن سوالن تي ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي مولانا عبيد اللھ سنڌي جي فڪر انگيز لکڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب جا سنڌيڪار رحيم داد راهي ۽ محمد انس راڄپر جن آھن.
هيءُ ڪتاب مولانا عبيدالله سنڌي جي مختلف تحريرن ۽ افڪار جو مجموعو آهي، جيڪي اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ قلمبند ٿيا. ان وقت ننڍي کنڊ جون قومون جنهن قومي غلاميءَ، سماجي ابتري ۽ مذهبي گروهه بندين جي گهيري ۾ هيون، اها صورتحال بدستور قائم آهي. اسان جي سنڌ ته هيئنر شديد فڪري بحران جو شڪار آهي،
Title Cover of book مذهب جو فلسفو

تصوف

تصوف جو رجحان انساني ذهن جو هڪڙو خاص جوهر آهي. ڪجهه ماڻهن کي قدرت جي طرفان ان جوهر جو چڱو چوکو حصو ملندو آهي ته ڪن کي گهٽ. ان کان پوءِ ڪن کي انهيءَ ملڪي کي واڌويجهه ڏيڻ جو مناسب ماحول نصيب ٿيندو آهي ته ڪي وري ان کان محروم رهندا آهن، البته اهو جذبو ٿورو گهڻو هر ماڻهوءَ ۾ ضرور هوندو آهي. باقي رهيو سوال ته اهو تصوف جو جذبو نيٺ آهي ڪهڙي شيءِ ۽ انسان جي زندگيءَ تي ڪهڙي طرح اثرانداز ٿيندو آهي.
ڳالهه هيءَ آهي ته انسان رڳو هڏماس جو نالو ڪونهي، انهيءَ گوشت ۽ هڏن جي اندر هڪ شيءِ آهي جيڪا ڳالهائي ٿي سوچي ٿي ۽ عضون کان ڪم وٺي ٿي. اها شيءِ انسان جي خودي يا انا آهي، ان کي نفس چئجي يا روح جو نالو ڏيو ڳالهه ساڳي آهي. انا يا “خودي” جو ڪم ڇا آهي ؟ اُها سوچي ٿي، ڪجهه چوي ٿي ۽ وري ان لاءِ جدوجهد به ڪري ٿي. تصوف انسان جي انهيءَ “خودي” ۾ حرڪت پيدا ٿو ڪري، ان ۾ هڪ ولولو پيدا ڪري ان ۾ موج ۽ مستي آڻي ٿو، ته جيئن هو سوچي، چاهي ۽ ان لاءِ ڪم ۾ جنبي وڃي. اهو هڪ بجليءَ جو وهڪرو آهي، جيڪو انسان جي اندر ڊوڙي ٿو. تصوف ڌرم ۽ شريعت، پوڄا پاٺ، نماز ۽ روزي جو نالو ناهي. تصوف جو جذبو انهن ڪمن کي خلوص سان، عقيدت ۽ سچائيءَ سان ۽ دل جي گهراين سان سرانجام ڏيڻ جي تلقين ٿو ڪري، بلڪه تصوف پنهنجو پاڻ زندگيءَ جي ڪا مخصوص واٽ متعين نه ٿو ڪري. تصوف عمل جي واٽن تي همت ۽ ثابت قدمتيءَ سان هلائيندڙ جذبي جو نالو آهي.
هونءَ ته انسان سڀ هڪ آهن. سڀني ۾ قدرت هڪ جهڙيون خصلتون امانت رکيون آهن، فرق صرف انهن خصلتن مان ڪم وٺڻ ۽ نه وٺڻ جو ٿيندو آهي. تصوف انهن انساني خصلتن کي اڀارڻ، سنوارڻ ۽ انهن مان وڌيڪ ڪم وٺڻ جو ذمو کڻي ٿو. انهيءَ لحاظ کان تصوف جو پيغام هرهڪ جي لاءِ آهي، ڌرم يا شريعت جي ان ۾ ڪا به تخصيص ڪانهي، پر ان جو اهو به مطلب ڪونهي ته انسان کي ڌرم ۽ شريعت جي ضرورت ئي ڪانهي. تصوف ڌرم ۽ شريعت جي روح کي اپنائڻ جي تلقين ڪري ٿو، ايمان تي زور ڏئي ٿو، چڱن ڪمن جي ضرورت ٻڌائي ٿو. صوفي، شريعت ۽ ڌرم جي ٻڌايل رستن تي هلندو آهي، پر پنهنجي ذهن سان پنهنجي جذبي ۽ امنگ سان اها ڌُن، جذبو ۽ امنگ پيدا ڪرڻ تصوف جو ڪم آهي.
تصوف انسان جي “انا” کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جڏهن انسان ۾ اهو لڪل شعور جاڳي پوندوآهي، تڏهن انسان اهو محسوس ڪندو آهي ته هي “انا” ڪنهن برتر وجود جو اولڙو آهي يا اها انساني ’انا‘ جي پالوٽ آهي. اهو آهي انسان جو شعور خدا جي وجود لاءِ. “سڪندر نامي” ۾ نظامي انهيءَ حقيقت کي هيٺين طرح پيش ڪيو آهي.
توئي آنکه تا من منم با مني
”يعني تون ئي آهين جو جڏهن مان پنهنجي خوديءَ جو خيال دل ۾ آڻيندو آهيان ته ان ۾ تنهنجي جهلڪ نظر ايندي آهي.“
اهڙي انانيت (خوديءَ) کي جاڳائڻ نبين جي تعليم جو اصل مقصد آهي. جيڪڏهن هن زندگيءَ ۾ ڪنهن فرد جي انانيت جاڳي پوي ٿي، ته موت کان پوءِ جڏهن جسم ۽ هن انانيت ۾ جدائي ٿي ويندي آهي، تڏهن هيءَ انانيت ٻي دنيا ۾ بي خوف ٿي ترقيءَ جون راهون طئي ڪندي ويندي آهي، انهيءَ کي اسين سوڀ، ڪاميابي ۽ جنت چوندا آهيون ۽ جنهن جي انانيت ستل رهي ۽ ظلم ۽ ڪفر سان هن پنهنجي انانيت کي ڍڪي رکيو ته هن زندگيءَ کان پوءِ جهنم انهن پردن کي ساڙي ان جي انانيت کي چٽو ۽ سجاڳ ڪري ڇڏيندي ۽ جنهن ڏينهن هن شخص جي انانيت جاڳندي انهيءَ ڏينهن هي جهنم مان نڪري ويندو. “محشر” نالو آهي، انهن سڀني انانيتن ۽ خودين جي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ جو.
خودِيءَ جو بيدار نه ٿيڻ ڪفر آهي ۽ جنهن جي خودي جاڳي پوي ته ان کي توڻي جو ماڻهو ڪافر ڪوٺين پر حقيقت ۾ اهو مسلمان هوندو آهي.
منڪر حق نزد ملا ڪافر است
منڪر خود نزد من ڪافر تر است
مان دين کي هن ڪري انسانيت جي لاءِ ضروري سمجهندو آهيان، جو ان تي هلڻ سان هر فرد جي خودي جاڳي پوندي آهي. بدقسمتيءَ سان ماڻهن خاص پنهنجي يا پنهنجي خاندان يا رڳو پنهنجي ملڪ جي خاص ۽ محدود مذهب کي سچو دين مڃي ورتو، جيڪو ماڻهو ظاهري طور طريقن ۾ انهن جي خلاف ٿيو، ان کي ڪافر قرار ڏنو ويو ۽ اهو نه ڏٺو ويو ته دين جو جيڪو حقيقي مقصد آهي، اهو کين هٿ به اچي ٿو يا نه. حقيقت ۾ تصوف دلين کي دين جي انهيءَ روح کان واقف ٿو ڪري. حضور اڪرم ﷺ جن انهيءَ کي “احسان” سان تعبير ڪيو آهي.
مسلم شريف ۾ هڪ حديث آهي. حضرت عمر بن خطاب فرمائن ٿا ته، ”اسان هڪ ڏينهن رسول اڪرم ﷺ جن وٽ ويٺا هئاسين ته هڪ شخص آيو ۽ پاڻ سڳورن ﷺ سان گوڏا گوڏن ۾ملائي ويهي رهيو ۽ ٻئي هٿ رانن تي رکي ڇڏيائين.
ان شخص جا وار ڀنڀا ڪارا هئا ۽ ڪپڙا بلڪل اڇا. اسان مان ان کي ڪو به نه سڃاڻيندو هو، جڏهن ته ان تي سفر جا آثار به ڏسڻ ۾ نه ٿي آيا. ان چيو، اي محمد ﷺ! اسلام جي حقيقت ٻڌايو. رسول ڪريم جن چيو ته، تنهنجي اها شاهدي ڏيڻ ته خدا کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي ۽ محمد الله جو رسول آهي. نماز قائم ڪرڻ، زڪواة ڏيڻ، رمضان جا روزا رکڻ ۽ خدا جي گهر جو حج ڪرڻ، جيڪڏهن اتي وڃڻ جي طاقت هجي. ان شخص چيو، توهان سچ ٿا چئو.
حضرت عمر ؐ فرمائن ٿا ته اسان کي تعجب ٿيو ته هي شخص پڇي به پاڻ ٿو ۽ وري تصديق به پاڻ ڪري ٿو. پوءِ وري چوڻ لڳو، ايمان جي حقيقت ٻڌايو. پاڻ سڳورن فرمايو ته، تنهنجو خدا، ان جي ملائڪن ۽ ان جي ڪتابن ۽ ان جي رسولن ۾ يقين ڪرڻ ۽ هن ڳالهه جو يقين ڪرڻ ته برائي ۽ ڀلائي خدا جي هٿ ۾ آهي. ان شخص چيو ته توهان سچ ٿا چئو.
وري چيائين ته، مونکي احسان جي حقيقت ٻڌايو. پاڻ فرمايائون ته اهڙيءَ طرح عبادت ڪرڻ ڄڻ خدا کي تون ڏسي رهيو آهين، يا تنهنجو اهو سمجهڻ ته خدا توکي ڏسي رهيو آهي.“
”احسان“ جي اها ڪيفيت ڪتابن جي ذريعي پيدا نه ٿيندي آهي، بلڪه اها بزرگن جي صحبت، ساڻن گڏ ويهڻ ۽ توجهه سان حاصل ٿيندي آهي. منهنجي پنهنجي خوش بختي اها هئي جو خدا مون کي اسلام جي نعمت سان نوازيو ۽ ٻيو ان اها مهرباني ڪئي جو اهڙا مرشد(1) ۽ استاد عطا ڪيائين جو انهن جي صحبت جي فيض سان پنهنجي دل جي مراد تي پهچي سگهيس.
الله تعاليٰ جي خاص نعمت سان جهڙيءَ طرح منڍ عمر ۾ اسلام جي سمجهه سولي ٿي، تهڙيءَ طرح خاص ٻاجهه جو اهو اثر به ٿيو جو سنڌ ۾ حضرت حافظ محمد صديق صاحب ڀرچونڊيءَ وارن جي خدمت ۾ پهتس، جيڪو پنهنجي وقت جو جيد ۽ عارفن جو پڳدار هو، ڪجهه مهينا سندن صحبت ۾ رهيس. ان جو فائدو اهو ٿيو جو اسلامي شريعت منهنجي طبعيت جو حصو بڻجي وئي، جيئن ڪنهن پيدائشي مسلمان جي هجي. حضرت جن هڪ ڀيري منهنجي سامهون ماڻهن کي چيو ته، عبيدالله، الله ڪارڻ اسان کي پنهنجو پيءُ ماءُ بڻايو آهي. انهيءَ مبارڪ ڪلمي جو خاص اثر منهنجي دل ۾ اڃا محفوظ آهي. مون قادري راشدي طريقي تي سندن بيعت ڪئي هئي. ان جو اثر اهو ٿيو جو آءٌ ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ جي رعب ۾ نه ايندو آهيان.
ان کان سواءِ حضرت مولانا رشيدالدين جهنڊي ڌڻي ٽئين جي صحبت مان فائدو ورتم. مون انهن جون ڀلايو ڏٺيون “اسماءِ الحسنيٰ” جو ذڪر مون انهن کان سکيو. پاڻ جهاد ۽ توحيد جي دعوت جو مجدد هو. حضرت مولانا ابو تراب رشدالله جهنڊي ڌڻي چوٿين سان پڻ علمي صحبتون رهيون. هو حديث جي علم جو جيد عالم ۽ تصنيفن جو صاحب هو، ان سان گڏ قاضي فتح محمد جي علمي صحبت پڻ هميشه ياد رهندي. انهيءَ عرصي ۾ قادري ۽ نقشبندي مجددي طريقي جا شغل ۽ ذڪر به حضرت سيدالعارفين جي وڏي خليفي مولانا ابوالسراج دين پوريءَ کان سکندو رهيس.
اهو ايمان ۽ عقيدو ئي آهي، جيڪو انسان جي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڏو تحرڪ پيدا ڪندو آهي. ايمان ۽ عقيدي ۾ اهڙي پختگي مضبوطي ۽ پڪائي جو دنيا پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي، پر ايمان ۽ عقيدي کي لوڏو به نه اچي. اهو سڀ تصوف جو نتيجو آهي. علم جي ذريعي ته انسان دليل ۽ منطق جي زور تي پنهنجي مقصد کي قبوليندو آهي. پر صوفي پنهنجي مقصد کي اکين اڳيان ڏسندو آهي.
جڏهن ڪو مقصد ۽ نصب العين اهڙيءَ طرح اسان جي دلين ۾ گهر ڪري ٿو وٺي ۽ اسان ان کي اهڙيءَ طرح اپنائي ٿا وٺون جو سِر ساهه سوڌو ان جا ٿي ٿا وڃون ته پوءِ اسان جي زندگي، ان جا سڀ احساس، اسان جا ڏک سور، تڪليفون ۽ راحتون سڀ ثانوي حيثيت اختيار ڪري ٿيون وڃن ۽ اسان جي سڀ کان پياري دولت اسان جو اهو نصب العين بڻجي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن انهيءَ واٽ ۾ جيتريون به ڏکيائيون پيش اينديون آهن، ته طبعيت انهن کي خوشيءَ سان سهندي ۽ برداشت ڪندي آهي. نه ڪنهن صلي جي آرزو رهندي آهي نه ڪنهن معاوضي جي پرواهه، ڪوشش اها هوندي آهي ته جيئون تڏهن به نصب العين خاطر، جي مرون ته به نصب العين خاطر، انسان ۾ اها ڪيفيت ايستائين پيدا نه ٿيندي آهي، جيستائين انسان پنهنجي نفس جي اصلاح نه ڪندو آهي، تصوف جو منصب به نفس (خوديءَ) جي اهڙي اصلاح ۽ ان جي تربيت جو نالو آهي.
تصوف جي مرتبن جي شروعات هيئن آهي، ته ماڻهوءَ جي دل ۾ هڪ زودار تڙپ ٿيندي آهي ۽ پوءِ اهو ماڻهو ايمان ۽ يقين حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيتاب ٿيندو آهي ۽ ان کي معاشري کان ورثي ۾ مليل عقيدن تي شڪ ٿيڻ لڳندو آهي. هو چاهيندو آهي ته ايمان ۽ يقين هن جي پنهنجي دل جي گهراين مان ايئن ڦُٽي نڪري، جيئن چشمي منجهان پاڻي اُٻڙڪا ڏئي نڪرندو آهي، آهستي آهستي ان جي دل مان وهم، گمان ۽ شڪ جي اونداهه پاسي ٿيندي ويندي آهي ۽ مرشد جي ڌيان سان هو اڳتي وڌندو ويندو آهي. زهد ۽ تقويٰ جا ڏاڪا چڙهي هو ان مقام تي پهچندو آهي، جتي ان جي دل نفس جي سڀني خواهشن ۽ تمنائن کان پاڪ ٿي ويندي آهي. انهيءَ مقام تي ان کي وجداني ذوق جي لذت نصيب ٿيندي آهي.
ان کان اڳتي ٻيا به کوڙا سارا مقام آهن ۽ سالڪ کي پنهنجي نفس جي صفائي ۽ ترقي لاءِ ٻيون به ڳچ ساريون دريافتون ڪرڻيون پونديون آهن. ان جي تفصيل جو هي موقعو ناهي.
مطلب ڳالهه جو اهو ته علم ۽ فلسفو اسان جي سمجهه ۽ دليل وٺڻ واري قوت کي ترقي ڏيندو آهي ۽ تصوف وجدان کي صاف ۽ سڌريل بڻائيندو آهي. جيڪڏهن استدلال ۽ سمجهه هجي پر وجدان نه هجي ته زندگيءَ ۾ يقين پيدا نه ٿيندو آهي ۽ ڪم ڪرڻ جي لاءِ جنهن ولولي، جذبي ۽ تڙپ جي ضرورت پوندي آهي، ان کان ماڻهو محروم رهندو آهي، پر جيڪڏهن وجدان هجي ۽ استدلال ۽ فراست جي قوت نه هجي ته انسان وهم پرست بڻجي ويندو آهي ۽ هو بيڪار ۽ بي معنيٰ شين تي ايمان آڻي وٺندو آهي ۽ پنهنجي سادگيءَ جي ڪري هر ٺڳ ۽ فريبي پرچارڪ جو پوئلڳ بڻجي پوندو آهي.
مطلب ته زندگيءَ ۾ وجدان جي به ضرورت آهي ته سمجهه ۽ استدلال جي به ضرورت آهي، پر وجدان اهو صحيح هوندو آهي، جيڪو استدلال جي بٺيءَ ۾ پچي چڪو هجي ۽ استدلال به اهو صحيح هوندو آهي، جنهن کي وجدان جو پاڻي ملي چڪو هجي. اسلام جي سڀ کان وڏي خصوصيت به اها آهي ته هو هڪ پاسي تدبر ۽ فڪر، غور ۽ ويچار تي پنهنجي اصولن ۽ قانونن جو بنياد رکي ٿو ۽ ٻئي پاسي يقين ۽ ايمان جي لاءِ وجدان ۽ باطني شعور جي صفائيءَ تي زور ڏئي ٿو، جنهن ڪري تدبر ۽ فڪر جي لاءِ ديني علمن ۽ عقلي علمن جي ضرورت هوندي آهي ۽ وجدان جي ترقيءَ جي لاءِ تصوف ۽ سلوڪ کي وٺڻو پوندو آهي. جنهن خالي وجدان کي سڀ ڪجهه سمجهيو اهو به رستي کان ڀٽڪيل آهي، يعني امام مالڪ جي قول مطابق جيڪو شخص صوفي ٿي عالم نه ٿيو، اهو گمراهه آهي ۽ جيڪوعالم ٿي صوفي نه ٿيو، اهو فاسق آهي ۽ جنهن انهن ٻنهي کي گڏ حاصل ڪيو اهو محقق آهي.
شيخ عبدالحق محدث دهلوي پنهنجي ڪتاب ”اشعھ اللمعات“۾ احسان جي تشريح ڪندي فرمائي ٿو ته ”جامعيت جو ڪمال اهو آهي، باقي سڀ بيڪار ۽گمراهي آهي. اسلام نه عقل جو انڪار ڪري ٿو، نه وجدان جو. اسلام سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي لاءِ انساني ذهن جون هي ٻئي صلاحيتون لازم ۽ ملزوم آهن. تصوف شرعي علمن ۽ عقلي علمن جو پورائو ڪندڙ آهي. ۽ شرعي ۽ عقلي علم تصوف جو پورائو ڪندڙ آهن، ٻنهي جو صحيح مصرف ۽ مقام آهي فرد، جماعت، قوم يا انسانيت جي روحاني، مادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ.“
ولي اللّهي فسلفي جو مرڪزي نقطو وحدت الوجود جو عقيد آهي. وحدت الوجود جو عقيدو ڇا آهي؟ ان جي تشريح توهان کي ايندڙ بحث ۾ ملندي، بدقسمتيءَ سان انهيءَ عقيدي جي باري ۾ مسلمانن جي هڪ گروهه ۾ وڏيون غلط فهميون ڦهليل آهن پر شاهه ولي الله جيڪو وحدت الوجود جو تصور پيش ڪيو آهي، اهو قرآن ۽ اسلام جي تعليم جي منافي ناهي. شاهه صاحب انهيءَ تصور هيٺ ڪائنات جي اهڙي تشريح فرمائي آهي جو اڄ جو سائنسدان به ان کان مطمئن ٿي وڃي ٿو. گڏوگڏ شاهه صاحب دنيا جي سڀني دينن، مذهبن ۽ فڪري نظامن جو به تجزيو ڪيو آهي. شاهه صاحب جن انهن سڀني جون اصل حقيقتون متعين ڪن ٿا، جيڪي سڀني ۾ مشترڪ رهيون آهن ۽ سڀ جو سڀ انهيءَ کان ئي شروع ٿيا هئا، پر جيئن جيئن زمانو گذرندو ويو، هو ان کان پاسيرا ٿيندا ويا. شاهه صاحب جي ويچار ۾ خارجي علم جيڪو هر گهڙيءَ بدلبو رهندو آهي ۽ انساني جو باطني شعور جيڪو هر زماني ۾ هڪ ئي رهندو آهي، يعني انهيءَ خارجي علم ۽ باطني شعور ٻنهي جي ترقيءَ سان انسانيت مڪمل ٿيندي آهي. پهرئين جي لاءِ پاڻ تحقيق ۽ ڳولا، مطالعي ۽ مشاهدي، تدبير (سوچ ويچار) ۽ تسخير ڪائنات کي تجويز ڪن ٿا. باطني شعور جي لاءِ جذب ۽ سلوڪ جو رستو ڏسين ٿا. جذب ۽ سلوڪ جا گهڻائي رستا ۽ پيچرا آهن. هر قوم پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ جذب ۽ سلوڪ جا قاعدا قانون جوڙيا آهن. ولي اللّهي فلسفي جي خصوصيت اها آهي ته ان جذب ۽ سلوڪ جو هڪ اهڙو پيچرو ۽ پنڌ ٻڌايو آهي، جيڪو سڀني قومن جي جذب ۽ سلوڪ جي واٽن جو جامع آهي. ان ۾ ۽ اسلام ۾ ٽڪراءُ به ڪونهي ۽ سمورن دينن ۽ مذهبن جو انهيءَ تي اتفاق به ٿي سگهي ٿو.
يورپ جو موجوده مادي ۽ معاشي نظام (سوشلزم) اسان کي لازمي طور قبول ڪرڻ گهرجي. اهو مادي نظام سڄي جو سڄو رڳو يورپ جي پنهنجي تخليق ناهي. هزارن سالن کان انسان سببن جي هن دنيا کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻڻ جي لاڳيتي ڪوشش ڪندو آيو آهي. هر قوم پنهنجي پنهنجي دور ۾ تسخير جي انهيءَ عمل کي اڳتي وڌايو. هن دور ۾ سببن جي دنيا ۾ يورپ سڀني جو امام آهي، ان ڪري اسان کي يورپ جي سائنس، ان جي تنظيم ۽ صنعت کي اپنائڻو پوندو. خدا نه ڪري جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته اسان جو وجود هن دنيا ۾ گهڻي دير نه ٿو رهي سگهي ۽ اسان واريءَ جي ذرڙن وانگر هوا ۾ اڏامندا نظر اينداسين.
زندگيءَ جي مادي پهلوءَ جيان ان جي باطني جي ترقيءَ جو سلسلو به منڍ کان جاري آهي. هر قوم انساني نفس جي باطني شعور کي مهذب بنائڻ جا طريقا سوچيا. باطني شعور جي ترقي ۽ واڌويجهه کي اسين تصوف چوندا آهيون، مغرب وارا ان کي مسٽسزم جو نالو ڏيندا آهن، هندن ان کي ويدانت چيو. قديم مصري، ايراني ۽ يوناني ان کي ٻين نالن سان سڏين ٿا. شاهه صاحب جي تصوف ۾ باطني شعور کي سڌراڻ ۽ سنوارڻ جو هڪ اهڙو نظام ملي ٿو، جيڪو خالص اسلامي آهي ۽ عام انسانيت جي پڻ مواقف آهي. شاه صاحب اهو تصوف موجوده لاديني فڪر جو صحيح سڌارڪ پڻ آهي. مسلمان ان جي ذريعي يورپين ازم اختيار ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجي مذهب سان وابسته رهي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو فڪر سڄي انسانيت تي محيط (ڦهليل) آهي. ان ڪري هندو ۽ عيسائي به ان کي قبول ڪري سگهي ٿو ۽ اهڙو آزاد خيال به ان کي قبول ڪري سگهي ٿو، جيڪو ڪنهن خاص مذهب جو قائل نه هجي.

(سنڌيڪار: محمد انس راڄپر)