تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مذهب جو فلسفو

اعليٰ انسانيت ڇا آهي؟ مذهبن انسانيت کي ڇا ڏنو؟ اسلام ٻين مذهبن کي ڪٽيندڙ آهي يا ان جي صداقتن کي پڌرو ڪندڙ دين آهي؟ تصوف هڪ رويو آهي يا هڪ مذهب؟
اهڙن ڳوڙهن سوالن تي ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي مولانا عبيد اللھ سنڌي جي فڪر انگيز لکڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب جا سنڌيڪار رحيم داد راهي ۽ محمد انس راڄپر جن آھن.
هيءُ ڪتاب مولانا عبيدالله سنڌي جي مختلف تحريرن ۽ افڪار جو مجموعو آهي، جيڪي اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ قلمبند ٿيا. ان وقت ننڍي کنڊ جون قومون جنهن قومي غلاميءَ، سماجي ابتري ۽ مذهبي گروهه بندين جي گهيري ۾ هيون، اها صورتحال بدستور قائم آهي. اسان جي سنڌ ته هيئنر شديد فڪري بحران جو شڪار آهي،
Title Cover of book مذهب جو فلسفو

انسانيت جا بنيادي اخلاق

انسان کي هن دنيا ۾ رهندي خبر نه آهي ته ڪيتريون صديون گذري ويون آهن ۽ کيس ارتقا جي هاڻوڪي منزل تائين پهچڻ ۾ ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان گذرڻو پيو آهي. ان ڊگهي عرصي ۾ انسانن ڪيترا ئي تمدن ٺاهيا. وڏن وڏن فلسفن جو بنياد رکيو. علم وجود ۾ آيا. اخلاق ۽ عادتن جا نت نوان معيار مقرر ٿيا. نبي موڪليا ويا، جن جي ذريعي خدا تعاليٰ جا پيغام ان جي ٻانهن کي مليا. فيلسوفن ۽ ڏاهن نيون نيون ڳالهيون سوچيون.
مطلب ته هن مهل تائين ايترا تمدني، اخلاقي، فلسفياڻا ۽ ديني نظريا وجود ۾ اچي چڪا آهن، جن جي ڳڻپ مشڪل آهي. هر دور هڪ نئين فڪر کي جنم ڏنو. هر قوم اها دعويٰ ڪئي ته جيڪا تهذيب ان جي آهي، اهڙي تهذيب نه ڪنهن جي اڳ هئي ۽ نه ڪنهن جي آئينده هوندي، “انا ولا غيري” (اسان ۽ اسان کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي) جو پڙاڏو اسان کي هر قوم جي تاريخ جي شان شوڪت واري دؤو ۾ ملي ٿو.
بهرحال ان کان انڪار نه آهي ته هر قوم جي انفراديت پنهنجي جاءِ تي مڃيل حقيقت آهي ۽ هر فڪر پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي لاءِ نئين فضا تيار ڪئي، پر جهڙيءَ طرح اسان سڀئي وقتي، مڪاني، عارضي ۽ ظاهري اختلافن جي باوجود اصل ۾ سڀ هڪ آهيون، توڙي جو ڪوي اڄ کان ڏهه هزار سال اڳ جو اڻ سڌريل انسان هجي يا ان زماني ۾ وچ آفريڪا جي جهنگلن ۾ رهندڙ حبشي يا اڄ جو ترقي يافته يورپين. جهڙيءَ طرح انهن سڀني ۾ انسانيت هڪ جامع ۽ گڏيل نقطو آهي. توڙي جو هزارين ورهين جي ارتقا کيس ڇا مان ڇا بڻائي ڇڏيو آهي، پر جيستائين اصل انسانيت جو تعلق آهي، ان ۾ هاڻي به اهي هڪ ٻئي سان مشابهه آهي ۽ منجهن بنيادي طور ڪو به فرق نه آيو آهي.
اهڙيءَ طرح انهن قسمين قسمين اخلاقي نظرين، تمدني اصولن، فڪرن ۽ دينن ۾ هڪڙي وحدت آهي. جيتوڻيڪ ارتقا انسانن کي عجيب عجيب شڪليون ڏنيون ۽ کين ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو، پر ان جي باوجود ڪجهه بنيادي ڳالهيون اهڙيون آهن، جيڪي سڀني ۾ هڪ جهڙيون نظر اينديون. ظاهر ۾ ڏسندڙن کان اها حقيقت هميشه ڳجهي رهي، اهي کوهه جي ڏيڏر وانگر پنهنجي محدود دنيا ۽ پنهنجي طبقاتي فڪر کي سڀ کان جدا ۽ الڳ سمجهندا رهيا. هنن پنهنجي ذهن کي باقي انساني ذهن کان الڳ ٿلڳ ڪري ڇڏيو ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته جهڙيءَ طرح پاڻي وهندڙ درياءَ کان ڳانڍاپو ٽوڙي ڇڏي ته ان ۾ بدبوءِ پيدا ٿي ويندي آهي، اهڙيءَ طرح فڪري ۽ ذهني جدائيءَ اهڙين قومن جي دماغن کي اڌ رنگو ڪري ڇڏيو. چين جي اعليٰ تهذيب ۽ بلند فڪر انهيءَ ذهني جدائيءَ جو شڪار ٿيو. پراچين هند جو جيڪو حشر ٿيو، اهو دنيا ڄاڻي ٿي. البيرونيءَ پراڻي هندو فڪر جي ان بيماريءَ کي پنهنجن ڪتابن ۾ وڏي وضاحت سان بيان ڪيو آهي. جهڙيءَ طرح ڪائنات جي ڪثرت انساني ذهن کي پريشان ڪري ڇڏي ٿي ۽ هو هن ڪائنات ۾ پنهنجي صحيح مقام مقرر ڪرڻ جي لاءِ مجبور ٿي ويندو آهي، تان ته هو هن ڪثرت ۾ وحدت جو پتو لڳائي. اهڙيءَ طرح اهل نظر ڏاهو ماڻهو انساني مظهرن جي انهن رنگن ۾ جنهن کي اسين تمدن، فڪر ۽ ڪلچر جو نالو ڏيون ٿا، هڪ جهڙين حقيقتن جي ڳولا ڪري ٿو، هو عالمگير انسانيت جي رنگ ۾ رنڱجي پنهنجي تمدن جو بنياد انهن اصولن تي رکي ٿو، جيڪي سڄي انسانيت تي جامع هجن ته جيئن قوم جو فڪر اصل زندگيءَ جي سرچشمي کان بي تعلق نه ٿي وڃي ۽ ان جو ذهن سڄي انسانيت ۽ ان جي سموري فڪري جدوجهد جي سرمائي کي پنهنجي اندر ماپائي سگهجي.
اسلام ڪنهن وقت انساني تاريخ جي اها خدمت وڏي خوبيءَ سان سرانجام ڏني هئي. قرآن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام کان اڳ ڪهڙي طرح مختلف قومون ۽ تمدن پاڻ ۾ لڙاين ۽ جهيڙن ۾ ورتل هيون. هر قوم پنهنجو پاڻ کي ڪافي باالذات (پنهنجي ذات تائين رکي) سڀ کان جدا ڪري ڇڏيو هو. عيسائي چوندا هئا ته جيڪو عيسائي ڪونهي، اهو انسان ئي ناهي. اهڙيءَ طرح يهودين به پاڻ کي سڀني کان جدا ڪري ڇڏيو هو. ايراني پنهنجي ليکي مست هئا ۽ هندستانين ته وري سمنڊ جي ٻي پاسي ڏسڻ کي به مذهب جي خلاف بڻائي ڇڏيو هو. ان وقت دنيا جي حالت ايئن هئي جيئن ننڍن ننڍن دُٻن ۾ پاڻي بيهجي ويو هجي ۽ هر دٻو ٻئي کان الڳ هجي ۽ سڀ جدا جدا بدبودار ٿي رهيا هجن. عربن جي نئين قوم هڪ سيلاب وانگر آئي، هن سڀني دُٻن کي هڪ ڪري ڇڏيو ۽ سڄي نوع انساني جدا جدا دُٻن جي بجاءِ هڪ گهرو سمنڊ بڻجي وئي. سڀني قومن جون ذهني ۽ فڪري ڌارائون ان سمنڊ ۾ وهڻ لڳيون ۽ اهڙيءَ طرح گڏيل طور تي انسانيت کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو. عرب اڻپڙهيل هئا، انهن سڀني قومن جي عملن کي اکين تي رکيو، سندن ڪو ڄميل ۽ ٽيڪيل تمدني نظام نه هو، انهن سڀني تهذيبن کي پرکيو ۽ “خذ ما صفا ودع ما ڪدر” (جتان چڱائي ملي اتان اها حاصل ڪر) تي عمل ڪندي سڀني تهذيبن جا سٺا سٺا پهلو پاڻ سان گڏ کڻي ورتا. اهڙيءَ طرح انهن عيسائيت، يهوديت، مجوسيت ۽ صائبيت سڀني کي هڪ اک سان ڏٺو ۽ سڀني کي چٽيءَ طرح چئي ڇڏيو ته انسان ڪوئي به هجي، جيڪو انسانيت جي بنيادي اصولن کي مڃي ٿو، اهو هڪ سٺو انسان آهي. نالي، رنگ، نسل ۽ گروهن جا ويڇا ڪوڙا آهن. ٻي معنيٰ ۾ عربن، انسانيت کي جيڪا ٽڪرن ۾ ورهائجي چڪي هئي، ان جي تند وري منڍ کان نئين سر ڳنڍي ڇڏي ۽ پاڻ ۾ وڙهندڙ قوميتن کي هڪ صحيح بين الاقوامي نظام ڏنو، “اهو ئي اسلام جو عالمگير انقلاب هو.”
مسلمانن پوءِ اسلام جي ان عالمگير انقلاب تي عالمگير انساني تهذيب جو بنياد رکيو، هيڏانهن بغداد ۾ هوڏانهن قرطبه ۾، اوڀر ۽ اولهه جي سمورين قومن انهن جي فڪر ۽ مذهبن جو ميڙ ٿيو، هر نسل جا ماڻهو پاڻ ۾ مليا، هڪ ٻئي جي خيالن کان واقف ٿيا. هڪ ٻوليءَ جو علم ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو. هندستان جي طب ۽ حڪمت، يونان جو فلسفو، اسڪندريه جو علم، ايرانين جو ادب، يهودين ۽ عيسائين جون روايتون ۽ عربن جي زبان ۽ دين سان انساني تمدن جي هڪ نئين هيئت جي جوڙجڪ ٿي، جيڪا ماضيءَ جي سموري علم، فن، حڪمت ۽ فلسفي جو نچوڙ هئي ۽ حال ۽ مستقبل جي لاءِ روشن واٽ. اهو هو اسلام جو تاريخي ڪارنامو. انسانيت مسلمانن جي ان احسان کي ڪڏهن به نه وساريندي.
اسلام جي ان تاريخي ڪارنامي جو روح، اصل ۾ ان جي عالمگيريت ۽ جامعيت هئي. مسلمانن سڀني مذهبن ۽ تهذيبن کي اصل ۾ هڪ سمجهيو. سندن مذهبي ڪتاب سموري انسانيت سان مخاطب ٿيو، انهن جي مفڪرن علم ۽ فلسفي تي بحث ڪيو ۽ سڀني قومن جي ذهني سرمائي جي جاچ ڪئي. سندس مؤرخن تاريخون لکڻ شروع ڪيون ته هنن حضرت آدم ؑ کان وٺي سڀني قومن جي تاريخن کي هڪ زنجير جون ڪڙيون ٺاهي پيش ڪيو.
هر قوم جيڪا تاريخي طرح پنهنجي پنهنجي زماني ۾ فڪر ۽ عمل جي دنيا ۾ بين القوامي قيادت جي مالڪ بڻي، انهن جي سڃاڻپ جو امتيازي نشان سندس عالمگيريت ۽ جامعيت هئي. پوءِ جڏهن انهن قومن جي مٽجي وڃڻ جا ڏينهن آيا ته انهن جون نظرون تنگ ٿي ويون ۽ انهن جو دماغ اڃا به تنگ ٿي ويو. انسانيت جو بين الاقوامي تصور ته پنهنجي جاءِ تي رهيو، پر انهن جي ذهنن ۾ پنهنجي سڄي قوم کي ماپائڻ به مشڪل ٿي پيو. هو انسانيت کان قوميت تائين پهتا. قوم کان پوءِ سندن فرقا بڻجي پيا. آخر فرقن ۾ به دال ورهائجڻ لڳي ۽ نفسانفسيءَ تائين حالت پهچي وئي. يهودين سان ايئن ئي ٿيو. عيسائي انهيءَ روڳ ۾ ڦاٿا ۽ اڄ مسلمانن جو به اهو ئي حال آهي.
قومي ذهن جو انساني تصور کان عاري ٿيڻ ، زوال ڏانهن ان جي پهرين وک هوندي آهي. اسلام جو آئنده جي لاءِ هميشه جو دين هجڻ جو واعدو صرف انهيءَ بنياد تي هو ته هو عام انسانيت جو تصور پيش ڪري ٿو، مسلمان اصل ۾ اهو آهي، جنهن جي ذهن ۾ سموري انسانيت جي گنجائش آهي. ڪنهن لحاظ کان الله تي ايمان آڻڻ جي به اهائي معنيٰ آهي.
شاهه ولي الله جي فلسفي جو هي خاص ڪمال آهي ته ان دؤر ۾ هن اسلام جي عالمگير روح کي پڌرو ڪيو. ان سلسلي ۾ هن سمورن مذهبن، دينن ۽ اخلاقي نظامن جا گڏيل اصول مقرر ڪيا ۽ اهڙيءَ طرح نئين سري کان هن مسلمانن اڳيان اهي سموريون ذهني وسعتون کولي ڇڏيون، جيڪي اسلام جي پهرين دؤر ۾ دين جو روح سمجهيون وينديون هيون، پر بعد ۾ جڏهن مرده دلي ۽ ذهني پسماندگين جو د‎ؤر شروع ٿيو ته مسلمان به گروهه بنديءَ جو شڪار ٿي ويا ۽ هو بين الاقوامي اڳواڻيءَ جي منصب کان محروم ڪيا ويا.
شاهه ولي الله جهڙيءَ طرح فقهي امامن جي چئن مذهبن ۾ مطابقت پيدا ڪئي ۽ وري حديث ۽ فقهه ۾ غلط فهميءَ جي ڪري ڪجهه ماڻهن کي جيڪو تضاد نظر ٿي آيو، ان کي سلجهايو، ان کان پوءِ اهو به ٻڌايو ته حديث ۽ قرآن ۾ ڪو عارضو نه آهي پر اصل ۾ حديث قرآن مان ئي مستنبط (ورتل) آهي. وڌيڪ اهو ته شريعت ۽ طريقت ۾ جيڪو جهيڙو هلندو ٿي آيو، شريعت وارا طريقت کان بيزار هئا ۽ طريقت وارا شريعت وارن کان ناراض هئا، شاهه ولي الله طريقت جي فڪر جي شريعت سان نسبت ڳنڍي ۽ ٻڌايو ته علم ۽ معرفت جي رقابت صرف غلط فهميءَ جو نتيجو آهي. اسلامي فڪر ۽ مذهبن جي دائري کان شاهه صاحب جي نظر اڃا وڌيڪ مٿاهين ٿي ۽ سندس بصيرت تي اها حقيقت ظاهر ٿي ته حق شناس جتي به هئا ۽ جنهن به دؤر ۾ هئا، انهن سڀني حقيقت کي حاصل ڪري ورتو آهي. بيشڪ انهن جن لفظن ۾ ان حقيقت جو تعبير ڪيو، اها زماني، ماحول ۽ طبيعت جي اعتبار کان هڪٻئي کان جدا هئي. گهٽ نظر وارا ان تعبير کي اصل سمجهي پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا، نتيجو اهو نڪتو ته انسان پاڻ هڪٻئي جا دشمن بڻجي پيا، اهو ئي اصل اختلاف آهي عقيدن جو. ماڻهن “حبل الله” کي ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجن تعصبن کي خدا سمجهي ويٺا.
مثال طور خدا ۽ بندي جي ڳانڍاپي کي ئي کڻي وٺو. ڪنهن ماڻهوءَ خدا ۽ بندي جي تعلق کي پيءُ ۽ پٽ سان ڀيٽ ڏني ۽ ڪنهن وري حلول (هڪ شيءِ جو ٻي شيءِ ۾ اهڙيءَ طرح داخل ٿيڻ جو ٻنهي ۾ فرق نه ٿي سگهي) سان ڀيٽ ڏني. مطلب ته هر قوم پنهنجي پنهنجي طبيعت پٽاندڙ ان مافوق التعبير (ڀيٽا نه جهڙي) تعلق کي عام فهم بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. مقصد سڀني جو هڪ ئي هو پر تعبير جدا ٿي ويا ۽ جيئن جيئن زمانو گذرندو ويو، انهن تعبيرن جي ڪري اصل حقيقت تي پردا پوڻ لڳا.
آخر ۾ قرآن آيو، ان انهيءَ تعلق کي اهڙي طرح پيش ڪيو جو پهرين وهمن ۽ گمراهين جو خاتمو ٿي وڃي ۽ گروهه خالق ۽ مخلوق جي لاڳاپي کي به سولائيءَ سان سمجهي وٺي. ان مسئلي ۾ قرآن جو مقصد، اصل مذهبن کي غلطيءَ سان منسوب ڪرڻ نه هو، پر دين جو هڪ اهڙو عالمگير تصور پيش ڪرڻ هو، جيڪو سڀني جي سمجهه ۾ اچي وڃي ۽ اڳ وانگر غلط فهميون به پيدا نه ٿين.
مذهب جي سلسلي ۾ سموري انساني فڪر جي ارتقائي ڇڪتاڻ کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪ حصو جيڪو حضرت ابراهيم ؑ کان شروع ٿيندڙ حنفيت جو دور. حضرت آدم ؑ جي زماني ۾ جيڪي قانون مقرر ٿيل هئا، اهي هن (ولي اللّهي) فلسفي جي ماتحت هئا ۽ ان زماني جي گهرجن کي پورو ڪندڙ هئا. جيئن جيئن انسانيت ترقي ڪندي وئي، تيئن ان فلسفي جي قدرن ۾ به واڌارو ٿيندو ويو، حضرت ابراهيم ؑ کان پهريون دؤر صابئين جو آهي ۽ “تاويل الاحاديث” ۾ انهيءَ دؤر جو ( جنهن ۾ آدم، ادريس، نوح ۽ ماقبل ابراهيم ؑ شامل آهي.) پورو تفصيل ملندو، حضرت ادريس ؑ کي طبعيات، رياضيات ۽ الهيات جو باني سمجهيو ويندو آهي. حڪمت جي انهن قسمن جو مرڪز بدلبو رهيو. ڪڏهن هند، ڪڏهن ايران ۽ ڪڏهن يونان. انهيءَ کان پوءِ ابراهيمي دؤر آيو، حنفيت ان فلسفي جي شڪل کي ٻين رنگن ۾ بدلائي ڇڏيو، فلسفو اهوئي آهي، جيڪو صابئين جي دؤر ۾ هيو.
مشهور عرب مؤرخ ابن اثير هندين، چينين، يونانين ۽ ٻين پراڻين قومن کي صابئي قرار ڏئي ٿو، صابئي عقيدن ۾ مظاهر پرستي دين جو بنياد آهي. سندن نظر ۾ علم لدنيءَ جي تجلي ستارن تي هوندي آهي ۽ تجليءَ جي جلوي گاهه ڪامل ماڻهن جي دل آهي. انهن کي حنفي دين ۾ نبي چيو ويندو آهي. بي سمجهيءَ سان مسلمانن صرف “حران” جي رهواسين جي هڪ محدود ٽولي کي صابئي مڃيو، اصل حقيقت هي آهي ته اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت کان علاوه باقي ملتن جي ماڻهن جي ڳڻپ صابئين منجهان ٿيڻ کپندي هئي.
قرآن، حنفيت ۽ صابئيت ٻنهي ملتن جي فڪر جي ڪمال جو مرڪز آهي. صابئي ذهنيت به ان روشنيءَ مان فائديمند ٿي سگهي ٿي ته حنفي به. حضرت ابن عباس ؐ کان هڪ حديث ۾ روايت ٿيل آهي ته: “فی کل ارض آدم مثل آدمکم و نوح مثل نوحکم” هت ارض مان مراد قوم آهي ۽ دنيا کي ستن وڏين قومن، تهذيبن يا جهانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. تورات، انجيل ۽ قرآن صرف ان طرح جي هڪ قوم جي تاريخ آهي. اهڙي قسم جا واقعا تقريبًا سڀني قومن تي گذري چڪا آهن، پر انهن ڪتابن ۾ منڍ کان پڇاڙيءَ تائين صرف هڪ قوم جي تاريخ ڄاڻايل آهي.
ايئن به ٿي سگهي ٿو ته تحقيق سان ان قوم جي تاريخ مان ٻين قومن جي هڪجهڙائي سامهون اچي. مثال، موسوي دؤر هندستان جي ڪرشن جيءَ جي دؤر سان ملي جلي ٿو، عيسائيت ۽ ٻڌمت ۾ به هڪ گوني مشابهت آهي. ان ڪري هي سمجهڻ ته الله جا پيغمبر ۽ مخلوق کي سڌو رستو ڏيکارڻ وارا، صرف واديءَ دجله، فرات، شام، حجاز ۾ ئي آيا، ڪنهن به طرح قابل قبول نه آهي. اصل انسانيت ته غيرمحدود آهي، پر افهام و تفهيم جي غرض سان نموني طور ان جو هڪ حصو چونڊي، ان جي ذريعي عالمگير سچائين کي بيان ڪيو ويو.
شاهه ولي الله جي ان فڪر جي ذريعي ئي مون سمجهيو ته قرآن امتن جو مجموعو آهي ۽ اهو صرف هڪ گروهه يا قوم جي تاريخ جي بيان تائين محدود هوندو نه آهي، پر جڏهن ان کي ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ خاص لفظن ۽ اکرن ۾ قيد ڪرڻو پوندو آهي ته ٻڌندڙن جي رعايت رکندي، ان کي هڪ خاص زمان ۽ مڪان سان گڏ مخصوص ڪرڻو پوي ٿو. قرآن جي بيان ڪرڻ جي طريقي جي (واقعاتي) محدوديت به انهيءَ بنياد تي آهي. ان جي باوجود جتي ڪٿي تذڪري ۾ مفهوم جي عالمگيريت ۽ جامعيت نمايان آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو قرآن جي پڙهڻ ۾ تدبر ۽ گهرائي کان ڪم وٺي ته ان تي اها ڳالهه پڌري ٿي پوندي ته سڄي نوع انساني قرآن ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه ۽ مقصد حاصل ڪري سگهي ٿي.
ڪجهه عالم نبوت کان سواءِ اخلاق جو ڪو ٻيو سرچشمو ۽ بنياد نه ٿا مڃن ۽ سندن نظر ۾ سموريون هدايتون صرف نبوت ۾ مرڪوز آهن. انهن عالمن جو اهو خيال به آهي ته جن قومن ۾ نبي نه آيا، اهي هدايت کان وانجهيل رهيا آهن ۽ صحيح انساني اخلاقن ۾ انهن جو ڪو به حصو نه آهي؟ ان سوال جو جواب هيءُ آهي ته اهڙي طرح جي تخصيص نبوت جي حقيقت نه سمجهڻ جو دليل آهي. ڳالهه اها آهي ته هڪ شيءِ آهي نبوت ۽ ٻيو آهي نبوت جو استعداد (سگهه ۽ قابليت). شاهه ولي الله وڏي وضاحت سان ان سلسلي کي بيان ڪيو آهي. نبوت حقيقت ۾ حنفيت جو هڪ اصطلاح آهي، جنهن کي اسان ملت ابراهيميءَ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. نبوت جي قابليت عام آهي، جنهن کي اسين حڪمت يا صديقيت جو نالو ڏيندا آهيون. نبيءَ ۾ هڪ ته نبوت جو استعداد هوندو آهي ۽ ٻي ان کان مٿانهين شيءِ اها نبوت آهي، مثال طور نبوت جو مظهر ته قرآن مجيد آهي ۽ نبوت جو اظهار حضور ڪريم ﷺ جن جي زندگي ۽ پاڻ سڳورن جي قولن ۽ فعلن ۾ هوندو آهي.
نبوت جي قابليت رکڻ وارا ماڻهو اخلاق جو نظام پيش ڪندا آهن. اهي انسانيت جي ڪاميابي ۽ ڀلائيءَ جي معاملن ۾ نبوت جي نظام کان الڳ نه هوندا آهن، باقي مان ۽ مرتبي جو فرق ٻي شيءِ آهي. جيڪي ڳالهيون نبي ﷺ وحيءَ کان چيون، ان کان گهٽ درجي جون ساڳيون ڳالهيون هڪ ڏاهو حڪمت ۽ بصيرت وچان چوندو آهي. نبوت جي سج مان نڪرندڙ شعاعن ۽ هڪ حق شناس ڏاهي جي دماغ مان نڪتل اخلاقي نظام ۾ ڪو اصولي جهيڙو نه هوندو آهي. نبوت جو ڳالهائڻ مٿاهون ۽ افضل هوندو آهي ۽ ان ۾ عموميت ۽ همه گيريت گهڻي هوندي آهي پر هڪ ڏاهي جي ان اوچي مقام تي پهچ ڏکي هوندي آهي.
جيڪڏهن شاهه ولي الله جي ان اصول کي سمجهيو وڃي ته چيني قوم جي اعليٰ اخلاقي تصور، يوناني فلسفي، ايرانين جي حڪمت، هندو رشين جي بلند فڪري نظام ۽ اسلام، يهوديت ۽ عيسائيت ۾ ڪو بنيادي تضاد نه ٿو رهي ۽ سڄي انسانيت جي چوڪاٺ مان سڀني قومن جا نظام دين ۽ اخلاق پورو لنگهي وڃن ٿا.
جيڪي ماڻهو علم الاهيءَ کي هڪ خاص گروهه جي جاگير سمجهن ٿا، سندن نظر ۾ هدايت جي روشني صرف انهن تائين محدود آهي، باقي دنيا هميشه کان جاهليت جي گگهه اونداهيءَ ۾ رهي ٿي ۽ انهن وٽ اعليٰ اخلاق جو وجود ممڪن نه آهي، اهي ماڻهو طائفيت (فرقي پرستي) جي چوديواري ۾ جڪڙيل آهن. انهن انساني تاريخ جو مجموعي طور تي ڪڏهن به مطالعو نه ڪيو آهي ۽ نه انهن ڪڏهن اهو ڏٺو آهي ته هر قومن وٽ پنهنجي ڪامياب دؤر ۾ اخلاق جو هڪ تصور هو، انهن ماڻهن ان تصور پٽاندڙ پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي سنواريو، انهن جي هٿان انسانيت جا وڏا وڏا ڪم به ٿيا. اصل ۾ مختلف تهذيبن ۽ مذهبن جي تقابلي مطالعي نه ڪرڻ جو اهو لازمي نتيجو آهي ته انسان جي نظر صرف هڪ ٽولي ۽ جماعت تائين محدود ٿي وڃي ٿي ۽ هو پاڻ کان سواءِ سڀني کي جاهل ۽ علم جي نعمت کان خالي سمجهي ٿو.
نبوت ۽ نبوت جي استعداد جو فرق نه ڪرڻ وارن جي نظر ۾ نبيءَ جي پنهنجي ڪا مستقل شخصي حيثيت نه هوندي آهي. سندن خيال ۾ نبيءَ جو مثال فوٽوگرافر وانگر آهي. جيڪو ڪجهه مٿن القاءُ ٿيو، اهو هوبهو ٻين تائين پهچائي ڇڏيائون. هي ماڻهو نبي جي هر ڳالهه ۽ هر ڪم کي اصل نبوت جو جزو سمجهندا آهن. انهيءَ بنياد تي وٽن عربي ٻولي مقدس، قرآن جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو ممنوع، امامت قريش جي ۽ سرداري صرف سيد جي آهي ۽ هو ڪنهن “غير مسلم” کي انسان نه سمجهندا آهن، توڙي جو هو پنهنجي عمل ۽ اخلاق ۾ کانئن ڪيترو ئي مٿانهون ۽ وڌيڪ ڇو نه هجي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته نبيءَ جو مقام وڌيڪ مٿانهون آهي، ان جي دل ذات الوهيت جي تجلي گاهه هوندي آهي. اهڙيءَ طرح سندس ويجهڙائي سڌي سنئون خدا تعاليٰ سان ٿي ويندي آهي ۽ انسانيت جو سمورو علم، فضل ۽ حڪمتون ان جي ڪشادي نظر اڳيان بي حجاب هونديون آهن، پر جنهن شخص کي نبوت جي لياقت ۽ قابليت مان ڪجهه حصو مليو هجي ته اهو به علم، ڄاڻ ۽ حڪمت کان هڪ حد تائين آشنا ضرور هوندو آهي، البت نبوت جي اوچي مقام ۽ نبوت جي قابليت رکڻ وارن حڪيمن ۽ صديقن جي درجي ۾ وڏو فرق آهي.
شاهه اسماعيل شهيد پنهنجي ڪتاب “العبقات” ۾ حڪيم ۽ صديق جو ذڪر ڪندي لکيو ٿو ته:
“هن کي جيڪڏهن توريت وارن جي وچ ۾ قضا جي ڪرسيءَ تي ويهاريو وڃي ته اهو انهن ۾ توريت پٽاندڙ فيصلو ڪري سگهي ٿو، انجيل وارن ۾ انجيل پٽاندڙ ۽ قرآن وارن ۾ قرآن پٽاندڙ فيصلو ڪري سگهي ٿو. ڳالهه هيءَ آهي ته هر اهو مذهب، جنهن تي ڏاهن جي هڪ وڏي جماعت گڏ ٿي هجي ۽ خاص طور تي ان ۾ اهڙا ماڻهو هجن جن جي غيب سان ويجهڙائي هجي، مثلاً عيسائي راهب، يهودي، يوناني، مشرقي، فلسفي جا مڃيندڙ، ايراني جيڪي نيڪي ۽ بديءَ کي الڳ الڳ قرار ڏين ٿا ۽ هندستان جا جوڳي- اهڙي مذهب جي “حظيره القدس” ۾ پنهنجي مخصوص ۽ جٽادار جڳهه هوندي آهي ۽ ان جو وهڪرو انهيءَ مٿين سرچشمي کان ڦٽي نڪري ٿو. پوءِ ايئن ٿيندو آهي ته ان مذهب ۾ هٿ ٺوڪيا خيال ملي ويندا آهن ۽ ان ۾ هتان هُتان جي بيهودي رسمن ۽ بيڪار روايتن جو عمل دخل ٿيڻ لڳندو آهي، تعبير ۽ تفسير غلط ڪيا ويندا آهن ۽ غيب کان جنهن رنگ ۾ علم جو فيض ملندو آهي، ذهن ان کي اصل موجب حاصل نه ٿو ڪري. ان سان گڏ پوئلڳ پنهنجن مري ويل بزرگن جي ڳالهين کي اهي معنائون پهرائيندا آهن، جيڪي انهن جي اڳيان نه هيون. هڪ حڪيم (ڏاهي) جو ڪمال اهو هوندو آهي ته هو انهن سڀني مذهبن ۽ خيالن جي اصل شيءِ کي هِتان هُتان جي ملاوٽن کان پاڪ “حظيره القدس” ۾ چٽيءَ طرح ڏسي وٺي ٿو ۽ ان جو سبب اهو هوندو آهي ته ڏاهي جو روح سجاڳ ٿئي ٿو.”
شاهه اسماعيل شهيد ؓ جي ان بيان جو خلاصو هي آهي ته، ڏاهي جي نظر تمام وڏي ۽ گهري ٿئي ٿي ۽ هو انهيءَ بنياد تي سڀني مذهبن ۽ راين جي اصل ڳالهه کي سمجهي وٺندو آهي. ٻيو ته هندستان جي جوڳين، ايران جي مجوسين، يونان جي فلسفين، يهودي ۽ عيسائي راهبن سڀني کي حظيره القدس کان ئي علم جو فيض ملندو آهي، يعني علم جو اصل هڪ ئي آهي، پوئلڳن اسان ئي حق آهيون جي چڪر ۾ پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪري ڇڏيا ۽ اهڙيءَ طرح مذهب جي صحيح روح کان سڀ پري ٿيندا ويا. هڪ مشهور قول مطابق ته “وڏڙن سڀني ٻولين ۾ ساڳي ڳالهه ڪئي، پر انهن جي نالي وٺندڙن، جيڪي ننڍو دل ۽ دماغ رکندا هئا، انهن ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي ڇا مان ڇا بڻائي ڇڏيو.” حڪيم ۽ صديق جو ڪم اهو هوندو آهي ته بقول شاهه اسماعيل: ”اهي سڀ مذهبن ۽ روايتن جي اصل حقيقت کي هِتان هُتان جي تمام ملاوٽن کان پاڪ، جدا ۽ ظاهر ڏسي وٺندا آهن، سندن گهري نظر، علم ۽ ڏاهپ جي سمورين ندين، نالن ۽ دريائن کي هڪ ئي سرچشمي مان نڪرندي ڏسندي آهي. هو اهو به ڄاڻن ٿا ته هي سڀ جا سڀ جڏهن پنهنجي اصل کان نڪتا هئا ته ڪيترا نه نج ۽ شفاف هئا، پر جيئن جيئن اڳتي وڌندا ويا، منجهن ميراڻ ۽ غلاظت گڏجڻ شروع ٿي وئي ۽ آخرڪار نتيجو اهو نڪتو ته صاف شفاف پاڻي ايترو گندو ٿي ويو جو اهو سڃاڻڻ ڏکيو ٿي پيو ته ان ۾ پاڻي ڪيترو آهي ۽ ميرُ (مٽي) ڪيترو آهي، پر ڏاها ۽ سچا (حڪيم ۽ صديق) ظاهري دوکي ۾ نه ايندا آهن، هو اصل حقيقت کي پڌرو ڏسندا آهن ۽ پوءِ ٻين کي به ان کان واقف ڪندا آهن.“
شاهه ولي الله صاحب اهڙو ئي ڏاهو ۽ سچو هو، جنهن سمورن دينن، مذهبن ۽ شريعتن جو اصل هڪ هجڻ ثابت ڪيو ۽ انهن بنيادي اصولن کي متعين به ڪيو، جيڪي هر دين جا حقيقي مقصد هئا ۽ هر مذهب ۽ شريعت انهن کي پورو ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندي رهي.
شاهه صاحب “همعات” ۾ لکي ٿو ته: “هن فقير تي اها ڳالهه روشن ڪئي وئي آهي ته نفس جي پاڪائيءَ جي سلسلي ۾ جيڪي شيون شريعت ۾ گهربل آهن، اهي چار خصلتون آهن: الله تعاليٰ، انبياءِ ؑ کي انهن ئي چئن خصلتن جي لاءِ موڪليو. سمورين حق وارين ملتن ۾ انهن چئن خصلتن جو حڪم ۽ ان جي حاصل ڪرڻ جي ترغيب ۽ تحريص آهي. “بِر” يعنيٰ ڀلائي يا نيڪي انهن ئي چئن خصلتن جو خلاصو آهي ۽ گناهه مان مراد، اهي عقيدا، اعمال ۽ اخلاق آهن، جيڪي انهن چئن خصلتن جو ضد آهن. انهن چئن خصلتن مان هڪ پاڪائي آهي. ان جي حقيقت ۽ ان طرف لاڙو هر سليم الفطرت انسان جي اندر رکيو ويو آهي.“
متان انهيءَ گمان ۾ پئجي وڃو ته هتي پاڪائيءَ مان مراد وضو ۽ وهنجڻ آهي، پر پاڪائيءَ جو اصل مقصد وضو ۽ وهنجڻ جو روح ۽ ان جو نور آهي. جڏهن ماڻهو ميراڻ ۾ ڀريل هجي، مٽي ۽ وار سندس بدن تي گڏ ٿي وڃن، ته اها ضروري ۽ لازمي ڳالهه آهي ته هو پنهنجي اندر مونجهه، تنگي ۽ پريشاني محسوس ڪندو. پوءِ جڏهن هو وهنجندو، فضول وار ۽ مير ختم ڪندو، نئون وڳو پهريندو ۽ خوشبوءِ هڻندو ته ان کي پنهنجي نفس ۾ فرحت، خوشي ۽ آرام جو احساس ٿيندو ۽ اهائي خوشي ۽ فرحت ۽ پاڪائيءَ جي اها وجداني ڪيفيت ئي، اصل مقصود آهي، جيڪا ذهني پاڪيزگي يا نور سان تعبير ڪري سگهجي ٿي.
ٻي خصلت خدا تعاليٰ جي لاءِ نوڙت يعني نهايت درجي جي عاجزي ۽ نيازمندي آهي. ان جو تفصيل هي آهي ته هڪ سليم الفطرت شخص جڏهن طبعي ۽ خارجي فڪرمندين کان واندڪائيءَ بعد خدائي صفتن، سندس جلال ۽ ڪبريائيءَ تي غور ڪندو آهي ته مٿس حيرت ۽ حشمت جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. اها ئي حيرت ۽ حشمت نوڙت، نيازمندي ۽ پاڻ ارپڻ جي شڪل اختيار ڪندي آهي. ٻين لفظن ۾ هڪ سوچڻ وارو انسان جڏهن ڪائنات جي وسعتن ۽ رنگينين ۽ پنهنجي مٿان قدرت جي مهر ۽ عنايتن تي شڪر جي نظر وجهندو آهي ۽ چؤڦير قدرت جي ڪرشمن ۽ حڪمتن کي سمجهڻ کان عاجز ٿي ويندو آهي ۽ ان عاجزي ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ هو ڪنهن ٻي قوت اڳيان پنهنجو پاڻ کي بي وس محسوس ڪندو آهي ته ان جي اها بي وسي کيس مجبور ڪندي آهي ته هو پاڻ کان مٿانهين ڪنهن ٻي قوت کي مڃي. هاڻي ٿيو ايئن جو علم طبيعات جي هڪ ڄاڻوءَ ان کي مادي سان تعبير ڪيو، فيلسوف ان کي ڪامل عقل مڃيو ۽ هڪ مذهبي ماڻهو ان کي خدا چوي ٿو. بهرحال انسان ڪٿي نه ڪٿي هن ڪائنات اڳيان پنهنجو پاڻ کي ضرور مجبور محسوس ڪري ٿو ۽ اها مجبوري کيس نوڙت ۽ عاجزيءَ طرف وٺي ويندي آهي.
ٽين خصلت سماحت ۽ فياضي آهي. ان جي معنيٰ آهي ته نفس لذت جي طلب، بدلي وٺڻ جي طلب، بخل ۽ لالچ وغيره کان مغلوب نه ٿئي. ان سلسلي ۾ پاڪدامني جدوجهد، صبر، درگذر، سخاوت قناعت ۽ تقويٰ اچي وڃي ٿي. عياشيءَ جي خواهش کي قبول نه ڪرڻ جو نالو پاڪدامني (عفّت) آهي. آرام ۽ بي عمليءَ جي خواهش کي قبول نه ڪرڻ جو نالو جدوجهد آهي. روڄ ۽ پٽڪي کي روڪڻ جو نالو صبر آهي. بدلي جي خواهش کي دٻائڻ درگذر ۽ بخل کي ڇڏي ڏيڻ جو نالو سخاوت ۽ لالچ کي قبول نه ڪرڻ جو نالو قناعت آهي. شريعت جي ٺاهيل حدن کي نه اورانگهڻ تقويٰ آهي.
چوٿين خصلت عدالت آهي. سياسي ۽ اجتماعي نظامن جي روح روان اها ئي خصلت آهي. ادب، ڪفايت، آزادي، شهري سياست ۽ سهڻي معاشرت وغيره اختيار ڪرڻ ۽ دل کي سدائين ان طرف ڌيان ۾ رکڻ ادب آهي. آمدني ۽ خرچ، ڏيتي ليتي ۽ سڀني ڳالهين ۾ عقل ۽ تدبر کان ڪم وٺڻ ڪفايت آهي. گهرو ڪمن ڪارين کي چڱيءَ طرح انجام ڏيڻ حريت آهي. شهرن ۾ لشڪرن جو سٺو انتظام رکڻ شهري سياست آهي. ڀائرن سان نيڪ زندگي گذارڻ، هر هڪ جي حق کي سڃاڻڻ ۽ ساڻن الفت ۽ خوش دليءَ سان پيش اچڻ حسن معاشرت آهي.
اهي ئي چار اخلاق آهن، جن جي تڪميل سان انسانيت کي ترقي ملي ٿي ۽ انهن کي ڇڏڻ سان انسان ذلت جي کاهيءَ ۾ ڪري پوي ٿو. هن دنيا ۾ جيتريون به تهذيبون ٺهيون، جيترا به فڪري ادارا قائم ٿيا ۽ جيڪي به شريعتون وجود ۾ آيون، جيڪڏهن انهن جي اڳيان مقصد انسانن کي اٿارڻ ۽ انهن جي حالت کي صحيح ڪرڻ هو ته هنن انهن ئي چئن اخلاقن کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ عيسائيت ۽ يهوديت جو معاملو ته بلڪل ظاهر آهي، پر جيڪڏهن اخلاق جي چيني فلسفي، هندن جي مذهبي فڪر، ايرانين جي نظامِ حيات، يونانين جي حڪمت، قديم مصرين جي مذهب ۽ اشورين جي روايتن جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي ته توهان کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انهن چئن اخلاقن جي درستي ۽ انهن جي ابتڙ هلڻ کان بچڻ جي تاڪيد ملندي.
ايراني ڏاهي (حڪيم) بزرجمهر جا قول، افلاطون جو پنهنجي ڪتاب “رياست” ۾ عدالت کي زندگيءَ جو بنياد ثابت ڪرڻ، قديم مصرين جي مذهبي ڪتاب “ڪتاب الموتيٰ” جا ارشادات ۽ هندن جي ويدن ۽ گيتا جي حڪمت سان ڀريل ڪلام، چينين جي اخلاقي فيلسوف ڪنفوشس جي تعليم، انهن سڀني جو حاصل مقصد گهڻو ڪري اهو ئي هو ته انسانيت جي انهن چئن بنيادي اخلاقن کي ترقي ڏني وڃي. سمورا رسول ان لاءِ نازل ٿيا ۽ سمورا حق شناس ڏاها پنهنجين پنهنجين قومن کي اهوئي پيغام ٻڌائيندا رهيا، قومن ۽ تهذيبن جي ان تاريخي پسمنظر کي سامهون رکو “ سورة والعصر ” جو تفسير ٻڌو:
“انساني تاريخ ان ڳالهه تي شاهد آهي ته، انسان هميشه گهاٽي ۽ نقصان ۾ رهيو، سواءِ انهن جي جن الله تي ايمان آندو، نيڪ ڪم ڪيا، هڪ ٻئي کي چڱن ڪمن جي صلاح ڏنائون ۽ ان واٽ ۾ جيڪي کين مشڪلاتون پيش آيون، انهن کي برداشت ڪيو.”
ايمان بالله، چڱا ڪم، “تَوَاصَوۡا بِالۡحَقِّ” (چڱائيءَ ڏانهن سڏڻ) ۽ “تَوَاصَوۡا بِالصَّبۡرِ ” (سچائيءَ جي استقامت سان قائم رهڻ) انساني تاريخ جون هي چار سچائيون آهن، جن انهن تي عمل ڪيو، سوڀارا ٿيا ۽ جن انهن کان منهن موڙيو، سي ناڪام ۽ گهاٽي ۾ پيا، هي بنيادي سچايون ايتريون ته پراڻيون آهن، جيتري خود انسانيت، زماني ۽ حالتن ۾ تبديلين سان گڏوگڏ انهن جون عملي شڪليون به بدلبيون رهيون، پر انهن جو اصل بنياد برابر قائم ۽ دائم آهي، عملي شڪلين کي شريعت، منهاج ۽ نظام جو نالو ڏنو ويو ۽ ان اصل (بنياد) کي اسان جي زبان ۾ ”دين“ چئجي ٿو. شريعت جا حڪم ۽ قاعدا جسم کان سواءِ روح مثل آهن روح نه هجي ته جسم بي معنيٰ آهي ۽ جسم کان سواءِ روح جو وجود ممڪن نه آهي.
سچ پڇو ته اسان جو سمورو تصوف انهيءَ انسانيت جي روح سان ڀريو پيو آهي ۽ خود صوفين جون زندگيون انهيءَ روح جو جيئرو جاڳندو مثال هيون. بيشڪ اهي اسلام کي سچو دين مڃيندا هئا ۽ ان جي حڪمن جا پوريءَ طرح پابند هئا. پر هو غير مذهب وارن سان وڏي محبت سان پيش ايندا هئا. ان جو سبب سندن اهوئي انسانيت جو تصور هيو ۽ انهيءَ جي برڪت هئي، جو انهن جي هٿان دين اسلام جي عام ڦهلاءُ ٿيو. عالم سڳورا اصل ۾ اسلامي سلطنت جا قانوندان ۽ محافظ هئا، تنهن ڪري قانون کي هلائڻ سندن ڪم هو. صوفي سڳورا اسلام جا پرچارڪ ۽ مبلغ هئا، تنهن ڪري اسلام جي روح جي حفاظت ۽ ان جي اشاعت سندن ذمي هئي. انهن صوفين بابت هڪ هندو ليکڪ لکي ٿو:
“اسلام هندستان ۾ جهڙيءَ طرح تيزيءَ سان پکڙيو، ان جو سبب گهڻو ڪري انهن ئي اوليائن ۽ صوفين جي امن پسند ۽ برابريءَ واري ڪوشش هئي. انهن صوفي سڳورن محبت ۽ همدرديءَ وسيلي هتان جي رهواسين جون دليون کي کٽي ورتيون، سندن نگاهن ۾ سڀ مذهبي پوئلڳ برابر هئا. هنن هندن کي مفتوح ۽ ڪافر نه سمجهيو. پرکين خدا جا اهڙا ٻانها سمجهيو، جن کي هدايت جي روشنيءَ جي ضرورت هئي.”
مسلمان فيلسوفن به پنهنجن ڪتابن ۾ نوع انسانيءَ جي ان خيالي وحدت طرف گهڻو اشارو ڪيو آهي. اندلس جي مشهور مفڪر ابن طفيل “حي بن يقظان” جو قصو لکي ڪري اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته “فلسفي ۽ مذهب ۾ بنيادي طور ڪو به فرق نه آهي، ٻئي هڪ ئي حقيقت تي پهچڻ گهرن ٿا، توڙي جو انهن جون واٽون جدا جدا آهن، پر سڀني جو اصل مقصد هڪ آهي.”
ڳالهه جو تت اهو آهي ته جهڙيءَ طرح سمورا دين اصل ۾ هڪ آهن ۽ انهن سڀني جو گڏيل نقطو مقرر ڪري سگهجي ٿو، اهڙيءَ طرح سمورن دينن ۽ تمدني نظامن جا بنيادي اخلاق به هڪ آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني اخلاقن جي اها بنيادي وحدت ذهن ۾ رهي ته جيئن انسان مختلف ملتن ۽ قومن جي زندگين جي باري ۾ راءِ قائم ڪرڻ وقت بي انصافي جو شڪار نه ٿئي ۽ انهن کي غير نه سمجهي. “پنهنجائپ” جي خيال کان جيڪا نصيحت ملندي آهي، ان جو رنگ ٻيو هوندو آهي، پر جنهن نصيحت جو بنياد “ڌاريائپ” هجي اها ٻي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿي.
جيڪڏهن اسين ان حقيقت کي سمجهي وڃون ته پوءِ هندن ۽ مسلمانن جي اخلاقي نظريي ۾ اصولي جهيڙو نه رهندو ۽ اسان ۾ فراخ دلي ۽ رواداري به پيدا ٿي ويندي. بيشڪ معاشري جي ننڍن طبقن ۾ ڇڪتاڻ موجود رهندي، پر اها ايتري رهندي جيئن هڪ ئي دين جي مختلف فرقن ۾ مخصوص لاڙن ۽ لياقتن جي بنيادن تي ذهني ۽ مذهبي اختلاف هوندا آهن ۽ مسلمانن ۾ ان قسم جي جهيڙن جي کوٽ به ڪانهي، پر جيستائين“عقل ۽ هدايت جي صاحبن” جو تعلق آهي، کين نبوت جي سج مان نڪتل شعاعن ۽ حڪيم جي دماغ مان نڪتل اخلاقي نظام ۾ درجي جو فرق ته ضرور نظر ايندو، پر اهي ٻنهي کي هڪٻئي جو ضد نه سمجهندا. ان مان اهو نتيجو نڪرندو ته صالح مسلمان هڪ ٻئي جي خوبين کي بحيثيت انسان جي انصاف جي نظر سان پروڙڻ جي قابل هوندا ۽ ٻئي جي چڱاين کي ان بنياد تي مڃڻ کان انڪار نه ڪيو ويندو ته هو ٻئي مذهبي ٽولي جو آهي.
اهو تصور نه رڳو هندستان (ننڍي کنڊ) جي مذهبي جهيڙن جي تيزيءَ کي گھٽ ڪري سگهي ٿو، بلڪه انهيءَ جي طفيل سموري انسانيت موجوده گھوٽالي مان نڪري سگهي ٿي. هر قوم جي عقلمند طبقن جو لاڙو هاڻي هن طرف ٿي رهيو آهي ۽ اهي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته پنهنجن پنهنجن فڪري نظامن کي عالمگير انسانيت جو ترجمان بڻائي پيش ڪن، پر ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته اهو دين جيڪو صحيح معنى ۾ سموري انسانيت جو دين هو، اهو ڪتاب جيڪو سڄي نوع انسانيءَ جي هدايت جو علمبردار هو، اها ملت جنهن سمورين قومن کي هڪ بڻايو ۽ جنهن جي تمدن سموري انسانيت جي، باقيات صالحات، جو آئينه دار هو، اهو دين، اهو ڪتاب، اها ملت ۽ ان جو تمدن هڪ فرقي جي جاگير بڻجي ويو آهي. اهي ماڻهو اهو نٿا سمجهن ته هن وسعت پذير دؤر ۾ جنهن ۾ زمين جي گولي جون سڀ دوريون سميٽجي ويون آهن، ملڪن، قومن ۽ کنڊن جون حدون سميٽيون پيون وڃن ۽ ريل، جهاز ۽ مواصلات جي ذريعي سڀني انسانن کي پنهنجي ڳالهه چوڻ ۽ ٻين جي ڳالهه ٻڍڻ لاءِ هڪ انساني برادريءَ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، هن زماني ۾ اهڙي تعليم کي جيڪا صحيح معنى ۾ عالمگير ۽ انساني هئي، هڪ گروهه ۽ جماعت ۾ محدود ڪري ڇڏڻ ڪيڏو نه وڏو ظلم آهي. خبر ناهي ته مسلمان اسلام کي ڪڏهن سمجهندا ۽ قرآن جي اصل پيغام کي ڪڏهن اپنائيندا.

(سنڌيڪار: رحيمداد “راهي”)