قرآن جو خلاصو سورت فاتحه
(1) سڀ ساراهه (خاص) قومن جي پالڻهار الله کي جُڳائي.
(2) جو وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي.
(3) حساب جي ڏينهن جو مالڪ آهي.
(4) تنهنجي ئي عباد ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.
(5) اسان کي سڌو رستو ڏيکار.
(6) انهن جو رستو جن تي تو فضل ڪيو آهي.
(7) ۽ جن تي نه تنهنجي ڪاوڙ ٿيل ۽ نه ئي انهن کان رستو گم ٿيو آهي.
[b]سورت فاتحه جا مختلف نالا ۽ انهن جي مختصر تشريح
[/b]هن سورت جا حديث جي ڪتابن ۾ گهڻا ئي نالا بيان ڪيا ويا آهن، پر انهن مان مشهور هيٺيان ٻه نالا آهن:
(1) سورت فاتحه: هيءُ نالو هن سورت تي ان ڪري پيو جو، اها قرآن ڪريم ۾ سڀ کان پهرين (قرآن کي کوليندڙ) سورت آهي.
(2) اُ م الڪتاب: يعني قرآن ڪريم ۾ جيڪو به مضمون بيان ڪيو ويو آهي، ان سڀ جو تت يا خلاصو هن سورت ۾ بيان ڪيل آهي. هي سورت ڄڻ ته قرآن شريف جي مقصدن فهرست آهي. قرآن جو ڪو به مقصد هن فهرست کان ٻاهر نه آهي ۽ سورت کي غور سان پڙهندڙ کي سڌ پئجي ويندي ته قرآن جي نازل ڪرڻ جو اصل مقصد ڇا آهي؟
ڄاڻڻ گهرجي ته الله تعاليٰ جي بي انداز صفتن مان هن سورت ۾ خاص طرح هي چار صفتون بيان ڪيون ويون آهن: (1) رب العالمين (2) الرحمان (3) الرحيم (4) مالڪ يوم الدين. هي چار صفتون اهڙيون آهن جن جي ذريعي انساني فطرت ترقي ۽ ڪمال جي درجي تي پهچي ٿي.
[b]لفظ ‘عالمين’ جي تحقيق
[/b]عالمين عالم جو جمع آهي. عالم لفظ جون ٽي معنائون مشهور آهن (1) الله تعاليٰ کانسوءِ ساري مخلوق (2) سموريءَ مخلوق جا جدا جدا قسم (3) انساني جماعت جون جدا جدا قومون، جيئن الله تعاليٰ بني اسرائيل لاءِ فرمايو آهي اُتي فَضَّلۡتُکُمۡ عَلَی الۡعٰلَمِیۡنَ... يعني مون اوهان کي زماني جي سڀني قومن تي فضيلت ڏني.
اڳيان مفسر عام طرح پهريون ٻه معنائون بيان ڪن ٿا. سندن خيال آهي ته جنهن صورت ۾ الله تعاليٰ جا ڪمالات سٺي مخلوق ۾ ظاهر ٿيا آهن. تڏهن بهتر آهي ايئن ٿيندو ته ان جي واکاڻ ۽ تعريف انهن سڀني ڪمالات سان ڪرڻ گهرجي،
اسان ٽئين معنيٰ (انساني جماعت جون مختلف قومون) کي موزون سمجهون ٿا . هي سورت فاتحه قرآن عظيم جو خلاصو آهي ۽ قرآن خاتم النبيين (سڀني نبين کان پڇاڙيءَ ۾ اچڻ واري نبي) تي نازل ٿيو آهي ۽ نبوت جي فرائض مان فقط، انساني سماج جو بحث ڪرڻ مقصد آهي، ان ڪري قرآن مقدس ۾ جتي آسمان، زمين، جنن، ملائڪن، بهشت ۽ دروخ جو بيان ٿيل آهي، اتي حقيقت ۾ اُهو بذات خود مقصد نه آهي بلڪ مقصد کي چٽي ڪرڻ لاءِ بيان ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح هتي به اصل مقصد آهي انساني سوسائٽيءَ کي ڪامل بنائڻ. عام طرح سڀني نبين جو اهو ئي مقصد رهيو آهي.
سڀني نبين کان پڇاڙيءَ ۾ ايندڙ نبي جو مقصد اِهو آهي ته هو سڀني قومن جي عمومي تحريڪ (انساني) کي انساني فطرت جي عين مطابق ڪمال تائين پهچائي .
مٿئين بيان مان هي ڳالهه واضح ٿي وئي ته قرآن شريف جو مقصد به اهوئي هئڻ گهرجي ڇو ته رسول الله ﷺ کي ان مطابق ئي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي.
پوءِ جڏهن سورت فاتحه قرآن شريف جو خلاصو آهي ته پوءِ ’العالمين‘ جو مطلب ’سڀ قومون‘ وٺڻ گهرجي ۽ الله کي رب العالمين هن ڪري چيو ويو آهي جو هو انساني قومن جو پاليندڙ آهي. يعني پيدا ڪرڻ کان وٺي سندن فطرت جي عين مطابق انهن کي ڪمال تائين پهچائيندڙ آهي. آخري نبي جي نبوت ٻه درجا آهن:
گذريل تحقيق کي پوري ريت سمجهڻ لاءِ هيءَ ڳالهه به ياد رهي ته حضرت محمد رسول الله خاتم النبيين جي نبوت جا ٻه درجا آهن:
(1) قومي: يعني پنهنجي قوم کي انساني فطرت جي عين مطابق ترقي ڏياري ڪمال تائين پهچائڻ. هي درجو کين پهرين عطا فرمايو ويو ۽ مٿن هيءُ ڪم رکيو ويو ته قريشن کي ۽ جيڪي انهن جي آس پاس قبيلا رهندا هئا تن کي ڪمال تائين پهچائين ۽ مٿن سورت اقرا نازل ڪئي وئي ته جيئن پاڻ ان ۾ ڏيکاريل رستي مطابق قوم کي تعليم ڏين.
(2) ٻيو درجو نبوت جو آهي بين الاقوامي، يعني دنيا جي سڀني قومن کي ابراهيمي ملت (توحيد جي فڪر) تي گڏ ڪن، ڇو ته ان کانسواءِ انسانذات، پنهنجي فطري ڪمال کي نه ٿي پهچي سگهي.
نبوت جي پهرين درجي مطابق سورت اقرا ۾ اِقۡرَاۡ بِاسۡمِ رَبِّکَ ( يعني تون پنهنجي پاليندڙ جي نالي سان پڙهه) چيو ويو آهي. اقرا باسم رب العالمين نه چيو ويو. ڇو ته سورت اقرا پهرئين نازل ٿي آهي. ان جي نازل ٿيڻ وقت رسول الله جن تي سندس قوم کي سڌارڻ جو ڪم هو. ڪوبه ماڻهو پنهنجي قوم کي تڏهن ئي ڄاڻي سگهندو آهي، جڏهن ان جي نفس جا لاڳاپا جيڪي سندس قوم جي سڃاڻپ جو دارومدار پنهنجي نفس ۽ ان جي لاڳاپن جي سڃاڻڻ تي رکيل آهي ته پوءِ اِقۡرَاۡ بِاسۡمِ رَبِّکَ جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته تون پنهنجي پاليندڙ ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ پنهنجي قوم (جن سان تنهنجا لاڳاپا توکي پاڻ ڏي نظر ڪرڻ سان سمجهڻ ۾ اچن ٿا) جي پاليندڙ جي نالي سان پڙهه، جنهن توکي ۽ انهن کي پيدا ڪيو آهي.
نبوت جي ٻئي درجي مطابق سورت فاتحه ۾ ” اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ “ چيو ويو آهي، ڇو ته قرآن جي نازل ڪرڻ جو اصل مقصد نبوت جي ٻئي درجي جي ڪم کي پورو ڪرڻ هو، پوءِ جيڪا سورت قرآن جو مقدمو ۽ خلاصو هجي، تنهن ۾ اهڙو ئي لفظ استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو نبوت جي ٻئي درجي سان لاڳاپيل هجي، اهو آهي رب العالمين .
[b]هڪ علمي نڪتو
[/b]سورت فاتحه ۾ جڏهن نبوت جي ٻئي درجي ڏي ۽ سورت اقرا ۾ نبوت جي پهرئين درجي ڏي اشارو ڪيو ويو آهي، تڏهن سورت فاتحه کي قرآن شريف جي منڍ ۾ آڻڻ سان هن ڳالهه ڏي به اشارو آهي ته رسول الله ﷺ کي نبوت جو درجو عطا فرمائي موڪلڻ سان نبوت جي ٻئي درجي وارو ڪم پورو ڪرڻ آهي ۽ وري سورت اقرا کي پڇاڙيءَ ۾ آڻڻ سان هن حقيقت ڏي اشارو ٿيندو ته رسول الله ﷺ جي نبوت جو پهريون درجو ٻئي درجي کي ڪمال تائين پهچائڻ لاءِ هڪ سبب ۽ وسيلو آهي.
مٿيئن بيان مان معلوم ٿيو ته اسلام هڪ بين الاقوامي تحريڪ جو نالو آهي، ڪنهن عربي تحريڪ جو نالو نه آهي. عربي ٻوليءَ کي اُن بين الاقوامي تحريڪ لاءِ هڪ ذريعو بڻايو ويو آهي.
بين الاقوامي تحريڪ جو باني ڪير آهي؟ عام طرح مؤرخن بين الاقوامي تحريڪ جو باني سڪندر مقدوني يا ان جهڙن ٻين صاحبن کي بڻايو آهي، جيڪي سڪندر کان ٿورو اڳ ٿي گذريا آهن. تحقيق هيءَ آهي ته بين الاقوامي تحريڪ جو امام ۽ پايو رکندڙ حضرت ابراهيم ؑ آهي، ان ڪري الله تعاليٰ کين قرآن ۾ امام جو لقب ڏنو آهي. پوءِ حضرت ابراهيم ؑ جو اولاد ان کي پکيڙڻ ۽ قومن کي ابراهيمي دين ۾ داخل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو آهي، (يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام جا پيغمبر حضرت ابراهيم جي فرزند حضرت اسحاق ۽ حضرت اسماعيل جي اولاد مان ٿيا.)
[b]ابراهيم ؑ جي بين الاقوامي تحريڪ جو مقصد
[/b]ابراهيم ؑ جي تحريڪ جو مقصد انسانذات کي سندس فطرت مطابق ڪمال تائين پهچائڻ هو. ان تحريڪ ۾ معاشي ۽ ذهني حوالي سان ٻئي ترقيون شامل آهن، جنهن ڪري ابراهيمي تحريڪ بين الاقوامي تحريڪ آهي.
اسان جي دور جا ڪي ماڻهو ديني ۽ سياسي تحريڪ کي جدا جدا ٻه شيون ڄاڻن ٿا ۽ ديني تحريڪ کي هڪ خيالي تحريڪ (جنهن جو بيشمار فائدو ڏسڻ ۾ نه اچي ) سمجهن ٿا ۽ سياسي تحريڪ کي واقعات ۽ حقيقتن تي ٻڌل ڄاڻي حقيقي تحريڪ (جنهن جا بيشمار فائدا ڏسڻ ۾ اچن) سمجهن ٿا . انهن ماڻهن جي ڪن تي جڏهن هي ڳالهه پوي ٿي ته بين الاقوامي تحريڪ جو باني ابراهيم ؑ هو ته ان کي ديني تحريڪ ڄاڻي ڪو ڌيان نٿا ڌرين. ديني ۽ سياسي تحريڪ کي هڪٻئي کان الڳ ڄاڻڻ هڪ غلط خيال آهي. اهو خيال ڪنهن به مضبوط بنياد تي بيٺل نه آهي، ان ۾ شڪ نه آهي ته دين جي دعويدار جماعتن ۽ دنيوي جماعت جي سياستدانن، ٻنهي ڌرين جي ڪن غلطين ان مسئلي ۾ الجهاءُ پيدا ڪيو آهي.
[b]ديني ۽ سياسي تحريڪ متعلق هڪ راءِ
[/b]انسانيت اول کان وٺي پڇاڙيءَ تائين هڪ شيءِ آهي، ان کي ٻن قسمن ۾ ورهائي نه ٿو سگهجي ۽ اهڙي طرح انساني بين الاقوامي تحريڪ کي به ديني ۽ سياسي تحريڪ ۾ ورهائي نه سگهبو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي تحريڪن جو اصل مقصد انسانيت جي ترقي ئي آهي.
جيڪڏهن ديني جماعت وارا رڳو مذهبي ترقي تي ڪفايت ڪندا ۽ معاشي ترقي کان منهن موڙيندا ته اهو به ڪافي نه آهي ۽ جيڪڏهن سياسي تحريڪ وارا ذهني ترقيءَ کان اکيون ٻوٽي ڇڏيندا ته ان ۾ به نقصان آهي. اهو ٻنهي جماعتن جو قصور آهي، ان ڪري انهن ٻنهي جماعتن کي سموري انسانيت ۽ ان جي سڀني ضرورتن ڏي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
اهڙا ماڻهو جيڪي انسانيت کي ان جي سڀني طرفن ۽ ضرورتن کان نٿا جاچين ۽ سندن مقصد رڳو انسانيت جي ڪنهن هڪ حصي ۽ شعبي سان آهي، اسان جو انهن سان ڪو به واسطو نه آهي.
جيئن ڪي ماڻهو لوهارڪو ڪم ڪن ٿا ۽ ڪي واڍڪو ۽ ڪي وري هارپو ڪن ٿا، پر سڀئي سمجهن ٿا ته انهن سڀني ڪمن جي انساني سوسائٽي کي ضرورت آهي. انهن هنرن کي ان ڪري ورهايو ويو، ڇاڪاڻ ته هر هڪ انسان اهي سڀ هنر هڪ ئي وقت نه ٿو ڪري سگهي، ان ڪري ڪي ذهني ترقيءَ جو خيال ڪن. علم سکڻ، سيکارڻ ۽ فطرت جي مواقف اخلاق کي درست ڪرڻ لڳي وڃن، پر هڪ جماعت ٻي جماعت جي ڪم کي بيڪار يا معمولي نه سمجهي. ڪنهن وقت هڪ جماعت جي ڪم جي ضرورت پوندي ۽ ٻئي وقت ٻي جماعت جي ڪم جي وڌيڪ ضرورت ٿيندي. اهڙو فرق ڪو حقيقي نه آهي ۽ ٻنهي جو مقصد انسانيت کي ڪمال تي پهچائڻ آهي.
هڪ علم وارو انسان پنهنجي علم کي انساني سوسائٽي لاءِ فائدي وارو سمجهي ٿو، پوءِ ان کي جيڪو به ماڻهو ملي ٿو ته هي کيس علم سيکاري ٿو ۽ شاگردن کي گڏ ڪري انهن جي هڪ جماعت بڻائي ٿو ته جيئن سڀ هڪ ٻئي جي مدد ڪن. پوءِ جيڪڏهن اهو مفڪر انسان گهرندو ته ان جي علم کي ڪو به نه بگاڙي ۽ ان جي ٺاهيل سوسائٽيءَ کي ڪو به برباد نه ڪري ته ڇا ان لاءِ هيءَ ڳالهه ضروري نه آهي ته هو پنهنجي جماعت ۾ فوجي قسم جي طاقت به پيدا ڪري؟ معلوم ٿيو ته علم جي پکيڙڻ، ان جي ڦهلائڻ ۽ ان کي تحفظ ڏيڻ لاءِ حڪومت کي انتظام پنهنجي هٿ وس ڪرڻ به ضروري آهي.
اهڙيءَ طرح ابراهيم ؑ هڪ اهڙي دين جو امام آهي، جنهن ۾ پوري انساني فطرت جو بيان آهي. ان ۾ ذهني ترقيءَ سان گڏ سياسي ترقي جو به عمل دخل آهي.حقيقت ۾ رسول ۽ نبي ئي قومن کي گڏ ڪرڻ وارين تحريڪن جا امام آهن. سياستدان ۽ فلسفي به نبين جي طريقي تي هلي انهن وانگر قومن جي گڏ ڪرڻ وارين تحريڪ جي رهبري ڪندا ته انهن کي نبين کان ٻئي درجي ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
جنهن ماڻهوءَ کي دين جي ڄاڻ هوندي ۽ هو انساني اجتماع کي سمجهندو هوندو ۽ سياستدانن ۽ فلاسفرن جيڪا انسانيت جي خدمت ڪئي آهي، تنهن جي به کيس خبر هوندي ته اهڙو شخص انبيائن ۽ رسولن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي انساني اجتماع جو اول امام هرگز نه مڃيندو.
[b]اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ : جي معنيٰ
[/b]جڏهن سڀني قومن کي گڏ ڪرڻ واري تحرڪ ابراهيم ؑ کان شروع ٿيل ثابت ٿي ۽ قرآن مقدس ان تحريڪ کي ڪمال تائين پهچائڻ گهري ٿو ۽ سورت فاتحه وري قرآن جو خلاصو آهي. ان ڪري ئي هن سورت ۾ الله تعاليٰ جو ذڪر رَبِ العالمين جي صفت سان ڪيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته قومن جي درميان (فطرت انساني جو) جيڪو نظام الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي، ان ۾ جيڪي به خوبيون آهن، سي سڀ ان پيدا ڪيون آهن ۽ اهو ئي انهن جي نگهباني ڪندڙ آهي، تنهن ڪري سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن، جنهن اهڙو ته نظام پيدا ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪو به نقص ۽ عيب نه آهي.
پوءِ اهو نظام جنهن کي انساني فطرت جو موافق قومن جي گڏ ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ جوڙيو آهي، ان نظام کان بهتر ٻيو ڪو به نظام ڪنهن به دور اندر خيال ۾ نه ٿو اچي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙو خيال به ڪندو ته اها ان جي اڻڄاڻائي ۽ بيوقوفي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي موجوده فطري نظام کان ڪو ٻيو سٺو نظام خيال ۾ اچي ته ان نظام کي فطري بڻائڻ ۾ پوري قوت خرچ ڪري، ڇو ته فطرت جي خلاف ڪو به نظام سٺو نه ٿو ٿي سگهي، پر (اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ) اهڙي خيال پوري نه ٿيڻ جي واضح دعويٰ آهي، ڇو ته هن کان بهتر نظام ممڪن ئي نه آهي.
هن جهان کان ڪو بهتر جهان نه ٿو ٿي سگهي
ڪن حڪيمن (جهڙوڪ حجة الاسلام امام غزالي ؓ) جو خيال آهي ته هن نظام کان ٻيو ڪو به بهتر نظام ممڪن ئي نه آهي، ان خيال مان امام غزاليءَ جو حڪمت ۽ فطرت کي پوريءَ طرح سمجهڻ جو پتو پوي ٿو.
هن جهان جي نظام بابت قاضي عياض جو خيال
هڪ ٻئي عالم (قاضي عياض) امام غزاليءَ جي فڪر کي رد ڪندي هيءَ دعويٰ ڪئي آهي ته هن نظام عالم کان ٻيو سٺو نظام به ٿي سگهي ٿو. اهڙن ماڻهن کي ان حڪيم (غزالي) جي حڪيمانه راءِ جي سمجهڻ جي پوري سگهه نه ٿي آهي، حڪمت کان بي خبر رهي رڳو خيالي پلاءُ پچائي عام ماڻهن اڳيان هن دنيا جي جهان کان بهتر جهان جو نقشو چٽين ٿا.
اهڙن ماڻهن کي جيڪڏهن پيدا ڪرڻ جي سگهه هجي ۽ پنهنجي خيالي پروگرام کي حقيقت بڻائڻ ۾ شروع ٿي وڃن ته وزن جي خبر پئجي وڃي. سندن هيڻائي، ناڪامي ۽ سندن خيال جي خرابي ۽ فسا جلد ظاهر ٿي پوي.
هيءَ ڳالهه ٻڌي ماڻهن کي عجب ٿيندو ته اهڙن عالمن کي دين اسلام جي وڏن عالمن مان شمار ڪيو ويو آهي.
هاڻي اسين (مولانا رحه) ان جهڳڙي جي بنياد نقطي کي واضح ڪرڻ گهرون ٿا:
سمجهاڻي: 1) هيءَ ڳالهه طئي ٿيل آهي ته الله تعاليٰ جون صفتون (جيڪي ڪائنات کي وجود ۾ آڻين ٿيون) ڪنهن هڪ هنڌ تي نه ٿيون بيهن، يعني انهن لاءِ نه ته ڪا ابتدا آهي ۽ نه ئي وري انتها. اهڙيءَ طرح ڪائنات لاءِ به ڪو منڍ يا پڇاڙي نه آهي. جيڪڏهن ايئن هجي ته الله پاڪ جون صفتون اثر ڪرڻ کان بيڪار رهجي وينديون. هيءَ ڪائنات ڪيترن مختلف دورن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ هر پهرئين دور کي ٻئي دور لاءِ علت چيو ويندو آهيئ اهڙيءَ طرح حڪمت جي خواهش مطابق دورن جو اهو سلسلو جاري ۽ ساري رهي ٿو.
سمجهاڻي: 2) ڪو به انسان رڳو هڪ دور جي تفصيلات کي به پوريءَ طرح پنهنجي علم جي احاطي ۾ نه ٿو آڻي سگهي ۽ نه وري گذريل يا ايندڙ دور جو خيال ئي ان جي دل تي گذري ٿو، پر جڏهن الله پاڪ جي ازلي ۽ ابدي صفتن ڏانهن نظر ڦيرائيندو ته ان کي هن پڪ ڪرڻ کان ڪابه شيءِ روڪي نه سگهندي ته الله جي صفتن جو بيڪار رهڻ ممڪن نه آهن. جيتوڻيڪ اهڙي انسان کان جڏهن هيءُ سوال پڇيو ويندو ته هن جهان کان سٺو جهان به ٿي سگهي ٿو؟ تڏهن اهڙي سوال وقت اهو انسان گذريل معلومات کي ڀلائي ڇڏي ٿو ۽ بغير سوچ ويچار جي ان جو فڪر الله پاڪ جي ڪمال وارين صفتن ڏانهن ڇڪجيو وڃي، ويتر الله پاڪ جي قدرت جو جڏهن خيال ڪندو ته الله تعاليٰ سڀ ڪنهن شيءِ تي قادر آهي، ته فوراً مٿئين سوال جو جواب هاڪار ۾ ڏيندو، پر حقيقت ۾ ان جي لازمي طور مراد هيءَ آهي ته ٻئي دور ۾ هن دور کان بهتر ٿي سگهي ٿو، توڙي کڻي ان جو اوڏانهن خيال به نه وڃي. جيڪي ماڻهو هن جهان کان ڪنهن ٻئي سٺي جهان کي غيرممڪن سڏين ٿا، انهن جو مطلب هيءُ آهي ته هن هلندڙ دور ۾ ٻيو ڪو سٺو نظم ٿي نه ٿو سگهي.
ٻنهي سمجهاڻين جو خلاصو هيءُ آهي ته موجوده دور ۾ الله تعاليٰ سڀني شين کي جنهن خاص فطرت تي پيدا ڪيو آهي، تنهن کان سٺي فطرت انهن شين ۾ موجود نٿي ٿي سگهي، انهن شين کان ٻيون شيون جيڪي هن دور ۾ موجود نه آهن، تن ۾ موجود ٿي سگهندي ۽ موجوده شيون ايندڙ شين جي پيدا ٿيڻ لاءِ رستو تيار ڪندڙ آهن.
پوءِ اسان جيڪا اَلِحَمُدلله رَبِ العالمِينَ جي معنيٰ بيان ڪئي آهي (يعني فطرت انساني قومن جي سڀني فردن ۾ موجود آهي ۽ انساني سوسائٽي جو انتظام ان سان وابسته آهي، ان فطرت ۾ اسان ڪو به نقص ۽ عيب نه ٿا ڏسون، ان ڪري ئي پنهنجي پروردگار جي تعريف ڪيون ٿا) ۽ هن راز بابت جڏهن سموري حقيقت ڪنهن مسلمان جي دماغ ۾ ويهندي ته هو حڪيم ٿي پوندو ۽ دين کي سمجهي سگهندو، پر جيڪڏهن ڪنهن کي ان جي ڄاڻ نه ٿيندي ته هو ڪڏهن هڪ ڳالهه ڪندو ته ڪڏهن ان جي ابتڙ ٻي ڳالهه ڪندو ۽ سڌي رستي تي ڪڏهن به نه اچي سگهندو.
سورت فاتحه بابت اهو ٻڌايو ويو آهي ته هن ۾ ست آيتون آهن ۽ قرآن مقدس جي مقصدن لاءِ هيءَ سورت فهرست جو درجو رکي ٿي ۽ ان جو خلاصو آهي، ان ڪري قرآن ۾ ڪو به بحث اسان کي نظر ايندو ته اهو هن فهرست (سورت فاتحه) کان ٻاهر نه هوندو.
قرآن مقدس ۾ هيٺين شين جو عام طرح بيان ڪيل آهي.
1) مخلوقات (جنهن جي پيدائش سلسلي وار ترقي ڪندي انسان جي درجي تي پهتي) جي نظام جي حڪمت بيان ڪرڻ.
2) ماڻهن جي هڪ ٻئي ڏانهن احتياج جي ڪري جنهن اجتماعي (گڏيل) زندگي جي ضرروت ٿئي ٿي، سا انساني فطرت جي عين موافق آهي.
3) جيڪو به ان فطرت کان ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ته فطرت ان کي ٻاهر وڃڻ نه ڏيندي ۽ واپس ڪندي ۽ ان ماڻهوءَ کي پنهنجن ارادن ۾ نااميد ۽ ناڪام ٿيڻو پوندو.
هاڻ جيڪڏهن سورت فاتحه جي پهرين آيت تي غور ڪندؤ ته مٿين مقصدن کي ان آيت جو تفسير يا ان سان لاڳاپو رکندڙ معلوم ٿيندو.
هيءَ ڳالهه پڌري آهي ته انساني فطرت جي انهيءَ اونهي ڄاڻ تي اهوئي ماڻهو قدرت رکي سگهي ٿو، جيڪو فطري طور حڪيم هجي، پوءِ ان آيت جي مٿئين تفسير مان اسين اشاري طور هيءَ ڳالهه وٺون ٿا ته قرآن مقدس انسانيت جي هڪ اهڙي طبقي کي گڏ ڪرڻ گهري ٿو، جن وٽ فطرت جي حڪمت کي ڄاڻڻ نهايت ضروري ۽ اهم هجي.
جڏهن اهڙي جماعت پيدا ٿيندي ته قرآن ان کي نظام انسانيت جي هلائڻ لاءِ مرڪزي قوت عطا ڪندو ۽ انسانيت جي ارتقاءَ ۽ ترقي لاءِ نمونو بڻائيندو.
[b]الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ: وڏو مهربان نهايت رحم وارو
[/b]تفسير: سڀڪو انسان پنهنجي فطرت ۾ پيءُ، ماءُ ۽ انهن جي شفقتن ۽ مهربانين جو محتاج آهي. سڀ ڪنهن انسان جي فطرت انهيءَ ئي طريقي سان ڪمال کي پهچي ٿي، پوءِ اڳتي هلي پڇاڙيءَ ۾ انهن کان بيپرواهه به ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح وري پيءُ ماءُ به پنهنجي اصل ڏي محتاج آهن. ان مان معلوم ٿيو ته سموري انسانيت پيءُ ماءُ جي رحمت ۽ شفقت سان ڀرپور آهي. اسان جا پيءُ ماءُ اسان تي رحم ڪن ٿا ته اسان وري فطري طور پنهنجي اولاد تي رحم ڪنداسين.
والدين ۽ اولاد هڪ ٻئي سان تعلق ۽ سلوڪ مان رحمت جي معنيٰ اسان کي معلوم آهي.
سمجهاڻي: پيءُ جي شفقت رحمان جي صفت جو ظهور آهي ۽ ماءُ جي شفقت رحيم جي صفت جو ظهور آهي. سڄي دنيا جا پيءُ آدم ؑ کان وٺي قيامت جي ڏينهن تائين جيڪي به ٿيندا، سي گڏ ڪيا ويندا، پوءِ انهن جي دلين ۾ جيڪا پنهنجي اولاد سان محبت ۽ رحمت آهي، تنهن کي گڏ ڪري ڏٺو ويندو ته رحمان جي رحمت ان کان هزارين درجا زياده هوندي، اهڙي طرح اول کان آخر تائين جيتريون مائرون آهن، تن جي رحمت کان رحيم جي رحمت هزارين ڀيرا زياده ٿيندي. جيئن پيءُ پنهنجي اولاد کي ماري ڪُٽي اسڪول ڏي موڪليندو آهي ته هو ڪجهه علم حاصل ڪري ۽ وڏي ٿيڻ کان پوءِ سکيو وقت گذاري، تيئن رحمان جي هيءَ خواهش آهي ته انسان ترقي ڪري ۽ انسان ذات جي چڱن ماڻهن مان هڪ چڱو انسان ٿئي ۽ ان رحمت جو حقدار ٿئي، جيڪا انسان ذات لاءِ الله جي طرفان مقرر آهي.
مٿين ٻنهي ڳالهين جي ماڻڻ لاءِ رحمان قرآن سيکاريو ۽ انسان جي پيدا اٿيڻ کان پوءِ ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين ۽ حساب جي سيکارڻ لاءِ سج، چنڊ پيدا ڪيائين. ان جي طبعيت کي سندس پاليندڙ ڏي رجوع ٿيڻ ۽ ان کي سجدو ڪرڻ لاءِ وڻ ٽڻ پيدا ڪيائين، جيئن ان جو بيان سورت رحمان ۾ آهي، پوءِ هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته انساني ترقيءَ جون اهي سڀ ڳالهيون جنهن ۾ انسان ان رحمت جو حقدار ٿئي، انسان ۾ آسانيءَ سان پيدا نه ٿيون ٿين، بلڪه تڪليف سان حاصل ٿين ٿيون.
ماءُ جي رحمت پيءُ جي رحمت جي ابتڙ آهي، هوءَ پنهنجي اولاد جي ايندڙ ترقي ڏي نه ڏسندي آهي، بلڪه موجوده راحت ۽ تڪليف کي ڏسندي آهي.
سورت شعراءَ ۾ الله تعاليٰ ڪافرن ۽ مؤمنن جي ڀيٽا ڪندي فرمائي ٿو ته: وَاِنَ رَبَکَ لَهُو اَلعَزيِزُ الرَحيِمُ. يعني بيشڪ تنهنجو پاليندڙ زبردست ۽ نهايت رحم وارو آهي، يعني ڪافرن تي زبردست آهي ۽ انهن کي آخرت ۾ عذا ڪندو. جيڪي الله ”عزيز“ جي عظمت جو خيال نه ڪري هميشه سندس حڪم کان منهن موڙيندا رهيا. ٻئي طرف ايمان وارن لاءِ نهايت رحم وارو آهي، انهن کي جنت ۾ داخل ڪندو، جتي کين ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچندي، بلڪه هميشه راحت ۽ آرام ۾ رهندا.
ماءُ پيءُ جي رحمت جي اها معنيٰ بخاري، مسلم ۽ ترمذي شريف جي ان حديث ۾ بيان ٿيل آهي، جنهن ۾ رسول الله ﷺ فرمايو ته: الله تعاليٰ پنهنجي رحمت جا سؤ حصا ڪيا، پوءِ انهن مان نوانوي حصا پاڻ جهليائين ۽ هڪ حصو زمين تي لاٿائين. پوءِ ان حصي مان ساري مخلوق هڪ ٻئي تي رحم ڪري ٿي ۽ جانور پنهنجي سنب کي پنهنجي ٻچي تان کڻي ٿو ته متان ان کي ڪا تڪليف پهچي.
[b]ٻن صفتن رحمان ۽ رحيم جي هتي بيان ڪرڻ مان فائدو
[/b]هنن ٻن صفتن کي هتي بيان ڪرڻ مان هيءُ فائدو آهي ته جڏهن ڪنهن انسان جا ماءُ پيءُ مري وڃن ٿا، تڏهن ان کي هڪ قسم جا مايوسي ۽ نااميدي پيدا ٿئي ٿي، پر جڏهن ان ڏکويل انسان کي هيءُ سڌ پوندي ته الله تعاليٰ جون اهي ٻه صفتون رحمٰن ۽ رحيم ساري انسانيت لاءِ پيءُ ماءُ جي جاءِ تي آهن، تڏهن لازمي طرح ان کي آٿت اچي ويندي ۽ انهن ٻن صفتن سان وندر ڪري مايوسيءَ کي پري ڦٽو ڪري انسانيت جي مختلف درجن کي طئه ڪري آساني سان ترقي ڪري سگهندو ۽ پنهنجي فطرت کي ڪمال تائين پهچائيندو.
[b]مٰلِکِ یَوۡمِ الدِّیۡنِ: حساب جي ڏينهن جو مالڪ آهي
[/b]تفسير: ڄاڻڻ گهرجي ته انسان ذات جي مختلف فردن جو استعداد ۽ لياقت جدا جدا نموني جي آهي. اهڙي صورت ۾ الله پاڪ جي رحمت جڏهن مختلف لياقت ۽ استعداد رکندڙ ماڻهن ڏي انهن جي فطرت کي ڪمال تائين پهچائڻ لاءِ متوجهه ٿيندي ته انهن ماڻهن ۾ طبعي طور تي ضرور اختلاف پيدا ٿيندو، ڇو ته انهن جي پيدائش ۾ هڪ ڀاڱو حيوانيت جو به آهي، ۽ ڪي ماڻهو اهڙا به پيدا ٿيندا، جيڪي انسانيت جي خيال کي ڇڏي حيوانيت جي نشي ۾ مست ٿي هڪٻئي تي ظلم روا رکي قتل خونريزي شروع ڪري ڏيندا. ملائڪ انسان جي پيدا ٿيڻ وقت ان حالت کي سمجهي ويا ۽ عرض ڪرڻ لڳا ته اي الله! تون زمين تي اهڙي مخلوق کي پيدا ڪندين ڇا، جيڪي ان ۾ فساد ڪندا ۽ رت وهائيندا؟
ان اختلاف واري صورت ۾ انساني سوسائٽي جو تسلسل رڪجي ويندو، اهو هڪ الڳ سوال آهي. اهڙيءَ صورت ۾ انساني فطرت جهيڙي ۽ اختلاف کي ٽارڻ لاءِ ڪنهن فيصلي جي خواهش رکي ٿي، جنهن جو نالو آهي انصاف ۽ الله جو حڪم، ڇو ته الله تعاليٰ اها ڳالهه ڪڏهن به پسند نه ٿو ڪري ته انسانيت مري کپي وڃي. بلڪه الله پاڪ جي طرفان دنيا ۾ به فيصلو ٿيندو رهي ٿو ۽ انسانيت جي ترقيءَ جو سلسلو جاري ۽ ساري آهي.
[b]الله جي رحمت کان پوءِ اختلاف پيدا ٿيڻ جو هڪ مثال
[/b]جڏهن مينهن پوي ٿو، تڏهن ٻيلن جا وڻ گهاٽا ٿين ٿا ۽ انهن جون ٽاريون هڪ ٻئي سان وچڙي پون ٿيون، پوءِ ان خرابي کي ٽارڻ لاءِ ڪن ٽارين کي ڇانگيو وڃي ٿو ته جيئن ماڻهن لاءِ هلڻ ۾ آساني پيدا ٿئي، اهڙي طرح الله تعاليٰ ماڻهن کي انصاف کانسواءِ نه ڇڏيو آهي، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندو رهي ٿو.
مٿئين تحقيق مان معلوم ٿيو ته انسان جيئن پنهنجي پاليندڙ جي رحمت ڏي محتاج آهي ۽ اها رحمت پاليندڙ جي صفت پرورش جو تفسير آهي، اهڙيءَ طرح انسان حق تعاليٰ جي انصاف جو به محتاج آهي ۽ اهو انصاف وري پاليندڙ جي حڪومت جو شرح آهي.
پوءِ رحمان ۽ رحيم جي معنيٰ ٿيندي رَبِّ الْنَاس: يعني سڀني ماڻهن جو پاليندڙ ۽ م مٰلِکِ یَوۡمِ الدِّیۡنِ جي معنيٰ ٿيندي سڀني ماڻهن جو حاڪم.
[b]الله تعاليٰ ماڻهن کي انصاف کان سواءِ نه ٿو ڇڏي
[/b] الله تعاليٰ ماڻهن کي انصاف کان سواءِ نه ڇڏيو آهي. ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندو رهي ٿو. ڪڏهن دنيا جي حاڪمن جي مدد سان. ڪڏهن بيمارين ۽ مصيبتن جي آڻڻ سان ۽ وري ڪڏهن انقلاب جي صورت ۾.
[b]عملن جي جزا جو وقت ڪهڙو آهي؟
[/b]حضرت امام شاهه ولي الله دهلويءَ جي حڪمت مان هيءَ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته جڏهن ڪو به ماڻهو ڪو ڪم ڪري ٿو ته اهو وقت ان جي ڪم ڪرڻ جو آهي ۽ جڏهن ان ڪم مان فارغ ٿئي ٿو ته ان وقت کان وٺي ان ڪم جي جزا يا نتيجي جو وقت شروع ٿئي ٿو. ان کان پوءِ جيڪڏهن انساني فطرت جي قانون جي تقاضا ٿيندي ته يڪدم جزا سزا اچي ويندي. جيڪڏهن انساني فطرت جي نظام جي جلدي جزا سزا اچڻ جي گنجائش نه هوندي ته جلد جزا سزا نه ايندي ۽ پوءِ ان لاءِ جزا سزا جو مرحلو آخرت ۾ آهي.
سمجهاڻي: هڪڙا ڪم اهڙا آهن جيڪي تمام نوع انساني لاءِ ضروري آهن. اهڙا ڪم جيڪڏهن ڪو شخص ڪندو ته ان جو نفعو ان ڪم ڪندڙ کي به پهچندو ۽ تمام نوع انساني کي به فائدو پهچندو. اهڙيءَ طرح نه ڪرڻ واري صورت ۾ جيئن هڪ فرد جو نقصان ٿيندو، تيئن ساري انساني سوسائٽيءَ کي نقصان پهچندو. اهڙن ڪمن جي پڄاڻيءَ لاءِ ڪيترن سون سالن جو وڏو عرصو درڪار آهي، ڇو ته عمل به اهڙو آهي، جنهن سان سموري انساني سوسائيٽي جو مفاد تعلق رکي ٿو، اهڙن ڪمن جو پورو فيصلو تڏهن ٿيندو، جڏهن سموري نوع انساني هن زمين تي نه رهندي. اهو وقت جزا جي ڏينهن مان هڪ وڏي مان وڏو ڏينهن آهي ۽ جڏهن عام طرح يوم الدين ڳالهايو ويندو آهي ته ان مان اهو وڏو ڏينهن (قيامت) مراد هوندو آهي. جڏهن اهڙن ڪمن ۾ انسانيت جي سڀني قومن جي گڏيل سوسائٽي شريڪ ٿئي ٿي ته پوءِ انهن عملن جي جزا به ساري انسانيت جي ختم ٿيڻ بعد اچڻ گهرجي. انساني سوسائٽي جي گڏيل ڪمن جي سزا جي اميد هن دنيا ۾ به رکجي.
هڪڙا ڪم اهڙا آهن، جن جا فيصلا دنيا جا حاڪم، قاضي ۽ جج به ڪن ٿا پر جيئن انهن کي غيب جي خبر نه آهي، تنهن ڪري انهن کان غلطي به ٿيو پوي يا انهن مان ڪي ظالم آهن، تنهن ڪري پورو فيصلو نه ٿو ٿئي. اهڙن ڪمن جو فيصلو به قيامت تي رکيل آهي. اهي فيصلا جيڪڏهن غلط طريقن تي ڪيل هوندا ته انهن کي ٽوڙي حق سان فيصلو ڪيو ويندو.
بهرحال عمل ڪهڙو به هجي، وڏو يا ننڍو، ان جي پوري جزا حڪمت جي قانون پٽاندڙ تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اهو عمل ختم ٿئي، باقي جزا جو جلدي يا دير سان ملڻ هڪ ٻيو سوال آهي، جيڪو انساني فطرت جي خواهش تي مدار رکي ٿو.
مٿئين بيان مان هيءَ ڳالهه ظاهر ٿي ته الله تعاليٰ جي طرفان جزا ۽ سزا فقط ظالم، مظلوم ٿيڻ ڪري ۽ انسانيت کي فائدي ۽ نقصان پهچائڻ جي ڪري ئي ملي ٿي ۽ الله جي حڪومت فقط انسانذات لاءِ ئي ظاهر ٿئي ٿي، انسان کانسواءِ ٻي مخلوق سندس ارادي کان سواءِ ئي ظاهر ٿئي ٿي، پوءِ سمجهڻ گهرجي ته الله جو حڪم ماڻهن ۾ انسانيت جي خواهش ڪري ئي جاري ٿئي ٿو.
[b]اِیَّاکَ نَعۡبُدُ وَ اِیَّاکَ نَسۡتَعِیۡنُ: تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا
[/b]تفسير: مٿي بيان گذري چڪو آهي ته سڀ تعريفون الله پاڪ لاءِ ئي آهن، جيڪو سڀني قومن جو پاليندڙ آهي. ان جو پالڻ ايئن ئي آهي، جيئن ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد کي پاليندا آهن، بلڪه ماءُ پيءُ جي شفقت به خدا پاڪ جي شفقت جو هڪ حصو آهي. انسان جو پنهنجي پاليندڙ سان اهو به هڪ لاڳاپو آهي. گذريل بيان مان هيءُ به معلوم ٿيو ته اهو ئي ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرڻ وارو ۽ مظلومن کي ظالمن کان بدلو وٺي ڏيڻ وارو آهي ۽ انسان ذات جي سڀني حقن جي داد رسي ايئن ڪري ٿو جيئن هڪ عادل حاڪم ڪندو آهي. اهڙي حالت ۾ انسانيت، الله تعاليٰ کان سواءِ جيڪو پاليندڙ پڻ آهي، ٻئي ڪنهن به حاڪم يا بادشاهه جي محتاج نه آهي ۽ الله جي حڪومت کان سواءِ ٻي ڪنهن به حڪومت جي کيس ضرورت نه آهي. ان ڪري جيڪو به الله سان پنهنجو لاڳاپو جوڙيندو ۽ ان کي قومن جو پاليندڙ ۽ حقيقي حاڪم تسليم ڪندو ۽ ان عقيدي کان رتيءَ برابر به ٻاهر نه نڪرندو ته ان کي ڪا به حسرت يا پشيماني نه پهچندي ۽ هو فقط الله جو غلام رهندو ۽ ٻين کان آزاد رهندو. هيءَ معنيٰ اِيّاک نَعبدُ جي آهي، يعني اسين تنهنجا ئي غلام ٿي رهون ٿا.
غلام ٿي رهڻ جي معنيٰ ته پڌري ۽ مقرر آهي، پر ڪڏهن لفظن کي اصطللاحي معنائن ۾ استعمال ڪرڻ ڪري ظاهر معنيٰ لڪي ويندي آهي. هتي به ضرورت پئي ته عبوديت يعني غلام ٿي رهڻ جو واضح مقصد بيان ڪيو وڃي، ان ڪري اِيّاک نَستَعيِنُ سان ان کي پڌرو ڪيو ويو آهي.
سمجهاڻي: وَ اِیَّاکَ نَسۡتَعِیۡنُ جو مطلب هيءُ ٿيندو ته اسين توکان ئي مدد گهرون ٿا، ٻئي ڪنهن کان به مدد نه ٿا گهرون،. دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي زندگي جي ضروريات مان ڪا شيءِ اسان کي ڏئي يا ڪنهن شيءِ جي مدد ڪري ٿو هن آسري ۽ خيال تي ته اهڙي مدد ڪري اسان کي پنهنجن حڪمن جو پابند بڻائيندو ۽ پنهنجا حڪم احڪام مڃرائي وٺندو ته ان کي ڄاڻڻ گهرجي ته اسين اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهيون ته ان ڪا اسان جي مدد ڪري ضرورت پوري ڪئي آهي ۽ نه اسين ان جي حڪمن مڃڻ لاءِ ئي تيار آهيون. ان کان پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي اختيار آهي ته جيڪي اسان کي ڏئي ٿو، اهو روڪي ڇڏي.
اسان جي زندگي پنهنجي پاليندڙ جي مدد کان سواءِ هلي نه ٿي سگهي، تنهن ڪري ان کان سواءِ اسين ٻئي ڪنهن جا به محتاج نه آهيون. ان حالت ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ اسان جي مدد ڪري ضرورت پوري ڪئي، تنهن جيڪڏهن الله جي حڪم سان ايئن ڪيو آهي ته اسين سندس شڪريو ادا ڪريون ٿا ۽ سندس تعريف ڪريون ٿا، ڇو ته ان پنهنجي پاليندڙ جي تابعداري ڪئي، نه ڪِي هن ڪري ته اسين سندس غلام ٿيا آهيون.
مطلب ته انهيءَ لفظ سان اسان کي هيءَ تعليم ڏني وڃي ٿي ته اسين پنهنجن ضرورتن جي پورائي لاءِ الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن تي به ڀروسو نه ڪريون، ڇو ته جيڪڏهن اسان ڪنهن ٻئي واسطي تي به ڀروسو رکيو ته پوءِ هو اسان کي پنهنجو غلام بڻائيندو ۽ اسان جي آزادي کسي وٺندو. جيئن ته اسان جون ضرورتون بيشمار آهن، تيئن اسين ڪنهن نه ڪنهن لحاظ کان گهڻن ماڻهن جا غلام ٿي پونداسون ۽ اسان جي آزادي کسجي ويندي.
ان مان معلوم ٿيو ته اسان جي علمن جو بنياد هيءَ ڳالهه آهي ته اسين پنهنجي حاجتن جي پوري ڪرڻ ۾ الله پاڪ کان سواءِ ٻئي ڪنهن تي ڀروسو نه ڪريون ته صرف انهيءَ صورت ۾ اسين پنهنجي آزدي برقرار رکي سگهنداسين. سو اِیَّاکَ نَسۡتَعِیۡنُ کي اِیَّاکَ نَعۡبُدُ جو تفسير سمجهڻ گهرجي.
[b]مشرڪ ڇاکي چئجي؟
[/b]ڪو ماڻهو پنهنجي عقل سان سمجهي ته الله تعاليٰ پيدا ڪندڙ، قدرت وارو ۽ سڀ ڪنهن کي رزق ڏيندڙ آهي، پر هو پنهنجي ضرورتن جي پوري ڪرڻ ۾ ٻين تي ڀروسو رکي ٿو ته اهڙو ماڻهو موحد (آزاد) نه آهي، بلڪه مشرڪ (غلام) آهي، اسان کي امام ولي الله دهلويءَ جي طريقي تي هلڻ سان قرآني تعليم مان جيڪا سمجهه نصيب ٿي آهي، ان موجب لفظ مُشرِڪ جي تحقيق ۽ مشرڪ جو رد ۽ ان لاءِ دنيا ۽ آخرت جو سزائون، جيڪي به قرآن ۾ بيان ڪيون ويون آهن ۽ موحد لاءِ (جنهن کي اسان جي موجوده اصطلاح ۾ آزاد سڏيو وڃي ٿو) دنيا ۽ آخرت جا فائدا جيڪي قرآن ۾ بيان ڪيا ويا آهن، تن سڀني جو اصل سرچشمو مٿئين آيت کي ٺهرايون ٿا.
هتي سورة فاتحه جو اڌ پورو ٿيو. هن اڌ ۾ دنيا جي مختلف انساني سوسائٽين کي تعليم ڏني وئي آهي ته انهن مان هر هڪ ماڻهو پنهنجي اهڙي حالت بڻائي، جنهن مان سمجهه ۾ اچي ته هو حقيقي معنيٰ ۾ دل و جان سان الله کي سڀني قومن جو پاليندڙ، وڏو مهربان نهايت رحم وارو، حساب جي ڏينهن جو مالڪ سمجهي رهيو آهي ۽ الله پاڪ جي انهن صفتن مطابق سندس غلامي ڪري رهيو آهي. هن کان پوءِ ٻئي اڌ ۾ سڀني قومن کي تعليم ڏني وئي آهي ته سڀئي گڏجي هڪ رستي تي هلن. گڏوگڏ انساني سوسائٽيءَ جو اجتماعي رنگ ۾ بحث ڪيو ويو آهي.
[b]اِہۡدِ نَا الصِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ: اسان کي سڌو رستو ڏيکار
[/b]دعا جي معنيٰ ۽ مطلب:
قرآن جي مٿئين عبارت دعا آهي. دعا جي معنيٰ هيءَ آهي ته اسان هڪ مقرر ڪم ڪرڻ جو پنهنجين دلين ۾ پختو ارادو ڪريون. جيستائين اهو ڪم يا مطلب اسان کي حاصل نه ٿيندو، تيستائين اسين پنهنجي ڪوشش جاري رکندا اينداسين ۽ پوري قوت سان ڪم ڪندا رهنداسين، پر اسان جي ان مقصد اڳيان ڪي رڪاوٽون اينديون آهن، جن کي دور ڪرڻ اسان جي سگهه کان ٻاهر آهي. اهڙيءَ صورت ۾ اسين پنهنجي مقصد کي ظاهر ڪري ان جي اڳيان ايندڙ رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ نهايت عاجزيءَ سان پنهنجي پاليندڙ، نهايت مهربان، حاڪم، سڀ ڪنهن شيءِ تي سگهه رکندڙ کان هيءَ گهر ڪيون ٿا ته اسان جي رستي مان انهن رڪاوٽن کي دور ڪري ته جيئن اسين پنهنجو مطلب ماڻيون.
اسان کي الله پاڪ جي سچن ٻانهن جي ذريعي هيءُ معلوم ٿيو آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهي طرفان اهڙي دعا گهرڻ تي راضي ٿئي ٿو ۽ ان جي دعا قبول فرمائي ٿو، پوءِ اسان ان دعا کي آزمايو ۽ اسان کي تجربي مان ايئن ئي معلوم ٿيو. ان ڪري اسين پنهنجن حاجتن جي پورائي لاءِ ان کان دعا گهرون ٿا.
ڪي ماڻهو (جيڪي انساني فطرت کي ڦيريندڙ ۽ نبين جي تعليمات ۾ تحريف ۽ ڦيرڦار ڪندڙ آهن) دعا جي مٿئين معنيٰ جي ابتڙ هڪ اهڙي معنيٰ ڪندا آهن، جنهن کي سليم فطرت ڪڏهن به قبول نه ٿي ڪري. اهڙن ماڻهن کان اسين بيزار آهيون.
مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين جن شين جو حاصل ڪرڻ ضروري هوندو آهي، جن کي حڪمت ۽ فلسفي جي زبان ۾ علت چيو ويندو آهي، دعا ان علت نامي جو هڪ ڀاڱو آهي، ڇو ته ڪنهن به مقصد جي اسباب مان رڪاوٽن جو دور ٿيڻ هڪ ضروري شيءِ آهي.
جڏهن ڪو مومن الله کي نهايت ويجهو ڄاڻي ۽ دعا جي معنيٰ کي سمجهي پوري اخلاص ۽ اعتقاد سان الله تعاليٰ کان دعا گهري نيڪ مقصد جي گُهر ڪندو ته ان ماڻهوءَ کي پنهنجي نيڪ مقصد جي حاصل ٿيڻ تي اطمينان ٿيندو.
جڏهن ڪنهن انسان جي دل ۾ اهو کٽکو رهندو ته هتي مطلب حاصل ڪرڻ ۾ ڪي رڪاوٽون موجود آهن، ته اهڙي صورت ۾ قوت ارادي واري رفتار سست ٿي پوندي ۽ ڪم جو خاطر خواه نتيجو به نه نڪرندو.
انساني فطرت تي ۽ ان جي خواهش پٽاندڙ هلڻ جو نالو صراط مستقيم آهي ۽ اهو جيڪو الله تعاليٰ طرفان انسان کي ڪيترين شين جي ڪرڻ جو حڪم ٿئي ٿو ۽ ڪيترين ئي شين کان روڪيو وڃي ٿو، اهو سڀ انساني فطرت کي ڪامل بڻائڻ جي خيال کان ڪيو وڃي ٿو.
هن سورت جي منڍ ۾ جڏهن اسان کي الله تعاليٰ جي ڪيترين صفتن جي ڄاڻ ٿي، جهڙوڪ قومن جو پاليندڙ، وڏو مهربان، نهايت رحم وارو ۽ اهڙو حاڪم جنهن جي سڀ ڪنهن شيءِ تي سگهه آهي. تڏهن پاڻ کي سڄي مخلوق کان آزاد ڪري، جهڙيءَ طرح ٻار ننڍپڻ ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ تي ڀروسو ڪندو آهي، تنهن کان به وڌيڪ ان تي ڀروسو ڪيوسين. اهڙي وقت ضرور پنهنجي فطرت کي ڪمال تائين پهچائڻ جو اونو پيدا ٿيندو، ان ڪري هڪ پروردگار کي ئي اِہۡدِ نَا الصِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ سان عرض ڪيو ويو آهي.
[b]صراط مستقيم جي وڌيڪ سمجهاڻي
[/b] هيءَ ڳالهه علم حڪمت ۾ تسليم ٿيل آهي ته انسان جي بدن ۾ جدا جدا عضوا آهن ۽ انهن مان هر هڪ لاءِ الڳ الڳ قدرت طرفان ڪم مقرر ٿيل آهي ۽ سڀڪو عضوو پنهنجي مقرر حد کان ٻاهر نه ٿو نڪري. ان کان وڌي ڪري جڏهن انسان جي بدن کي پوريءَ طرح معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته ان ۾ اسان کي ڪيتريون طاقتون به معلوم ٿي وينديون، جن کي ظاهريءَ طرح ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) علمي قوتون (2) عملي قوتون. اهي ٻئي قوتون اسان ۾ ڪم ڪنديون رهن ٿيون ۽ ڪيترا اهڙا خيالات اسان جي دلين ۾ گذرن ٿا، جن کي عملي جامو پهرائڻ ڪري سوسائٽي ۾ اسان تعريف لائق ليکيا وينداسين ۽ اسان کي علمي توڻي عملي ترقي نصيب ٿيندي، ڇو ته اهو سڀ انساني فطرت جي خواهش پٽاندڙ ئي ٿيندو رهندو. وري جڏهن ته انسان ۾ طبعي طاقتن جي مختلف خواهشن جي ڪري اسان جي خيالات ۾ به جدا جدا شين جو نقشو پيش ٿيندو، جن مان ڪنهن بهتر شيءِ جو خاص طرح انتخاب ڪري ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو ويندو، انهيءَ کي صراط مستقيم سڏيو ويندو آهي، جنهن مٿان هلڻ لاءِ اسان پنهنجي پوري طاقت صرف ڪنداسين. عملي قوت جي مظاهرن مان اهو پهريون مظاهرو آهي.
[b]صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنۡعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ: انهن جو رستو جن تي تو فضل ڪيو آهي
[/b]تفسير: ڄاڻڻ گهرجي ته اِہۡدِ نَا الصِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ کان پوءِ صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنۡعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ جي آڻڻ جو مطلب هي آهي ته جيئن انسان ۾ مختلف عضوا آهن ۽ انهن مان هر هڪ عضوي جو جدا جدا ڪم آهي ۽ هڪ عضوي جو ڪم ٻئي عضوي کان نه ٿو ٿي سگهي، تيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته انسان ۾ هڪڙيون قوتون علم پرائڻ جون آهن ۽ ٻيون قوتون عمل ڪرڻ جون آهن، پوءِ جڏهن ڪو ماڻهو اِہۡدِ نَا الصِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ چوندو، تڏهن ان جون علمي قوتون ان سڌي رستي ڏي خيال ڪرڻ لڳنديون. ان کان پوءِ جڏهن صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنۡعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ پڙهندو، تڏهن ان جون عملي قوتون ان سڌي رستي تي هلڻ لاءِ تيار ٿي وينديون، پوءِ سمجهڻ گهرجي ته اِہۡدِ نَا الصِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ جي چوڻ سان ماڻهوءَ جو خيال پوري حياتيءَ جي دستور العمل (پروگرام) ڏانهن ٿيندو ته مٿيون پروگرام تڏهن پورو ٿيندو ۽ ان ماڻهوءَ جون فطري قوتون تڏهن ڪمال کي پهچنديون، جڏهن اهو ماڻهو اهڙي جماعت ۾ داخل ٿيندو، جن جون فطري قوتون ڪامل هونديون. جيستائين انسان اهڙي جماعت ۾ داخل نه ٿيندو، تيستائين ان کي ايئن سمجهڻ نه گهرجي ته هو ڪو سڌي رستي تي آهي، ڄاڻايل ٻنهي آيتن مان هن ڳالهه ڏي به اشارو سمجهڻ گهرجي ته انسان تي سندس انسانيت ضروري ۽ لازم ٺهرائي ٿي ته وٽس سڌو رستو مقرر هئڻ گهرجي ۽ کيس اهڙي جماعت جي تلاش ڪري ان ۾ داخل ٿيڻ گهرجي، جنهن جي علمي ۽ عملي طاقت ڪامل هجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ان فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪندو ته اهو ملامت جو حقدار آهي، اهڙي ماڻهوءَ جو مثال ان ماڻهو جهڙو آهي، جنهن کي بک ۽ اڃ لڳي هجي. پوءِ ان تي لازم آهي ته هو پنهنجي بچاءُ لاءِ پنهنجي سڄي طاقت خرچ ڪري کاڌي ۽ پاڻيءَ جي تلاش ڪري. جيڪڏهن اهو ان ۾ ڪوتاهي ڪندو ته بک ۽ اڃ وگهي مري ويندو ته ملامت جو حقدار ٿيندو.
[b]اها ڪهڙي جماعت آهي، جنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ دعا گهري رهيا آهيون؟
[/b]هن جماعت جو بيان سورت النساءِ جي آيت نمبر 69 ۽ 70 ۾ هن طرح ڪيو ويو آهي: ”۽ جيڪي الله ۽ رسول جي تابعداري ڪندا سي انهن سان گڏ آهن، جن تي الله نعمت ڪئي آهي (جيڪي) نبي، صديق، شهيد ۽ صالح آهن ۽ اهي چڱا رفيق آهن. اهو فضل الله جي طرفان آهي ۽ الله ڄاڻندڙ بس آهي.“ هن بيان جي چڱي طرح پروڙڻ لاءِ هيءَ ڳالهه ياد رهي ته انسان ۾ ٻه قوتون آهن:
(1) علم حاصل ڪرڻ جي (2) ان مطابق عمل ڪرڻ جي. جڏهن انساني فطرت ملامت هوندي ته اهي ٻئي قوتون هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيون ٿي سگهن، پر انهن ٻنهي قوتن مان ڪا قوت ڪنهن انسان ۾ وڌيڪ هوندي ۽ ڪنهن ۾ گهٽ هوندي. ان ڪري ئي ماڻهو هڪ ٻئي کان فضيلت ۾ گهٽ وڌ ٿيندا آهن ۽ هڪ ٻئي ڏي احتياجي رهي ٿي.
اهڙن ماڻهن جا گهڻا ئي قسم آهن پر مکيه هيٺيان قسم آهن: نبي، صديق، شهيد ۽ صالح، جن جي علمي طاقت زياده زور ۽ بلند درجي جي هوندي ۽ اهي انسانيت جي سرچشمي کان علم پرائيندا ته اهي انبياءَ آهن. جيڪڏهن ڪن ماڻهن جي علمي طاقت نبين جي علمي طاقت جي ويجهو (يعني ٻئي درجي جي) هوندي ۽ اهي انسانيت جي سرچشمي کان علم پرائڻ ۾ به نبين کان ٻئي درجي ۾ رهندا، پر سندن عملي طاقت نبين جي برابر نه هوندي ته اهي صديق آهن.
جن جي علمي طاقت قوي ۽ اعليٰ درجي جي هوندي، ايتري قدر جو انهن کي پنهنجو مقصد (بين الاقوامي پروگرام) پورو ٿيندو نظر نه ايندو ته پنهنجي طريقي کي ماڻهن ۾ جاري ڪرڻ لاءِ جنگ ڪرڻ ۽ جاني ۽ مالي قرباني ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا ۽ جان ڏيڻ کي پسند ڪندا. اهي شهيد آهن.
جيڪڏهن ڪن ماڻهن جي عملي طاقت شهيدن وانگر اهڙي درجي کي نه پهتي آهي جو هو شهيدن وانگر جاني قربانيءَ لاءِ تيار ٿي وڃن، بلڪه پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ مقصد ۽ پروگرام جي تڪميل ۾ پوري ڪوشش ڪندا رهن ٿا ته اهي صالح آهن. عملي (ڪم ڪندڙ) ماڻهوءَ جو اهو ٻيو درجو آهي.
اسان جو هميشه اهو مقصد هئڻ گهرجي ته ٻئي درجي وارن ماڻهن کان ڪڏهن به علمي توڙي عملي قوتن ۾ گهٽ نه رهون، پر جيڪڏهن پهرئين درجي کي پهچي وڃون (يعني انهن جهڙا ڪارناما ڪري ڏيکاريون) ته اهو افضل آهي، پر ان درجي کي پهچڻ لاءِ هيءُ شرط آهي ته ٻئي درجي کان علم توڙي عمل ۾ ڪنهن به طرح گهٽ نه رهون.
پر اهي ماڻهو جيڪي حق کي چڱي طرح ڄاڻن ٿا ۽ انهن جي فطرت جنهن صراط مستقيم کي گهري ٿي، ان کي به ڄاڻن ٿا. ان هوندي به ڄاڻ ۽ علم مطابق عمل لاءِ تيار نه آهن، انهن کي قرآني زبان ۾ مَغۡضُوۡبِ عَلَیۡہِمۡ (جن تي خدا جو غضب ۽ ڪاوڙ ٿيل هجي) سڏيو وڃي ٿو، اهڙا ماڻهو عمل ۾ ڪريل درجي جا انسان آهن.
اهي انسان جن ۾ عملي قوت ته پوريءَ طرح موجود آهي پر انهن کي انساني فطرت جي خواهشات جي پوري طرح ڄاڻ نه آهي، اهڙن ماڻهن کي ضالّين (گمراهه) سڏيو ويندو آهي ۽ اهي علم ۾ ٽئين درجي جا ماڻهو آهن.
هن بيان جو حاصل مطلب هي آهي ته علم وارن جا ٽي درجا آهن. ساڳيءَ طرح عمل ڪندڙ ماڻهن جا به ٽي درجا آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪي به ماڻهو علم يا عمل ۾ پهرئين يا ٽئين درجي تي هلندا ته اهي انهن مان ٿيندا، جن تي الله پنهنجو فضل ڪيو آهي ۽ جيڪي انهن درجن کان هيٺ ڪرندا، سي يا ته مَغۡضُوۡبِ عَلَیۡہِمۡ (جن تي خدا جو غضب هجي) مان ٿيندا يا ضَّآلِّیۡنَ (گمراهه) مان ٿيندا. اسان کي اها ئي اميد هئڻ گهرجي ته صالح انسانن جي ڪا اهڙي سوسائٽي يا جماعت قائم ٿئي، جيڪا علم وارن جي ٻئي درجي ۽ عملي ماڻهن جي پهرئين ۽ ٻئي درجي وارن ماڻهن تي مشتمل هجي ۽ اهڙي سوسائٽي جيڪا علم توڙي عمل ۾ٽئين درجي جي به نه هجي ته ان ۾ ڪڏهن به شامل ٿيڻ نه گهرجي، پر اسان کي ڪوشش ڪري ان سوسائٽي کي سڌاري اهڙي ڪريل درجي کان ڪڍڻ گهرجي.
[b]هن دعا گهرڻ مان اسان جو مطلب
[/b]هن دعا گهرڻ مان اسان جو مطلب هي آهي ته اي الله! جيڪڏهن زمين تي ڪا اهڙي صالح سوسائٽي يا جماعت جنهن کي ماڻهن جي ديني، دنياوي ضرورتن جو پورو احساس هجي ۽ انهن سڀني ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ سرگرم هجي ته اسان کي ان سوسائٽي يا جماعت تائين پهچاءِ ان ۾ داخل ٿيڻ جي سگهه ڏي. جيڪڏهن اهڙي جماعت زمين تي موجود نه آهي ته اسان کي اهڙي نيڪ سوسائٽي يا جماعت پيدا ڪرڻ جي توفيق ڏي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو هي خيال ۽ راءِ رکي ٿو ته زمين تي جيڪڏهن ڪا صالح سوسائٽي نه ملي ته هو پنهنجي پوري ڪوشش اهڙي سوسائٽي ٺاهڻ ۾ خرچ ڪندو ته اهڙي ماڻهوءَ جو ارادو ڪامل ۽ بلند آهي. اهڙي سوسائٽي جو پيدا ڪرڻ ايئن آهي، جيئن هڪ خالي بيابان ۽ رڻ پَٽ ۾ هڪ وڏي شهر اڏائڻ جو خيال ڪجي، اهو ڪم توڙي کڻي مشڪل ۽ ڏکيو آهي پر عالي همت انسانن اڳيان آسان آهي.
[b]هن دعا جو نمونو
[/b]هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيئن خوراڪ جي بدلائڻ سان ۽ مقوي غذائن ۽ دوائن ۽ هلڪين غذائن جي استعمال ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ سان انسانن جي مَلڪي ۽ حيواني طاقت ۾ فرق ٿئي ٿو، تيئن مختلف ملڪن جي آبهوا ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي نمونن بدلجڻ سان به مختلف قومن جي ملڪي ۽ حيواني طاقت بدلجي ٿي. ان ڪري ئي اسين ڪن قومن کي نهايت رحمدل ڏسون ٿا ۽ ڪن کي ٻين قومن جي مقابلي ۾ سخت دل ڏسون ٿا، جو هو ٿوري ڳالهه تي به ٻئي کي خون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ۽ ڪن کي نتيجن جو ٿورو خيال ٿئي ٿو. پوءِ جيڪڏهن مختلف قومن ۽ ملڪن جا عقلمند پنهنجي پنهنجي قوم جي فطرت ڪامل ڪرڻ گهرندا ته سڀ ڪنهن کي پنهنجي قوم جي مزاج مطابق ڪنهن نه ڪنهن درجي تائين جدا علمي نصاب ۽ عملي دستور مقرر ڪرڻو پوندو، پوءِ سڀ ڪنهن قوم وٽ سڌي رستي جو ڪجهه حصو جدا ٿيو.
قرآن عظيم جيئن ته هڪ بين الاقوامي تحريڪ جي دعوت ڏئي ٿو، ان ڪري اها دعا جيڪا قرآن جي بين الاقوامي پروگرام جو عنوان آهي، عام رکي ويئي آهي ۽ ان ۾ خاص رسمن مان ڪنهن به هڪ خاص عملي رستي جو بيان نه ڪيو ويو آهي، بلڪه عام رکيو ويو آهي، پوءِ سڀڪو شخص پنهنجي فطرت سان پنهنجي پاليندڙ ڏي خيال ڪندو ۽ ان مطابق سڌي رستي تي هلڻ جي دعا گهرندو، ان ڪري ئي سڌي رستي جي عملي طريقي کي مقرر ۽ خاص ڪرڻ لاءِ وڏن بزرگن مان ڪنهن هڪ بزرگ جو نالو نه ورتو ويو آهي، مثال طور هيئن نه چيو ويو آهي ته صراط محمد ﷺ، ابوبڪر ؐ، عمر ؐ يا صراط موسيٰ ؑ و عيسيٰ ؑ.... اهڙي طرح ٻين قومن جا به وڏا رهبر ٿي گذريا آهن. پر ڪنهن هڪ جو به نالو نه ورتو ويو آهي، بلڪه عام رکيو ويو آهي، يعني اي الله! اسان کي اهڙن بزرگن جو رستو ڏيکار جن تي تو نعمت ڪئي ۽ اي الله! اهڙن بزرگن جي رستي کي خاص (هدايت وارو) ڪرڻ جو توکي اختيار آهي.
پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي فطرت سان پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو رکندو ته ڇا اهڙو ماڻهو صالح جماعت يا سوسائٽي (جنهن تي الله نعمت ڪئي هجي) کان پوئتي هٽندو؟
اسان کي هن جهڙي دعا، جنهن جو بنياد انصاف تي ٻڌل آهي ۽ جيڪا سڀني ماڻهن کي هڪ ڪلمه حڪمت تي گڏ ڪري سگهي، ٻئي ڪنهن به نبيءَ جي ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ نه آئي.
جهڙيءَ طرح هن سورت جي پڇاڙي ۾ ذڪر ڪيل مَغۡضُوۡبِ عَلَیۡہِمۡ ۽ ضَّآلِّیۡنَ کي به ڪنهن خاص قوم سان معين نه ٿا ڪريون.
مٿي بيان ڪري آياسين ته علم پرائڻ وارن جا ٻه درجا آهن، جيڪو ماڻهو انهن ٻن درجن کان هيٺ ڪرندو ته انهن ماڻهن مان ٿيندو، جن تي خدا جو غضب نازل آهي ۽ عمل ڪرڻ وارن جا به ٻه درجا آهن، جيڪو انهن ٻن درجن کان هيٺ ڪرندو سو ضالّين (گمراهن) مان ٿيندو.
ان ڪري اسين پنهنجي زماني ۾ مغضوب عليهم انهن ماڻهن کي چئون ٿا جن جو چوڻ آهي ته قرآن جي معنيٰ ته سمجهه ۾ اچي ٿي. پر ان تي عمل ٿي نه ٿو سگهي يعني عمل غير ممڪن يا محال جي قريب قريب آهي:
ضَّآلِّیۡنَ (گمراهه) انهن ماڻهن چئون ٿا، جن جو چوڻ آهي ته قرآن کي هن زماني ۾ ڪوبه ڪو نه ٿو سمجهي سگهي.