خدا پرستي ۽ انسان دوستي
هن مونجهاري مان نڪرڻ جو صرف هڪ ئي حل آهي ته مذهبن جي اختلافن کي هڪ طرف رکو ۽ عام انسانيت جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ڪريو ته آخر مجموعي انسانيت جي طبعي تقاضا ڪهڙي آهي؟ انسان، ڪهڙين ڳالهين جي ڪري تباهيءَ جي کڏ ۾ ڪريو ۽ ڪهڙا اصول هئا، جنهن تي هلندي هو بلندين تي پهتو، ان ڳولا ۽ وضاحت کان پوءِ انسانن جي تمام ڊگهي تاريخ ۾ جيڪي اصول سڀني قومن ۾ اوهان کي مشترڪ نظرايندا.، اهو فطرت الله آهي ۽ اهو ئي “الدين القيم” يعنيٰ صحيح دين آهي ۽ جيڪا تعليم مجموعي انسانيت جي فطرت مطابق هوندي، اها حق آهي.
قرآن شريف جي برحق هجڻ جي معنيٰ هي آهي ته هو اهڙي تعليم ڏئي ٿو، جيڪا سمورن انسانن جي فطري لاڙن جي آئينه دار ۽ سموري انسانيت جي فائدي جي لاءِ آهي، پر جيڪڏهن قرآن شريف کي هڪ فرقي يا ٽولي جو ڪتاب بڻايو ويندو ته پوءِ اهو ثابت ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو ته هو ازلي ۽ ابدي آهي ۽ سندس تعليم سڀ جي لاءِ ۽ هر دور جي لاءِ آهي. قرآن جي عالمگيريت رڳو ان بنياد تي آهي ته هي انسانيت جو ڪتاب آهي،
قرآن جي تعليم حاصل ڪندڙ ڪجهه شاگرد جن کي مان رڳو شاگرد چوندس، قرآن جو عالم نه چوندس، اهي قرآن جي رڳو لفظي معنيٰ مان سمجهن ٿا ته اهو قرآن جو مفهوم آهي ۽ انهيءَ لفظي مفهوم پٽاندڙ هو، قرآن جي تعليم کي عملي جامو پهرائڻ جا دعويدار بڻجن ٿا. هي ماڻهو ٻين مذهبن ۽ فلسفياڻا تصور رکندڙن آڏو جڏهن قرآن جي اهڙي لفظي مفهوم کي پيش ڪن ٿا ته کين پنهنجي پوري ڳالهه سمجهائي به نه ٿا سگهن. هاڻي هڪ طرف ته سندن دعويٰ اها هوندي آهي ته قرآن جي تعليم عالمگير ۽ همه گير آهي ۽ ٻئي طرف سندن قرآن فهميءَ جو اهو حال هوندو آهي ته هو پنهنجو مخصوص ٽولي کان سواءِ ڪنهن غيرمذهب جي عقلمند ماڻهوءَ اڳيان پنهنجو مفهوم به واضح نه ٿا ڪري سگهن. مان انهن ماڻهن کي چوندس ته توهان قرآن جو مفهوم صحيح طور تي نه سمجهيو آهي. هي مفهوم جنهن کي توهان قرآن جو نچوڙ چئو ٿا، سو توهان جي پنهنجي ذهنن جي پيداوار آهي يا پنهنجي خاص ٽولي جو نظريو آهي.
مان قرآن کي ان ريت نه ٿو سمجهان. منهنجو هي عقيدو آهي ته انسانيت جي ترقيءَ جي لاءِ هر دور ۾ سٺا ماڻهو ايندا رهيا آهن، انهن حق شناس ڏاهن، انسانن جي هدايت جي لاءِ پنهنجي پنهنجي وقت ۾ الله تعاليٰ جي تعليم جي پرچار ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت انسانيت جو قافلو اڳتي هلندو ويو. گذريل دور جا روشن نقش انساني تاريخ جي ورقن ۾ گهٽ وڌ يا ڪجهه ڦيرڦار سان موجود آهن. قرآن جي عالم کي گهرجي ته هو تاريخ جي مطالعي مان معلوم ڪري ته انساني ترقيءَ جا عام ۽ نه بدلجندڙ قانون ڪهڙا آهن؟ ان کان پوءِ هو قرآن ۾ جستجو ۽ غور ڪري ڏسي، پوءِ کيس نظر ايندو ته قرآن زندگيءَ جي انهن نه بدلجندڙ عالمگير اصولن کي پيش ڪري ٿو. هي قرآن جو صحيح مفهوم آهي ۽ اها ئي شيءِ آهي جيڪا ازل کان ابد تائين قائم رهندي ۽ انهيءَ جي مڃڻ ۾ سڀني انسانن جو ڀلو آهي.
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته سمورن انسانن ۾ فڪري وحدت آهي ۽ منجهن اهو ئي هڪ گڏيل نقطو آهي ۽ انهيءَ جي ذريعي سمورن مذهبن، نسلن ۽ قومن جي جهيڙن کي ختم ڪري سگهجي ٿو. قرآن ۽ ٻيا خدائي ڪتاب انهيءَ فڪر وحدت جا ترجمان آهن، پر اسان ڏسون ٿا ته هر مذهب پنهنجي ملت ٺاهي ۽ هڪ طريقو اختيار ڪيو ته ٻيءَ ملت ٻيو طريقو اختيار ڪيو، هڪ جي شريعت هڪڙي هئي ته ٻئي جي اڃا ٻئي نموني جي. هاڻي جيڪڏهن اسان انهن سڀني دينن جي وحدت مڃون ته شريعتن جي انهن اختلافن جو ڇا جواب آهي؟
قانون ڪنهن خاص قوم جي خاص حالتن ۽ خاص دور جي تقاضائن جو نتيجو هوندو آهي، دور بدلبو رهي ٿو ته ان سان گڏ ان جون تقاضائون به بدلبيون رهن ٿيون ۽ حالتن ۾ به تبديلي اچي ٿي. “کُلَّ یَوۡمٍ ہُوَ فِیۡ شَاۡنٍ” (الرحمان: 29) هر نئون دور “الله جو شان” آهي. الله جي “شوؤن” جي نه ڪا حد آهي ۽ نه ڪو حساب. نئين دور کي نه مڃڻ ۽ ان جي تقاضائن جو انڪار ڪرڻ “شوؤن الله” جو انڪار آهي، شاهه ولي الله جو ڪمال هي آهي ته هن قرآن جي تعليم جو صحيح تجزيو ڪيو، حڪمت ۽ دانائي جيڪا دائمي ۽ عالمگير آهي ان کي قانون کان نمايان يعني چٽو ڪري ڏيکاريو. جيئن ته قانون جو قوم جي طبعيت ۽ حالتن کان متاثر ٿيڻ ضروري ٿئي ٿو، تنهن ڪري قانون ابدي ۽ دائمي نه ٿو ٿي سگهي. ابديت رڳو حڪمت کي هوندي آهي ۽ قانون جي حيثيت هڪ نموني ۽ مثال واري هوندي آهي.
هاڻي جيڪڏهن قرآن کي ايئن سمجهيو وڃي ته پوءِ ماڻهو هر عام ۽ خاص کي قرآن جو مفهوم ذهن نشين ڪرائي سگهي ٿو، پنهنجي مذهب واري کي به سمجهائي سگهي ٿو ۽ غير مذهب واري کي به قائل ڪري سگهي ٿو. منهنجي خيال ۾ هر شخص جيڪو سوچي ٿو ۽ سوچي سمجهي دنيا ۾ هلڻ جو خيال رکي ٿو، ان جو ڪنهن به مذهب سان واسطو هجي يا سندس ڪو مذهب ئي نه هجي، هو قرآن جي ان مفهوم کي ضرور مڃيندو ۽ اصل ۾ ساڳيو ئي مطلب قرآن جي ارشاد “ہُدًی لِّلۡمُتَّقِیۡنَ” (البقره: 2) جو آهي.
هڪ مصنف لکيو آهي ته “تاريخ” انسان جي زندگيءَ جي ڪهاڻي آهي. حقيقت ۾ سڀني انسانن جو بنياد هڪ آهي، پر هر انسان کي مختلف حالتن ۽ مختلف دورن مان گذرڻو پوي ٿو، تنهن ڪري ان جي ڪم ڪار ۽ سندس ڳالهه ٻولهه ۾ هڪجهڙائپ نه رهي. ڪو گرم ملڪ ۾ پيدا ٿئي ٿو ته اهو گرميءَ جي اثر جي ڪري رنگ جو ڪارو ٿئي ٿو. وري ڪو سرد ملڪ ۾ پيدا ٿئي ٿو ته سرديءَ جي اثر جي ڪري سندس رنگ اڇو ٿئي ٿو. ڪنهن کي سوچ ويچار ڪٿان کان ڪٿي وٺي وئي ته ڪو ٻيو مختلف رستي سان پنهنجي ماڳ تي پهتو. مظهرن جي انهيءَ اختلاف جو بنياد ماحول جي مختلف هجڻ تي آهي، نه ته سڀني انسانن جي جبلت ساڳي آهي ۽ سڀني جا بنيادي محرڪات به هڪجهڙا آهن. ليڪن تجربا هر ڪنهن جا الڳ الڳ آهن. ڇاڪاڻ ته قسمت هر ڪنهن کي الڳ الڳ تجربيگاهه ۽ تجزين جا مختلف وسيلا عطا ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو اسان انساني تاريخ ۾ وحدت ۽ انفراديت ٻئي گڏوگڏ محسوس ڪريون ٿا.
هن خيال کي هڪ ٻئي مصنف هن ريت بيان ڪيو آهي، “اوهان ڪنهن عرب وٽ مهمان بڻجي وڃو، جيڪڏهن هن کي اوهان جي غيرمعمولي عزت افزائي ڪرڻي هوندي ۽ اوهان هن جي گهر جي آڳر ۾ پير رکندا ته هو گهٽو ڪاهي ايندو ۽ اوهان جي پيرن کي ڇهائڻ کان پوءِ ان کي ڪُهندو. ان جي ابتڙ اوهان ڪنهن هندوءَ جي گهر مهمان ٿي وڃو ته هو اوهان جي آجيان گلن جي هارن سان ڪندو. ٻنهي ۾ آجيان جو جذبو هڪجهڙو آهي پر احترام ڪرڻ جو طريقو جدا جدا آهي. هڪ کي گل پيارا آهن، هن مهمان جي آجيان گلن جي هارن سان ڪئي، ٻئي کي گوشت پسند آهي ته هن گهٽي ڪهڻ سان مهمان جو قدر وڌايو.”
انهن مثالن ٻڌائڻ جو رڳو هي مقصد آهي ته زماني سان گڏ زندگيءَ جا مظهر به بدلبا رهن ٿا. پر مظهرن جي تبديليءَ جي اها معنيٰ نه هوندي آهي ته هاڻي اصليت ۾ ڪو فرق اچي ويو آهي. قرآن جي تعليم جو نتيجو هڪ دور ۾ ڪنهن خاص رنگ ڍنگ ۾ ظاهر ٿيو، هاڻي ضروري نه آهي ته ٻئي دور ۾ به ساڳيءَ طرح هوبهو اهڙي صورت ۾ ظاهر ٿئي. اصحاب سڳورن جي دور ۾ تير ڪمان، نيزي بازي، تلوار ۽ ڍال سان جهاد ٿيندو هو ۽ مجاهد اٺن ۽ گهوڙن تي سوار ٿي جهاد لاءِ نڪرندا هئا، پر هاڻِ قرآن ڪڏهن به پنهنجن پوئلڳن کي جهاد لاءِ تيار ڪندو ته ضروري نه آهي ته وري به تلوار، ڍال، اٺن ۽ گهوڙن جي نوبت اچي. اهڙيءَ ريت خلافت راشده جي دور ۾ انساني مساوات ۽ انصاف جو اصول ڪنهن خاص ڍنگ تي لاڳو ٿيو. هاڻي زندگي ڪافي بدلجي چڪي آهي ۽ ان سان گڏ زندگيءَ جون گهرجون به بدلجي ويون آهن، تنهن ڪري انساني مساوات ۽ انصاف جو دائرو به تمام گهڻو وسيع هوندو، يعنيٰ مقصد ساڳيا ئي رهندا پر انهن جي عملي شڪل، حالتن ۽ سببن جي تبديليءَ جي ڪري اڳ جهڙي نه هوندي.
جيڪو دور گذري ويو، اهو وري واپس نه ٿو اچي سگهي. قرآن تي عمل ڪندي خلافت راشده جي شروعاتي دور ۾ اصحاب سڳورن جيڪا حڪومت ٺاهي، هاڻي هوبهو ساڳي حڪومت ٺهي نه ٿي سگهي. جيڪي ماڻهو قرآن کي اهڙيءَ ريت سمجهن ٿا، اهي قرآني حڪمت جي صحيح مفهوم کي نه ٿا ڄاڻن. بيشڪ خلافت راشده جي حڪومت قرآني حڪومت جو هڪ نمونو هئي، پر هي نموني هوبهو هر دور ۾ منتقل نه ٿو ٿي سگهي. ها! ان جي بنيادي اصولن تي قرآني حڪومتن جو نئون نظام بڻجي سگهجي ٿو.
قرآن هاڻي به پنهنجي حڪومت قائم ڪري سگهي ٿو، پر ان جي لاءِ ضروري آهي ته قرآن کي عقل ۽ ويچار سان سمجهيو وڃي ۽ ان جي تعليم جي عالمگيريت جي گهرائي کي معلوم ڪيو وڃي. جيڪڏهن قرآن فهمي رڳو لفظن تائين ئي رهي ۽ انساني فڪر جي گهراين ۽ زماني جي ڦيرگهير کان قرآن پڙهڻ وارا اڻ ڄاڻ رهيا ته دنيا ۾ ڪجهه به انهن جو نه رهندو.
قرآن جو اصل مقصد انسانيت جي پاڪائي ۽ ان جي ارتقا آهي. هو سموري انسانيت کي ان جي بنيادي اصولن ۽ مقصدن طرف ڌيان ڇڪائڻ آيو آهي. هن جو پيغام آهي ته سڀ انسان هڪ آهن. رنگ، نسل ۽ قوم جو فرق حقيقي نه آهي. ڌڙابندي ۽ فرقه پرستي جي طبقاتي ذهنيت غلط آهي. قرآن زندگيءَ جا عالمگير ۽ نه تبديل ٿيندڙ اصول پيش ڪيا آهن، انهن کي جيڪڏهن غور سان سمجهيو وڃي ته ذهن، انساني وحدت جي صحيح روح کي حاصل ڪري وٺي ٿو.
انهيءَ بنياد تي قرآن پنهنجي دور ۾ قيصريت ۽ ڪسرويت کي، جيڪي ان وقت استحصال ۽ جبر جا بدترين مثال هئا، ختم ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ ان جي جاءِ تي هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو ، جنهن ۾ انساني مساوات، هر ڪنهن سان انصاف ۽ ڀائپي جا بنيادي اصول هئا. قرآن جي تعليم جو دارومدار چڱن عملن تي آهي ۽ جيستائين اعليٰ ۽ بلند نصب العين انسان جي سامهون مقرر ٿيل نه هجي تيستائين چڱن عملن جو ظاهر ٿيڻ ممڪن نه آهي. تنهن ڪري قرآن ڀيري ڀيري ايمان بالله تي زور ڏنو آهي، يعنيٰ ايمان بالله نصب العين آهي ۽ انسانيت جي ڀلائي هن نصب العين کي عمل ۾ آڻڻ جو ذريعو ۽ طريقو آهي. جيڪڏهن بصيرت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته ايمان بالله جي عقيدي ۾ انسانيت جي وحدت ۽ ڪائنات جي وحدت سڀ اچي وڃن ٿا ۽ ذهن جي اڳيان نوان جهان ۽ بي ڪنار وسعتون ظاهر ٿي وڃن ٿيون. الله جو صحيح تصور، سڀني بلندين ۽ وسعتن کي پنهنجي اندر سمائي ڇڏي ٿو ۽ ٻي ڪا به بلندي ۽ وسعت نه آهي، جيڪا هن تصور کان بلند تر ۽ وسيع تر سوچي سگهجي.
ايمان بالله جي سڀ کان مٿاهين منزل هي آهي ته ماڻهو هي مڃي ته هن زمين ۽ آسمان ۾ جيڪڏهن حقيقي وجود آهي ته انهيءَ جو آهي، جيڪو ڪجهه آهي سڀ انهيءَ جو فيض آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو ان جو اصل سبب به اهو ئي آهي. ايمان بالله يا خداپرستيءَ جي هڪ منزل انسان دوستيءَ جي آهي. جيڪڏهن ماڻهو اهو مڃي ٿو ته سمورا انسان انهيءَ جا پيدا ڪيل آهن ۽ کيس انسانن جي خالق سان حقيقي محبت آهي ته لازمي آهي ته کيس ان جي مخلوق سان به محبت هجي.
جيڪڏهن هن کي مخلوق سان محبت ناهي ته سمجهي ڇڏيو ته هو خدا جي محبت جي دعويٰ ۾ به سچو نه آهي. دنيا ۾ خداپرستيءَ جي سڃاڻپ اها آهي ته خدا پرست انسان کي خدا جي سمورن ٻانهن سان محبت هجي ۽ خدا جي خوشنودي ان جي مخلوق جي خدمت ۽ ان جي ڀلائي ۾ ڳولي.
اسانجن صوفين بزرگن، خدا پرستيءَ جي ان عملي شڪل يعنيٰ انسان دوستيءَ کي اصل دين قرار ڏنو هو، سندن اهو عقيدو هو ته جنهن انسان کي رڳو پنهنجي گروهه ۽ جماعت سان محبت آهي ۽ هو پنهنجي عقيدي جي مخالفن کي نفرت سان ڏسي ٿو ته اهو حقيقت ۾ سچو موحد ۽ خداپرست نه آهي. هو پنهنجي تعليم ۾ هميشه ان ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا ته سمورن انسانن کي “الله جو ڪٽنب” سمجهو. ان عمل ۾ سندن پنهنجو عمل به انهن جو شاهد هو، پر انهيءَ مان اهو خيال نه ورتو وڃي ته هنن چڱي مٺي ۽ ثواب گناهه جي تميز به ڇڏي ڏني هئي. بيشڪ هو نيڪوڪار کي سٺو سمجهندا هئا ۽ بدڪار لاءِ وٽن ان کان وڌيڪ اونو هوندو هو، جهڙيءَ طرح ماءُ کي پنهنجي نافرمان ٻار جي لاءِ وڌيڪ اُڻ تڻ هوندي آهي. اهڙي طرح خداپرست بزرگ ڀٽڪيل کي سڌي واٽ وٺرائڻ جي لاءِ سدائين بيقرار رهندا هئا. انسان دوستي، خداپرستي يا ايمان بالله جو اهو ئي جذبو هو جنهن پاڻ سڳورن ﷺ جو آرام ڦٽائي مڪي وارن کي سنئين واٽ تي آڻڻ لاءِ بي چين ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ کين هر نعمت حاصل هئي ۽ گهر جي اندر توڙي ٻاهر هر قسم جو اطمينان حاصل هو، پر ٻين جو ڏک ۽ انهن جي گمراهي کين بيچين ڪري ڇڏيو هو، اهوئي سبب هو جو پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجو پيغام مڪي شريف ۾ ٻڌائيندا پيا وتن. طائف وارن وٽ وڃي حق جي دعوت پيا ڏين. سختيون ٿين پيون ته صبر ڪن پيا ۽ جيڪي سختيون ڪن پيا، انهن لاءِ بددعا نه پر دعا ڪن پيا. مطلب ته گيتا، انجيل ۽ قرآن سڀ انهيءَ انسان دوستيءَ جي نظريي جا پرچارڪ آهن ۽ شري ڪرشن جِي، حضرت عيسيٰ ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جي تعليم ۽ عمل، خداپرستي جي انهيءَ مادي شڪل يعني انسان دوستيءَ جو نمونو، پوءِ وارن انهن جي انسان دوستيءَ کي پنهنجي پنهنجي مخصوص گروهن جي دوستيءَ تائين محدود ڪري ڇڏيو ۽ خداپرستي جنهن مان مقصد اهو هو ته انسان جي دل مان مجموعي انسانيت جي لاءِ وسعت پيدا ٿي وڃي، ان جي ايتري صورت بگڙجي وئي جو خداپرستيءَ جي دعويٰ ڪندڙ جي دل ۾ پنهنجي ذات کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي گنجائش مشڪل ٿي وئي.
صوفي بزرگن ڪتابن ۽ تبليغ وسيلي وري وري انهيءَ انسان دوستيءَ تي زور ڏنو آهي ۽ مثالن سان اهو ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان وقت تائين ماڻهو خداپرست نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين ان جي سمورن انسان سان، ڪنهن به مت ڀيد کان سواءِ محبت نه هجي. مولانا روم مثنوي ۾ ان ڳالهه کي واضح ڪندي فرمائن ٿا:
حضرت ابراهيمؑ جي عادت هوندي هئي ته جيستائين ڪو دسترخوان تي مهمان نه هوندو ته ماني نه کائيندو هو، هڪ ڀيري ڪيترائي ڏينهن ٿي ويا ته ڪو مهمان نه آيو ٻپهريءَ جو پاڻ گهر کان ٻاهر نڪري ڪنهن مهمان جو انتظار ڪري رهيا هئا. سخت گرميءَ جي مند هئي. گرم لڪ لڳي رهي هئي. پاڻ ڏسن ته پري کان هڪ پوڙهو ٿڙندو ٿاٻڙندو اچي رهيو آهي. سندس ڪپڙا ڦاٽل هئا، هن جو جسم ڌوڙ ۾ ڀريل هو. حضرت ابراهيمؑ وڏي شوق سان مهمان جي آجيان ڪئي، ان کي گهر وٺي ويو ۽ ماني کائڻ شروع ڪيائين. مهمان الله جي نالي کان سواءِ کائڻ شروع ڪيو. حضرت ابراهيم کي حيرت ٿي ۽ پڇڻ تي هن چيو ته “مان الله کي مڃان ئي ڪو نه ٿو.” حضرت ابراهيم اهو ٻڌندي ئي ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ مهمان کي کارائڻ پيئارڻ کان سواءِ ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. مولانا روم فرمائي ٿو ته ان کان پوءِ الله تعاليٰ طرفان وحي نازل ٿيو ۽ حضرت ابراهيم کي چيو ويو ته، ”مان پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي سٺ سالن تائين کاڌو پيتو ڏيندو رهيو آهيان ۽ ان جي هر هڪ ضرورت کي پورو ڪيم، پر توکان اهو به نه ٿي سگهيو ته منهنجي ٻانهي کي هڪ وقت جو کاڌو کارائي سگهين!“
اهڙي ئي مضمون بابت پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ انهيءَ کان پڇندو ته مان بکيو هوس تو مون کي کاڌو نه کارايو. ٻانهو حيران ٿي چوندو ته اي الله! تون ته بک کان بي نياز آهين، توکي کاڌي جي ڪهڙي ضرورت؟ وري ارشاد ٿيندو ته مان اڃايل هوس، تو مون کي پاڻ نه پياريو ۽ وري پڇندو ته مان انگ اگهاڙو هوس تو مون کي ڪپڙا نه پارايا؟ هر سوال جي جواب ۾ ٻانهو چوندو ته اي منهنجا رب! تو کي انهن شين جي ڪهڙي ضرورت؟ تون ته انهن سڀني ڳالهين کان بي نياز آهين. ان وقت خدا تعاليٰ فرمائيندو ته منهنجو فلاڻو ٻانهو بکيو هو ۽ تو هن کي کاڌو نه کارايو، هو اڃيو هو، تو هن کي پاڻي نه پياريو. هو اگهاڙو هو، تو هن کي ڪپڙا نه پهرايا. هاڻي ان جي سزا لاءِ تيار ٿيءُ.
صحيح خداپرستي اڳتي هلي ڪري لازمي طور تي انسان دوستيءَ جو سبب بڻجي ٿي. قرآن مجيد انهيءَ خدپراستي جي تعليم ڏئي ٿو ۽ مان به قرآن مجيد مان اهو ئي سکيو آهي ته سڀني انسانن کي هڪ سمجهو ۽ جنهن ڳالهه کي توهان ڄاڻو ٿا ته ان ۾ سڀ جو ڀلو آهي، ته اها ڳالهه هر ڪنهن کي چئو، سمجهايو ۽ هر هر ان کي ذهن نشين ڪرايو. جيڪڏهن اها ڳالهه هن جي دل مان واٽ نه ٿي پيدا ڪري ۽ وچ ۾ ڪجهه رڪاوٽون آهن ته نرميءَ سان انهن رڪاوٽن کي دور ڪيو. جيڪڏهن نرمي سان ڪم نه ٿو هلي ته توهان طاقت استعمال ڪريو، هيءَ طاقت انهن ماڻهن جي خلاف نه هوندي جيڪي برائيءَ ۾ ڦاٿل آهن ۽ نه ان جو محرڪ نفرت جو جذبو هوندو، بلڪه اصل ۾ طاقت جو استعمال انهن رڪاوٽن جي خلاف هوندو، جيڪي انسانن کي انسانيت کان دور رکڻ جو سبب آهن. حق جو ڪلمو اهو ئي آهي ۽ حق جي لاءِ جهاد ڪرڻ جي اها ئي معنيٰ آهي. بيشڪ جهاد برن جي خلاف هوندو آهي، پر جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ان مان مقصد برائيءَ جو خاتمو آهي. برائيءَ سان جنگ ڪرڻ عام انسانيت جي سڀ کان وڏي خدمت آهي.
اڪثر ڪري حق جي لاءِ جنگ ڪرڻ ۾ پنهنجن سان به وڙهڻو پوي ٿو ۽ ڪنهن وقت ته ڳالهه وڃي خون خرابي تائين پهچي ٿي، پر هي خون خرابو انسان دوستيءَ جي خلاف نه هوندو آهي. شري ڪرشن جِيءَ ڪورڪشيتر جي ميدان ۾ ارجن کي انهيءَ ڳالهه جي تلقين ڪئي هئي ۽ جنگ بدر ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جا ساٿي انهيءَ يقين سان ٽمٽار ٿي پنهنجن پيئرن، ڀائرن، پٽن ۽ مٽن مائٽن کي قتل ڪرڻ تي تيار ٿي ويا هئا. بهرحال جيڪڏهن خون خرابي جو مقصد ذاتي يا پنهنجي گروهه ۽ پنهنجي قوم جي ناجائز طرفداري آهي ته خون خرابو مردود آهي. انهيءَ کي اسلام عصبيت چيو آهي ۽ عصبيت جي لاءِ وڙهڻ اسلام ۾ ڪفر آهي. پر جيڪڏهن انسانيت جي مفاد خاطر دل ۾ خلوص رکندي ڪو به وڙهي ٿو ته هو سڀ کان شرف وارو ڪم ڪري ٿو. حق جي عمل ۽ ناحق جي عمل ۾ فرق واسطي مولانا روم مثنويءَ ۾ هڪ واقعو بيان ٿيو آهي:
هڪ ويڙهه ۾ حضرت علي ؐ هڪ ڪافر کي دسي هن جي سيني تي چڙهي ويٺو، پاڻ پنهنجو خنجر ڪافر جي ڳچيءَ ۾ هڻڻ تي هئا ته ڪافر حضرت علي رضه جي چهري مبارڪ تي ٿڪ اڇلائي. هن اڃا شان ۾ گستاخي مس ڪئي ته حضرت علي ؐ هن جي سيني تان لهي ويو، ڪافر حيران ٿيندي پڇيو ته پاڻ فرمايائون ته “جڏهن مان تنهنجي سيني تي چڙهي خنجر هڻڻ وارو هئس ته منهنجي دل ۾ ڪابه ذاتي غرض ڪانه هئي، پر تنهنجي ٿڪ اڇلائڻ تي مون کي توتي ڪاوڙ آئي ۽ منهنجي خلوص ۾ ذاتي غرض جي ملاوٽ ٿي وئي.”
اهو ئي قرآن جو “ايمان بالله” ۽ “جهاد في سبيل الله” آهي. هڪ عقيدو آهي ته ٻيو ان جو عمل، هڪ نصب العين آهي ته ٻيو نظريو، ٻئي لازم ملزوم آهن. جيڪڏهن هڪ ناقص آهي ته ان جو مطلب هي آهي ته ٻئي ۾ به ڪجهه گهٽتائي آهي.
ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله انهن معنائن ۾ هڪ اهڙي ڪسوٽي آهي، جنهن تي هر فرد، هر جماعت، هر قوم، هر نظام ۽ قانون کي پرکي سگهجي ٿو، ان ۾ ڪنهن به رعايت جي گنجائش ممڪن نه آهي. ڪنهن دور ۾ مسلمان انهن ٻن چڱائين جا حامل هئا، تنهن ڪري قرآن شريف کين “اُمَّۃً وَّسَطًا” (وچٿري امت) جو لقب ڏنو، فرمايو ويو آهي ته “وَ کَذٰلِکَ جَعَلۡنٰکُمۡ اُمَّۃً وَّسَطًا لِّتَکُوۡنُوۡا شُہَدَآءَ عَلَی النَّاسِ” (البقره: 143) ( ۽ اهڙي طرح اسان توهان کي وچٿري امت بڻايو ته جيئن اوهان انسانن تي انسانيت جي خوبين جي شاهدي ڏيڻ وارا هجو) مسلمانن جو هي امتياز رڳو انهيءَ بنياد تي هو ته هو ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله کي صحيح معنيٰ ۾ مڃيندا هئا ۽ ان تي عمل ڪندا هئا. ان معنيٰ ۾ ئي ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله ٻه عالمگير ۽ همه گير زندگيءَ جا اصول آهن. قرآن جي عالمگيريت ۽ همه گيريت جو مطلب به اهو ئي آهي ته هو انهن ٻنهي زندگيءَ جو اصولن کي نهايت واضح نموني ۾ پيش ڪري ٿو، ان سان گڏ اهو به ٻڌائي ٿو ته سمورا آسماني ڪتاب ۽ زندگيءَ جا صالح فلسفا، انهن ٻنهي اصولن جي شرح آهن. قرآن انهن سڀني ڪتابن کي ختم نه ٿو ڪري پر انهن سڀني جو مصدق (سچو سمجهندڙ) ۽ انهن سڀني جو جامع آهي.
(سنڌيڪار: رحيم داد “راهي”)