تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مذهب جو فلسفو

اعليٰ انسانيت ڇا آهي؟ مذهبن انسانيت کي ڇا ڏنو؟ اسلام ٻين مذهبن کي ڪٽيندڙ آهي يا ان جي صداقتن کي پڌرو ڪندڙ دين آهي؟ تصوف هڪ رويو آهي يا هڪ مذهب؟
اهڙن ڳوڙهن سوالن تي ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي مولانا عبيد اللھ سنڌي جي فڪر انگيز لکڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب جا سنڌيڪار رحيم داد راهي ۽ محمد انس راڄپر جن آھن.
هيءُ ڪتاب مولانا عبيدالله سنڌي جي مختلف تحريرن ۽ افڪار جو مجموعو آهي، جيڪي اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ قلمبند ٿيا. ان وقت ننڍي کنڊ جون قومون جنهن قومي غلاميءَ، سماجي ابتري ۽ مذهبي گروهه بندين جي گهيري ۾ هيون، اها صورتحال بدستور قائم آهي. اسان جي سنڌ ته هيئنر شديد فڪري بحران جو شڪار آهي،
Title Cover of book مذهب جو فلسفو

اسلام ۽ اجتماعيت

[b]اسلام جو بنيادي ۽ اساسي قانون
[/b]اصول فقه جي عالمن وٽ دين جا چار اصول آهن ڪتاب (قرآن مجيد) سنت، اجماع، قياس. حقيقت ۾ اهو تعبير ٺيڪ ناهي. جيتري تائين قياس جو تعلق آهي ته دين جي اصول جي حيثيت ۾ ان جي پنهنجي ڪا مستقل حيثيت ڪانهي، ڇاڪاڻ ته قياس ته اهو ئي ڀروسي جوڳو هوندو جيڪو قرآن، سنت ۽ اجماع مان استنباط ڪيو ويو هجي. ان کان پوءِ ٽي اصول وڃي ٿا رهن. شاهه ولي الله صاحب سنت کي قرآن مان مستنبط مڃي ٿو. (معنيٰ سنت ڌار وحي ناهي، بلڪ وحي صرف قرآن ۾ آهي، ان کان ٻاهر وحي جو تصور غلط آهي. سنت قرآن جي وحيءَ جي روشنيءَ ۾ استنباط ڪيل نظام زندگيءَ جو نالو آهي۽ اها سنت نبي ﷺ جو اجتهاد ۽ استنباط آهي) پر ان جي استنباط جو اهو طريقو ناهي جنهن جو فقهي امامن وٽ رواج آهي. شاهه صاحب حڪمت جي اصولن مطابق استنباط ڪرڻ جا طريقا ۽ ان جا اصول به مقرر ڪيا آهن. ’خير ڪثير‘ ۾ پاڻ انهيءَ مسئلي جو وڌيڪ تفسير ڪيو اٿن. سنت جي باري ۾ شاهه صاحب جي ان نظريي کي مڃيو وڃي ته اصول دين جي لحاظ کان سنت جي حيثيت مستقل اصول جي نه ٿي رهي، پر اها قرآن جي تشريح ۽ تفصيل بڻجي ٿي.
باقي رهي اجتماع جي ڳالهه، حضور ڪريم ﷺ جي زماني کان وٺي خلافت راشده جي اتفاق ۽ اتحاد جي آخري دور يعني عثمان جي شهادت (35هه) تائين، شاهه صاحب جي تحقيق موجب مسلمانن ۾ ڪڏهن به اختلاف نه ٿيو، شاهه صاحب انهيءَ دور کي اجماع جو دور ڪوٺي ٿو. پاڻ اهو تفصيل پنهنجي ڪتاب ”ازالة الخفاءَ“ ۾ پيش ڪيو اٿن، شاهه صاحب ان دور کي ”خيرالقرون“ جو زمانو قرار ڏنو آهي، سڄي دنيا کي خبر آهي ته ان دور ۾ مسلمانن وٽ قرآن کان سواءِ ٻي ڪا به لکيل شيءِ بنياد اصول طور موجود ڪا نه هئي، ان ڪري ان جو سڄو دارومدار يا ته قرآن شريف تي هو يا ان سنت تي جيڪا قرآن شريف مان استنباط ڪئي وئي هئي ۽ هڪ لحاظ کان اها سنت قرآن مجيد جو عملي تفصيل ۽ تشريح پڻ هئي، انهن حالتن ۾ ظاهر آهي ته جيڪي به فيصلا ٿيا، انهن سڀني جو دارومدار ڪتاب ۽ سنت تي هو.
ڳالهه جو خلاصو هيءُ آهي ته اصول فقهه جي عالمن طرفان پيش ڪيل دين جي چئن اصولن مان قياس ته ڪنهن به صورت ۾ اصولن مان ڳڻي نه ٿو سگهجي ۽ اجماع جي باري ۾ اسان ٻڌايو ته ان جو سڄو دارومدار قرآن ۽ سنت تي آهي، سنت جي باري ۾ شاهه صاحب جو خيال آهي ته اها قرآن مان مستنبط آهي. ان مان ثابت ٿيو ته دين جو سڄي جو سڄو انحصار ان تي آهي. ” وَ مَا یَنۡطِقُ عَنِ الۡہَوٰی ؕ﴿۳﴾ اِنۡ ہُوَ اِلَّا وَحۡیٌ یُّوۡحٰی ۙ﴿۴﴾“ (سورة النجم)۾ ” ہُوَ “ مان مراد قرآن آهي، مطلب ته اسان جو رسول دين جي معاملي ۾ پنهنجي خواهش جي ڳالهه نه ڪندو آهي، يعني ان ۾ رسول جي ذاتي خواهش جو ڪو به دخل ناهي.
قرآن، سنت ۽ اجماع جو مثال هيئن سمجهو ته هڪڙو آهي بنيادي قانون، ان بنيادي قانون تي جڏهن عمل شروع ٿيندو ته مخاطبن جي حالتن جي مطابق ڪجهه تمهيدي قانون ٺاهڻا پوندا. فرق صرف ايترو هوندو ته بنيادي قانون اٽل ۽ نه تبديل ٿيندڙ هوندا آهن ۽ تمهيدي قانون ضرورت پوڻ تي مٽائي سگهجن ٿا. اسين انهن قانونن کي سنت ٿا ڪوٺيون. حضور ڪريم ﷺ ۽ کانئن پوءِ حضرت عثمان ؐ جي شهادت تائين مسلمانن جي مرڪزي جماعت پاڻ ۾ صلاح مشوري سان ۽ اتفاق سان اهي تمهيدي قانون جوڙِيا هئا، پوءِ جيئن جيئن زمانو گذري ٿو، نيون نيون ضرورتون پيدا ٿين ٿيون، ته ضرورت جي مطابق قانونن جون پڻ ٻيون ٻيون تشريحون ڪرڻيون پون ٿيون.
قرآن شريف ۾ نبي ڪريم ﷺ جن کي ” وَ شَاوِرۡہُمۡ فِی الۡاَمۡرِ“ يعني جڏهن ڪو معاملو سامهون اچي ته صحابن سان مشوري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ڪن ماڻهن ان جو اهو مطلب ورتو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جن جي لاءِ صحابن سان مشورو ڪرڻ ضروري نه هو، اهو سندن مرضيءَ تي هو ته گهُرن ته مشورو ڪن، گهُرن ته نه ڪن. امام ابوبڪر جصاص رازيءَ (وفات 370هه) پنهنجي تفسير ”احڪام القرآن“ ۾ ان خيال جي تفصيل سان ترديد ڪئي آهي، مطلب اهو آهي ته سندن تعليم ۽ تربيت سان صحابن سڳورن جي جيڪا جماعت قرآن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي آهي ۽ جن کي قرآن ”السّٰبِقُوۡنَ الۡاَوَّلُوۡنَ “ جو نالو ڏنو آهي، توهان انهن سان مشورو ڪندا ڪيو.
حضور اڪرم ﷺ جن انهن ”السّٰبِقُوۡنَ الۡاَوَّلُوۡنَ“ (قرآني پروگرام تي عمل ڪندڙ پهريون جٿو) جي مشوري سان جيڪي تهميدي قانون ٺاهيا، اهي سنت آهن ۽ سنت کي اسان جا حنفي فقيهه حضور جن ۽ خلفاءِ راشدين تي مشتمل مڃن ٿا ۽ ان مسئلي ۾ اسان جو ويچار به اهو ئي آهي. اها سنت جيئن اسان چيو ته قرآن مان مستنبط ڪيل آهي. اڄڪلهه جي اصطلاح ۾ ان کي ”بائلاز“ چيو ويندو آهي، جيئن تعزيرات هند اصول آهي ۽ ان جا فوجداري ضابطا ”بائلاز“ آهن. پهريون قانون آهي ۽ ”بائلاز“ ان جو تفصيل. اجماع جو مطلب هي آهي ته مشوري سان.، اڪثريت راءِ سان ۽ بحث مباحثي سان جيڪو فيصلو ٿئي، اهو اجماع آهي. قياس جي ضرورت ان لاءِ پوندي آهي ته نئين زماني ۾ نئين ضرورتن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ ان لاءِ ضروري هوندو آهي ته نوان بائلاز بڻائجن.
انهيءَ سڄي تفصيل جو خلاصو هي آهي ته قرآن مجيد بنيادي قانون جي حيثيت رکي ٿو ۽ اهو نه تبديل ٿيندڙ آهي. حضور اڪرم ﷺ جن جي تعليم ۽ تربيت سان جيڪا جماعت قرآن جي روشنيءَ ۾ قرآن مان استنباط ڪري جيڪي تمهيدي قانون ٺاهيا، اهي به سنت ۾ داخل آهن. اها جماعت حضرت عثمان جي شهادت تائين متفق ۽ متحد رهي. سندن اهو دور خيرالقرون چورائيندو آهي، ان دور ۾ اختلاف کان پهريائين جيڪي فيصلا ٿيا، اهي سڀ مڃيل ۽ سنَدَ لائق آهن.
حضرت عثمان ؐ کان پوءِ قرآن ۽ سنت ۽ ”خيرالقرون“ جي اجتماعي فيصلن جي بنياد تي هر زماني جي لاءِ نوان نوان ”بائلاز“ ٺهندا رهيا، انهن ”بائلاز“ ٺاهيندڙن کي قرآن ” وَ الَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُمۡ بِاِحۡسَانٍ“ جو نالو ڏنو آهي، خدا جو فرمان آهي ” وَ السّٰبِقُوۡنَ الۡاَوَّلُوۡنَ مِنَ الۡمُہٰجِرِیۡنَ وَ الۡاَنۡصَارِ وَ الَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُمۡ بِاِحۡسَانٍ ۙ رَّضِیَ اللّٰہُ عَنۡہُمۡ وَ رَضُوۡا عَنۡہُ “ (سورة التوبه: 100) مهاجرن ۽ انصارن مان جيڪي پهرئين درجي جا ماڻهو آهن ۽ انهن کان پوءِ وارا جن چڱن ڪمن ۾ انهن جي پيروي ڪئي، انهن سڀني سان الله راضي آهي ۽ هو سڀ الله کان راضي هئا، ٿورن لفظن ۾ ته اصل بنيادي قانون ته متعين آهي، باقي ”بائلاز“ ان وقت ٻيا هئا ۽ هاڻي ٻيا هوندا، انهن ۾ زماني جي ضرورتن جي مطابق تبديليون ٿينديون رهنديون ۽ پيش ايندڙ نين صورتن لاءِ پهرين احڪامن کان وڌيڪ قانونن جو اجتهاد ۽ استخراج ٿيندو رهندو، ان جو نالو آهي فقهه.
مطلب ڳالهه جو اهو ته اسلام جو بنيادي قانون صرف قرآن آهي. نبي ڪريم ﷺ جي تعليم ۽تربيت سان انهيءَ بنيادي اصول ۽ قانون تي عمل ڪرڻ واري هڪ جماعت ٺهي، جنهن جو مرڪزي حصو مهاجرن ۽ انصارن جو پهريون طبقو هو، سندن هر قول ۽ فعل خدا کي پسند هو، مهاجرن ۽ انصارن جي انهيءَ طبقي جو زمانو حضرت عثمان ؐ جي شهادت تائين رهيو. ان زماني ۾ انهن ماڻهن جيئن قرآن تي عمل ڪيو ۽ قرآن جي بنيادي قانون مان جيڪي احڪمام مستنبط ڪيا، ان جي پيروي قيامت تائين مسلمانن جي لاءِ ضروري آهي. جيڪا شيءِ انهيءَ اتفاق ۽ موافقت واري زماني ۾ متعين ٿي، ان کي انهيءَ شڪل ۾ ۽ انهيءَ معنيٰ ۾ قائم رکڻ اتباع بالاحسان آهي.
جيئن جيئن اڳتي زمانو گذرندو ويندو ۽ نيون نيون حالتون پيش اينديون وينديون ته ان وقت مسلمانن جي اها جماعت جيڪا اتباع بالاحسان تي عمل ڪندڙ هوندي ۽ قرآن جي بنيادي قانون کي نافذ ۽ رائج ڪرڻ گهرندي، ان جو اهو فرض هوندو ته نئين زماني جي تبديلين تي بحث مباحثو ڪري ۽ جهڙيءَ ريت مهاجرن ۽ انصارن مان سابقين اولين (پهرئين جوڙ) جي ماڻهن قرآن جي بنيادي قانون مان استنباط ڪري پنهنجي لاءِ احڪام ۽ قانون مقرر ڪيا هئا، بلڪل ايئن ئي هيءَ جماعت پڻ پنهنجي لاءِ تفصيلي احڪامن جو استنباط ۽ استخراج ڪري ۽ اهو هن دور جو اجماع ٿيندو. ان صورت ۾ ”متبعين بالاحسان“ واري هن جماعت جا فيصلا مڃڻ ضروري آهن.
بحث جو خلاصو اهو آهي ته قرآن جي بنيادي قانونن تي حڪومت قائم ڪندڙ جماعت جي اتفاق يا اڪثريت راءِ وارن فيصلن جو نالو آهي اجماع. اهو اجماع اڄ به ٿي سگهي ٿو ۽ هميشه ٿيندو رهندو. اهو ڪنهن خاص زماني يا دور تائين محدود ناهي، البت شرط اهو آهي ته اهو اجماع اتباع بالاحسان تي عمل ڪندڙ جماعت جو هجي، يعني اها جماعت قرآن سان گڏوگڏ حضور ڪريم ﷺ جن ۽ مهاجرن ۽ انصارن جي اتفاق واري دور جي فيصلن کي به پنهنجي لاءِ سند مڃي ۽ حقيقت هيءَ آهي ته انهن جا اهي فيصلا اصل ۾ قرآن کان ڌار ڪجهه ناهن، بلڪه اهي خالي ”بائلاز“ هئا، جيڪي بنيادي قانون يعني قرآن جا عملي تفصيل چئي سگهجن ٿا.
سو، جهڙيءَ ريت مهاجرن ۽ انصارن پنهنجي لاءِ ”بائلاز“ يا تمهيدي قانون ٺاهيا، اهڙيءَ طرح اتباع بالاحسان تي عمل ڪندڙ جماعت اڄ به بنيادي قانون يعني قرآن مجيد ۽ پهرئين دور جي اجماع يعني ان وقت جي بائلاز يا تمهيدي قانون يا سنت مان استنباط ڪري پنهنجي لاءِ تشريحي بائلاز بڻائي سگهي ٿي ۽ اهو سلسلو هميشه هميشه تائين جاري رهي سگهي ٿو. اهڙي طرح جيڪڏهن اجماع جي اجازت نه هجي ۽ قرآن جي بنيادي اصولن تي عمل ڪندڙن کي نئين زماني جي نين حالتن جي مناسبت سان پنهنجي لاءِ تشريحي قانون ٺاهڻ جي اجازت نه هجي ته ظاهر آهي ته ايئن هڪ ترقي پذير جماعت ۽ ترقي پذير نظام گهڻي دير تائين زنده نه رهي سگهندو.
ان سان گڏ هيءَ ڳالهه به واضح هجڻ گهرجي ته دين اسلام جو بنيادي قانون صرف قرآن آهي. حضور ڪريم ﷺ جن ۽ مهاجرن ۽ انصارن مان ”سابق اولين“ جي اتفاق جي دور تائين جا سڀ فيصلا جن کي اسين سنت چئون ٿا، فقط انهيءَ بنيادي اصول کان مستنبط آهن، اصل دين صرف قرآن آهي ۽ سنت ان جو عملي تفصيل آهي، انهيءَ سنت جو تعين رسول الله ﷺ مهاجرن ۽ انصارن مان سابقين اولين جي اجماع سان ٿيو آهي، معنيٰ اجماع پنهنجو پاڻ دين جو ڪو مستقل اصول ناهي، بلڪه اهو قرآن جي حڪومت قائم ڪندڙ جماعت جي اتفاق جو نالو آهي. قرآن شريف جي اها حيثيت آهي ته صرف قرآن ئي دين جو بنيادي اصول آهي ۽ دين جو انحصار پڻ انهيءَ تي آهي ۽ سنت (اسلام جي دور اول جو اجماع) ۽ فقهه (پوئين زماني ۾ ان دور جي ”متبعين بالاحسان“ وارن جو اجماع) اهي سڀ جو سڀ قرآن جي بنيادي قانون جا ”بائلاز“ ۽ تشريحي ”بائلاز“ آهن. اهو اسان جي امام شاهه ولي الله دهلويءَ جو ڪمال آهي، جنهن قرآن کي انهيءَ صورت ۾ متعارف ڪرايو آهي.