جهاد_انقلاب
هڪ ڀيرو منهنجي استاد، حضرت شيخ الهند جهاد جي فضيلت بيان ڪندي رسول الله ﷺ جي هڪ حديث بيان فرمائي. ٻڌڻ سان ئي منهنجي بدن ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي وئي. مون جڏهن اکيون مٿي کنيون، ڇا ڏسان ته حضرت جن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. حضرت جن جلدي پنهنجي پاڻ کي قابوءَ ۾ رکيو ۽ ڳالهائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو، ٻئي ڀيري حضرت شيخ الهند مون کي ارشاد فرمايو ته جيڪڏهن ساري دنيا به تنهنجي مخالف ٿي وڃي پر تون پنهنجي ارادن تي ثابت قدم رهين ته تون ڪامياب ٿيندين. هيءُ نفس جو اعتماد آهي ۽ انقلاب جي لاءِ اهو ئي نفس جو اعتماد پهريون شرط آهي.
بزرگن جي ڪچهرين ۾ ورهين تائين منهنجي اهڙيءَ طرح سکيا ٿي. هڪ انقلابيءَ کي پنهنجو پاڻ تي وڏو اعتماد هوندو آهي، هو نه ٻين جي مڙهيل خدائن کي مڃي ٿو ۽ نه سندن اخلاق جي مڙهيل معيارن کي. هو سماج جو انڪار ڪري ٿو، حڪومت جو انڪار ڪري ٿو، پيءُ ماءُ جي چوڻ کي نه ٿو مڃي. دوستن مٽن مائٽن جو انڪار ڪري ٿو پر جيڪڏهن مڃي ٿو ته صرف انهيءَ ڳالهه کي جنهن کي هو حق سمجهي ٿو، هو انهيءَ حق کي، جنهن تي کيس يقين هوندو آهي. اٽل ۽ قطعي ڄاڻي ٿو، هي عزم ۽ هي ارادو زندگيءَ ۾ وڏي شيءِ آهي. دراصل اسان جو الله تي ڀروسو پنهنجي ذات تي ڀروسي جو ئي حاصل آهي، منهنجي نظر ۾ هڪ انقلابي هزار انقلابين کان ڳؤرو هوندو آهي ۽ قرآن جي هيءَ آيت “حُمُرٌ مُّسۡتَنۡفِرَۃٌ ﴿ۙ۵۰﴾ فَرَّتۡ مِنۡ قَسۡوَرَۃٍ ﴿ؕ۵۱﴾” (القيامه: 50-51) يعنيٰ ٽهڻ وارا گڏهه آهن، جيڪي شينهن کان ڀڄي نڪتا آهن، انهيءَ مفهوم ڏانهن اشارو ڪري ٿي.
در حقيقت خوديءَ جي تڪميل سان ئي انسان جي دل خدا جو شعور حاصل ڪندي آهي.
علامه اقبال هن شعر ۾ اهڙي مطلب طرف اشارو ڪيو آهي:
منکر حق نزِد ملا کافر است – منکر خود نزد مومن کافر تر است.
سمجهاڻي: ملا جي نزديڪ حق جو منڪر ڪافر آهي ۽ مومن جي نظر ۾ پنهنجي ذات کان غافل ان کان به وڏو ڪافر آهي.
انقلاب جو جذبو ئي ماڻهوءَ جي خوديءَ کي بيدار ڪندو آهي ۽ جڏهن انسان جي خودي سجاڳ ٿئي ٿي، تڏهن هو بنا خوف ۽ خطري جي زندگيءَ جي ڇڪتاڻ ۽ تڪليفن کي مڙس ٿي منهن ڏئي ٿو، هو بيڪار دستورن کي ڀڃي ڀورا ڪري ٿو ڇڏي ۽ زندگيءَ کي نئين “طرح” ٺاهي ٿو. عمل جو ڀرپور اظهار ئي انقلاب جو ذوق آهي ۽ اهو ئي زوق فڪر ۽ عمل ٻنهي جي تعمير ۽ تخليق جو سبب بڻبو آهي، انهيءَ انقلابي زوق روسي اشتراڪين ۾ ايتري همت ۽ جرئت پيدا ڪئي جو هنن زار بادشاهه جي زبردست حڪومت کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو ۽ روس ۾ اهڙو نظام قائم ڪيو، جنهن جي سڄي دنيا مخالف هئي. وڏيون وڏيون سلطنتون ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪڍ هيون پر انقلابين ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي عزم ۽ يقين تي پختا ۽ اٽل رهيا.
انقلاب ئي ڪائنات جو پيغام آهي ۽ زندگيءَ ۾ واڌ ويجهه، چرپر ۽ ارتقا انهيءَ انقلابي جذبي جي پيداوار آهن. ڪائنات ۾ ساڳي اڻ ٿڪ ۽ لڳاتار ڇڪتاڻ جاري آهي ۽ ازل کان ابد تائين چراغ مصطفوي کان ابولهبي شرارن تائين اها ايئن جاري رهندي. زندگيءَ جي هر پلڪ ۾ انقلاب جو عمل ٿيندو رهي ٿو. فرد جو هر گهڙيءَ خوب کان خوب تر جي ڳولا ڪرڻ انهيءَ انقلاب جو فيض آهي. انساني جماعتون انقلاب جو ولولو وڃائي ويهن ته زندگيءَ کان محروم ٿي وڃن ٿيون ۽ جيڪڏهن انهن ۾ انقلابي ڇڪتاڻ رهي ٿي ته اهي زندهه ۽ آباد رهن ٿيون.
اسان ڪنهن اهڙي زندگيءَ جو تصور به نه ٿا ڪري سگهون، جنهن ۾ انقلاب جو جذبو ٿڌو ٿي ويو هجي. ڪنهن فرد جماعت يا قوم کي هيءَ بيماري وڪوڙي وڃي ته ان کي جيئرن ۾ شامل ڪرڻ نه گهرجي، ڇو ته بيعزتيءَ جي زندگي موت کان بدتر هوندي آهي. حضور اڪرم ﷺ جن جي هڪ حديث آهي ته “جنهن قوم جهاد کي ڇڏي ڏنو، اها ذليل ۽ برباد ٿي وئي.” ٻين لفظن ۾ ڪنهن جو باعزت ۽ مرتبي وارو ٿيڻ صرف انهيءَ تي مداريل هوندو آهي ته ان قوم ۾ جهاد جو روح سرگرم عمل آهي.
هڪ ڀيري روس جي اشتراڪي اڳواڻ لينن کان ڪنهن ڪامريڊ پڇيو هو ته ڇا هڪ زمانو اهڙو نه ايندو، جڏهن اسان جو انقلاب پوريءَ طرح ڪامياب ٿي ويندو ۽ اسان جي ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ لاءِ باقي نه رهندو! لينن اهو ٻڌي ڪري چيو ته “ڪنهن انقلابيءَ جو ايئن سوچڻ ته ڪو زمانو اهڙو به اچي سگهي ٿو، جڏهن انقلاب جي ڪا ضرورت نه رهندي، ان ڳالهه جو دليل آهي ته اهو شخص پورو انقلابي نه آهي.”
جهاد ۽ انقلاب بابت هتي هڪ ٻي ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ته جهاد کي عام طور تي تلوار آزمائي ۽ اقتدار وڌائڻ ئي سمجهيو ويندو آهي ۽ انقلاب جي معنيٰ ڀڃ ڊاهه ۽ قتل غارت وٺندا آهن، پر نه جهاد صرف تلوار آزمائي آهي ۽ نه انقلاب تخريب جو ٻيو نالو آهي. حديث ۽ قرآن ۾ “جهاد” جو لفظ وسيع معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي، پر ان مان هيءَ مراد به نه آهي ته جهاد ۾ تلوار جو وجود ئي نه آهي. جهاد تلوار سان به ٿيندو آهي ته قلم ۽ زبان سان به ۽ گهڻو ڪري ته خود پنهنجي نفس سان ئي جهاد ڪرڻو پوندو آهي. اهڙيءَ طرح انقلاب صرف تخريب نه آهي. منفي خيال پيش ڪرڻ انقلابيءَ جو ڪم نه هوندو آهي. انقلاب مدي خارج نظام حيات جي جاءِ تي هڪ نئون ۽ زندهه نظام پيش ڪندو آهي. اسان غلطيءَ سان اهو سمجهيو آهي ته انقلاب ماضيءَ جي هر شيءِ کي مٽائڻ جو نالو آهي. ان ڪري “انقلاب” کان بهتر “تجدد” آهي. انقلاب کي تخريب چوڻ انقلاب جي اصل حقيقت کي نه سمجهڻ جو دليل آهي. انقلابي اصولي طور انهن شين کي مٽائيندو آهي، جيڪي مٽائڻ جي قابل هونديون آهن. انقلاب ماضيءَ جو انڪار نه ٿو ڪري، بلڪ انقلاب انساني تاريخ جي انهن سمورن “باقيات صالحات” کي برقرار رکندو آهي، جن جو باقي رکڻ ضروري هوندو آهي ۽ نئين نظام جي بنياد ۾ انهن کان پورو ڪم وٺندو آهي. زندگي جي ڌارا کي جيڪڏهن وهندو رهڻ ڏجي ته اها برابر اڳتي وڌندي ويندي آهي، پر جڏهن ڪنهن سبب ان جو رستو رڪجي وڃي ۽ پاڻي چڙهندو وڃي ته پوءِ هڪ ئي ڌڪ سان بند ٽٽي پوندو آهي ۽ اسين چوندا آهيون ته ٻوڏ اچي وئي. تجدد يا ارتقا جي ذريعي جيڪا منزل ورهين ۾ طئي ٿيندي آهي، انقلاب آڻڻ وارا پنهنجو پاڻ کي ٻين کان تمام پوئتي سمجهي ڪري هڪ ئي ڌڪ سان ان تائين پهچڻ گهرندا آهن، يا ان کان به اڳتي وڌي وڃڻ گهرندا آهن. بيشڪ روس جو انقلاب مادي ۽ صنعتي انقلاب آهي، پر اهو ضروري نه آهي ته انقلاب هميشه مادي ۽ صنعتي هجي، پر هاڻي ته ان جو زياده امڪان آهي ته اڳتي انقلاب انسان جي نفسي ۽ ذهني زندگيءَ وارو هجي.(1)
پروفيسر سي اي- ايم - جوڊُ، يورپ جي ڪجهه محقق اهل قلم جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته:
”انسانيت جي ارتقا جي ايندڙ منزل طبعي نه پر نفسي ۽ ذهني هوندي، سڀ کان پهريائين انسان ارتقا جون منزلون طئي ڪري حيوانيت کان انسانيت جي جاءِ تي آيو، وري هن صنعت ۽ حرفت جي مدد سان پنهنجي پاڻ کي اوزارن ۽ سامان سان ليس ڪيو. اسان جي هن دور ۾ انسان صنعت ۽ حرفت ۾ پورو ڪمال حاصل ڪري ورتو آهي. هاڻي ان جي لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته هو ان منزل کان اڳتي وڌي ۽ جنهن طبعي ارتقا کيس مجبور ڪيو هو ته هو حيوان کان ترقي ڪري انسان جي درجي ۾ قدم رکي ۽ پوءِ سندس جبلي گهرجن کانئس اوزار ۽ پرزا ٺهرايا ۽ هو مشين ۽ ٻاڦ جو خالق بڻيو، اهڙيءَ طرح اڄ هو مجبور آهي ته پنهنجو قدم اڳتي وڌائي. هن جو هيءُ قدم مادي نه پر نفسي ۽ ذهني ترقي جي طرف هوندو.“
يورپ جو هي مادي انقلاب اڳتي هلي ڪري ضرور انسان جي نفسي ۽ ذهني ترقيءَ جو محرڪ بڻبو ۽ يورپ جا اهي طبقا جيڪي هن مهل تائين صرف مادي کي ئي زندگيءَ جو مقصد ۽ زندگيءَ جو حاصل سمجهن ٿا، زندگيءَ کي مادي کان بالاتر مڃڻ تي به مجبور ٿي پوندا. انهيءَ جو مطلب هي نه وٺڻ گهرجي ته اسان هاڻوڪي مادي انقلاب جي برڪتن جو انڪار ڪريون ٿا. جيڪڏهن اسان يورپ جي انهن ٻه سؤ سالن جي جدوجهد ۽ دنيا جي اسباب کي تسخير ڪرڻ ۾ سائنس جيڪي معجزا ڏيکاريا آهن، ان جو انڪار ڪيو ته ان جي معنيٰ اها ٿيندي ته اسين ترقيءَ جي ان منزل کان تمام پوئتي هليا وينداسين ۽ وري اسان کي ان مقام تي اچڻ لاءِ صدين جي ضرورت پوندي. ان ڪري يورپ جي ان مادي ترقيءَ کي تسليم ڪيو وڃي يعني علم ۽ سائنس جي ترقين کي اسين زندگيءَ جي بنيادي حيثيت ڏيون، پر اهو نه سمجهون ته سائنس سموري زندگي جو احاطو ڪري ورتو آهي. بيشڪ سائنس مادي دنيا ۾ جيڪي انڪشاف ڪيا آهن، اهي سڀ صحيح آهن، پر زندگي صرف مادي تائين ختم نه ٿئي ٿي، بلڪه مادو ڪنهن ٻئي وجود جو پرتو آهي ۽ ان وجود جو مرڪز هڪ ٻي ذات آهي، جيڪا خود زندگي آهي ۽ زندگي جو سهارو ۽ باعث پڻ اها ذات “الحي القيوم” آهي. مان مادي کي مڃيندڙن جي ڪائنات بابت تصور کي توڙئون غلط نه ٿو مڃان. پر ان کي ناقص ضرور سمجهان ٿو. مان مادي فڪر جو منڪر نه آهيان، پر هي ڄاڻان ٿو ته ماديت حقيقت جو صرف هڪ رخ آهي ۽ هيءُ رخ بيشڪ حقيقت جي هڪ پهلوءَ جو صحيح ترجمان آهي. پر حقيقت جو هڪ ٻيو پهلو به آهي، جيڪو مادي کان ماورا ۽ بالاتر آهي، جنهن کي شعري زبان ۾ “آخرت” چيو ويو آهي. زندگيءَ جو مادي تصور حيات هن لحاظ کان اڻپورو آهي ته اهو زندگيءَ جي صرف هڪ پهلوءَ جي رونمائي ڪري ٿو، پر زندگيءَ جو صحيح ۽ مڪمل تصور “رَبَّنَاۤ اٰتِنَا فِی الدُّنۡیَا حَسَنَۃً وَّ فِی الۡاٰخِرَۃِ حَسَنَۃً ” آهي،(1) ۽ اهو ئي تصور آهي، جيڪو زندگيءَ جي سموري مادي ۽ مادي کان مٿي ڪائنات تي حاوي ٿي سگهي ٿو.
هندستان ۾ يورپي نموني جو مادي انقلاب گهربل آهي. ان جي علم ۽ سائنس جي سڀني فائدن کي جنهن مان اڄڪلهه يورپ فائدو حاصل ڪري رهيو آهي، پنهنجي ملڪ ۾ رائج ڪرڻ جي مراد آهي. انتها صرف ان مادي انقلاب تائين نه آهي، بلڪه ان کان اڳتي هر انساني فرد جو لاڳاپو ڪائنات جي “روح ڪل” سان ملائڻ جو مقصد اعليٰ پڻ آهي ۽ انهيءَ کي ئي اسلام چئجي ٿو. حقيقت هي آهي ته جيستائين مادي دنيا تي انسان قابض نه ٿئي، علم ۽ سائنس جون برڪتون هر شخص جي لاءِ عام نه ٿي وڃن، انسان ذات بحيثيت مجموعي ان مقصد يعني ان حقيقي اسلام جي ويجهو نه ٿي اچي سگهي. اسلام جي حڪومت خدا جي حڪومت آهي، خدا جي حڪومت جي معنيٰ اها آهي ته ان جون نعمتون سندس ٻانهن جي لاءِ عام ٿي وڃن. انهيءَ بنياد تي اسلام کي يورپ جي مادي تصور جو مخالف نه پر ان جو تڪميل ڪندڙ عامل جزو بڻائجي. جيستائين اسين يورپ جي مادي انقلاب کي پنهنجو نه ڪنداسين ته اسلام عالمگير انقلاب طور حقيقت جي صورت وٺي نه سگهندو، ٿي سگهي ٿو ته ان مادي تصور کان مذهب وارا زندگيءَ جي مادي رخ جو انڪار ڪن ٿا، انهن جو مذهب بس ديواني جو خواب ئي آهي ۽ عمل سان کين ڪو تعلق نه آهي ۽ جيڪي نالي ماتر “يورپ زده” مادي کان بالاتر زندگي نه ٿا مڃين، انهن جي خدمت ۾ صرف ايترو عرض ڪرڻو آهي ته هو صرف يورپ جي سطحيت جو شڪار ٿي ويا آهن. ڪاش هو اهو ڄاڻن ته يورپي فڪر جو ضمير ان اعليٰ تصور کان ڪڏهن خالي نه رهيو، بيشڪ هڪ عرصي کان اتي مادي تصور جو هُل ڪجهه وڌيڪ آهي، پر يورپ ۾ مفڪرن جي هڪ جماعت هميشه اهڙي رهي آهي، جنهن جون نظرون هن جهان ۾ پاڻي ۽ مٽيءَ تائين محدود نه رهيون آهن ۽ هاڻي ته يورپي ذهن خاص طور ان اعليٰ فڪر طرف گهڻو مائل ٿي رهيا آهن. علم ۽ مذهب، ماديت ۽ روحانيت ۾ بقول ڪنهن شخص جي ته ”اولهه وارن ۽ اوڀر وارن جو تضاد اهل علم جي نظر ۾ هاڻي هڪ خام خيالي ٿي رهجي ويو آهي. يورپ جي ان دور جي ماديت ته دراصل رد عمل هئي، قرون وسطيٰ جي عيسائيت جو، جيڪا ترڪ دنيا، وهمن ۽ وسوسن جي تعليم ڏيندي هئي. يورپ جي بغاوت مذهب جي خلاف نه هئي، پر انهن وهمن جي خلاف هئي جنهن سان جنگ جوٽڻ کان سواءِ انسان جي ترقي ناممڪن ٿي وئي هئي.“
برطانيه جي فيلسوفن جي انجمن جي صدر وسڪونت سموئل “يقين ۽ عمل (Belief and Action)“ نالي سان هڪ ڪتاب لکيو آهي، ان ۾ مذهب جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
“مذهب، گذريل زماني ۾ پنهنجون پاڪ زندگيون گذارڻ وارن پيغمبرن، ولين ۽ شهيدن سان اسان جو رابطو قائم رکي ٿو ۽ انهن اعليٰ شخصيتن سان اسان جي ملاقات ڪرائي ٿو، جن روحاني ڪمن جي تڪميل جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون هيون. اهڙيءَ طرح مذهبت اسان کي هزارن ورهين جي روايتن مان جيڪي اثرات سهيڙجي سگهجن ٿا، انهن جي ماتحت آڻي ٿو ۽ اسان جي حال کي شاندار ماضيءَ سان ۽ مستقبل کي اسان جي حال سان ڳنڍي مذهب انسانيت جي تاريخ ۾ هڪ رابطو پيدا ڪري ٿو.”
زندگي عمل جو نالو آهي ۽ عمل نصب العين کان سواءِ ممڪن نه آهي ۽ چڱو عمل اهو آهي، جنهن جو نصب العين اعليٰ ۽ مٿاهون هجي. مذهب جو ڪم انهيءَ نصب العين جو تعين ۽ انسانن جي دلين ۾ ورسائڻ ۽ ان سان محبت پيدا ڪرڻ آهي. “يقين ۽ عمل” جو مصنف لکي ٿو ته:
“فلسفي جا فني اصطلاح انساني جذبن کي ڇيڙڻ ۾ بلڪل ناڪام ويا آهن، انهن جو آواز اسان جي روح جي دنيا تائين نه ٿو پهچي ۽ نه ڪا وري گونج پيدا ٿئي ٿي.”
مذهب فلسفي جي ان ڪمزوريءَ جي تلافي ڪري ٿو، بيشڪ هن مهل تائين مذهب جي روح تي وهمن، تعصبات ۽ جهالت جي ڪٽ چڙهيل هئي، پر سائنس ۽ علم جي ڪوٺاريءَ ۾ پوڻ کان پوءِ مذهب هاڻي تمام گهڻي حد تائين نکري چڪو آهي.
مذهب جي آئيندي بابت وسڪونت سموئيل جي راءِ ٻڌڻ جي قابل آهي، هو لکي ٿو ته:
”تاريخ شاهد آهي ته سمورن مذهبن ۾ زماني جي ضرورتن پٽاندڙ ترميمون ٿينديون رهيون آهن ۽ جيتوڻيڪ اهي ترميمون اصول ۾ نه ٿينديون آهن، فروع ۽ عملن ۾ ٿينديون آهن ۽ ٿينديون رهنديون. سچ ته هي آهي ته دنيا جي مختلف مذهبن ۾ اڄ به اهڙيون ترميمون جاري آهن، انهن ترميمن کان پوءِ ايئن ڪونه ٿيندو ته صرف وهمن جي بنياد تي انساني اخلاق جي ترقي رڪجي وڃي يا دين جي نالي سان پيشه ور مذهبي جماعتون حڪومت جون واڳون سنڀاليندي نظر اچن ۽ معاشرتي ترقيءَ ۾ اهي رڪاوٽ بڻجي بيهن. مذهب ان وقت پنهنجي حقيقي وجود ۾ انسان جي لاءِ آفيم نه پر هڪ طاقتور دوا هوندو، ان وقت مذهب کي صرف هڪ تاريخي شيءِ نه پر هڪ حقيقت سمجهيو ويندو، تقدير تي آسرو ڪري ويهڻ وارا ختم ٿي ويندا. بني نوع انسان کي عظمت ۽ سربلندي حاصل هوندي، ان وقت هن قدرت جي عملي نظام کي انسان صرف حيرت مان ڏسڻ وارا ئي نه هوندا، پر قدرت جو عملي نظام خود انهن جي هٿان تڪميل تي پهچندو، مذهب اڄ وانگر روزمره جي زندگيءَ کان غيرواسطيدار شيءِ نه هوندو، پر هر انساني گهر ۽ حڪومت ۾ به وري واپس اچي ويندو.“
مذهبت جو انڪار جنهن کي هن مهل تائين اسان وٽ “روشن خياليءَ” جو دليل سمجهيو ويندو آهي ۽ هر شخص “دانشور” بڻجڻ جي لاءِ پنهنجي خيال سان مذهب جي ترديد ڪرڻ ضروري ڄاڻي ٿو، يورپ جي اعليٰ حلقن ۾ ان روش کي هاڻي ماڻهوءَ جي انڌائب سان تعبير ڪيو وڃي ٿو، يورپ ۾ مذهب جي ضرورت جو اڄ ڪلهه اهل فڪر کي احساس ٿي رهيو آهي ۽ هو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن انسانيت کي بچائڻو آهي ته ان جي اها ئي صورت آهي ته يورپ پنهنجي لاءِ ڪنهن مذهب جي ڳولا ڪري ۽ ظاهر آهي ته اهو مذهب وسيع تر مفهوم ۾ انسانيت جو ئي حامل ٿي سگهي ٿو، جيڪو ان فطري اڻپورائي جي تڪميل ڪري سگهي. ان تي بحث ڪندي پروفيسر جوڊ لکي ٿو:
هن زماني ۾ مشين انسان کي اجهل قوت ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان قوت سان هو ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جا اڻ ڳڻيا ڪم ڪري سگهي ٿو. هو چاهي ته سمنڊ کي چيري ڇڏي، پهاڙن کي ذرا ذرا ڪري ڇڏي، آسمان هن جي اڏو رئي آهي ۽ ڪائنات زير اثر، پر انسان ايتري قوت حاصل ڪري به سُکيو نه ٿيو آهي، اڃا ڏکيو آهي. اڄ مشين جي طاقت انسان کي مطمئن ڪرڻ جي ڪم نه ٿي اچي، بلڪه ان جي ابتڙ اها کين تباهه ۽ برباد ڪرڻ جو خطرو بڻيل آهي. اڄ جي دنيا ۾ هٽلر جو وجود هن ڳالهه جو دليل آهي ته انسان هزارن ورهين جي ڪوششن کان پوءِ جيڪا طاقت حاصل ڪئي آهي، اها طاقت هاڻي سندس وس ۾ نه رهي آهي، پر اها طاقت اڄ حاڪم آهي ۽ انسان محڪوم. هيءَ طاقت هاڻي ڇڙواڳ ٿي ڪري انسان کي مارڻ جي ڪڍ آهي. جيڪڏهن هن طاقت کي سوگهو ڪرڻ جو بِلو نه ڪيو ويو ته انسانيت جو آئيندو چڱو نظر نٿو اچي.
انسان جي هزارن ورهين جي جدوجهد جو اهو نتيجو ڇو ٿيو؟ اڄ هو ڇو مشين اڳيان اهڙيءَ طرح بيوس نظر اچي ٿو؟ اصل ۾ ڳالهه هيءَ اهي ته اسان طاقت کي ته حاصل ڪري ورتو ۽ باهه، پاڻي، هوا ۽ ڌاتن کي پنهنجي ڪم آڻڻ لاءِ وسيلا به ڳولي لڌا، پر ان طاقت کي صحيح طرح استعمال ڪرڻ جو عقل اسان حاصل نه ڪيو ۽ انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ انسان انهيءَ مصيبت ۾ سوگهو آهي. ضروت ان ڳالهه جي اهي ته طاقت کي صحيح رستي استعمال ڪرڻ جو عقل حاصل ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن طاقت ۽ عقل ۾ صحيح توازن ٿي وڃي ته اڄ اسان جون مصيبتون دور ٿي سگهن ٿيون ۽ انسانيت ايندڙ تباهين کان به بچي سگهي ٿي.
بيشڪ, انسان قدرت کي فتح ڪرڻ ۾ پنهنجي وڏڙن کان وڌيڪ اڳتي نڪري ويو آهي، پر جيستائين پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ ٻين سان گڏجي زندگي گذارڻ، يعني سندس اخلاقيات ۽ سياست جو تعلق آهي، اهي هن مهل تائين اتي ئي آهن، جتي هزارين ورهيه اڳ يونان جا رهواسي هئا. اسان جتوڻيڪ مادي ترقي ته تمام گهڻي ڪئي آهي پر روحاني ۽ اخلاقي لحاظ کان اسين ذرو به اڳتي نه وڌيا آهيون. اڄ ماتم به صرف ان ڳالهه جو آهي ۽ سموري ضرورت به اها ئي آهي ته اسين پنهنجي مادي طاقت پٽاندڙ پنهنجي اندر روحاني ۽ اخلاقي عقل پيدا ڪريون ته جيئن ان طاقت جو صحيح استعمال ٿي سگهي، نه ته هيءَ طاقت انساني جان جي لاءِ مصيبت ثابت ٿيندي.
هاڻي سوال آهي ته اهڙو عقل اسين ڪيئن سکون ۽ هاڻوڪي اخلاقي ۽ روحاني موت جي اهڃاڻ کي زندگيءَ سان ڪيئن بدلايون. بظاهر معلوم ٿئي ٿو ته ان جي ڪٿان ڪا گهڻي اميد نظر نه ٿي اچي ۽ آثار به ڪجهه اهڙا آهن جو نااميد ٿي ڪري چوڻو ٿو پوي ته مشيني طاقت کي قابو رکڻ ۽ نون اخلاقي قدرن کي پيدا ڪرڻ هن دور ۾ ڏکيو ۽ اڻ ٿيڻو ڪم ٿي پيو آهي، نوجوان روايتي مذهب کان بلڪل بددل ٿي چڪا آهن ڪو به اخلاقي ضابطو کين پسند نه ٿو اچي، اعليٰ نصب العين کان هو بيزار ٿي چڪا آهن ۽ زندگيءَ جي روزاني خوشين ۾ سڪون حاصل ڪن ٿا. ڪنهن سڀاڻي جي وعدي جو انتظار کين مهانگو لڳي ٿو ۽ اڄ جو سک ۽ سهولت ئي هاڻي هنن جو عقيدو بڻجي ويو آهي. اڄ کائي پي وٺو، سڀاڻي ته هُئين مري ويندؤ! هي آهي اصول اڄ جي نوجوانن جو! شايد اهو ئي دور هجي، جيڪو سپنگلر جي لفظن ۾ ڪنهن ڪلچر جي آخري موت جو پيش خيمو ٿئي ٿو، ڇا اسين اهو سمجهون ته هاڻوڪو تمدن فنا جي هٿان نه بچي سگهندو ۽ يورپ تي هاڻي سڪرات جو وقت طاري آهي ۽ جيڪو ڪجهه روم سان ٿيو، هاڻي، بلڪل اهو ئي حشر يورپ جو ٿيندو.
مغربي فيلسوف، پسڪال چيو آهي ته ”انساني ذهن پنهنجي فطرت کان مجبور آهي ته هو ڪنهن نه ڪنهن شيءِ تي ايمان رکي ۽ اهڙي طرح انسان جو ارادو به ڪنهن نه ڪنهن سان محبت ڪرڻ تي مجبور آهي ۽ جڏهن ايمان ۽ محبت جي لاءِ کيس ڪم واريون شيون نه ملنديون آهن ته هو بيڪار ۽ خراب مقصدن تي ريجهي ويندو آهي. خالي جاءِ قدرت جي ڪارخاني ۾ مهال آهي ۽ رڳو مادي دنيا ۾ نه پر روحاني ۽ اخلاقي دنيا ۾ به خلا ناممڪن آهي. انسان جڏهن خدا تي ايمان رکڻ ڇڏي ڏئي ته شيطان جي پوڄا شروع ڪندو آهي ۽ سٺن مقصدن تان هٿ کڻي وڃي ته خراب رستا ان کي پرڀائي وٺندا آهن. يورپ کي جيڪڏهن هن ڌٻڻ مان نڪرڻو آهي ته ان لاءِ هڪ ئي صورت آهي، اها هيءَ ته بي يقينيءَ جي جاءِ تي يقين ۽ ايمان اچي، بي راهه روي ختم ٿئي ۽ يورپ وارن نون قدرن تي ايمان ۽ نون اخلاقي ضابطن سان محبت پيدا ڪن. اها زندگي جنهن ۾ نه ايمان، نه گرمي هجي ۽ نه اخلاقي ضابطي جي ڪشش موجود هجي، اها موت کان به بدتر هوندي آهي.“
ايڇ _ جي ويلز جي راءِ ۾ “هن دور جي سڀ کان وڏي لعنت اها آهي ته طاقت ۽ قوت ته آهي پر ان جو استمعال نه آهي. دماغ آهي پر اُن کان ڪم وٺڻ جو ذريعو نه آهي. اهڙو ڪو نصب العين نه آهي جيڪو نوجوانن جي جذبن ۽ حوصلن کي استعمال ۾ آڻي. هڪ طرف ايتري هوند ۽ ٻئي طرف ايتري اڻهوند! اهو اسان جو سڀ کان وڏو روڳ آهي. پر اسان جي اندر ان نصب العين جي ڳولا جو مادو فنا نه ٿيو آهي ۽ ان مان اميد آهي ته شايد اسين نئين دور کي پيدا ڪري سگهون ۽ اخلاقي ۽ مذهبي قدرن جي نه هجڻ سان اسان جي زندگين ۾ جيڪو خال پيدا ٿي ويو آهي، اهو ڀرجي سگهي. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته اسان جي تهذيب پاڻ ۾ ٽڪرائجي ڀورا ڀورا ٿي ويندي. جيڪڏهن اسان کي بچڻو آهي ته پنهنجي لاءِ ڪو مذهب تلاش ڪرڻو پوندو، جنهن کي اسين دل سان مڃون ۽ ان جي اصولن تي پنهنجي زندگيءَ کي هلايون. ”
يورپ جي اهل فڪر جون اهي تحريرون ڏيڻ مان اسان جو صرف اهو ٻڌائڻ مقصود هو ته اسان جا ڪي بزرگ ائين نه سمجهن ته يورپ جي مادي انقلاب کي مڃڻ اسانکي ماديت جي دائري ۾ سوگهو ڪري ڇڏي ٿو، پر ان جي ابتڙ، جيئن توهان ڏٺو ته هاڻي خود يورپ جو مادي انقلاب مجبور ٿي رهيو آهي ته پنهنجي لاءِ مادي کان مٿاهين زندگيءَ جي مقصدن جي ڳولا ڪري، ڇاڪاڻ ته بقول پروفيسر جوڊ جي:
“زندگي جي سدا حيات ۽ اٽل عقيدي سان ئي انسان ۾ جذبا پيدا ٿيندا آهن، جن مان منجهس عدم کي وجود ۾ آڻڻ ۽ ڳجهه کي ظاهر ڪرڻ جو حوصلو ملندو آهي. ان لاءِ هو جدوجهد ڪندو آهي ۽ اڳتي وڌندو آهي ۽ جيڪو معلوم نه اٿس ان جي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جڏهن زندگيءَ جون وسعتون سڪوڙجي محدود ٿي ويون ۽ رڳو مٽي ۽ پاڻي مان نپيل دنيا کي اصل حيات سمجهيو ويو، ته پوءِ اعليٰ قدرن تي ايمان جو سوال ئي اڀري نه سگهندو.”
هن وقت تائين يورپ مادي دنيا تي ڪافي حد تائين فتح حاصل ڪري ورتي آهي پر اڃا هو ٿڪو نه آهي، هن ۾ اڃا وڏي توانائي ۽ همت آهي. هو مجبور آهي ته توانائي ۽ همت جو ڪو ٻيو استعمال ڳولي چارئي ڏسائون ان لاءِ تنگ ٿي چڪيون آهن. هو لامڪان جي ڳولا ۾ آهي. يورپ جي هاڻوڪي ڇڪتاڻ صرف ان جي لاءِ آهي ۽ سڀني خونريزين ۽ جهيڙن جو سبب به اهو ئي آهي.( ) خود يورپ جو علم به هاڻي “چؤڏسائن” کان لامڪان جي وسعتن ڏانهن هلڻ لڳو آهي. آئن اسٽائن (فادر آف ماڊرن فزڪس) ۽ برگسان انهيءَ علم جي قافلي جا سالار آهن. يورپ وارا هاڻي پنهنجي عمل ۾ به مادين کان بالاتر نصب العين ڳولي رهيا آهن. قرون وسطيٰ (وچين دور) ۾ يورپ جي سجاڳي مدي خارج مذهب جي پاڙ پٽڻ کان شروع ٿي. پوءِ ان جابر بادشاهن ۽ جاگيردارن کي ختم ڪيو. ان کان پوءِ صنعت ۽ حرفت جو دور شروع ٿيو ۽ قوميتن جو زمانو آيو. ان منجهان سامراج پيدا ٿيو، وڌيو ويجهيو، هاڻي هي سامراج به ڦاٽل ڪپڙن وانگر لاهي اڇلايو پيو وڃي. يورپ جون قومون مجبور ٿي رهيون آهن ته اشتراڪيت قبول ڪن يا پنهنجي جمهوريت کي اشتراڪي بڻائين. سامراج جنهن جو بنياد صرف ٻين جي ڦرمار ۽ لٽ مار تي آهي، ان جي فڪر جو اشتراڪي فڪر هٿان شڪست کائڻ، ڇا ان ڳالهه جي نشاني نه آهي ته يورپ جو عمل به سندس علم وانگر وسعت پذير ٿي رهيو آهي.
هن ۾ شڪ نه آهي ته في الوقت اشتراڪت مادي زندگيءَ جي تنظيم جو ڪمال آهي، پر مشهور ليکڪ جيرالڊ هيرڊ جي لفظن ۾ “انساني، سماجي ارتقا جو سلسلو اڃا ختم نه ٿيو آهي ۽ جيئن ته مادي ۽ طبعي دنيا ۾ ارتقا جو سلسلو پنهنجي نڪتئه ڪمال تي پهچي چڪو آهي، ان لاءِ هاڻي سندس عمل جو دائرو نفسي ۽ ذهني ئي هوندو.” جيرالڊ جي خيال ۾ ارتقا هن وقت به پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، البت ان کي اسين محسوس نه ٿا ڪريون.
پر نفسي ۽ ذهني ارتقا جي معنيٰ اها نه ٿيندي ته مادي ترقي مردود قرار ڏني وڃي، بلڪه نئين عمارت به انهيءَ مادي بنياد تي ئي ٺهندي جو مادي وسيلن کي انساني بهبود لاءِ استعمال ڪري سگهبو. روسي انقلاب جي مادي تصور ۾ جيڪو سڀ کان وڌيڪ نقص آهي، سو هيءُ ته اهو انسان جي سڀني صلاحيتن جي تڪميل نه ڪري سگهندو، مثال طور روس ۾ ڪجهه وڏيون وڏيون شخصيتون هيون. شروع ۾ جيئن ته ٺوس سياسي ۽ معاشي مسئلن سان منهن مقابل ٿيڻو پيو ۽ انهن جو تڪڙو حل ڳولڻ ضروري هو، نه ته انقلاب جو وجود خطري ۾ پئجي وڃي ها، تنهن ڪري ان دور ۾ مزدورن ۽ دماغي ڪم ڪندڙن جو طبقو ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهندو رهيو، پر جڏهن ان پاسي کان ڪجهه اطمينان ٿيو ته دماغي ڪم ڪندڙ مادي غرض جي اثر ۾ اچڻ لڳا ۽ هر شخص پنهنجي ذاتي مصلحت جي بنياد تي ڪنهن خاص ٽولي يا جماعت کي نوازڻ لڳو. ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن پنهنجي ذات کان مٿڀرو ڪو نصب العين نه هجي، ته انسانن جو ذات پرستي يا مطلب پرستيءَ کان بچڻ تمام مشڪل هوندو آهي. روس ۾ شروع شروع ۾ پروپئگنڊا جي سلسلي ۾ به وڏا وڏا غبن ٿيا. ماڻهن اشتراڪيت جي پروپئگنڊا لاءِ پئسا ورتا ۽ انهن ٻين ڪمن تي خرچ ڪري ڇڏيا. ان تي روس ۾ وڏو شور ٿيو ۽ ٻاهرينءَ پروپئگنڊا کي ڪنهن حد تائين بند ڪرڻو پيو.
اچرج جي ڳالهه اها آهي ته روس ۾ هاڻي اشتراڪيت به هڪ مادي عقليت نه رهي آهي، پر ان جي حقيقت عقيدي وانگر ٿي وئي آهي. ان عقيدي روسين ۾ بي پناهه قوت عمل پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ هو اشتراڪيت ۽ اشتراڪي روس جي لاءِ ائين وڙهي رهيا آهن، جيئن ڪڏهن مذهب وارا پنهنجي مذهب خاطر وڙهندا هئا، يعني روس ۾ اشتراڪيت هڪ مذهب بڻجي ويو آهي ۽ ماڻهو ان تي ايئن ايمان رکن ٿا، جيئن اڳ اهي مذهب تي رکندا هئا ۽ خوشيءَ سان هو ان جي لاءِ جانيون ڏئي رهيا آهن.
صحيح مذهبيت انسان کي پنهنجي ذات کان مٿي ڪنهن ٻئي وڏي مقصد جي لاءِ قربان ٿيڻ سيکاريندي آهي. خالص مذهبي ماڻهو اهو آهي، جيڪو پنهنجي اعليٰ تصور خاطر پنهنجي ذاتي گهرجن کي، پوءِ اهي ڪهڙي به قسم جون هجن، دٻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن کيس ان رستي ۾ ٻين جي مخالفت کي مينهن ڏيڻو پوي ته بغير ڪنهن خوف ۽ ڊڄ جي ٻين جي مخالفت کي قبول ڪندو آهي، پر جيڪڏهن اهو مذهب جنهن کي هو مڃي ٿو، انقلابي نه هجي ته پوءِ ان جي افاديت محدود رهجي ويندي آهي. بهرحال، ڪنهن ماڻهوءَ جي مذهبي هجڻ جو پتو سندس پنهنجي عقيدي سان خلوص ۽ پائداريءَ ۽ پختگيءَ مان ملندو آهي. انهيءَ بنياد تي هڪ بالغ نظر بزرگ هڪ ڀيري چيو هو ته “خدا کي مڃڻ وارا روس ۾ اڄ ڪلهه سڀ کان وڌيڪ آهن.” ان مان سندس اصل ۾ مقصد هيءُ هو ته هڪ اعليٰ ۽ وڏي نصب العين جي لاءِ جنهن خلوص ۽ استقلال جو ثبوت هو ڏئي رهيا آهن، ان جو مثال اڄ دنيا جي ڪنهن به قوم ۾ نه ملندو.
ڳالهه جو نتيجو اهو نڪتو ته هاڻوڪو يورپي آئنده جي عالمگير انساني انقلاب جو پيش خيمو آهي ته اسان کي انهيءَ انقلاب کي پنهنجو ڪرڻ گهرجي. ان مان هيءُ نتيجو ٿو ڪڍي سگهجي ته نظر ان انقلاب جي صرف ماديت تائين محدود رکجي، بلڪ ڏٺو وڃي ته يورپ وارا پاڻ به اڄ پنهنجي مادي انقلاب کان اڳتي وڌي ڪري هڪ نئين انقلاب جي لاءِ زمين هموار ڪرڻ ۾ رڌل آهن.
اسين هندستاني مادي زندگيءَ جي اُن تنظيم کي جنسي طور قبول ڪيون ۽ عالمگير آزاديءَ، برادري ۽ معاشي هڪجهڙائيءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو بنياد بڻايون ته ان ۾ اسان جو وڏو فائدو آهي، پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ به هي يقين آهي ته اسان جي لاءِ دين کان لاڳاپو ڪٽڻ ضروري نه ٿيندو، بلڪه سچ پڇو ته اها ئي سچي دين جي تمهيد آهي ۽ سڄي انساني برادري انهيءَ کي قبول ڪرڻ تي هڪ نه هڪ ڏينهن مجبور ٿيندي.
هاڻي مٿين ڳالهين جي روشنيءَ ۾ برطانيه جي فلاسافر وسڪونت سموئيل جي هيٺين خيالن کي جاچيو ۽ پرکيو:
“جيڪڏهن موجوده دور جا رهواسي چاهين ٿا ته سندن مستقبل جي طرف جيڪو قدم کڄي اهو صحيح بصيرت ۽ يقين سان کڄي ته ان لاءِ ضروري آهي ته پهرين اهي هن ذهني ڪوهيڙي کان ٻاهر نڪري اچن، جنهن کين دماغي انتشار ۾ وجهي ڇڏيو آهي.”
“ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته مذهب انهن طبعي حقيقتن کي قبول ڪري وٺي جن کي هاڻوڪن عملن صحيح قرار ڏنو آهي. خواه مخواه مدي خارج خيالن کي سائنس سان ٽڪرائڻ نه گهرجي. اڄ خود سائنس به هڪ اهڙي جهان کي اسان جي اڳيان ظاهر ڪري رهي آهي، جنهن ۾ الله سائين جي عظمت جو اعتراف آهي ۽ ان جي ذات پاڪ جو جلال پوريءَ طرح چمڪي رهيو آهي. اصل ۾ مادي ترقي پنهنجو پاڻ نه ٿيندي آهي، بلڪه اها عادتًا مجبور هوندي آهي عمل جي اڳيان.”
اڳتي هلي وري لکي ٿو ته: هي سڀ ڪجهه انسان جي پنهنجي عمل تي منحصر آهي ۽ ان لاءِ سموري اهميت عمل کي حاصل آهي، پر هر عمل کي نه اهڙو عمل نه ساراهه لائق آهي نه ان کي ڪا اهميت حاصل آهي، جيڪو نصب العين ۽ عمل جي طريقي مقرر ڪرڻ بغير ڪيو وڃي.
عمل جي لاءِ نصب العين جو هجڻ ضروري آهي. عمل اهو سٺو آهي، جنهن جو نصب العين عام مفاد جو ضامن ۽ ذميدار هجي ۽ عام مفاد صرف مادي ضرورتن تائين محدود نه هوندو آهي. مذهب سڀني مفادن جو خيال رکندڙ هوندو آهي، اهو مادي ضرورتن جو به خيال رکندو آهي ۽ انسانيت جي مادي حاجتن کان مٿي ان جون ٻيون حاجتون به پوريون ڪندو آهي. ان خيال کي “يقين ۽ عمل” جي ليکڪ جي لفظن ۾ ٻڌو:
“نصب العين نوع انساني جي فلاح آهي ۽ فلاح جو دارومدار ڪنهن هڪ ئي شيءِ تي نه آهي... انساني فلاح ۾ روحاني، دماغي، اخلاقي، مادي، اجتماعي ۽ انفرادي سڀني قسمن جا جزا اچي وڃن ٿا، اها آهي حقيقي ڀلائي، جنهن جي ڳولا انسان جو فرض آهي. عمل درست آهي يا نادرست، ان جو فيصلو نتيجي تي ڇڏيو.”
مستقبل ۾ مذهب جي ڪهڙي حيثيت هوندي ۽ مذهب تي عمل ڪرڻ جو ڇا مطلب هوندو. ان بابت اسان وڏي تفصيل سان يورپي محققن جا خيال هتي درج ڪيا آهن. ان مان اسان جو مقصد صرف هي هو ته اسان جا “بزرگانِ دين” ۽ نئين نسل جا اهل نظر مادي تصور ۽ مادي کان ماورا تصور بابت ڪنهن غلط فهميءَ ۾ مبتلا نه ٿين. “بزرگانِ دين” ڪٿي هي نه سمجهن ته اسان يورپ جي انقلاب کي مڃي ڪري خدا نه ڪري مذهب کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻئي پاسي وري اسان جا نوجوان سوچيندڙ اسان جي مذهبيت کي رجعت پسندي نه سمجهي ويهن. مذهب ۽ مادي انقلاب کي هڪٻئي جو مخالف سمجهڻ وارن کي صرف ايترو عرض ڪيو ويندو ته بيشڪ، انهن ٻنهي ۾ تضاد آهي. پر صرف انهن جي لاءِ جيڪي دليون سوڙهيون ۽ نظرون تنگ رکندڙ آهن. گوئٽي جي لفظن ۾ ويڪرين دلين جي بي ڪنار وسعتن ۾ اهڙي تضاد جو وجود ڪونهي. جيڪو شخص سڄي ڪائنات جي ڪثرت کي هڪ وحدت ۾ سميٽي وٺي ٿو، کيس سمورا قدرت جا مظاهرا هڪ ئي مصدر مان ظهور پذير ٿيندي نظر اچن ٿا، ان جي لاءِ روح ۽ بدن، مذهب ۽ ماديت، دنيا ۽ آخرت جا اختلاف اها ئي حيثيت رکن ٿا جيڪا مولانا روم جي مشهور حڪايت ۾ هاٿيءَ بابت انڌن جي مختلف راين جي آهي.
بزرگن جي تعليم ۽ صحبت سان منهنجي دل تي ڪائنات جا هي راز اهڙيءَ طرح کليا آهن، جو دنيا جون ڪيتريون گردشون ۽ انقلاب ڏسڻ کان پوءِ به هن سڄيءَ مدت ۾ ڪڏهن به منهنجي ايمان کي لوڏو نه آيو آهي. ايستائين جو روس ۾ انقلاب ڏسڻ کان پوءِ ۽ روسين کان وڌيڪ انقلابي هجڻ جي باوجود به مان مسلمان رهيس ۽ الحمدالله هاڻي به مسلمان آهيان. هي سڀ ڪجهه شاهه ولي الله جي تعليم جو ڪرشمو آهي.
منهنجي سڀني فڪرن، خيالن جو سرچشمو شاهه ولي الله ۽ سندس خاندان جون لکڻيون آهن، مان جيڪو ڪجهه سکيو آهيان، انهن بزرگن جي ڪتابن کان سکيو آهيان. اسان جا يورپ زده نوجوان شايد ان کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هجن، پر کين معلوم هجڻ گهرجي ته گهڻو ڪري هڪ صوفيءَ تي زندگيءَ جون اهي حقيقتون پڌريون ٿي وڃن ٿيون، جن تائين هڪ فيلسوف، فنڪار ۽ عالم وڏي مشڪل سان ڪيترن ورهين ۾ پهچي سگهندو آهي. ان جي ثبوت ۾ مشهور انگريز الڊوس هڪسلي جو هيءُ بيان پڙهي ڏسو. هو پنهنجي هڪ نئين تصنيف ۾ لکي ٿو ته هاڻوڪين تحقيقن ڪائنات جي ڳجهارت کي جهڙيءَ طرح حل ڪيو آهي، گهٽ وڌ اهو ئي حل تصوف ڏنو آهي، هو لکي ٿو ته:
“صوفي پنهنجي چوڌاري ماحول کان اڪيلائي اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح هو هڪ فيلسوف، فنڪار ۽ عالم کان اڳتي وڌي ڪري حدن ۽ قيدن کان بلند تر ٿي ويندو آهي. پنهنجي ان اڪيلائيءَ جي جهان ۾ هو ڪائنات جي ان روح کي حاصل ڪري وٺندو آهي، جيڪو سڄي وجود ۾ جاري آهي ۽ اهي ئي سمورا مظهر فطرت جي اصل حقيقت آهن. جڏهن انهي روح ۾ صوفي پنهنجي ذات کي گم ڪري ڇڏيندو آهي ته هن ۾ اخلاقي ۽ مادي قوتون پيدا ٿي وينديون آهن، جيڪي عام اصطلاح ۾ فوق البشر چوائينديون آهن.”
زندگي هڪ سراسر راز آهي. علم ۽ حڪمت جي سمورين ترقين جي باوجود هيءُ راز هن مهل تائين بي حجاب نه ٿي سگهيو، هر شخص پنهنجي پنهنجي طبعيت مطابق زندگيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪو علم جي زور سان ان جي تسخير جي ڪڍ هوندو آهي. ان جي لاءِ هو لڳاتار سوچيندو آهي. زندگيءَ جي الجهيل معاملن کي سلجهائيندو آهي ۽ ابن رشد وانگر حڪمت ۽ فلسفي جي مدد سان ان سان لاڳاپو گهرندو آهي، هو سمجهندو آهي ته غور ۽ فڪر ڪندي انسان هڪ نه هڪ ڏينهن ان پردي کي هٽائي وٺندو ۽ زندگي سندس اکين جي سامهون بي حجاب ٿي ويندي. ڪي ماڻهو سوچ جي ان انداز کي خام خيالي سمجهن ٿا. سندن خيال آهي ته هيءَ ڳجهارت صرف جذبي ۽ محبت سان حل ٿي سگهي ٿي. سرمستي، محويت ۽ عشق ۾ بي خودي کان نڪرڻ، اهڙيءَ طبعيت وارن جي خاصيت آهي، پر ٽين ڌر ٻي به آهي، جنهن جي راءِ ۾ هيءُ ڳجهه نه حڪمت سان کلي سگهي ٿو ۽ نه عشق ۽ سرمستيءَ سان، بلڪه جيڪڏهن ان کي پڌري ڪرڻ جو ڪو ذريعو آهي ته اهو عمل آهي. هاڻي ان مان ڪو هيئن نه سمجهي ته صاحب عمل، عشق ۽ عقل منڍؤن هوندو ئي ڪونهي، يا اهڙي طرح جيڪي عقل ۽ عشق سان انهيءَ راز تائين رسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي عمل جي جذبي کان بلڪل خالي هوندا آهن، ٿيندو ايئن آهي ته ڪنهن ۾ عقل انهن جي عشق ۽ عمل ٻنهي تي غالب هوندو آهي ۽ ڪنهن ۾ وري عمل انهن جي عشق ۽ عقل ٻنهي تي مقدم هوندو آهي. عقل جي غلبي وارو غور ۽ فڪر جي طرف وڌيڪ رجحان رکندو آهي. عشق جو صاحب جذب، مستي ۽ خود سپردگيءَ سان ڪمال تي پهچندو آهي ۽ عمل جو حصو غالب رکڻ وارو مرد مجاهد هوندو آهي.
(سنڌيڪار: رحميداد “راهي”)