مذهب

قصيدة بردة شريف (سنڌي ترجمو)

ڪتاب ”قصيدہ بردہ شريف جو سنڌي ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن جا مترجم علامہ عبدالوحيد جان سرھندي صاحب جن آھن.
هن قصيدہ بُردہ شريف جي ٺاهيندڙ جو نالو ابُو عبدالله شرف الدين محمَّد بن سيد دُلادسي بوصيري رحمة الله تعالىٰ عليه آهي . دُلّاسُ مصر جي هڪ شھر جو نالو آهي.
Title Cover of book قصيدة بردة شريف (سنڌي ترجمو)

اِنۡتِسَابُ

بِسۡمِہٖ سُبۡحَانَہٗ وَتَعَالىٰ
نَحۡمَدُہٗ وَنُصَلِّیْ وَنُسَلِّمۡ عَلىٰ حَبِیۡبِہِ الۡکَریْمِ o
وَعَلیٰ آلِہٖ وَاَصۡحَابِہٖ وَاِتۡبَاعِہٖ اَجۡمَعِیْنَo

[b]اِنۡتِسَابُ
[/b] قصيدہ بُردہ شريف جي هِن سنڌي ترجمي کي آئون پنهنجي جد امجد (ڏاڏي بزرگوار) ۽ پھرئين بابرڪت ۽ ڪامل استاد صَاحِبُ الۡعِلمِ وَالۡعِرفانِ حضرت آغا عَبۡدُاللهِ جَانِ مُجددّي المعروف بہ حَضۡرَتِ شَاهِ آغا سرهندي جن جي اسم گرامي ڏانهن مَنۡسُوبُ ڪريان ٿو.
منهنجي لاءِ اها وڏي سعادت آهي جو مون قرآن ڪريم جو پھريون سبق (بسم الله شريف) سندن حضور ۾ پڙهيو ۽ حضرت صاحب جن جي دُعائن سان مونکي ديني علم نصيب ٿيو.ذَالِکَ فَضْلُ اللهِ یُؤْتِیْهِ مَنْ یَّشَآءُ “القرآن”
ترجمه: (اهو الله تعالىٰ جو فضل آهي جنهن کي پاڻ چاهي اُن کي عطا ڪري ٿو.)


رَاقم الحُروف عَبدالوَحِيد سَرهَندي عَفِي عَنه
مؤرخه ۲۱ نومبر ۱۹۹۷ع ــــ ازٽنڊه سائينداد ـــ سنڌ