پنهنجي پاران
الله تعالىٰ جيڪي عظيم شخصيتون خلقيون جن وَرَفَعَنَا لَکَ ذِکْرَکَ ۾ وڏو بھرو ورتو انهن مان سائين عبدالوحيدجان بہ هڪ آهن.
گذريل رمضان المبارڪ ۱۴۱۷ھ / ۱۹۹۷ع ۾ پاڻ مدينه منورہ روانا ٿيا، اتي پھچڻ بعد آخري عشرہ ۾ مديني پاڪ جي حرم شريف ۾ اعتڪاف ۾ ويھڻ جي کين سعادت نصيب ٿي، ٽنڊي سائينداد ۾ سائين ارادو ڪيو تہ هاڻي قصيدہ بردہ شريف جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرڻ گهرجي. قرآن پاڪ جي ترجمي جو سلسلو هلي پيو ۽ الحمد لله پندرهن (۱۵) پارہ ٽن حصن ۾ شايع ٿي چڪا آهن، دلائل الخيرات جو سنڌي ترجمو شايع ٿي عوام تائين پھچي چڪو آهي ۽ ٻين ڪتابن جو سلسلو جاري آهي. پر هن قصيدہ شريف جو ترجمو شايع ڪرڻ ترجيح ۾ شامل هو. عمرہ شريف تي وڃڻ وقت پاڻ ارادو ڪيائون تہ قصيدہ بردہ شريف جو ترجمون حرم نبوي ۾ ڪرڻ گهرجي پر اتفاق سان قصيدہ بردہ شريف ٽنڊہ سائينداد ۾ رهجي ويو. پاڻ سوچيائون تہ هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي، اهو ڪتاب تہ مديني شريف ۾ ملندو ئي نہ آهي! پاڻ انهي فڪر ۾ هئا تہ اعتڪاف واري پھرئين ڏينهن ميان الله بخش سومرو صاحب کين هندستان جي ڇپيل قصيدہ بردہ شريف جي هڪ ڪاپي سندن مطالعي جي خيال سان آڻي ڏني. انهيءَ جي ملڻ سان کين اهو يقين ٿيو تہ اها ڪاپي ملڻ جو مطلب آهي تہ هن قصيدي شريف جي ترجمي ۽ اشاعت جو حُڪم سرڪارِ دوعالم صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جن کان مليو آهي، پاڻ اتي اعتڪاف ۾ ئي ترجمي جو شروع ڪيائون.
قصيدہ بردہ شريف جي ترجمي دوران سائين جن تي محبوبن ڪريمن جو وڏو ڪرم ٿيو ۽ سندن نگرانيءَ ۾ هن عظيم ترجمي جو ڪم مڪمل ٿيو. بيشڪ هي ترجمون سنڌي زبان ۾ هڪ عام فھم ۽ منفرد ترجمون آهي.
سرڪار دوعالم صلى الله تعالىٰ عليه وآلهٖ وسلم جي ثنا ۽ سندن ثنا جي پرچار ۽ ان کي عام مؤمنن تائين پھچائڻ هڪ اهڙو عظيم عمل آهي جيڪو هر عبادت کان افضل آهي.
الله جَلَّ جَلالُـهٗ پنهنجي پياري حبيب جي صدقي سائين کي همت ۽ طاقت ۽ روحانيت سان نوازي ۽ علم و عرفان سان سرفراز فرمائي، جيئن پاڻ عشقِ مصطفىٰ صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جي پرچار کي جاري رکي ۽ رسولِ عربيءَ جي عاشقن جون دليون منور فرمائيندا رهن، آمين.
خادم العلماءَ:
سَيِّد قَمرُ الزَّمان شَاھ
لطيف آباد، حيدرآباد
سنڌ