لافاني ذڪر
“ اِنَّ اﷲَ وَمَلٰٓئِکَتُہٗ یُصَلُّوْنَ عَلَی النَّبِیُّ یَآ اَیُّهَا الَّذِیْنَ آمَنُوۡا صَلُّوۡا عَلَیْہِ وَسَلِّمُوْا تَسْلِیْماًط
ترجمون: بيشڪ الله تعالىٰ ۽ الله جا فرشتا رسولِ عربي تي صلواة و سلام موڪلي رهيا آهن، اي مؤمنو توهان به پاڻ ڪريمن تي صلواة و سلام موڪليندا رهو. هن آيت شريف مان چار بنيادي ڳالهيون معلوم ٿيون:
(۱) ڪائنات جي تخليق کان اڳ ۾ الله تعالىٰ وَحۡدَهٗ لاَ شَرِيکَ لَہٗ موجود ھو ۽ الله تعالىٰ پنهنجي حبيب ڪريم جي ذڪر ۾ پنهنجي شان مطابق مشغول ھو.
(۲) ڪائنات جي تخليق کان فوراً پوءِ سڀئي ملائڪ پنهنجي معيار مطابق رب العٰلمين جي حڪم موجب ذِڪرِ مصطفىٰ ۾ شروع ٿي ويا.
(۳) انسانن مان حضرت آدم عليه السَّلام جنت ۾ درود شريف پڙهي ذڪرِ مصطفىٰ جي ابتدا ڪئي ۽ پوءِ هر نبي ۽ پيغمبر پنهنجي دور ۾ ذڪرِ مصطفىٰ ڪيو.
(۴) هن امت مان سڀ کان اوّل صحابه ڪرام کي اهو شرف حاصل ٿيو جن هن آيت شريف جي حڪم پھچڻ شرط ذڪرِ مصطفىٰ جي ابتدا ڪري ڇڏي ۽ اڄ اهو عظيم ڪم اهل سنة جي حوالي آهي.
( ۵) رب العٰلمين جي حڪم مطابق ملائڪ ۽ مؤمن ذڪر مصطفىٰ ۾ مشغول رهندا، ايستائين جو هي ڪائنات فنا ٿي ويندي. قرآن ڪريم ۾ ارشاد باري تعالىٰ آهي کُلُّ مَنْ عَلَیْہَا فَانٍ وَیَبْقیٰ وَجْہُ رَبِّکَ ذُوْالْجَلاَلِ وَالْاِکْرَامِ ترجمه: هر شيءِ جيڪا ڪائنات ۾ آهي اُها فاني آهي ۽ رسولِ عربي توهان جو رب باقي هوندو جيڪو وڏي جلال ۽ شان وارو آهي.
هن آيت مان معلوم تہ جڏهن هر شي فنا ٿي ويندي ۽ سڀئي ذڪر اذڪار ختم ٿي ويندا، پر چونڪہ الله وحدہٗ لاشريڪ لهٗ موجود هوندو ۽ اهو ذڪرِ مصطفىٰ ۾ هوندو، ان ڪري ذڪرِ مصطفىٰ باقي رهندو جنهن کي ڪو فنا ڪونهي.