مذهب

قصيدة بردة شريف (سنڌي ترجمو)

ڪتاب ”قصيدہ بردہ شريف جو سنڌي ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن جا مترجم علامہ عبدالوحيد جان سرھندي صاحب جن آھن.
هن قصيدہ بُردہ شريف جي ٺاهيندڙ جو نالو ابُو عبدالله شرف الدين محمَّد بن سيد دُلادسي بوصيري رحمة الله تعالىٰ عليه آهي . دُلّاسُ مصر جي هڪ شھر جو نالو آهي.
Title Cover of book قصيدة بردة شريف (سنڌي ترجمو)

فصل چوٿون: سومر کان پڙهو

الْفَصْلُ الرَّابِعُ
فصل چوٿون: سومر کان پڙهو
كَاَنَّـھُــمَّ ھَـرَبًا اَبْــطَالُ اَبْـرَھَــةٍ
اهي شيطان ايئن ڀڳا جيئن ابرھ(۱) جا پهلوان ڪِنڪرين کان
اَوْ عَسْكَرٌ بِالْحَصٰی مِنْ رَاحَتَیْهِ رُمِیْ
۽ پاڻ ڪريمن جنگِ بدر ۾ هڪ مٺ پٿرين سان
سڀ ڪافر ڀڄائي ڇڏيا
نَبْذًا بِـهٖ بَعْــدَ تَسْبِیْحٍ بِبَطْنِھِمَا
پاڻ ڪريمن جي هٿن ۾ پٿرين، ايئن تسبيح ٿي پڙهي
نَبْذَالْمُسَبِّحِ مِـــنْ اَحْشَاءٍ مُـلْـتَـقِـمٖ
جيئن حضرت يونس مڇي جي پيٽ ۾ تسبيح ٿي پڙهي
جَاءَتْ لِـدَعْوَتِـهِ الْاَشْجَـارُ سَاجِدَةً
پاڻ ڪريمن جي حڪم سان وڻ سجدو ڪري وٽن آيا ٿي
تَـمْـشِـیْ اِلَیْـهِ عَلیٰ سَـاقٍ بِلَا قَدَمٖ
۽ اهي وڻ بنا پيــــــــرن جي ٿـــڙ تي هلي آيا ٿي
كَاَنَّمَا سَطَرَتْ سَطْــرًا لِمَا كَتَبَتْ
انهن وڻن پنهنجي ٽارين سان ليڪون ڪڍيون
۽ چڱي طرح لکيو
(۱) يمن جي بادشاھ جو نالو آهي جنهن بيت الله شريف تي حملي جو ارادو ڪيو هو، پوءِ الله تعلى ابره ۽ سندس لشڪر کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو. اهو بيان سورة فيل ۾ آهي
فُرُوْعُھَا مِنْۢ بَدِیْعِ الْخَطِّ فِی اللَّـقَمٖ
انهن وڻن جي لکت رستي ۾ بالڪل عجيب هئي
مِـثْـلُ الْـغَـمَامَـةِ اَنّٰی سَـارَ سَـائِرَةً
پاڻ ڪريم جيڏانهن بہ ويندا هئا تہ ڪَڪر سندن
مٿان ڇانو ڪندا هئا
تَقِیْهِ حَــرَّ وَطِیْسٍ لِلْھَجِیْـرِ حَمِیْ
ان لاءِ تہ پاڻ ڪريمن کي اونھاري جي سخت
گرمي کان محفوظ رکن
اَقْسَمْتُ بِالْقَمَرِ الْمُنْـشَـقِّ اِنَّ لَـــمْ
آئون چيريل(۱) چنڊ جوسچو قسم انهيءَ لاءِ
کڻان ٿو جو بيشڪ
مِــنْ قَلْبِـهٖ نِسْبَـةً مَّبْـرُوْرَةَ الْقَسَمٖ
چيريل چنڊ کي پاڻ ڪريمن جي دل مبارڪ سان
خاص نسبت آهي
وَمَا حَوَی الْغَارُ مِنْ خَیْرٍ وَّمِنْ كَرَمٍ
۽ عجيب نموني سان غار ثور ۾ خير ۽ ڪرم گڏ هئا
وَكُلُّ طَرْفٍ مِّنَ الْكُفَّارِ عَنْهُ عَمِیْ
جو هر طرف کان ڪافر انهن جي ڏسڻ کان انڌا ٿي ويا

(۱) پاڻ ڪريمن عليه التحية والثناء جي آڱر جي اشاري سان چنڊ چيرجي ٻه ٽڪر ٿيو، هڪ ٽڪر آسمان ۾ رهيو ۽ ٻيو پاڻ ڪريمن ﷺ جي دربار اقدس ۾ حاضر ٿيو. انهي معجزي جو ذڪر قرآن ڪريم جي سورة وَالۡقَمَرۡ ۾ موجود آهي.
فَالصِّدْقُ فِی الْغَارِ وَالصِّدِّیْقُ لَمْ یُرَیَا
پاڻ ڪريم ۽ صديق اڪبر غار ۾ اندر ويٺل هئا
وَھُـمْ یَقُـوْلُوْنَ مَابِالْغَارِ مِـنْ اَرِمٖ
۽ غار جي ٻاهران ڪافرن چيو تہ هن غار ۾
ڪو ماڻهو ڪونهي
ظَنُّوْا الْحَمَامَ وَظَنُّوْا الْعَنْكَبُوْتَ عَلیٰ
ڪبوتر جا آنا ۽ ڪورئيڙي جو ڄار ڏسي ڪافرن سمجهو تہ
خَـیْـرِالْبَـرِیَّـةِ لَـمْ تَنْسُجْ وَلَـمْ تَحُـمٖ
پاڻ ڪريم انهيءَ غار ۾ قطعًا موجود ناهن
وِقَـایَــةُ اللهِ اَغْنَتْ عَـنْ مُّضَاعَـفَـةٍ
الله تعالىٰ جي حفاظت پاڻ ڪريمن کي بي نياز ڪري ڇڏيو
مِّنَ الدُّرُوْعِ وَعَنْ عَالٍ مِّـنَ الْاُطُـمٖ
هر اعلىٰ قسم جي زرهن ۽ بلند قلعن کان
مَاسَامَنِی الدَّھْرُ ضَیْمًا وَّاسْتَجَرْتُ بِهٖ
مون کي جڏهن زماني وارن تنگ ڪيو تہ مون
پاڻ ڪريمن کان پناھ ورتي
اِلَّاوَنِلْتُ جِوَارًامِّنْهُ لَمْ یُضَمٖ
جڏهن مون وٽ سندن مدد پهتي تہ سڀ
مصيبتون دور ٿي ويون
وَلَاالْتَمَسْتُ غِنَی الدَّارَیْنِ مِنْ یَّدِهٖ
۽ جڏهن مون دين ۽ دنيا جي سرفرازي پاڻ
ڪريمن کان طلب ڪئي
اِلَّااسْتَلَمْتُ النَّدٰی مِنْ خَیْرِ مُسْتَلِمٖ
تہ پاڻ ڪريمن مون کي اها پنهنجي دست شفقت
سان عطا ڪئي
لَاتُنْكِرِالْـوَحْیَ مِنْ رُّؤۡیَاهُ اِنَّ لَـــهٗ
تون اُن وحي رباني جو انڪار نہ ڪر جيڪا کين
ننڊ دوران ايندي هئي
قَـلْـبًا اِذَا نَـامَتِ الْــعَیْـنَانِ لَــمْ یَـنَـمٖ
ڇو تہ پاڻ ڪريمن جو اکيون سمهنديون هيون پر
سندن دل سُجاڳ هوندي هئي
وَذَاكَ حِیْـنَ بُـلُــوْغٍ مِّــنْ نُّـبُـوَّتِـهٖ
درحقيقت سچا خواب نبوت جي ملڻ جي پهرين نشاني آهن
فَـلَیْـسَ یُنْكَـرُ فِـیْــهِ حـالُ مُحْتَلَـمٖ
پوءِ تون اي عقلمند انهن سچن خوابن جو انڪار نہ ڪر
تَـبَارَكَ اللهُ مَـا وَحْـیٌ بِمُكْـتَسَبٍ
الله تعالىٰ بابرڪت آهي ۽ وحي ربانيءَ جو اچڻ
ڪنهن جي وس ۾ نہ آهي
وَلَا نَـبِـیٌّ عَلیٰ غَـیْبٍ بِـمُتَّـھَـــمٖ
۽ پاڻ ڪريم علم غيب کي لڪائيندڙ ناهن
كَمْ اَبْرَﺃَتْ وَصِبًا بِاللَّمْسِ رَاحَتُــهٗ
ڪيترا ڀيرا بيمار سندن هٿ مبارڪ گهمائڻ
سان مڪمل صحتمند ٿي ويا
وَاَطْلَقَتْ اَرِبًا مِّنْ رِّبْــقَــةِ اللَّمَمٖ
۽ ڪيترائي چريا، چريائي کان آزاد ٿي ويا
وَاَحْیَتِ السَّنَةَ الشَّھْبَاءَ دَعْوَتُـهٗ
پاڻ ڪريمن جي دعا سان ڏڪار ۽ مصيبتون لھي ويون
حَتّٰی حَكَتْ غُرَّةً فِی الْاَعْصُرِالدُّھُمٖ
۽ سندن دعا سان هڪدم برسات وسڻ شروع ٿي
بِعَارِضٍ جَادَ اَوْخِلْتَ الْبِطَاحِ بِـھَا
پاڻ ڪريمن جي دعا سان اهڙو ڪڪر وسيو
سَیْبًا مِّنَ الْیَـمِّ اَوْ سَیْلًا مِّنَ الْعَرِمٖ
جو وادين ۾ گوياڪہ درياءَ وهڻ شروع ٿيو
دَعْنِیْ وَوَصْفِـیَ اٰیَاتٍ لَّـهٗ ظَھَرَتْ
تون مون کي ڇڏ تہ آئون پاڻ ڪريمن جا اُهي معجزا
بيان ڪريان جيڪي کانئن ظاهر ٿيا آهن
ظُھُوْرَ نَارِ الْقِرٰی لَیْلاً عَلیٰ عَـلَــمٖ
جئين(۱) ٻهراڙي جا ماڻهو مهمانن جي سڃاڻڻ لاءِ
جبل تي باھ ٻاريندا آهن
فَالدُّرُّ یَزْدَادُ حُسْنًا وَّھُوَ مُنْتَظِمٌ
سچن موتين جو حُسن هار ۾ زيادھ ٿئي ٿو
(۱)عربن جو قديم رواج هو ته اُهي پنهنجي ڳوٺن جي ٻاهران رات جي وقت ڪنهن وڏي جبل تي باھه ٻاريندا هئا،ان لاءِ ته جئين مسافر کي خبر پوي ته اتي ڳوٺ آهي. اها سندن سخاوت ۽ مهمان نوازي جي انتها هئي. مترجم عفي عنہ

وَلَیْسَ یَنْقُصُ قَدْرًا غَیْـرَ مُنْتَظِمٖ
۽ سندن قدر گهٽ نٿو ٿئي جيڪڏهن اُهي پويل ناهن
فَمَـا تَطَاوَلَ اٰمَـالُ الْمَـدِیْحِ اِلیٰ
تعريف ڪندڙ پاڻ ڪريمن جون ڪهڙيون صفتون
بيان ڪري سگهندا
مَافِیْهِ مِنْ كَرَمِ الْاَخْلاَقِ وَالشِّیَمٖ
ڇو تہ سندن اخلاق مبارڪ ۽ خصلتون (انسان جي
سمجھ کان) مٿي آهن
اٰیَاتُ حَقٍّ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْـدَثَــةٌ
قرآن ڪريم جون سڀئي آيتون الله تعالىٰ جي
طرفان نازل ڪيل آهن
قَدِیْمَةٌ صِفَــةُ الْمَوْصُوْفِ بِالْقِدَمٖ
ڇو تہ رب تعالىٰ قديم آهي ۽ سندس سڀ صفتون قديم آهن
لَمْ تَقْتَـرِنْ بِزَمَانٍ وَّھِیَ تُخْبِـرُنَا
قرآن ڪريم جون آيتون ڪنهن بہ زماني جون محتاج ناهن
عَنِ الْمَعَادِ وَ عَنْ عَادٍ وَّعَنْ اِرَمٖ
انهي ۾ آخرت جون خبرون ۽ قوم عاد ۽ اِرم
جون خبرون آهن