مذهب

قصيدة بردة شريف (سنڌي ترجمو)

ڪتاب ”قصيدہ بردہ شريف جو سنڌي ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن جا مترجم علامہ عبدالوحيد جان سرھندي صاحب جن آھن.
هن قصيدہ بُردہ شريف جي ٺاهيندڙ جو نالو ابُو عبدالله شرف الدين محمَّد بن سيد دُلادسي بوصيري رحمة الله تعالىٰ عليه آهي . دُلّاسُ مصر جي هڪ شھر جو نالو آهي.
Title Cover of book قصيدة بردة شريف (سنڌي ترجمو)

سوانح حيات

هن قصيدہ بُردہ شريف جي ٺاهيندڙ جو نالو ابُو عبدالله شرف الدين محمَّد بن سيد دُلادسي بوصيري رحمة الله تعالىٰ عليه آهي . دُلّاسُ مصر جي هڪ شھر جو نالو آهي سندن ولادت باسعادت سن ۶۰۸ھ دُلاس ۾ ٿي، ان ڪري کين دُلاسي سڏيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ پاڻ اُتان هجرت ڪري بُوصِيۡر نالي مصر جي هڪ ٻئي شھر ۾ آباد ٿيا، ان ڪري کين بُوصيري سڏيو وڃي ٿو.
پاڻ ديني تعليم وقت جي جَيّد عالمن وٽ پڙهي پوري ڪئي. علم تفسير، علم حديث، علم فقه، علم تاريخ ۽ علم ادب ۾ ڪماليت جي درجي تي پھتا.علمي لياقت ۽ فضيلت جي ڪري کين “شَرۡفُ الّدِيّن” جو لقب مليو.
فصاحت ۽ بلاغت شعر ۽ شاعري ۾ پاڻ پنهنجي وقت جا امام هئا. سندن زندگيءَ جو اڪثر حصو وقت جي بادشاهن جي خاص مجلسن ۽ گڏجاڻين ۾ گذريو. پاڻ بادشاهن جي تعريف ۾ قصيدہ ٺاهي داد حاصل ڪندا هئا، وقت جي بادشاهن جي مجلسن ۾ شرڪت ۽ شعر چوڻ جي ڪري سندن نالو مصر ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ مشھور ٿي ويو.
هڪ دفعي علامه بوصيري جيئن ئي وقت جي بادشاھ جي دربار مان موٽي رهيا هئا تہ رستي ۾ سندن ملاقات هڪ ڪامل ولي حضرت اَبُوالرَّجَاء (رحمةالله تعالىٰ عليه) سان ٿي. بزرگ موصوف پنهجو هٿ علامه بوصيري جي هٿ سان ملائي چيو تہ ڇا توهان کي خواب ۾ رسول ڪريم صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جي زيارت ٿي آهي؟ حضرت ابُوالرَّجَاء جي هٿ ملائڻ ۽ انهيءَ گفتگو جو ايترو تہ اثر ٿيو جو علامه بوصيريءَ جي دل ۾ رسول ڪريم جي محبت ۽ سوز پيدا ٿيو جو پاڻ انهيءَ ڪيفيت ۾ جيئن گهر پھتا تہ خواب ۾ کين سرور ڪائنات صلى اللھ عليه وآلهٖ جي زيارت، صحابه ڪرام سان گڏ نصيب ٿي.صحابه ڪرام پاڻ ڪريمن جي چوڌاري ايئن ڏسڻ ۾ آيا جيئن چنڊ جي چوڌاري تارا هوندا آهن.
هن عظيم خواب ڏسڻ سان علامه بوصيري جي تقدير مٽجي وئي، لوڪ جا لاڳاپا لاهي، بادشاهن جي تعريف ترڪ ڪري، فقط ۽ فقط پاڻ ڪريمن جي تعريف ۾ شعر چوڻ شروع ڪيا. دل جي گھراين، سوز ۽ عشق سان جيڪو بہ شعر سندن زبان مان نڪتو ٿي اُهو عربي ادب جو هڪ بھترين سرمايو ۽ پاڻ ڪريمن سان پيار ڪندڙ غلامن لاءِ هڪ بھترين توشو ۽ زادِ راھ ٿي پيو.
علامه بوصيري پاڻ ڪريمن جي تعريف ۾ ڪيترائي قصيدہ تيار ڪيا، جن مان قَصِيۡدہ مُحَمَّدِيَّه، قصيدہ هَمۡزِيَّهۡ، قَصِيۡدہ مُضۡرِيَّهۡ نھايت مشھور آهن.
حضرت علامه بوصيري رحمة اللھ عليه کي فالج جي بيماري ٿي پئي، وقت جي حاذق حڪيمن ۽ ماهر طبيبن سندن علاج معالجو ڪيو پر کين ان مان ڪوبہ فائدو نہ ٿيو، آخرڪار علامه بوصيري رَحۡمةً لِّلۡعٰلَمِيۡنَ صلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَآلهٖ وَسَلَّم جي دربار عاليه ۾ التجائون ۽ عرض ڪيا ۽ عربيءَ ۾ هڪ مڪمل قصيدو تيار ڪيو. سندن اهو قصيدو دربارِ نبويءَ ۾ قبول پيو ۽ کين سرورِ ڪائنات صلى اللھ عليه وآلهٖ جي زيارت نصيب ٿي پاڻ ڪريمن علامه بوصيري جي بدن تي شفقت ۽ شفا جو هٿ مبارڪ ڦيرايو ۽ ڪمال شفقت ۽ مھرباني سان پنهنجي چادر مبارڪ، انعام طور کين پھرائي. پاڻ جڏهن سُجاڳ ٿيا تہ سندن مرض ۽ درد ختم ٿيا ۽ فالج جي بيماري مان کين مڪمل شفا ملي ۽ ڏٺائين تہ اها چادر سندن مٿان پيل هئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو جيئن ئي علامه بوصيري بازار مان وڃي رهيا هئا تہ کين ساڳيو بزرگ حضرت ابوالرجاء رحمة اللھ عليه مليو، بزرگ فرمايو تہ مون کي اهو قصيدو ٻڌاءِ جيڪو توهان گذريل رات سرور ڪائنات صلى اللھ عليه وآلهٖ جي دربار اقدس ۾ پڙهيو هو. علامه بوصيري عرض ڪيو تہ قبلا! مون پاڻ ڪريمن جي شان اقدس ۾ ڪافي قصيدہ چيا آهن، توهان کي آئون انھن مان ڪھڙو قصيدو پڙهي ٻڌايان؟ بزرگ فرمايو تہ تون مون کي اهو قصيدو پڙهي ٻڌائي جنھن جو پھريون شعر هي آهي:
اَمِنْ تَذَکُّرِ جِیْرَانٍ بِذیْ سَلَمٖ
مَزَجْتَ دَمَعًا جَریٰ مِنْۢ مُّقْلَةٍ بِدَمٖ
علامه بوصيري عرض ڪيو تہ قبلا اهو قصيدو توهان کي ڪيئن معلوم ٿيو؟ حالانڪہ اهو قصيدو مون ڪنهن کي نہ ٻڌايو آهي. حضرت ابوالرجاء فرمايو تہ گذريل رات توهان اهو قصيدو سرورِڪائنات صلى اللھ عليه وآلهٖ جي دربار اقدس ۾ پڙهي رهيا هئا، ۽ پاڻ ڪريم اهو ٻڌي نھايت خوشيءَ مان جهومي رهيا هئا ۽ توهان جي انهيءَ قصيدہ کي پسند فرمائي رهيا هئا، آئون ان مبارڪ مجلس ۾ موجود هئس. مون کي پاڻ ڪريمن حڪم فرمايو آهي تہ مصر جي وزير شيخ بھاءالدين جي نياڻي کي فالج جي تڪليف ٿي پئي آهي، اهو وزير توهان جو مخلص ۽ مريد آهي، توهان اهو قصيدو وٺي اُن نياڻيءَ تي پڙهندا تہ کيس فالج جي بيماري کان مڪمل نجات ملندي.
علامه بوصيري، حضرت ابوالرجاء کي اهو قصيدو بردہ شريف ڏنو، پڙهڻ سان شيخ بھاءُ الدين جي نياڻي کي مڪمل شفا ملي. ان کان پوءِ هي قصيدو مشرق کان مغرب تائين پوري عالمِ اسلام ۾ مشھور ٿي ويو. هزارن ماڻھن هن قصيدہ کي آزمايو ۽ کين ڪامل شفا نصيب ٿي.
هي قصيدو مبارڪ هر لاعلاج مرض لاءِ مڪمل شفا آهي، خصوصاً فالج جي مرض لاءِ نھايت مؤثر ۽ مفيد آهي. هونءَ تہ پوري عالمِ اسلام ۾ هن قصيدہ جي شفا جا قصا عام آهن، پر اسانجي سنڌ سونھاري جي ضلع خيرپور جي ڳوٺ گُھرام جي رهاڪو مولانا جمال الدين اجمل کهڙو کي بہ اوچتو فالج جي تڪليف ٿي پئي. گهڻائي علاج معالجا ڪرايائين پر فائدو ڪٿان بہ ڪونہ ٿيو. نيٺ پاڻ قصيدہ بردہ شريف عربيءَ جو سنڌي ۾ منظوم تشريحي ترجمون لکڻ شروع ڪيو، ترجمون ۽ تشريح مڪمل ٿيو تہ مولانا موصوف بہ بلڪل صحتمند ٿي پيو ۽ الحمدلله اهو ڪتاب اسانجي نظرثاني ۽ نگراني ۾ ڇپجي عام ٿي چڪو آهي. مولانا صاحب جي اسان سان محبت ۽ عقيدت قابلِ تعريف آهي، کيس گذريل سال حج جي سعادت بہ حاصل ٿي آهي.
هن قصيدي کي هر دؤرجي عالمن، ڪاملن ۽ ولين وظيفي طور پڙهيو آهي. عربيءَ زبان ۾ بُرۡدَہۡ چادر کي چيو ويندو آهي؛ ڇو تہ هن قصيدہ جي مصنف کي پاڻ ڪريمن جي طرفان انعام طور چادر عطا ٿي آهي، ان ڪري هن قصيدہ کي قصيدہ بُردہ يعني چادر وارو قصيدو سڏيو وڃي ٿو.
هن وقت تائين هن قصيدہ بُرده شريف جو ترجمون تقريباً ۴۰ ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. عالمِ اسلام جي ڪيترن ئي محقق عالمن هن قصيدہ بُردہ شريف جون شرحون عربي، فارسي، تُرڪي، انگريزي، جرمني، فرينچ، سنڌي، اردو وغيرهم ۾ لکيون آهن.
قصيدہ بُردہ جي هن عظيم مصنف جون ٻيون بہ ڪافي تصنيفون آهن، پر سڀني کان مشھور سندن قصيدہ شريف آهي، جيڪو توهان جي هٿن ۾ موجود آهي. هن قصيدہ جي مصنف جو وصال ۶۹۴ھ مصر ۾ ٿيو ۽ سندن مزار مبارڪ اڄ بہ زيارتگاھ عام و خاص آهي. اَللّٰھُمَّ اغْفِرْہُ وَارْحَمْهُ وَاَدْخِلْهُ فِیْ زُمۡرَةِ النَّبِیِّیْنَ وَالصِّدِّیْقِیْنَ وَالشُّھَدَاء وَالصَّالِحِیْنَ بِرَحْمَتِكَ یَااَرْحَمَ الرَّاحِمِیْنَ ط
اسانجي سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي عالمن هن قصيدہ شريف جا ترجما ۽ شرح لکيا آهن. وقت ۽ د‍ؤر جي تقاضا موجب ماڻهن انھن کي پسند ڪيو.
هن وقت سنڌي زبان ۾ هڪ مختصر ۽ عام فهم ترجمي جي ضرورت هئي. ان ڪري اسان اهو ارادو ڪيو تہ هن متبرڪ قصيدہ جو ترجمون شروع ڪجي. حُسنِ اتفاق سان اسان جو هن سال (۱۴۱٦ھ) رمضان المبارڪ ۾ عُمرہ شريف تي وڃڻ جو پروگرام ٿيو ۽ الله تعالىٰ جي خاص فضل ۽ ڪرم ۽ رحمة للعٰلمين جي خاص عنايت سان رمضان المبارڪ جي آخري ڏهي ۾ آئون مسجدِ نبوي شريف ۾ اعتڪاف ۾ ويٺس ۽ ان دوران قصيدہ بردہ شريف جي ترجمي مبارڪ جو ڪم ۲۷ رمضان المبارڪ کان شروع ڪيم ۽ بفضلهٖ تعالىٰ مديني منورہ جي حرم نبوي شريف ۾ هن ترجمي جو ڪم هڪ هفتي ۾ مڪمل ڪيم.
بفضلهٖ تعالىٰ هن وقت هي قصيدہ شريف شايع ٿي رهيو آهي ۽ هن جي اشاعت جو ڪم جناب سائين قمرالزمان شاھ صاحب جن ڪرائي رهيا آهن، جن کي قصيدہ بردہ شريف جي اشاعت جو مدت کان اشتياق هو. اسانجي دلي دعا آهي تہ شال اسانجي اها ڪوشش ۽ ڪاوش رحمة للعٰلمين صلى اللھ عليه وآلهٖ جي دربار اقدس ۾ قبول پوي. آمين ثم آمين.