عظيم ۽ بلند ذڪر
هن آيت شريف مان چار ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون:
(۱) ذڪرِ مصطفىٰ کي بُلند ڪرڻ جي ذميداري رب العٰلمين پاڻ کنئي آهي.
(۲) ذڪرِ مصطفىٰ کي بُلند ڪرڻ ۾ پاڻ ڪريمن جو رضامندو مطلوب آهي.
(۳)ذڪرِ مصطفىٰ کي هر وقت (دنيا ۽ آخرت ۾) بُلند ڪيو ويو آهي.
(۴) ذڪرِ مصطفىٰ کي بُلند ڪرڻ لاءِ هر دور ۾ مؤمنن جي هڪ جماعت منتخب ڪئي وئي آهي.
ذڪرِ مصطفىٰ کي بُلند ڪرڻ لاءِ پھريائين جن عظيم شخصيتن کي انتخاب ڪيو ويو، انهن ۾ سرِ فھرست صحابه ڪرام ۽ اهل بيت آهن. صحابه ڪرام مان خلفاءِ راشدين حضرت حسان بن ثابت، حضرت ڪعب بن زهير، حضرت ڪعب بن مالڪ، حضرت مالڪ بن نمط، حضرت نابغہ جعدي، حضرت اعشي مازاني، حضرت قيص اشجعي، حضرت ماٴذن الطائي رضى الله تعالىٰ عنهم آهن. هيءُ انهن عظيم صحابه ڪرام جا نالا مبارڪ آهن جن رسولِ عربي جي دربار اقدس ۾ نعتون پيش ڪري ذڪرِ مصطفىٰ بُلند ڪيو.
اهل بيت ڪرام مان جن عظيم شخصيتن کي نعمتِ مصطفىٰ جي سعادت حاصل ٿي انهن ۾ سائين ڪريمن جا چاچا حضرت سيدنا حمزہ ۽ حضرت سيدنا عباس بن عبدالمطلب رضى الله تعالىٰ عنهما ۽ سائين ڪريمن جون پڦيون حضرت بي بي عاتڪه ۽ بي بي صفيه ۽ سائين ڪريمن جي نياڻي بي بي فاطمه ۽ حضرت امام زين العابدين بن سيدنا امام حسين رضى الله عنهم قابلِ ذڪر آهن.
تابعين ۽ فقه جي امامن مان جن برگزيدہ انسانن کي نعتِ مصطفىٰ جو شرف حاصل ٿيو آهي، انهن ۾ حضرت امام ابو حنيفه رضى الله عنه ۽ حضرت امام شافعي رضي الله عنه قابلِ تعريف آهن.
بزرگانِ دين مان جن ولين ۽ ڪاملن کي نعتِ مصطفىٰ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، انهن ۾ حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني، حضرت امام رباني مجدد الف ثاني، حضرت سيدنا عثمان مروندي، حضرت خواجه معين الدين چشتي، حضرت علي هجيروي، حضرت فريدالدين گنج شڪر فاروقي، سراج الاولياءَ حضرت عبدالرحمان جان سرهندي، حضرت مخدوم محمَّد هاشم ٺٽوي، حضرت سيدنا عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، خواجه نظام الدين دهلوي، بوعلي قلندر، حضرت شيخ سعدي، مولانا عبدالرحمان جامي، حضرت امير خُسرو، مولانا جلال الدين رومي، حضرت علامه اقبال، اعلىٰ حضرت مولانا احمد رضا بريلوي، حضرت محمَّد جان قدسي ۽ حضرت امام بوصيري جا نالا سرِ فهرست آهن.