مذهب

قصيدة بردة شريف (سنڌي ترجمو)

ڪتاب ”قصيدہ بردہ شريف جو سنڌي ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن جا مترجم علامہ عبدالوحيد جان سرھندي صاحب جن آھن.
هن قصيدہ بُردہ شريف جي ٺاهيندڙ جو نالو ابُو عبدالله شرف الدين محمَّد بن سيد دُلادسي بوصيري رحمة الله تعالىٰ عليه آهي . دُلّاسُ مصر جي هڪ شھر جو نالو آهي.
Title Cover of book قصيدة بردة شريف (سنڌي ترجمو)

سرور ڪائنات جي خدمت ۾ نعتون

(۱) سرور ڪائنات صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جن جڏهن مڪه مڪرمه کان هجرت ڪري مدينه منورہ پھتا تہ مڪه جي ڪافرن سائين ڪريمن جي خلاف هڪ شعر تيار ڪرائي مدينه منورہ روانو ڪيو. اهو شعر جڏهن سائين ڪريمن جي اڳيان پڙهيو ويو تہ، سائين ڪريمن حڪم فرمايو تہ حسان بن ثابت کي وٺي اچو تہ اهو هن شعر جو جواب تيار ڪري. حڪم موجب حضرت حسان دربار نبوي ۾ پھتو ۽ عرض ڪيائين تہ يارسول الله! آئون هاڻي عمر رسيدہ ٿي چڪو آهيان ۽ مون ۾ شعر چوڻ جي صلاحيت ختم ٿي چُڪي آهي. سائين ڪريمن حضرت حسان کي دُعا ڪري پنهنجي منبر تي بيهاريو. دُعا گُهريائون: اَللّٰهُمَّ اَيِّدۡ هُ بِرُوۡحِ الۡقُدُسِ ـــ ترجمه: اي منهنجا رب تون حسان کي جبرئيل امين جي طاقت عطا ڪر.
دُعا جو هي اثر ٿيو جو حضرت حسان فى البديه سائين ڪريمن جي تعريف ۾ هڪ جامع قصيدو چيائين، انهيءَ قصيدہ جا پھريان ٻہ بيت تبرڪاً هت لکجن ٿا:
هَجُوۡ تُ مُحَمَّدًا فَاَجِبۡتُ عَنۡہُ
وَعِنۡدَ اللهِ فِيۡ ذَاکَ الۡجَزَا ءٌ
ترجمه: توهان سرورِ ڪائنات جي بي ادبي ڪئي آهي ۽ مون انهن جي طرفان جواب ڏنو آهي ۽ الله تعالىٰ وٽ ان جو فيصلو ٿيندو.
فَاِنَّ اَبِىۡ وَ وَالِدَتِىۡ وَ عِرۡضِىۡ
لِعِرۡضِ مُحَمَّدٍ مِنۡکۡمۡ وِقَاءٌ
ترجمه: پوءِ بيشڪ منهنجو پيءُ ۽ ماءُ ۽ منهنجي عزت سائين ڪريمن جي عزت ۽ شان تان قربان آهن.

(۲) سرورِ ڪائنات صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جن جڏهن هجرت ڪري حضرت ابوبڪر صديق رضى الله عنه سان گڏ مدينه منورہ پھتا تہ مدينه طيبه جي ماڻهن سائين ڪريمن جو استقبال هنن بيتن سان ڪيو، اهي اشعار سائين ڪريمن پسند فرمايا. انهن استقباليه شعرن مان فقط ٻہ شعر تبرڪاً پيش ڪجن ٿا:
طَلَعَ الْبَدْرُ عَلَیْنَا † مِنْ سَنِیَّاتِ الْوِدَاعٖ
وَجَبَتْ شُکْرُ عَلَیْنَا † مَا دَعیٰ لِلّٰہِ دَاعٖ

(۳) حَضرت شيخ سعدي رحمة الله عليه جن جڏهن نبي ڪريم صلى الله عليہ وآلهٖ وسلم جن جي تعريف ۾ هي نعت ٿي چئي:
بَلَغَ الْعُلےٰ بِکَمَالہٖ
کَشَفَ الدُّجےٰ بِجَمَالہٖ
حَسُنَتْ جَمِیعُ خِصَالهٖ
تہ کين انهيءَ نعت جي آخري سٽ ڪانہ ٿي آئي، تڏهن نبي ڪريم صلى اللھ عليه وآلهٖ جن شيخ سعدي رحمة اللھ عليه کي خواب ۾ آيا ۽ فرمايائونس تہ انهي نعت جي آخري سٽ هن طرح لک:
صَلُّوْا عَلَیْہِ وَآلِہٖ
انهي مان معلوم ٿيو تہ سائين ڪريم جن پاڻ نعت ٺاهيندڙن جي رهنمائي فرمائن ٿا.
سرورِ ڪائنات صلى اللھ عليه وآلهٖ جي دربار اقدس ۾ سڀني شاعرن مختلف ٻولين ۾ پنهنجي شان ۽ معيار مطابق نعتون، مداحون، مولود ۽ قصيدا پيش ڪيا. انهن شاعرن ۽ مداحن جي صف ۾ هڪ عظيم شاعر حضرت امام شرف الدين بوصيري رحمة اللھ تعالىٰ عليه آهي، جنهن عربيءَ زبان ۾ سرورڪائنات جي مدح ۾ قصيدہ بردہ شريف چئـِي عالمِ اسلام ۾ هڪ غير معمولي مقبوليت حاصل ڪئي آهي.