مذهب

قصيدة بردة شريف (سنڌي ترجمو)

ڪتاب ”قصيدہ بردہ شريف جو سنڌي ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن جا مترجم علامہ عبدالوحيد جان سرھندي صاحب جن آھن.
هن قصيدہ بُردہ شريف جي ٺاهيندڙ جو نالو ابُو عبدالله شرف الدين محمَّد بن سيد دُلادسي بوصيري رحمة الله تعالىٰ عليه آهي . دُلّاسُ مصر جي هڪ شھر جو نالو آهي.
Title Cover of book قصيدة بردة شريف (سنڌي ترجمو)

فصل ستون : خميس تي پڙهو

الْفَصْلُ السَّابِعُ
فصل ستون : خميس تي پڙهو
اِذْ قَـــلَّـدَانِـیْ مَا تُخْشٰی عَوَاقِبُـهٗ
ڇو تہ ڌارين جي غلامي ۽ گناهن جي ڪري
منهنجي ڳچي ۾ پٽو پيل آهي
كَاَنَّـنِـیْ بِھِمَا ھَــدْیٌ مِّـــنَ النَّعَمٖ
گوياڪہ آئون انهن ٻنهي ڪمن جي ڪري قرباني
جي ڍور وانگر آهيان
اَطَعْتُ غَیَّ الصِّبَا فِی الْحَالَتَیْنِ وَمَا
مون ٻارن وانگر گمراهيءَ جي تابعداري ڪئي
ٻنهي حالتن ۾
حَصَّلْتُ اِلَّا عَلَی الْاٰثَامِ وَالنَّــدَمٖ
يعني شعر چيم ۽ ڌارين جي خدمت ڪيم پوءِ ان
جي عيوض مون کي گناھ ۽ ندامت ملي
فَیَاخَسَارَةَ نَفْسِیْ فِـیْ تِجَارَتِھَا
منهنجي نفس کي حيف هجي جنهن نقصان وارو
سودو ڪيو
لَمْ تَـشْتَـرِ الدِّیْنَ بِالدُّنْیَا لَمْ تَسُمٖ
اُن آخرت جي عيوض بي عقلي سان دنيا کي خريد ڪيو
وَمَــنْ یَّبِعْ اٰجِــــلًا مِّنْـهُ بِعَاجِلِـهٖ
۽ جنهن ماڻهو آخرت جو ثواب وڪڻي ان جي
عيوض دنيا خريد ڪئي
یَبِـنْ لَـهُ الْغَبْـنُ فِـیْ بَیْعٍ وَّ فِیْ سَلَمٖ
در حقيقت ان وڏي نقصان ۽ ڇيھي وارو واپار ڪيو
اِنْ اٰتِ ذَنْبًا فَمَا عَھْدِیْ بِمُنْتَقِضٍ
جيتوڻيڪ آئون گنهگار آهيان پر منهنجو وعدو
رسولِ عربي سان نہ ٽٽو آهي
مِــنَ النَّبِیِّ وَلَا حَبْلِـیْ بِمُنْصَرِمٖ
۽ منهنجي دينِ اسلام جي رسي ڪڏهن بہ
ٽٽڻ واري نہ آهي
فَــاِّنَّ لِـیْ ذِمَّــةً مِّـنْــهُ بِتَسْمِیَتِیْ
پوءِ بيشڪ مون لاءِ امان آهي ڇو تہ منهنجو
نالو بہ محمَّد آهي
مُحَمَّدًا وَّھُوَ اَوْ فَی الْخَلْقِ بِالذِّمَمٖ
۽ پاڻ ڪريم سموري مخلوق کان باوفا ۽ پناھ ڏيندڙ آهن
اِنْ لَّمْ یَكُنْ فِـیْ مَعَادِیْ اٰخِذًاۢ بِیَدِیْ
جيڪڏهن موت وقت توهان پنهنجي فضل سان
پنهنجي وعدي موجب
فَـضْـلًا وَاِلَّا فَـقُـلْ یَازَلَّـــةَ الْقَدَمٖ
منهنجي مدد نہ ڪئي تہ آئون يقيناً خوار ٿيندس
حَاشَاهُ اَنْ یُّحْرِمَ الرَّاجِیْ مَكَارِمَهٗ
پاڻ ڪريم هرگز ڪنهن اُميدوار کي پنهنجي
بخشش کان محروم نہ ٿا ڪن
اَوْ یَرْجِعُ الْجَارُ مِنْهُ غَیْـرَ مُحْتَـرَمٖ
يا پنهنجي قرب واري کي پنهنجي در تان ڪڏهن
بہ نہ ٿا موٽائين
وَمُنْذُ اَلْزَمْتُ اَفْكَارِیْ مَــدَائِحَــهٗ
رسولِ عربي جي نعتن لاءِ جڏهن کان مون پاڻ کي
وقف ڪيو آهي
وَجَدْتُّهٗ لِخَلَاصِیْ غَیْـرَ مُلْتَزَمٖ
اُن وقت کان وٺي پاڻ ڪريم مون لاءِ نجات ۽
پناھ جي جاءِ ثابت ٿيا آهن
وَلَنْ یَّفُوْتَ الْغِنیٰ مِنْــهُ یَـدًا تَرِبَتْ
توهان جي سخيءَ هٿ کان محتاج ڪڏهن بہ نا اُميد نہ ٿو ٿئي
اِنَّ الْحَیَا یُنْبِتُ الْاَزْھَارَ فِي الْاَكَـمٖ
بيشڪ مينهن جبلن جي چوٽين تي گُل ڦٽائي ٿو
وَلَمْ اَرِدْ زَھْرَةَ الدُّنْیَا الَّتِیْ اقْتَطَفَتْ
آئون زُهير شاعر وانگر دنيا جو مال طلب نٿو ڪريان
یَـــدَا زُھَیْـرٍ بِـمَا اَثْنیٰ عَلیٰ ھَرِمٖ
جنهن سَنَان بن هَرم جي تعريف ڪري دولت حاصل ڪئي
یَااَكْرَمَ الْخَلْقِ مَالِـیْ اَلُــوْذُبِـهٖ
يارسول الله توهان کان سواءِ منهنجو اهڙو ڪوبہ ڪونهي
سِوَاكَ عِنْدَ حُلُوْلِ الْحَادِثِ الْعَمَمٖ
جنهن کان آئون وڏن حادثن وقت پناھ وٺان
وَلَنْ یُّضِیْقَ رَسُوْلَ اللهِ جَاھُكَ بِیْ
منهنجي شفاعت ڪرڻ سان توهان جو شان
قطعاً گهٽ نہ ٿيندو
اِذَالْكَرِیْمُ تَجَلیّٰ بِاِسْمِ مُنْتَقِـمٖ
ڇو تہ توهان سخي آهيو ۽ توهان پنهنجي حقيقي
نالي سان روشن آهيو
فَـاِنَّ مِنْ جُوْدِكَ الدُّنْیَا وَضَرَّتَـھَـا
پوءِ بيشڪ توهان جي سخاوت سان دنيا ۽ آخرت آهي
وَمِنْ عُلُوْمِكَ عِلْمَ اللَّوْحِ وَالْقَلَمٖ
۽ توهان جي علم جوهڪ حصو لوح محفوظ آهي
یَا نَفْسُ لَا تَقْنَطِیْ مِنْ زَلَّةٍ عَظُمَتْ
اي نفس تون ڪبيرن گناهن جي ڪري نا اميد نہ ٿي
اِنَّ الْكَبَائِــرَ فِي الْغُفْراَنِ كَاللَّمَمٖ
بيشڪ ڪبيرا گناھ بخش ڪرڻ ۾ صغيرن گناھن وانگر آهن
لَعَلَّ رَحْمَـةَ رَبِّـیْ حِیْـنَ یَقْسِمُھَـا
الله تعالىٰ جي رحمت جڏهن ورهائي ويندي،
مون کي اُميد آهي تہ
تَاْتِیْ عَلیٰ حَسَبِ الْعِصْیَانِ فِی الْقِسَمٖ
جيترا منهنجا گناھ هوندا اوتري مون کي رب جي رحمت ملندي
یَارَبِّ وَاجْعَلْ رَجَائِیْ غَیْرَ مُنْعَكِسٍ
يا الله تون منهنجي اُميد ۽ توقع کي ختم نہ ڪر
لَدَیْكَ وَاجْعَلْ حِسَابِیْ غَیْرَ مُنْخَرِمٖ
۽ تون منهنجي عمل نامي کي ٻاجھ کان پري نہ ڪر
وَالْطُفْ بِعَبْدِكَ فِی الدَّارَیْنِ اِنَّ لَـهٗ
ياالله تون ٻنهي جھانن ۾ پنهنجي ٻانهي تي لطف ڪر؛ ڇو تہ
صَبْرًا مَّتيٰ تَدْعُــهُ الْاَھْوَالُ یُنْھَرِمٖ
تڪليف اچڻ وقت صبر اُن کان ڀڄي پري ٿئي ٿو
وَأْذَنْ لِسُحْبِ صَلوٰةٍ مِّنْكَ دَائِمَــةً
يا الله تون پنهنجي رحمت جي ڪڪرن کي حڪم
ڪر تہ اُهي تنهنجي طرفان
عَلَی النَّبِیِّ بِمُنْھَـلٍّ وَّمُنْسَجِـــمٖ
هميشه هميشه تنهنجي حبيب ڪريم تي رحمت
جو زوردار مينهن وسائن
وَالْآلِ وَالصَّحْبِ ثُمَّ التَّابِعِیْنَ لَھُمْ
۽ پاڻ ڪريمن جي اهلبيتن ۽ اصحابن ۽ تابعين
تي رحمتون وسن
اَھْلِ التُّقیٰ وَالنُّقیٰ وَالْحِلْمِ وَالْكَرَمٖ
جيڪي پرهيزگار، برگزيدہ ۽ بردبار ۽ سخيءَ هئا
مَا رَنَّحَتْ عَذَبَاتِ الْبَانِ رِیْحُ صَبَا
بان وڻ جون ٽاريون جيستائين بادِ صبا لوڏي ۽ جيستائين
وَاَطْرَبَ الْعِیْسَ حَادِی الْعِیْسَ بِالنَّغَمٖ
اُٺ هڪليندڙ خوشي جا نغما ٻُڌائي ٿو، مطلب
تہ قيامت تائين سندن مٿان رحمتون هجن
ثُمَّ الرِّضَا عَنْ اَبِیْ بَكَرٍ وَّعَنْ عُمَرٍ
ان کان پوءِ الله تعالىٰ راضي آهي حضرت ابوبڪر
۽ حضرت عمر کان
وَّعَنْ عَلِیٍّ وَّعَنْ عُثْمَانٍ ذِی الْكَرَمٖ
۽ حضرت عثمان ۽ حضرت علي کان جيڪي ڀلارا
آهن (رضي الله عنهم)
فَــاغْفِرْلِنَا شِدِھَا وَاغْفِرْ لِقَارِئِھَا
پوءِ اي منهنجا رب تون هن قصيدي جي ٺاهيندڙ
۽ پڙهندڙ کي بخش ڪر
سَأَلْتُكَ الْخَیْــرِ یَاذَالْجُوْدِ وَالْكَرَمٖ
ياالله آئون توکان خير جو سوالي آهيان



تمت بالخیر فی المسجد النبوی الشریف بالمدینة المنوره
الیَومَ یَوم الاربعَاء ـ ١٢ دقیق ـ ٤ شَوالُ المُكَّرم ١٤١٧ھ
عَبْدُهٗ عَبْدُالْوَحِیْد سَرھَندِي عَفِی عَنهُ
مَاكَانَ مِنْهُ