لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي، خاص ڪري راؤڙ، برهمڻ آباد، منصوره، محفوظه، ساوندي، بهرور، دهليله، ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت ڪافي بحث ڪيل آهي. هن نيون کوجنائون ڪيون آهن، جنهن لاءِ هن وٽ دليل به آهن. هو هوائي ڳالهيون نٿو ڪري. ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو. هن جي ڪم تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.
Title Cover of book برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

مُهاڳ: لاڙ پٽيءَ جو نوجوان ليکڪ ٺٽوي ڪاتيار

لاڙ پٽيءَ جي نوجوان ليکڪ ٺٽوي ڪاتيار جو هي ٻيو ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن پهرين ڪتاب “راؤڙ/رياتڙو” وانگرسنڌ جي گمنام تاريخ ۽ ماڳن کي پڌرو ڪيو آهي. عرب ۽ راجا ڏاهر جي جنگ واري ميدان راؤڙ کي ٺٽوي ڪاتيار جنهن نموني دليلن ۽ ثبوتن سان ظاهر ڪيو آهي، اهو هڪ وڏو ڪم آهي پر لاڙ پٽي جي گمنام علائقي سان تعلق هجڻ ڪري هن جي ڪتاب کي جيڪا پذيرائي ملڻ گهرجي، اها نه ملي سگهي پر هو مايوس نه آهي، هُن اهو وچن ڪيو آهي ته سنڌ جي گمنام ۽ وکريل تاريخ کي هو نروار ڪندو. جن ماڳن بابت وڏا محقق مونجهاري جو شڪار آهن، ٺٽوي ڪاتيار انهن قديمي ماڳن کي ظاهر ڪري رهيو آهي. ايڏي وڏي ڪم تي سچ هو جَس لهي.
ٺٽو سنڌ جي لاڙ پٽيءَ جو هڪ قديم ۽ تاريخي علائقو رهيو آهي. “ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا جلد 1” ۾ آهي ته لاڙ سنڌ سڪاديپ سڏبي هئي. اهو خطو جنهن کي ڏاکڻي سنڌ به چيو ويندو هو، مشهور ۽ شاهوڪار رهيو آهي. هي خطو خاص ڪري ننگر ٺٽو تاريخي، علمي، ادبي، تهذيبي ۽ ثقافتي مرڪز رهيو آهي. ٺٽي ۾ هر قسم جا هنرمند ۽ واپاري رهندا هئا. هي خطو پنهنجي سامونڊي ڪناري ۽ تاريخي بندرن توڙي دريائي بندرن ڪري واپار جو مرڪز رهيو آهي. پوري دنيا سان سنڌ جو رابطو انهن بندرن وسيلي رهيو آهي. خوبصورت ساحلي ڪناري، مشهور بندرن، وڻج واپار ۽ زراعت ڪري، سنڌ جي زرخيزي، حملي ڪندڙن کي هرکايو آهي. ڪيانين کان وٺي عربن تائين پوءِ مغلن کان وٺي ترخانن تائين حملا ٿيندا رهيا آهن. موسمي حالتن، حملي ڪندڙن جي تباهي ۽ خود پنهنجن جي سارسنڀال نه لهڻ ڪري تاريخ جا اهڃاڻ ختم ٿي ويا آهن، جيڪي ڪجهه بچيا آهن اهي به تيزي سان سارسنڀال نه لهڻ ڪري، اڏاوتن ڪري ۽ موسمي حالتن ڪري ختم ٿي رهيا آهن. کوجنا ته پري جي ڳالهه پر اسان انهن جي حفاظت به نه ڪري سگهيا آهيون.
712ع ۾ عرب حملي ڪندڙ محمد بن قاسم، برهمڻ گهراڻي جي آخري حڪمران راجا ڏاهر سان پهرين ديبل ۽ پوءِ راؤڙ ۾ آخري معرڪو ٿيو، جنهن ۾ سنڌين کي شڪست ٿي، سنڌ تي عربن قبضو ڪيو. اسان اڃان ديبل ۽ راؤڙ کي ڳولي نه سگهيا آهيون. راؤڙ تي بحث هلندڙ آهي ته اهو ڪٿي آهي؟ باقي ڀنڀور جهڙي درياهي بندر کي تڙ تڪڙ ۾ ديبل چئي اسان پنهنجي جان آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
راؤڙ جي باري ۾ اسان جا محقق مونجهاري جو شڪار آهن، جنهن لاءِ مختلف محققن، مختلف رايا ڏنا آهن. لاڙ پٽيءَ جي نوجوان ليکڪ ٺٽوي ڪاتيار (ذوالفقار علي ڪاتيار) پنهنجي پهرين ڪتاب “راؤڙ/رياتڙو” بابت هڪ نئي کوجنا ڪري، بحث لاءِ نوان گس کولي ڇڏيا آهن. اهو ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي.
سندس هي ٻيو ڪتاب “برهمڻ آباد/ ڪلان ڪوٽ” جيڪو “ٺٽي جي وکريل تاريخ جو ڀاڱو ٻيو” آهي، هي ڪتاب سندس پهرئين ڪتاب جو تسلسل آهي. ڪتاب “برهمڻ آباد/ڪلان ڪوٽ” کي سمجهڻ لاءِ ٺٽوي ڪاتيار جو پهريون ڪتاب پڙهڻ ضروري آهي.
راؤڙ وانگر ڪيتري عرصي کان اسان جا تاريخدان ۽ محقق انهيءَ کوجنا ۾ رڌل آهن ته برهمڻ آباد ۽ منصوره سنڌ جي ڪهڙن علائقن ۾ آهن؟ ڪجهه محقق ٻنهي کي هڪ ئي ماڳ ڄاڻائين ٿا، انهن جو موقف آهي ته برهمڻ آباد جي فتح کانپوءِ هن جو نالو منصوره رکيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا تحقيق سامهون آئي آهي جنهن مطابق اهي ٻئي ماڳ ضلعي سانگهڙ ۾ آهن.
ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾، محققن جي سڀني ڳالهين کي سامهون رکي، ڇنڊڇاڻ ڪري، دليلن سان اهو ثابت ڪيو آهي ته راؤڙ جي قلعي وانگر هي ماڳ به ضلعي ٺٽي ۾ آهي. ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق موجب مڪلي ٽڪرين لڳ ڪلان ڪوٽ اصل ۾ برهمڻ آباد آهي ۽ منصوره جو شهر هاڻوڪو پيرپٺو آهي. ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾ مختلف ڪتابن جيڪي پنجاهه کان به وڌيڪ آهن، انهن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ثبوتن سان اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته ڪلان ڪوٽ، برهمڻ آباد آهي، پيرپٺو، منصوره آهي. انهن ماڳن تي ڪتاب جي ٽين ۽ چوٿين باب ۾ بحث ڪيل آهي.
اهو قلعو ڪڏهن ٺهيو؟ ان تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ انهن سوالن جي جواب لاءِ تفصيل سان ۽ حوالن سان بحث ڪيل آهي. ٺٽوي ڪاتيار، ديبل کان راؤڙ، ساوندي ۽ برهمڻ آباد قلعي جو نقشو، مفاصلن سان ڏنو آهي. جنهن سان هن اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته ڪلان ڪوٽ، برهمڻ آباد آهي. ان تي ڪلان ڪوٽ جو نالو ڪهڙي دور ۾ پيو البته اها ڳالهه اڃان منجهيل آهي. ڏٺو وڃي ته ڪلان ڪوٽ جا به مختلف دورن ۾ مختلف نالا رهيا آهن، جن ۾ ڪلان ڪوٽ، ڪلياڻ، تغلق آباد، طغرل آباد ۽ نصرت آباد. اهو پهريون ڀيرو آهي جو ٺٽوي ڪاتيار، ڪلان ڪوٽ تي تحقيق ڪندي اهو انڪشاف ڪيو آهي ته ڪلان ڪوٽ ئي اصل ۾ برهمڻ آباد آهي. اها ڳالهه محققن ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ نئين کوجنا آهي، جنهن تي بحث جي گنجائش آهي.
ٺٽوي ڪاتيار هن مونجهاري کي ڪنهن حد تائين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن جي تحقيق ۾ وزن به آهي، هو شڪ واري ڳالهه نٿو ڪري، هن پڪ سان اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي. ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي تاريخ جو سفر يا کڻي چئجي تحقيق جو سفر راؤڙ واري قلعي/ماڳ کان شروع ڪيو آهي، جنهن مطابق راؤڙ جو علائقو/قلعو، ساڪري تعلقي جي هاڻوڪي يونين ڪائونسل پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار ويجهو رياتڙو وارو ماڳ راؤڙ آهي. جيڪڏهن راؤڙ اهو علائقو آهي ته پوءِ برهمڻ آباد، بهرور، دهليله، منصوره ۽ محفوظه به انهن جي ويجهو هئڻ گهرجن. ٺٽوي ڪاتيار جي راؤڙ واري کوجنا برهمڻ آباد ۽ ٻين ماڳن جي ڳولا کي آسان ڪري ڇڏيو آهي. محققن کي گهرجي ته هو پنهنجي تحقيق جو رخ نئي سري سان متعين ڪن، جنهن لاءِ ٺٽوي ڪاتيار هڪ رستو ڏنو آهي.
مسٽر سمٿ جي تحقيق موجب ڪلان ڪوٽ جو قلعو سڪندر اعظم جي جوڙايل سيوهڻ واري قلعي جهڙو آهي ۽ ان جي سپهه سالار جو ئي ٺهيل آهي. تنهن کانپوءِ مختلف دورن ۾ ان جي مرمت ٿيندي رهي آهي. جيڪڏهن ڀنڀور وانگر قلعي جي کوٽائي ڪئي وڃي ته گهڻيون ڳالهيون جيڪي لڪل آهن اهي ظاهر ٿي سگهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته گهڻا شهر ۽ قلعا تباهه ٿيا ته انهن جي مٿان نوان شهر ۽ قلعا اڏيا ويا، تنهن ڪري هر دور ۾ انهن تي مختلف نالا رکيا ويا آهن ۽ ڪلان ڪوٽ جنهن کي ٺٽوي ڪاتيار برهمڻ آباد چوي ٿو، ان سان ائين ئي ٿيو آهي. هر دور ۾ ڪلان ڪوٽ تي مختلف نالا ملن ٿا، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان.
سمن جنهن وقت سومرن کان سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي، ان وقت سومرن جي گاديءَ جو هنڌ “ڪلان ڪوٽ” هو، تنهن ڪري سمن حاڪمن به ڪلان ڪوٽ کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو پر پوءِ مڪلي جي اتر پاسي نئون گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو، جنهن کي ساموئي سڏيو ويو. بعد ۾ سمن ٺٽي کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو.
ڪلان ڪوٽ جي نالي سان سنڌ ۾ هڪ ماڳ جهرڪ لڳ آهي، جنهن کي ڪافر ڪوٽ چيو وڃي ٿو. ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب “پيرائتي سنڌ ڪٿا” ۾ سومرن ۽ سمن جي شهر (1000ع-1512ع) واري نقشي ۾ ڪافر ڪوٽ جي سامهون بريڪيٽ ۾ ڪلان ڪوٽ لکيوآ هي. جنهن ۾ هُن ان ماڳ کي ڦٽل شهر ڏيکاريو آهي. ڪراچيءَ ۾ به ڪلان ڪوٽ جو علائقو آهي، جنهن کي هاڻي ڪلا ڪوٽ” چيو وڃي ٿو.
پنهور صاحب پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ ڏکڻ سنڌ ۽ اتر سنڌ جا جيڪي نقشا ڏنا آهن، جنهن ۾ اتر سنڌ جون حدون اوٻاوڙو کان هالا ڪنڊي ۽ ڪانڀو جبل تائين ڏيکاريون آهن. جنهن مطابق ڏيپر گهانگهرو ۽ برهمڻ آباد (ضلعو سانگهڙ) اتر سنڌ ۾ ڏيکاريل آهن.
تاريخ ۾ آهي ته موسمي حالتن ڪري سنڌ جا ٻه گاديءَ جا هنڌ رهيا آهن. اتر سنڌ ۾ اروڙ (الور) ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ برهمڻ آباد. ڏهرسيا برهمڻ آباد مان لاڙ سنڌ، سيوهڻ ۽ مڪران تي راڄ ڪندو هو ۽ ڏاهر جو اتر سنڌ، ملتان ۽ ڪچي جي ٽڪرين تي راڄ هو (پيرائتي سنڌ ڪٿا، ايم ايڇ پنهور. حوالو: چچنامو).
پنهور صاحب، برهمڻ آباد (سانگهڙ ضلعو) کي اتر سنڌ ۾ ڏيکاريو آهي، جڏهن ته ڏهرسيا، ڏکڻ سنڌ تي برهمڻ آباد مان راڄ ڪندو هو ته پوءِ برهمڻ آباد کي ڏکڻ سنڌ (لاڙ) ۾ هئڻ گهرجي. تنهنڪري مٿين ڳالهين جي پيش نظر ٺٽوي ڪاتيار، ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد قرار ڏيئي ٿو ته ڳالهه وزندار آهي. هُن جي ڳالهه رد ڪري نٿي سگهجي. جنهن لاءِ محققن کي گذارش ته ٺٽوي ڪاتيار جي ڳالهين ۽ دليلن ۽ مٿي بيان ڪيل حقيقتن جي روشني ۾ برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) تي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾ راؤڙ ۽ برهمڻ آباد وارن ماڳن کي سمجهائڻ لاءِ ڪتاب جي پهرئين باب ۾ “برهمڻ يا عرب دور ۾ سنڌو جا وهڪرا” تي جيڪا تحقيق ڪئي آهي، ان جي پڙهڻ سان ٺٽوي ڪاتيار جي ڳالهه وڌيڪ وزندار لڳي ٿي. خاص ڪري ڪلري شاخ تي ۽ ٺٽي شهر جي پسگردائي ۾ جيڪي وهڪرا آهن، انهن تي بحث ڪيل آهي.
ڪلري شاخ جو ذڪر تاريخ ۾ گهڻو ملي ٿو. ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب Chronological Dictionary of Sindh جنهن جو سنڌي ترجمو عمر سومري “پيرائتي سنڌ ڪٿا” نالي سان ڪيو آهي. جنهن مطابق “جڏهن 26 جون 1524ع تي شاهه بيگ، اگهاماڻي ۾ گذاري ويو ته چڱن مڙسن، پٽس مرزا شاهه حسن جي اطاعت کي قبول ڪيو. 30 آگسٽ 1524ع ۾ نصرپور ۾ پڳ ٻڌرائي وئي، هن وقت سنڌ جو حاڪم ڄام فيروز هو. 2 سيپٽمبر 1524ع ۾ شاهه حسن، ڄام فيروز کي چٿڻ لاءِ نصرپور کان ٺٽي ڏانهن هليو. سندس پهچڻ جو ٻڌي ڄام فيروز ٺٽو ڇڏيو ۽ درياءَ ٽپي ويو. هي هاڻ بگهاڙ ۽ سنڌو جي ريڻ واهڙ جي وچ تي هو. سيپٽمبر 1524ع ۾ شاهه حسن درياءَ (ڪلري واهڙ) ٽپيو ۽ ٺٽي تي قبضو ڪيائين. سنڌو درياءَ جا ان وقت ٽي واهڙ هئا، هڪ ريڻ، جيڪو مُک وهڪري کان ٽنڊو محمد خان ۽ ماتليءَ جي وچ تي ڇڄي، ڪوري کاري ڏانهن ٿي وهيو. ٻيا ٻه هئا ڪلري ۽ بگهاڙ. بگهاڙ مُک واهڙ هو ۽ ڪلري ننڍڙو تانگهو واهڙ هو، جنهن مان خان واهه جو منهن هو”.
ڪلري دريائي شاخ آهي، ڪينجهر جنهن کي ڪلري ڍنڍ به چيو ويندو آهي. جنهن جو هينئر وڏو وسيلو ڪوٽڙي بئراج کان نڪرندڙ ڪلري بگهاڙ واهه آهي، جنهن کي ڪراچي واهه به چيو وڃي ٿو. ڪلري ڦاٽ جو وهڪرو ڪينجهر ڍنڍ کي ڀرڻ کانپوءِ اچي جهول ڍنڍ ۾ پوندو آهي. ساموئي، ٺٽي جي اتر ۽ مڪلي جي اتر اولهه ۾ وهي هاليجي، ڳنڍيرو ڍنڍن کي ڀرڻ کانپوءِ گهاري وٽان لنگهي ڀنڀور کان اڳتي ابراهيم حيدري لڳ ڀُنڊار ٻيٽ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، گهاري وٽان لنگهڻ ڪري ان کي گهارو ڪريڪ ۽ اڳتي ڦٽو ۽ ڦٽي ڪريڪ به چيو وڃي ٿو. 26 ميلن تائين ان کي اڃان به ڪلري چيو وڃي ٿو.
قديم دور ۾ سنڌو درياءَ، ٺٽي جي اتر ۽ ڏکڻ ٻن پاسن کان وهندو هو. اترين شاخ کي ڪلري ۽ مڪلي جي ڏکڻ پاسي وهندڙ شاخ ڪلان ڪوٽ کان ٿيندو ڦيرو کائي لٽ مڪان پار ڪري بگهاڙ ڦاٽ ۾ ڪرندو هو.
سنڌ ۾ گهڻو ڪري هڪ کان وڌيڪ نالن سان ماڳ، ڍورا، نئون ۽ ڍنڍون موجود آهن، جنهن جي ڪري به مونجهارو رهي ٿو پر جيڪڏهن تاريخدان ۽ محقق ڪتابن پڙهڻ کانسواءِ سرزمين تي وڃي کوجنا ڪن ته ان قسم جا گهڻا مونجهارا ختم ٿي سگهن ٿا. ڪلري لاءِ چيو ويندو آهي ته “ممڪن آهي ته اهو سڪرنڊ ويجهو ٿي سگهي ٿو”، ممڪن آهي سڪرنڊ ويجهو ڪنهن ماڳ جو نالو ڪلري به هجي پر تاريخ ۾ جنهن ڪلري واهه جو ذڪر آيل آهي، اها ڪلري اها ئي آهي جنهن جو ذڪر ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي، جنهن لاءِ مون به مٿي انهيءَ ڪلري واهه جو ذڪر ڪيو آهي. ياد رهي ته ڪراچيءَ جي پراڻي علائقي کڏي ۾ لياري نئين جي پراڻي ڪپ تي به هڪ علائقو آهي جنهن کي اڄ به ڪلري چيو ويندو آهي. اهڙا ڪيترائي ماڳ هوندا پر جنهن ڪلري تي بحث هلي رهيو آهي سو ٺٽي ضلعي وارو ڪلري واهه آهي. مون ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، هيلايا ٽڪري کان مڪلي، ساموئي کان گجي تائين ۽ اڳتي ڀنڀور تائين ڪلري واهه جو سفر ڪيو آهي، انهيءَ سفر ۾ ساموئي کان گجي تائين اسان جو پيارو دوست ڊاڪٽر محمد علي مانجهي اسان جو سونهون هو.
ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب جي باب ٻئي ۾ “سنڌ جا ٻه گمنام قلعا بهرور ۽ دهليله” تي بحث ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته راؤڙ ۽ برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق موجب ٺٽي ضلعي ۾ آهن ته پوءِ بهرور ۽ دهليله جي قلعن کي به انهن ماڳن جي ويجهو هئڻ گهرجي.
فتحنامه سنڌ ۾ آهي ته “محمد بن قاسم جو پڪو ارادو هو ته برهمڻ آباد فتح ڪجي، راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻيا ٻه قلعا، بهرور ۽ دهليله نالي هئا”.
ٻين ماڳن وانگر اسان جا محقق به مٿين ٻن قلعن بابت مونجهاري جو شڪار آهن، ان جو سبب اهو آهي ته انهن جو ٺٽي ضلعي ڏانهن ڌيان نه وڃي سگهيو آهي. جيڪڏهن محقق، محمد بن قاسم جي ديبل تي حملي ۽ چچنامي مطابق هلن ۽ ٺٽي ضلعي جي ماڳن تي تحقيق ڪن ته اهو مونجهارو گهڻي حد تائين ختم ٿي وڃي ها. پر ائين نه ٿيو، شڪ جي بنياد تي مختلف ماڳن کي مختلف نالا ڏنا ويا. گهڻا محقق، دهليله کي نوابشاهه ۾ ڏيکارين ٿا.
ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪا تحقيق ڪئي آهي، هُن مطابق برهمڻ آباد جو قلعو ٺٽي ضلعي ۾ آهي ته پوءِ مٿين ٻنهي قلعن کي به هتي ئي هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ آهي ته راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻه قلعا بهرور ۽ دهليله آهن.
ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق موجب بهرور ۽ دهليله جا قلعا ٻروسر ڪالوني جي اڀرندي پاسي نهائين، ڳوٺ تاج محمد ٻرڙي جي پاسي واري ميدان توڙي اگهيمن واري ڳوٺ تائين انهن ٻنهي قلعن کي ڳولي سگهجي ٿو. جتي قديم آثار موجود آهن.
ڪتاب جو چوٿون باب “منصوره يا پيرپٺو”. جيڪو به نهايت اهم باب آهي، جنهن ۾ ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي کوجنا، مطالعي، مشاهدي ۽ ڪتابن جي حوالن سان اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته منصوره اصل ۾ پيرپٺو آهي. جنهن کي گهڻن محققن ديبل به لکيو آهي. ٺٽوي ڪاتيار جي ڳالهه کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ هُن وٽ ثابت ڪرڻ لاءِ ٺوس دليل آهن.
منصوره بابت گهڻن عرب ليکڪن جي لکڻين ۾ ڪافي مونجهارا موجود آهن. انهن مان گهڻن برهمڻ آباد کي منصوره لکيوآ هي. اهي ليکڪ سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي کان اڻ واقف هئا. تنهنڪري ماڳن ۽ نالن جي حوالي سان انهن ۾ ڪنهن حد تائين غلطيون موجود آهن. اوائلي لکتن موجب منصوره جو شهر برهمڻ آباد جي ڀر ۾ ٻن فرسخن (6 ميل) جي فاصلي تي اڏيو ويو هو. جنهن مان اها ڳالهه واضع آهي ته برهمڻ آباد ۽ منصوره الڳ الڳ ماڳ آهن. ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي تحقيق ۾ اها ڳالهه ٻڌائي آهي ته ڪلان ڪوٽ، برهمڻ آباد آهي ته ڇهن ميلن جي مفاصلي تي قديم شهر/ماڳ پيرپٺو آهي ۽ پيرپٺو ، منصوره آهي. اها به نئين تحقيق آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ هن لاءِ ٺٽوي ڪاتيار جيڪي حوالا ۽ دليل ڏنا آهن اهي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. تنهنڪري محققن کي ان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ گهرجي.
ٺٽوي ڪاتيار، ڪتاب ۾ اڳتي باب پنجين ۾ “ساوندي/ٿرڙي (گجو) آهي. هو لکي ٿو ته جنهن ماڳ جو قديم نالو “ٿرڙي يا ٿرڙو” آهي. ٿرڙي ۽ ساوندي هڪڙي ماڳ جا ٻه نالا آهن. اهو تاريخي ماڳ گجي شهر کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي آهي.
باب ڇهون “اگهم ڪوٽ يا پير درس داد”. ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق موجب اگهاماڻو ۽ اگهم ڪوٽ الڳ الڳ ماڳ آهن، جن کي اسان جي محققن هڪ ڄاڻائي تحقيق جا رستا بند ڪيا آهن. هو لکي ٿو ته دراصل نه برهمڻ آباد، سانگهڙ ضلعي ۾ آهي ۽ نه ئي اگهم ڪوٽ هاڻوڪي ماتلي ۾ آهي. برهمڻ آباد جو قلعو هاڻوڪو ڪلان ڪوٽ جو قلعو آهي ۽ اگهم ڪوٽ هاڻوڪي وقت ۾ ان جاءِ تي هو جتي پير درس داد جي درگاهه آهي.
ڪتاب جو ستون باب “سسئي جي جنم ڀومي” بابت آهي. هو لکي ٿو ته ڀانڀرا، ٻانڀڻاھ، بابن واھ، اصل ۾ لفظ ٻاٻڙا آهي، جيڪو ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپور ساڪري ۽ هاڻوڪي يونين ڪائونسل پليجاڻي ۾ “ٻاٻڙا” آهي، اهو ئي ڀانڀرا، ٻانڀڻاهه ۽ بابن واهه آهي.
ٺٽوي ڪاتيار جي اها ڳالهه درست آهي. ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق کان اڳ جڏهن مون ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري “سسئي جي واٽ: شاهه لطيف جي شاعريءَ جي پسمنظر ۾” ڀنڀور کان ڪيچ تائين سفر ڪيو، قصي سسئي پنهون جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ته اسان ان نتيجي تي پهتاسين ته سسئي کي ڀنڀور جي ويجهو گجي لڳ سنڌو جي ڪنهن ڇاڙ ۾ صندوق ۾ بند ڪري ننڍي بتيلي تي رکي لوڙهيو ويو، جيڪا بنا ڪنهن رنڊڪ جي ڀنڀور ۾ پهتي ۽ سسئي جي جنم ڀومي به گجي جي آس پاس آهي.
ياد رهي ته ڪلري شاخ جيڪا ڪينجهر کان ساموئي، مڪلي جي اتر اولهه کان وهي، ڏکڻ پاسي رخ ڪندي هئي، جنهن جي هڪ ڇاڙهه گجي کان اولهه کان وهي ڏکڻ پاسي رخ ڪندي هئي، اتي شاخ ڏکڻ کان وهندي هئي. اها شاخ ٻاٻڙا ڀرسان لنگهي گهاري ڪريڪ پاسي رخ ڪندي هئي، جنهن جا آثار موجود آهن.
پير صدرالدين ميرانپور جي درگاهه لڳ هڪ ڍنڍ جا اهڃاڻ آهن، جيڪي اصل ۾ سنڌو جي ڪنهن ڇاڙ جا آثار آهن. مقامي ماڻهو ان کي “سسئي جو درياءَ” سڏين ٿا، جنهن جو دورو اسان به ڪيو هو ۽ سائين احسان جوکئي پنهنجي ڪتاب “وليون، واس، ورنيون” ۾ به هن جو ذڪر ڪيو آهي. اها ڳالهه پڙهي اسان ان ماڳ جو دورو ڪيو هو.
ڪتاب جو آخري باب (اٺون باب) “سهڻي ميهار” جي قصي بابت آهي. اهو قصو به سسئي پنهون جي قصي وانگر پنجاب ۾ به مشهور آهي. ان باب ۾ به ٺٽوي ڪاتيار دليلن سان پراڻين تحقيقن کي رد ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته “تلو ڍنڍ” منهنجي (ٺٽوي ڪاتيار جي) اباڻي ڳوٺ (محمد هاشم ڪاتيار، يونين ڪائونسل پليجاڻي، تعلقو ميرپور ساڪرو ضلعو ٺٽو) جي بلڪل اولهه پاسي آهي. جڏهن ته ڪنهن وقت ۾ درياءَ منهنجي (ٺٽوي ڪاتيار جي) ڳوٺ جي ويجهو وهندو هو. جڏهن ته ڇڇ ساهڙڪو منهنجي (ٺٽوي ڪاتيار جي) ڳوٺ کان اوڀر پاسي ڪجهه مفاصلي تي آهي. انهن ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته سهڻي تلي وٽان درياءَ اُڪري ٻي پار ميهار سان ملڻ ويندي هئي. انهيءَ ڳالهه لاءِ پوري باب ۾ ٺٽوي ڪاتيار مظبوط دليل ڏنا آهن.
ٺٽوي ڪاتيار جو هي ڪتاب هر تاريخ دان، تاريخ جي شاگردن ۽ محققن کي پڙهڻ گهرجي. ٺٽوي ڪاتيار، ڪتاب ۾ جن وڃايل ماڳن ۽ مڪانن تي تحقيق ڪئي آهي، اهو ساراهه جوڳو عمل آهي. ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق ۽ ڳالهين ۾ وزن آهي. جنهن ۾ هن ڪتابن جي مطالعي کانسواءِ خود وڃي انهن ماڳن، قلعن ۽ مڪانن جو مشاهدو ڪيو آهي، ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون آهن. ٺٽوي ڪاتيار گهڻي حد تائين انهن ڳالهين کي سلجهايو آهي، جن تي سنڌ جا وڏا اديب ۽ محقق ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ لحاظ کان هن نوجوان انهن جي ڪم کي چيلينج ڪيو آهي ۽ دليلن سان پراڻن شڪ جي بنياد تي ڳالهين کي رد به ڪيو آهي ۽ تحقيق جا نوان دروازا کولي ڇڏيا آهن، نوان گس ڏيکاريا آهن.
ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي، خاص ڪري راؤڙ، برهمڻ آباد، منصوره، محفوظه، ساوندي، بهرور، دهليله، ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت ڪافي بحث ڪيل آهي. هن نيون کوجنائون ڪيون آهن، جنهن لاءِ هن وٽ دليل به آهن. هو هوائي ڳالهيون نٿو ڪري. ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو. هن جي ڪم تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.
هن تحقيقي ڪم تي ۽ ڪتاب لکڻ تي ٺٽوي ڪاتيار کي اڻ ڳڻيون واڌايون. اميد آهي ته هو اهو سلسلو جاري رکندو ۽ رکڻ به گهرجي.
آخر ۾ ٺٽوي ڪاتيار کان هڪ گذارش ته ڪتاب ۾ جن ماڳن، مڪانن جو ذڪر آهي، انهن ماڳن، رستن، شاخن، قلعن، واهن ۽ ڍنڍن تي هڪ نقشو ترتيب ڏيئي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته پڙهندڙ وڌيڪ آساني سان سندس تحقيق کي سمجهي سگهندا.

ساٿ سلامت
گل حسن ڪلمتي
ڪراچي، 11 مئي 2018ع
03222445370