باب ستون: سسئي جو جنم ڀومي (ٻاٻڙا)
منهنجو اندازو آهي ته اهو اصل لفظ ٻاٻڙا ئي آهي. پوءِ جڏهن سنڌ جي تاريخ کي فارسي ٻولي ۾ لکيو ويو ته ٻ ۽ ڙ جي جڳهه متبال اکر استعمال ڪيا ويا. وري جڏهن فارسي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو ته اسان انهن لفظن کي سلجهائي نه سگهياسين.
محترم غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 83)” تي لکي ٿو ته “لاڙ ۾ ڀانڀر واهه ۾، جسوڌڻ آڳري جي حڪومت هئي”. اگر ڀانڀر واهه يا ٻانڀڻاهه هڪڙو ئي نالو آهي ته ان کي لاڙ ۾ ڳولڻ گهرجي.
بابن واه / ٻانڀڻاهه جي حوالي سان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون (ص 371) ۽ تاريخ طاهري (ص 290) تي ڪجهه هن ريت لکيل آهي “ روايت آهي ته هتي ڪڏهن دلوراءِ جي حڪومت هوندي هئي يعني اروڙ ۽ محمد طور جي وچ تي. دلوراءِ جي گاديءَ جو هنڌ بابن واهه هو. بابن واهه شايد بانبراه جي بدليل صورت هجي جنهن مان مراد ٻانڀڻاهه (برهمڻ آباد) هجي، عوام ۾ ائين مروج هو. بابن واهه جي آثارن مان هڪ منارو اڃان تائين سرزمين تي موجود آهي. اهو منارو اڃا سوڌو منصوره جي ڦٽل ماڳن مان شهدادپور ضلعي سانگهڙ کان اٺ ميل ڏکڻ-اوڀر پاسي باقي آهي. آثار جيڪي اصل ۾ منصوره شهر جا آهن، عوام ۾ بانبراهه (برهمڻ آباد) جا آثار ليکيا وڃن ٿا”.
ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي ته محمد طور کي اسان شاهڪپور يعني بٺوري ۽ جاتي واري پاسي لکندا آهيون جڏهن ته اروڙ کي سکر وٽ ته پوءِ ايتري مفاصلي تي اهڙو مثال ڪيئن ۽ ڇو ڏنو ويو؟ اها خبر به نٿي پوي ته ڇا منصوره ۽ برهمڻ آباد هڪڙي ماڳ جا نالا آهن يا اهي ٻه الڳ الڳ ماڳ آهن. تاريخي ڪتابن مان خبر پوي ٿي ته برهمڻ آباد تمام قديم شهر آهي جڏهن ته منصوره جو بنياد اموي گهراڻي جي ستين گورنر حڪم بن عوانه الڪلبي جي گورنري دوران عمرو بن محمد بن قاسم رکيو هو ۽ خود بلوچ صاحب لکي ٿو ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان ڇهه ميلن جي مفاصلي تي هو.
اصل حقيقت اها آهي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب خود ان نظريي جو هو ته هن پوئين دور ۾ جنهن به سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو آهي انهن راؤڙ ۽ اروڙ کي هڪ ڪري لکيو آهي جيڪو سراسر غلط آهي. بلوچ صاحب اهو به ٻڌائي ٿو ته اروڙ اپر سنڌ ۾ سکر وٽ هو جڏهن ته راؤڙ لاڙ واري حصي ۾ آهي. ٿي سگھي ٿو ته اصل فارسي ايڊيشن ۾ اهو جملو “راؤڙ ۽ محمد طور” لکيل هجي پر اسان جي اديبن ان کي اروڙ ۽ محمد طور لکيو آهي. جيئن دادا سنڌي پنهنجي ڪتاب سنڌين جي فوجي مهارت (ص 37) تي لکيو آهي ته “راؤڙ جي قلعي جي اڳيان ڌٻڻ واري زمين هئي” جڏهن ته ساڳي ڳالهه مشتاق مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب سنڌ بابت جامع معلومات (ص 158) تي لکيو آهي ته “اروڙ جي قلعي جي ٻاهران چوڌاري دٻڻ هئي”. بلڪل ائين تاريخ ۾ لکيل هوندو ته “ٻانڀراه، راؤڙ ۽ محمد طور جي وچ تي هو” پر بعد ۾ اسان جي اديبن ان ڳالهه کي ڦيرائي لکي ڇڏيو ته “ٻانڀراه، اروڙ ۽ محمد طور جي وچ تي هو”.
راؤڙ جو تفصيلي ذڪر مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو آهي ته اهو منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي پاسي ۾ آهي جتي راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ لڳي هئي. هاڻي سوال اهو ته پوءِ محمد طور ڪٿي هو؟. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ محمد طور جي نالي سان ٻه شهر هئا. هڪ درڪ پرڳڻي ۾ جنهن جو ذڪر اڪثر تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿو جڏهن ته ٻيو ساڪري پرڳڻي ۾، جنهن کي تاريخ ۾ محمد طور (ثاني) لکيو ويو آهي.
ڪتاب تاريخ طاهري (ص 33) ۽ سنڌ جا قديم آثار (ص 303) “سومرن جو پايه تخت محمد طور هو جيڪو درڪ پرڳڻي ۾ شامل هو ۽ هاڻي ويران ٿي ويو آهي. مون اڪيلي نه پر ڪيترن ٻين به اهي کنڊر ڏٺا آهن جيڪي عجيب ۽ غريب آهن. هن شهر جي تباهيءَ کان پوءِ هن شهر جا رهاڪو وڃي ساڪري جي پرڳڻي ۾ ويٺا، جيڪو سمن ڄامن جي وقت ۾ آباد ٿيو هو ۽ اتي به هنن هڪ شهر جو بنياد رکيو، جنهن کي به محمد طور جو نالو ڏنائون.”
بلوچ صاحب لکي ٿو ته “ساڪري پرڳڻي مان مراد هاڻوڪو تعلقو ميرپور ساڪرو (تاريخ طاهري ص 289)” تعلقو ميرپور ساڪرو ته تمام وڏو آهي پوءِ محمد طور (ثاني) ڪٿي هو؟ ان لاءِ تحفةالڪرام (ص 621)، مڪلي نامون (ص 693) ۽ سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 200) تي واضع لکيو آهي ته “شيخ ابو تراب جي مزار کچي جي ڳوٺ، جيڪو ناري ۽ لٽي شهر جي بدران آباد ٿيل آهي ۽ ڪوڙي جي ڳوٺ، جو رسول آباد يا محمد طور ثاني جي بجاءِ وسيو آهي”. لٽي يا لٽ جو ماڳ اڄ به شيخ ابو تراب جي قبر کان اولهه ڏکڻ ۾ موجود آهي ۽ لٽ جي ڪري اتي جي رهواسين کي لٽائي سڏيو وڃي ٿو. مثال لٽائي جوکيه، لٽائي خاصخيلي وغيره. بابا سائين جو پيارو دوست، ضلع ڪائونسل جو ميمبر چاچا علي خان لٽائي سالار جوکيو. علي خان جي جوکيو ذات آهي جڏهن ته سالار جوکين جو هڪ پاڙو آهي جڏهن ته لٽائي، لٽ جي ڪري چيو وڃي ٿو. جڏهن ته ناري جو ذڪر محترم غلام علي الانا به لکيو آهي.ڪوڙي ديهه جي حيثيت سان اڄ به گجي کان ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. کچي جي ڳوٺ لاءِ محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 86) تي لکي ٿو ته “موجوده گجي ۾ هڪ قديم مسجد جا آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، مقامي ماڻهو ان کي “قديم مسجد” جي نالي سان ياد ڪن ٿا. گجي جي ڀر ۾ کجين جا ڪافي پراڻا جهڳٽا ڏسجن ٿا ۽ زمين دوز قديم ڊٺل جاين جا نشان به معلوم ڪري سگهجن ٿا. عام ماڻهو اهو به انومان ڪڍن ٿا ته ان بستيءَ کي ئي “کجي يا کچي” جو ڳوٺ سڏيندا هئا. جيئن مختلف تاريخن ۾ کجيءَ جي ڳوٺ وٽ شيخ ابوتراب جي مزار ٻڌايو ويو آهي. شيخ ابو تراب جي مزار موجوده گجي کان ٻه ڪلوميٽر اولهه ڏکڻ ۾ آهي”. جڏهن ته گجي سان تعلق رکندڙ ڄاڻو دوست محترم شيراز گل ميمڻ ٻڌايو ته چارلس نيپيئر پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ گجي کي کجين وارو ڳوٺ ڪري لکيو آهي. باقي محمد طور ثاني لاءِ لکي ٿو ته رسول آباد يا محمد طور ثاني مطلب ته محمد طور ثاني ۽ رسول آباد هڪڙي ئي شهر جا ٻه نالا آهن. پهرين ڳالهه ته مٿين ڏنل چارئي ماڳ (لٽ يا لٽي، ناري، ڪوڙي ۽ کچي يا کجي) موجوده گجي جي آسپاس اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اهي ماڳ شيخ ابو تراب جي درگاه بابت ڏنا ويا آهن ۽ شيخ ابو تراب جي درگاهه موجوده گجي جي ئي پاسي ۾ آهي. ان مان مراد ته محمد طور (ثاني) يا رسول آباد کي موجوده گجي جي آسپاس ۾ ئي هجڻ گهرجي.
قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو (ص 258) “سومرن جي ڏينهن ۾ اهو شهر (محمد طور) مکيه شهر هو ۽ سندس پاسي ۾ ٻيو ٿرڙيءَ جو شهر هو”.
رسول آباد لاءَ “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص 117)”، “تحفةالڪرام (ص 575)” ۽ “انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 93) تي لکن ٿا ته “درس للو، ساڪري پرڳڻي جي رسول آباد ڳوٺ جو رهندڙ ۽ اتان جي مشهور خليفي بايزيد جو اولاد مان هو”.
ڳالهه جو مطلب ته جتي هن وقت گجو جو شهر آهي ان جي آسپاس گجو، هاليجي ۽ گل منڊا تائين محمد طور (ثاني) يا رسول آباد کي ڳولي سگهجي ٿو. يا کڻي ائين چئجي ته موجوده گجي وٽ ڪنهن دور ۾ محمد طور (ثاني) يا رسول آباد جو شهر هو جيڪو سومرن درڪ پرڳڻي وارو محمد طور ڇڏڻ کان پوءِ ساڪري پرڳڻي ۾ اچي آباد ڪيو هو.
اصل عبارت هن ريت لکيل هوندي ته “ٻانڀراه، محمد طور ثاني ۽ راؤڙ جي وچ تي هو.” هن وقت گجي ۽ منهنجي ڳوٺ جي وچ تي ٻاٻڙا ئي اهڙو ماڳ آهي جيڪو ٻانڀراه سان ملي ٿو. جڏهن ته محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 101) تي لکي ٿو ته “عام روايت آهي ته صدرالدين ميرانپور (گهارو کان اوڀر 5 ڪلوميٽر) جي درگاهه جي لڳ هڪ ڍنڍ نما وهڪري جا نشان ڏسجن ٿا. عام ماڻهو ان کي “سسئي جو درياء” سڏين ٿا. سسئي انهي وهڪري مان لڙي گهاري جي اتر کان لنگهي وڃي ڀنڀور پهتي هئي”. درگاهه صدرالدين ميرانپور، ٻاٻڙا ڳوٺ کان 2 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اتر طرف، ٻاٻڙا کان سلطان آباد ويندڙ رستي تي آهي.
لوڪ ادب جي ڪتاب “مشهور سنڌي قصا” (ص 24) تي سنڌ جو برک ڏاهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته “ سنڌ ۾ دلوراءِ نالي راجا (محمد طور ۽ ساڪري شهرن جي وچ واري علائقي تي)حڪومت ڪندو هو”. ساڳي صفحي تي آخر ۾ لکي ٿو ته “آخر مذڪور ظلم ۽ بي انصافين کان اهو شهر “ٻانڀڻاھ” زمين هيٺ نگهوسار ٿي ويو”. (نوٽ: هي مواد سنڌي ادبي بورڊ جي آنلائن لائبريري تان ورتو ويو آهي). تاريخ گواه آهي ته سنڌ ۾ ساڪري جي نالي سان هڪڙو ئي شهر آهي جيڪو موجوده ٺٽي ضلعي ۾ اچي ٿو.
مٿين ڳالهين مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته شاهه جي سورمي سسئي، جنهن کي شاهه صاحب پنجن سُرن ۾ ڳايو آهي ان جو جنم ڀومي موجوده ٺٽي ضلع، تعلقي ميرپور ساڪري جي موجوده يونين ڪائونسل پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو) ۾ موجوده ٻاٻڙا ڳوٺ آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته ٻاٻڙا مان سسئي جي صندوق ڀنڀور تائين ڪيئن پهتي؟ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو (ص 32) “انهن سسئيءَ کي هڪ صندوق ۾ رکي ڀانڀرواهه ۾ رکي لوڙهي ڇڏيو. اها صندوق ڀنڀور شهر ۾ اچي ڪناري سان لڳي”.ان لاءِ اسان کي ٻه ڳالهيون ملن ٿيون. هڪ ته وڏي درياءَ جي رستي (مون پنهنجي پهرين توڙي ٻي ڪتاب ۾ واضع لکيو آهي ته ٻاٻڙن وٽان ڪنهن دور ۾ درياءَ وهندو هو جيڪو منهنجي ڳوٺ وٽان ٿي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. (اهو درياءَ جيڪو اڪري عربن راؤڙ تي حملو ڪيو هو) سسئي جي صندوق سمنڊ تائين ويئي ۽ اتان لهرن ۾ لڙندي ڀنڀور تائين وئي هجي. ٻيو ته ڪتاب سنڌ عرب دور (ص 443) ۾ لکيل آهي ته “چون ٿا ته هڪ واهه نالي نانيا واهه ڀنڀور شهر ڀرسان وهندو هو. جو ڀائنجي ٿو ته تازي پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ درياءَ مان کوٽيو ويو هجي.” هن عبارت مان اهو مفهوم ڪڍي سگھجي ٿو ته نانيا ته سسئي جي پيءُ جو نالو هو، ٿي سگھي ٿو ته موجوده ٻاٻڙن وٽان درياءَ مان اهو واهه ڪڍيو ويو هجي ۽ ان واهه جي ذريعي سسئي جي صندوق ڀنڀور تائين ويئي هجي. ٺٽي ضلعي ۾ اڄ به هڪ واه راڻيا واه آهي. ٿي سگهي ٿو ته راڻيا ۽ نانيا هڪ ٻئي جون بگڙيل شڪلون هجن.
اگر اسان سسئي جو جنم ڀومي موجوده سانگهڙ ۾ لکون ته ٻه ڳالهيون تحقيق طلب آهن. هڪ اها ته سانگهڙ کان ڀنڀور تائين درياءَ جي شاخ ڏيکاري وڃي ۽ ٻي ڳالهه اها ته هڪ ڄاول ٻار ( يا ڇهن مهينن جو ٻار) جنهن کي صندوق ۾ وجهي درياءَ جي حوالي ڪيو ويو اها صندوق درياءَ ۾ لڙندي شهدادپور (سانگهڙ) يا سيوهڻ کان ڀنڀور تائين ڪيترا ڏينهن ورتا هوندا؟
حقي برادرز پاران سنڌ جو جيڪو نقشو ڏنل آهي ان ۾ شهر شهدادپور، حيدرآباد کان 114 ڪلوميٽر پري آهي. حيدرآباد کان ٺٽو 100 ڪلوميٽر ۽ ٺٽي کان ڌاٻيچي مارڪيٽ 45 ڪلوميٽر ۽ ڌاٻيچي مارڪيٽ کان ڀنڀور 2 ڪلوميٽر پري آهي. جيڪو ڪم وبيش 261 ڪلوميٽر ٿين ٿا. اڄ جي دور ۾ هڪ تيز رفتار گاڏي به شهدادپور کان ڀنڀور تائين تقريباً 5 کان 6 ڪلاڪ لڳائي سگهي ٿي ته پوءِ درياءَ ۾ لڙندڙ صندوق گهڻا ڪلاڪ يا ڏينهن ورتا هوندا؟ جيڪو غور طلب سوال آهي. جڏهن ته سيوهڻ لاءِ به ساڳي ڳالهه چئي سگهجي ٿي.
جڏهن ته 1983ع ۾ ڀنڀور تي هڪ سيمينار ٿيو هو. ان ۾ جيڪي مقالا پڙهيا ويا انهن کي سهيڙي محترم عبدالقادر منگي صاحب، “ڀنڀور ۽ ديبل” جي نالي سان ڪتاب ترتيب ڏنو هو.
ان ڪتاب جي (ص 2) تي سنڌ جو برک ڏاهو ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو ته “اهو مشهور آهي ته سسئي جنهن کي صندوق ۾ بند ڪري سيوهڻ وٽان درياءَ ۾ وڌو ويو”.
ساڳي ڪتاب ۾ (ص 169) تي محترم مير حاجي محمد بخش ٽالپر صاحب لکي ٿو ته “وڌيڪ بحث ڪونه ٿا ڪريون ته (سسئي) ڪهڙي ندي مان لڙهي آئي پر سيوهڻ يا برهمڻ آباد ٻنهي هنڌن کان لڙهي اچڻ مفروضه آهن”.
ساڳي ڪتاب ۾ (ص 190) تي سنڌ جو مشهور مورخ محترم معمور يوسفاڻي صاحب لکي ٿو ته “جيتري قدر سسئي جي صندوق جو درياه ۾ داخل ٿيڻ جو تعلق آهي، تنهن موجب سيوهڻ ۽ برهمڻ آباد مان صندوق ڀنڀور ڏانهن اچڻ وارو واقعو درست ڏسڻ ۾ نٿو اچي”. وڌيڪ لکي ٿو ته “سسئي جي پيتي ڪنهن اهڙي هنڌ تان درياه ۾ داخل ڪئي وئي هئي، جيڪو ڀنڀور جي قريب هو ۽ پيتي بنا روڪ جي ڀنڀور ۾ پهتي هئي. ٻيءَ حالت ۾ پيتي لازمي طرح ڪٿي روڪجي پوي ها ۽ ڇوڪري زنده نه رهي ها. آثارن ۽ روايتن مان ائين ٿو ظاهر ٿئي ته اها پيتي پراڻي ٻانڀڻاه عرف ڪاٺ ٻانڀڻ جي شهر وٽان ننڍي وهڪري ۾ لوڙهي وئي هئي. جنهن جي نسبت سان ڳالهه کڻندڙن، سسئي کي ٻانڀڻ جي ڌيءَ بنائي ڇڏيو ۽ شاعرن ان کي ٻانڀڻ ۽ برهمڻ نالي سان ڳايو آهي”.
ساڳي ڪتاب ۾ ساڳي صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “ڳالهه ظاهر پيئي آهي اصل ۾ اها سڀ ٻانڀڻاه جي لفظ جي ڪرامت آهي. جتان اها پيتي لڙهي ڀنڀور ۾ پهتي ۽ قصي نويسن ۽ ڳالهه ڳائيندڙن، ٻانڀڻاه وٽان وهي ايندڙ ڇوڪري کي کڻي ٻانڀڻ جي ڌيءَ بنايو”.
انڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته سسئي ٻانڀڻاه مطلب ٻاٻڙن جي علائقي جي هئي. ڀٽائي سرڪار فرمائي ٿو ته “ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي، ناهيان خان کٽياڻي”.