لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي، خاص ڪري راؤڙ، برهمڻ آباد، منصوره، محفوظه، ساوندي، بهرور، دهليله، ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت ڪافي بحث ڪيل آهي. هن نيون کوجنائون ڪيون آهن، جنهن لاءِ هن وٽ دليل به آهن. هو هوائي ڳالهيون نٿو ڪري. ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو. هن جي ڪم تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.
Title Cover of book برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

باب اٺون: قصو سهڻي ۽ ميهار جو (تلو ۽ ساهڙڪو ڍنڍ)

ڀٽائي سرڪار جن سورمين کي ڳايو آهي انهن مان نوري ڄام تماچي ۽ سسئي پنهون جو تعلق موجوده ٺٽي ضلع سان جڏهن ته سورٺ راءِ ڏياچ جو تعلق ڪڇ جي رڻ سان، عمر مارئي جو تعلق موجوده ٿر واري علائقي سان آهي. ليلان چنيسر، سهڻي ميهار ۽ مومل راڻي جا ماڳ اڃان تائين تحقيق طلب آهن. مختلف ماڳن سان انهن قصن کي تشبيهه ڏني وئي آهي پر حقيقت اڃان تائين لڪل آهي. سهڻي ميهار جي قصي لاءِ اسان وٽ سنڌ ۾ هن وقت اهو مشهور آهي ته اهو قصو موجوده ضلع سانگهڙ جي شهر شهدادپور سان تعلق رکي ٿو، ڇو ته شهدادپور ۾ شايد سهڻي ۽ ميهار جون قبرون به ٺهيل آهن. پر سنڌ جو ناليوارو اديب، دانشور، محقق ۽ لوڪ ادب جو پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لوڪ ادب جي ڪتاب “سهڻي ميهار ۽ نوري تماچي ۾ (ص 47) تي لکي ٿو ته “چون ٿا ته سهڻي ۽ ميهار واريون قبرون اهي ساڳيون آهن جي اڄ ڏينهن تائين شهر شهدادپور ۾ موجود آهن”. هتي بلوچ صاحب لفظ “چون ٿا” لکي ڳالهه کي شڪي ۽ منجهائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ساڳي ڪتاب ۾ (ص 15) تي سهڻي ميهار جي آثارن جي حوالي سان لکي ٿو ته “سهڻي ميهار جو داستان درياءَ جي ڪنڌي يا ٻيلي جو داستان آهي. انهيءَ ڪري سهڻي ۽ ميهار جا آثار به اڪثر ڪري سنڌوندي جي قديم پيٽن ۽ ٻيٽن لڳ آهن”. هتي بلوچ صاحب انهن آثارن جي حوالي سان چار مختلف ماڳن تي سهڻي جي قبر بابت لکي ڳالهه کي ويتر منجهائي ڇڏيو آهي. ڇو ته سهڻي هڪڙي ئي هئي پوءِ چار ماڳن بابت لکڻ عجيب آهي. اهي چار ماڳ هيٺ ڏجن ٿا.
(الف) “سڀني کان وڌيڪ مشهور آثار ضلعي سانگهڙ جي ڀرپاسي شهدادپور لڳ “ لوهاڻي درياءَ” جي قديم پيٽ جي ڀر پاسي آهن، جتي سهڻي ميهار ۽ ڇٽي پير ٽنهي جا ماڳ مقام آهن”.
(ب) “ ڇٽو پير يا لال ڇٽو، تنهن جو مقام تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڏکڻ ۾ جهول واري آڳاٽي جوءِ ۾ آهي”.
(ج) “سهڻي جو دڙو، تعلقي بدين ۾ روپاهه ماڙي کان اٺ ميل کن اولهه طرف ۽ بدين کان 25 ميل کن ڏکڻ، ڳٺي درياءَ واري ڍوري جي الهندي ڪنڌيءَ تي آهي”.
(د) “شيخ ڇٽي ۽ سهڻي جا ٻيا آثار ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهن. شهر گهاري لڳ ڀنڀور واري درياءَ مان هڪ وَر (ڍورو) نڪري ٿو، جيڪو اڳوڻي “خاناھ” درياءَ جو پيٽ آهي. اهو “خاناهه ڍورو” اڳتي گهاري کان ڏکڻ، ڳوٺ “راڄ ملڪ” لڳ ميران يا قدمن واري مقام کان الهندي لنگهي ٿو، جنهن تي (اڳتي اولهه طرف) “ڦٽو ڪوٽ” آهي. اتي هن ”ڍوري” کي “ڪوٽ وارو خاناھ” سڏين. اتي انهيءَ ڍوري تي ،شيخ ڇٽي جو مقام” (گهاري کان اولهه ۽ لوڻ کاڻ کان ڏکڻ) آهي جتي ميڙو لڳي. انهيءَ مقام کان ڏکڻ طرف هن ڍوري کي وروڪڙ آهن جيڪي “سهڻي وارا ور” سڏجن. چون ٿا ته سهڻي انهن ورن مان تري ميهار ڏي ويندي هئي. اتي سهڻي جي قبر پڻ آهي. ساهڙ ذات جو نڱامرو هو ۽ ميرپور ساڪري واري ايراضي آڳاٽي وقت کان وٺي نڱامرن جي سرداري ۾ شامل هئي.”
جتي شڪ هجي يا هڪ کان وڌيڪ ماڳن کي انهي قصي سان مشابهت ڏني وڃي ان ڳالهه کي حرف آخر نٿو چئي سگهجي ۽ انهي تي تحقيق جا دروازه به کليل هوندا آهن.
اول ڳالهه ته هن قصي کي غور سان پڙهڻ يا ٻڌڻ کان پوءِ ڪافي متضاد سوال ذهن ۾ جنم وٺن ٿا يا اهڙا ڪافي سوال آهن جن جا هر ماڻهو وٽ يا هر ڪتاب ۾ مختلف جواب آهن جيستائين انهن سوالن جا صحيح جواب نٿا ملن تيستائين اها تاريخ نامڪمل آهي ۽ انهن سوالن کي درست قرار ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪجهه سوال منهنجي ذهن ۾ آيا جن جا جواب اڪثر ڪري هر ماڻهو وٽ پنهنجا آهن. هيٺ ڏجن ٿا.
سوال1: ميهار جو اصل نالو ڪهڙو هو؟ ڇا هو شهزادو هو يا سنڌ ڌرتي جو هڪ عام ماڻهو؟
سوال2: اهو قصو ڪهڙي دور سان تعلق رکي ٿو؟
سوال3: سهڻي جي پيءُ (والد) جو نالو ڪهڙو هو؟
سوال4: ڇا پنجاب وارو قصو ،سوهني مينهوال” ۽ سنڌ وارو قصو “سهڻي ميهار” هڪ آهن يا الڳ الڳ؟
سوال5: اهو قصو موجوده سنڌ جي ڪهڙي علائقي سان تعلق رکي ٿو؟
سوال پهرين جي جواب ڪجهه ماڻهن جي مطابق ته ميهار جو اصل نالو ساهڙ هو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي مطابق ته ميهار جو اصل نالو مرزا عزت بيگ هو جيڪو بخارا جي حاڪم مرزا عالي بيگ جو پٽ هو. مرزا عزت بيگ پنجاب واري قصي جو ڪردار آهي جڏهن ته ميهار جو اصل نالو ساهڙ هو جنهن جي لاءِ هيٺيان شاعرن جي شاعري مان اسان کي ڏس ملي ٿو.
“ميرا منهن مچ، سانڀاران ساهڙ جا،
اکيون آسر لائيو، راڙي راڙي رچ،
جي هلن ساڻ سچ، تن رازق تون رساڻيين.” (شاهه عنايت)

“چڙن مون کي چوريو، سُک ٿي سمهان ڪيئن،
ساريان ساهڙ ڄام کي، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن،
ميهار مرڻ سينءَ، نير پاتم نينهن جو”. ( ڀٽائي گهوٽ)

“ڏم ڏٻرو هو، ساهڙ سدائين سنرو،
ٻڏندي ٻانهيارين جو، ساڻي ٿيندو سو،
“قاسم” غم نه ڪو، اڳهه احمد جن جو”. (خليفو نبي بخش قاسم)

“ساهڙ کون سڪ جي، ڪا پيتائين پڙي،
ڇڏي هوش “حمل” چئي، لهرن منجهه لڙهي،
ڏيئي سر سُرهي ٿي، سا مرندي ڪين مُڙي،
ڏهي ڏڌ ڦڙي، ڪا ميهر ڏنيس موت جي”. ( حمل فقير)

“پوڄ پيتائين کير، ميهارئون محبت جو،
تنهين لاءِ “شريف” چئي، ندي تري نير،
اکئين ڏٺائين پير، ساهڙ سنگهارن ۾”. (شاهه شريف ڀاڏائي)

“الف اکر هيڪڙو، پڪو ڪيم پڙهي،
هي محل ماڙيون بنگلا، ڊاهي ماڳ مڙهي،
وينديس ساهڙ سامهون، آنڪي سر چڙهي،
اسين آهيون حر حسيني، اڀيون ڪين اڙي،
هيڪو دم گهڙي، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي”. ( مل محمود)

مٿي ڏنل ڇهه شاعر، سهڻي ڌرتي سنڌ جا ناليوارا شاعر آهن ۽ انهن پنهنجي شاعري ۾ ميهار کي ساهڙ چئي ان ڳالهه کي پڪو ثبوت ڏيئي ڇڏيو آهي ته ميهار جو اصل نالو ساهڙ هو باقي عزت بيگ پنجاب واري قصي جو ڪردار آهي جنهن جو سنڌ واري قصي سان ڪوبه تعلق ناهي. (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ستون (س1، ص 92) “ساهڙ ، سهڻي جي محبوب جو نالو به هو، جنهن جو اظهار شاهه لطيف جي هيٺين بيت ۾ ٿئي ٿو”.
“ساهڙ جا سينگار، اڻ ڏٺي اڳي هئا”
ٻي سوال جو جواب هن ريت ملي ٿو. پهرين ته پنجاب واري قصي جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو قصو مغل بادشاهه شاهجهان جي دور سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ته بلوچ صاحب سگهڙ شيرخان جي بيت جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته اهو قصو عربن جي آخري دور ۽ سومرن جي اوائلي دور سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ته سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا سورما (ص 18)” تي لکي ٿو ته “اها حقيقت آهي ته سسئي پنهون، مومل راڻو، ليلان چنيسر ۽ عمر مارئي جا قصا انهي دور (سومرا دور) جا واقعا آهن.” دادا سنڌي پنهنجي ڪتاب “سومرن جي دور جا سورما” (ص 18) تي لکي ٿو ته “عمر مارئي، ليلا چنيسر، مومل راڻو ۽ دودو چنيسر، هن زماني (سومرن جي دور) جا اهي تمدني ۽ ادبي پهلو آهن، جن کي سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ وڏو مقام حاصل آهي”. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو قصو (سهڻي ميهار) سومرن جي دور کان پوءِ ۽ سمن جي دور ۾ ٿيو هوندو. ڇو ته سومرن جي دور ۾ انهيءَ قصي جو ڪٿي به حوالو نٿو ملي.
ٽي سوال جو جواب به مختلف ملي ٿو. اڪثر ماڻهن توڙي بابا سائين مونکي ٻڌايو ته سهڻي جي پيءُ جو نالو تلو هو جيڪو ڪنڀار هو جڏهن ته ڪتاب “سهڻي ميهار ۽ نوري تماچي (ص 195) تي شاعر پير بخش جي حوالو ڏنل آهي ان به سهڻي جي پيءُ جو نالو تلو ڪنڀار لکيو آهي. مشتاق مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب “سنڌ بابت جامع معلومات” (ص 377) تي سهڻي جي پيءُ جو نالو تلو لکيو آهي.
چوٿين سوال جي جواب لاءِ خود بلوچ صاحب لوڪ ادب جي ڪتاب “سهڻي ميهار ۽ نوري تماچي (ص 9) تي لکي ٿو ته “ سهڻي ۽ ميهار جو سنڌي قصو نهايت آڳاٽو آهي، جنهن جي مشهوري گھڻو پوءِ دير سان پنجاب تائين پهتي، جتي جي شاعرن ان جي سٽا ۾ ڦير گهير ڪري ان کي پنهنجي ماحول مطابق ڳايو”. (ص 10) تي لکي ٿو ته “مگر هن پوئين دور ۾ سڀ کان وڏي غلط فهمي سنڌ جي پڙهيل طبقي ۾ ٿي، جن سهڻي ۽ ميهار واري قديم قصي کان بيخبري سببان پنجاب واري قصي کي ئي سهڻي ۽ ميهار جو قصو ڪري سمجهيو. مثلاً ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جهڙو لائق لکندڙ به باوجود ڪافي محنت ۽ کوجنا جي هن وڏي غلطي ۾ مبتلا ٿيو، جو پنجاب جي سوهني مهينوال واري قصي کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي سُر سهڻي جو موضوع بنايائين”. ساڳي ڪتاب جي (ص 18) تي لکي ٿو ته “گجرات بعهد و جديد، جو مصنف احمد حسين قريشي لکي ٿو ته، مغليه عهد حڪومت جو گجرات ۾ مشهور واقعو سوهني مهينوال جو مشهور عشقيه داستان آهي. بخارا جو هڪ مشهور شهزادو گجرات آيو ۽ اتان جي هڪ حسينه تي ديوانو ٿي پيو تان جو ٻنهي جو موت به انهيءَ معاشقي ۾ ٿيو. اهو هڪ مشهور داستان آهي جو فارسي، اردو ۽ پنجابي ادب ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي”. وڌيڪ لکي ٿو ته “مٿيون بيان پنجاب جي عالمن جي هن قصي بابت تحقيق جو ڄڻ خلاصو آهي. پنجاب جو قصو هڪ سنئون سڌو معاشقو آهي جنهن ۾ ڪابه حقيقي لئون لڪل ڪانهي.”
منهنجي تحقيق چوي ٿي ته جيئن اسان جا ڪافي تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته نوري ۽ ڄام تماچي جون قبرون مڪلي ٽڪري تي آهن پر پوءِ به اسان وٽ عام تاثر ملندو آهي ته انهن جون قبرون ڪينجهر ڍنڍ ۾ آهن. بلڪل ائين اسان جي هن شاندار تاريخ سان وڏي ويساهه گھاتي ڪئي وئي آهي.
اهو قصو موجوده ٺٽي ضلع جي تعلقي ميرپور ساڪري سان تعلق رکي ٿو.
ڪافي ماڻهو ڀٽائي سرڪار جي بيتن جي صرف باطني معنيٰ طرف ڌيان ڏيندا آهن. مڃون ٿا ته ڀٽائي سرڪار جي هڪ هڪ بيت جون ڪافي معنائون نڪرن ٿيون پر ڀٽائي سرڪار جنهن سورمي کي ڳايو آهي ان متعلق به ڪافي ڳالهيون بيان ڪيون آهن.
بلوچ صاحب لکي ٿو ته نڱامره شروع کان ئي ساڪري واري پاسي جا آهن. نڱامره ذات کي بعد ۾ اسان جي تاريخي ڪتابن ۾ نگامره توڙي نڪامرو لکيو ويو آهي. راڻو ارجن نڱامرن جو آخري حاڪم هو جنهن کي ڪلهوڙن جي دور ۾ قتل ڪيو ويو. ڪتاب سنڌ عرب دور (ص 514) تي لکي ٿو ته “نڱامره نالي وارن ڌاڙيلن جون سمنڊ تي خوني ڪاروايون مشهور هيون. جن عربن جي جهازن کي لٽيو هو.” ساڳي ڳالهه محترم اشتياق انصاري پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۾ (ص 329) تي هن ريت لکي آهي “انهن ميدن ئي ديبل بندر وٽ مسلمانن جو ٻيڙيون ڦريون هيون ۽ ماڻهو قيد ڪيا هئا جنهن ڪري حجاج بن يوسف کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جو جواز ملي ويو. خيال آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ نڱامرا ان ميد قبيلي جي هڪ شاخ آهن. نڱامرا سامونڊي ڪناري تي رهڻ ڪري سکيا ستابا هئا.”
سنڌ عرب دور (ص 64) تي ميدن بابت لکي ٿو ته “اهي سمنڊ تي ڌاڙيلڪو ڪم به ڪندا هئا، ان ڪري عربن وٽ اهي “ميدالبحر” مشهور ٿي ويا، جنهن جو بگڙيل اچار “ميربحر” آهي.”
محترم ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، پنهنجي ڪتاب “لطيفي سئر (ص 19) تي سهڻي ميهار بابت لکي ٿو ته “سهڻي ميهار جي قصي بابت ڪي چون ته اهو پنجاب جو قصو آهي، ڪي چون ته شهدادپور ۾ ٿي گذريا آهن. وڌيڪ لکي ٿو ته، ڪي چون ته سهڻي ۽ ميهار، ننگر ٺٽي ڏي ٿي گذريا آهن. سهڻي جي قبر ٺٽي ۾ به آهي. رسالي ۾ ڪي اهڙا اشارا آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته شاهه صاحب ائين تي وسهيو، ته سهڻي ٺٽي طرف ٿي گذري هئي”.( نوٽ: هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1928ع ۾ شايع ٿيو هو. جڏهن ته پنجون ڇاپو 2012ع ۾ شايع ٿيو آهي).
تعلقي ميرپور ساڪرو ضلع ٺٽي ۾ منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار يوسي پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو) جي اولهه طرف هڪ وڏي ڍنڍ آهي جنهن کي مقامي ماڻهو تلو ڍنڍ چوندا آهن (جيڪا ڪجهه سال اڳ تائين ته قدرتي ڍنڍ هئي پر هاڻي ان کي مڇي جو تلاءُ ٺاهيو ويو آهي). ان سڄي علائقي کي روينيو رڪارڊ ۾ ديهه تلي (يوسي چوبندي) جو نالو ڏنل آهي. وڏي ڳالهه ته ان ڍنڍ جي ڪري اسان کي “تلي وارا ڪاتيار” به سڏيو ويندو آهي. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع طور لکيو ته ديهون به اسان جي تاريخ کي سلجهائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون شرط آهي ته انهن تي به تحقيق ڪئي وڃي. جڏهن ته ساڳي ڳالهه محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 89) تي هن ريت لکي آهي ته “اسان تاريخ جي ڄاڻن، محققن ۽ پارکن کي هن ڏس ۾ تحقيق ڪرڻ طرف ڌيان ڇڪائينداسين. خصوصاً ديهن جي نالن پويان ڪا نه ڪا تاريخي يا جاگرافيائي حقيقت پوشيده هوندي آهي. ديهن جا نالا يا ته مقامي آبادين ڪري رکيا ويا آهن يا ڪنهن قديم آثار يا چوڻين پويان”. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ اهو به لکيو ته منهنجي ڳوٺ وٽان درياء وهندو هو جيڪو اُڪري محمد بن قاسم راؤڙ تي حملو ڪيو. مون پهرين ڪتاب ۾ اهو به لکيو ته منهنجي ڳوٺ جي آسپاس ۾ ڇڇ نالي ڍنڍون آهن جيڪي راجا ڏاهر جون فوجي ڇانوڻيون لکيون هيون. هڪ ڇڇ ميرانخور. ان ڍنڍ جي ويجهو فيصله ڪن جنگ لڳي جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو. جڏهن ته ٻي ڍنڍ ٻروسر ڪالوني جي اوڀر ڏکڻ ۾ ڳوٺ گل حسن ناهيو وٽ آهي جنهن کي ڇڇ ساهڙڪو چوندا آهن. هتي ساهڙ ذات جا ماڻهو به رهندا آهن (ڳوٺ اسماعيل ساهڙ). ٿي سگھي ٿو ته اها ڍنڍ ڄام ساهڙ (ميهار) جي ڪري ساهڙڪو سڏجي ٿي. جيئن گھوٽڪي لاءِ تاريخ ٻڌائي ٿي ته اتي گھوٽا ذات جي ماڻهن جي اڪثريت هئي جنهن سبب ان ماڳ جو نالو گھوٽڪي (گهوٽن جي) پئجي ويو بلڪل ائين (ساهڙ جو) مان ساهڙڪو ٿي ويو. محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 89) “شيخ ابوتراب جي ڏکڻ ۾ صوفين جو مقام (مڙهو صوفيڪو) ۽ خليفن جي مزار آهي”. هتي “صوفي جو” کي “صوفيڪو” لکيو ۽ چيو ويو آهي. ان مان مراد ته اسان وٽ لفظ “جي ۽ جو” کي “ڪي ۽ ڪو” طور به استعمال ڪيو ويو آهي.
تلو ڍنڍ منهنجي اباڻي ڳوٺ جي بلڪل لڳ اولهه پاسي آهي جڏهن ته ڪنهن وقت ۾ منهنجي ڳوٺ وٽان درياه به وهندو هو جڏهن ته ڇڇ ساهڙڪو منهنجي ڳوٺ کان اوڀر ڏکڻ طرف ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي آهي. هنن ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته سهڻي تلي وٽان درياءَ اڪري ٻي پار ميهار سان ملڻ ويندي هئي. جيڪا بعد ۾ ان درياءَ ۾ ٻڏي مري وئي جيڪو درياءَ عربن جي فوج پار ڪيو هو. وڏي ڳالهه ته خود بلوچ صاحب به لکي ٿو ته ساڪري واري پاسي ڇٽي پير جي قبر آهي ۽ اتي سهڻي جي قبر به آهي. قدمن وارو مقام هن وقت ليٽ شهر جي پاسي ۾ آهي ۽ ليٽ شهر منهنجي ڳوٺ کان ڪجهه ميل اولهه پاسي آهي ۽ ڇٽو پير جي قبر، ليٽ شهر کان ڪجهه ميل اتر پاسي آهي.
ڇٽي پير جي قبر لاءِ محترم گل حسن ڪلمتي، ڪراچي سنڌ جي مارئي (ص 470) تي لکي ٿو ته “راڄ ملڪ ويجهو پراڻي ڦٽي ڦاٽ لڳ “ڇٽي پير” سهڻي واري جو مقام آهي. انهي پوري علائقي کي ڪنهن وقت ڇٽي پير وارو علائقو چوندا هئا”.