باب ٻيو: سنڌ جا ٻه گمنام قلعا، بهرور ۽ دهليله (ڪوٽَ)
هاڻي اچون ٿا ته جڏهن راجا ڏاهر قتل ٿي ويو ۽ راؤڙ جو قلعو به فتح ٿي ويو ته پوءِ محمد بن قاسم ڪهڙي طرف منزل ڪئي ۽ ڪهڙا ڪهڙا قلعا فتح ڪيا؟ تاريخ ان ڳالهه تي متفق آهي ته راؤڙ جي قلعي فتح ٿيڻ کانپوءِ راجا ڏاهر جو پڳدار پٽ راجا جيسينه راؤڙ ڇڏي وڃي برهمڻ آباد ۾ ويٺو ۽ جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو.
محمد بن قاسم به راؤڙ جي فتح کانپوءِ برهمڻ آباد جو رخ رکيو، جنهن کي اسان جي تاريخدان هاڻوڪي سانگهڙ ضلعي ۾ ڪنهن ماڳ کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏين ٿا. سنڌ عرب دور ۾ واضع لکيل آهي ته موجوده سانگهڙ ۾ ڏيپر گھانگھري يا دلور جي ڀڙي کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏني وئي آهي. ڳالهه کي ذهن نشين ڪيو وڃي ته تشبيهه ڏيڻ مطلب ته ان ماڳ کي شڪ ۾ لکڻ ۽ جتي ڳالهه شڪ ۾ ايندي آهي ان مان مراد ته ان ماڳ تي اڃان تحقيق ڪري سگھجي ٿي.
“پوءِ محمد بن قاسم برهمڻ آباد جو پڪو ارادو ڪيو. راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻه ٻيا قلعا هئا جن کي بهرور ۽ دهليله سڏيندا هئا” فتحنامه سنڌ (ص 287)
افسوس جهڙي ڳالهه ته جو اڄ ڏينهن تائين انهن قلعن تي نه ڪا خاص تحقيق ٿئي آهي نه کوجنا ۽ نه ئي ڪا مستند لکت موجود آهي.سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ جا اڪثر ماڻهو به انهن قلعن جي نالن کان اڻواقف آهن.
برهمڻ آباد کي اسان وٽ هاڻوڪي سانگهڙ ۾ لکيو وڃي ٿو پر برهمڻ آباد جو قلعو موجوده ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ ئي هو ۽ ٺٽي ۾ جيڪو مظبوط قلعو آهي اهو ڪلان ڪوٽ آهي ۽ ڪلان ڪوٽ ئي پراڻي دور وارو برهمڻ آباد جو قلعو آهي. هرڪو سوچيندو ته ڪاتيار ڪيئن ان قلعي کي ٺٽي ۾ آندو آهي. ان ڳالهه جو باقاعده ثبوتن سان حوالا پيش ڪبا پر پهرين بهرور ۽ دهليله واري قصي کي سلجهايون.
راؤڙ جو قلعو منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي بلڪل قريب ۾ آهي لازمي محمد بن قاسم اتان لشڪر وٺي برهمڻ آباد لاءِ نڪتو هوندو. راؤڙ يا رياتڙي کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي اوڀر پاسي ٻروسر ڪالوني نالي هڪ ننڍڙو شهر آهي. جنهن جو ذڪر محترم عبدالرشيد گبول پنهنجي ڪتاب “ساڪرو، ان جا ماڳ ۽ ماڻهو” ۾ لکيو آهي. ٻروسر ڪالوني جي لڳ اوڀر پاسي غلام الله گھارو روڊ جي اترئين پاسي ڪافي مقدار ۾ ٺڪراٽو پيل هوندو هو. جنهن کي مقامي ماڻهو “نهائين” چوندا آهن. مون خود ان سڄي علائقي جو مشاهدو بابا سائين ۽ اتي جي مقامي ماڻهو چاچا جيئند ٻرڙو سان گڏجي ڪيو. چاچا جيئند ٻرڙو ان علائقي جو مقامي رهواسي آهي ۽ ان علائقي جو ڪافي ڄاڻو به آهي. چاچا جيئند ٻڌايو ته اتي ڪنهن شهر جا آثار آهن. اهو به ٻڌائين ته گھارو غلام الله روڊ جي ٻنهي پاسي ان شهر جا آثار هئا ۽ هڪ ننڍو رستو، پڪي رستي تان لهي اتر طرف چاچا جيئند واري ڳوٺ ڏانهن وڃي ٿو ان جي ٻنهي پاسن ۾ ان ماڳ جا آثار هئا پر افسوس جو اڻڄاڻائي، تاريخ سان گھٽ دلچسپي، پنهنجي مفادن کي وڌيڪ عزيز رکڻ ڪري ڪافي ماڻهن ان ماڳ تي پنهنجا ڳوٺ، گھر ٺاهي ڇڏيا ۽ زميون به آباد ڪري ڇڏيون. اهي ته پنهنجو سک ٺاهي ويا پر اسان هڪ عظيم تاريخ کان محروم ٿي وياسين. ان ماڳ جي ڏکڻ ۾ ٿوري مفاصلي تي ڇڇ ساهڙڪو ڍنڍ آهي. جنهن جو تفصيلي ذڪر هن ڪتاب جي باب اٺين ۾ آهي. ان ماڳ کي اسان برهمڻ دور وارو بهرور جو قلعو چئي سگھون ٿا. (نوٽ: ڊسمبر 2015ع ۾ جڏهن مون هن ماڳ جو مشاهدو ڪيو ته ڪافي ميدان تي ٺڪراٽو پيل هو. هينئر (مئي 2018ع) تي جيڪو مون ٺڪراٽي وارو ميدان ڏٺو ان جو چوٿون حصو به نه رهيو آهي، اتي زمين کيڙي وئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته سال ٻن کان پوءِ جيڪو ٺڪراٽو پيل آهي، اهو به نه هجي)
بهرور جي قلعي کانپوءِ محمد بن قاسم جنهن قلعي تي لشڪر ڪشي ڪئي تاريخ ۾ ان جو نالو دهليله ملي ٿو. سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 123)تي فتحنامه جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “اروڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻه قلعا هئا، جن کي بهرور ۽ دهليله سڏيندا هئا.” وري ساڳي ڪتاب ۾ (ص 135) تي فتحنامه جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻه قلعا هئا جن کي بهرور ۽ دهليله سڏيندا آهن.” پهرين ڳالهه ته خود صاحب موصوف ان ڳالهه تي متفق ناهي ته اهي ٻئي قلعا يعني بهرور ۽ دهليله ڪهڙن قلعن جي وچ ۾ هئا يعني راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ يا اروڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾؟
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص 270 “ ڪن محققن جو رايو آهي ته سنڌ جي ڏاکڻي حصي تي محمد بن قاسم قبضو ڪرڻ کان پوءِ 712ع ۾ راوڙ جي قلعي هٿ ڪرڻ بعد، برهمڻ آباد طرف پيشقدمي ڪئي. جتي راجا ڏاهر جو پٽ حاڪم هو. جيڪو عربن جي فوج جو مقابلو نه ڪري سگهيو. بهرور ۽ دهليله (دليل ديرو) جا ٻه قلعا رستي تي هئا. الور ڏانهن ويندي محمد بن قاسم انهن ٻنهي قلعن تي قبضو ڪيو هو. ممڪن آهي ته بهم دڙو يا بهم ڪوٽ، بهرور هجي”.
هتي وري ڳالهه کي ويتر منجهايو ويو آهي. مٿي لکيل آهي ته راؤڙ جي فتح کان پوءِ عرب فوج برهمڻ آباد جي قلعي طرف وڃي رهي هئي ان ڪري رستي تي بهرور ۽ دهليله جا قلعا هئا جيڪي انهن فتح ڪيا. وري ساڳي هنڌ لکي ٿوته عرب فوج الور (اروڙ) طرف وڃي رهي هئي ان ڪري رستي تي بهرور جو قلعو هو جيڪو انهن فتح ڪيو.
فتحنامه (ص 417) تي اشارا ۽ واڌارا ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “هن پوئين عرصي ۾ جن تاريخ تي قلم کنيو آهي تن مان گهڻن راؤڙ ۽ اروڙ کي هڪ سمجهيو آهي جو صحيح نه آهي.” ٻي ڳالهه ته صاحب موصوف اهو به فيصلو نه ڪري سگهيو ته راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ (جنهن ۾ راجا ڏاهر قتل ٿيو) اها اروڙ تي لڳي يا راؤڙ وٽ؟ جيترو صاحب موصوف جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته ان جي مطابق ته راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ اروڙ (موجوده سکر) وٽ لڳي هئي ۽ هاڻي عرب فوج برهمڻ آباد (موجوده سانگهڙ) طرف وڃي رهي هئي انڪري انصاري صاحب دهليله کي نوابشاهه ۾ لکيو آهي. پهرين ڳالهه ته نه اروڙ وٽ فيصله ڪن جنگ لڳي هئي ۽ نه ئي برهمڻ آباد موجوده سانگهڙ ۾ آهي.
ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۾ (ص 121) تي محترم اشتياق انصاري، دهليله ڪوٽ کي سڪرنڊ کان ٽن ميلن جي فاصلي تي نوابشاهه ويندڙ رستي تي لکيو آهي. سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 146) تي لکي ٿو ته “اهو ڪوٽ (دليل ڪوٽ) 19 صدي عيسوي جو ٺهيل آهي. قلعي جي ايراضي 10 ايڪڙ آهي ۽ هن وقت قلعي جي ماڳ تي قبضو آهي”. جڏهن ته محمد صالح کهڙو پنهنجي ڪتاب سنڌ جي معلومات (ص 57) تي لکي ٿو ته ان قلعي (دليل ڪوٽ) لاءِ ٻه روايتون ملن ٿيون. هڪ اها ته اهو تاريخي ماڳ دهليله ڪوٽ جا آثار آهن جنهن کي محمد بن قاسم برهمڻ آباد طرف ويندي رستي ۾ فتح ڪيو. جڏهن ته ٻي روايت اها آهي ته اهو ڪوٽ ٽالپرن جي دور ۾ مير دليل خان ٺاهرايو هو ۽ اها روايت ئي صحيح مڃي وڃي ٿي. ساڳي ڳالهه محترم مشتاق مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب “سنڌ بابت جامع معلومات (ص 163) تي هن ريت لکي آهي ته “ٻي روايت مطابق، هي قلعو (دليل ڪوٽ) ٽالپرن جي حڪومت ۾ نواب مير دليل خان تعمير ڪرايو هو ۽ اها ئي روايت صحيح مڃي وڃي ٿي”.
اشتياق انصاري به پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا” (ص 122) تي دليل ڪوٽ جي حوالي سان لکي ٿو ته “لکيل مواد کان سواءِ ڪجهه عوامي روايتون به هن قلعي سان منسوب آهن. جنهن مان هڪ روايت موجب هي قلعو ٽالپرن جي هڪ نواب مير دليل خان ٺهرايو. هڪ روايت موجب هي ڪوٽ ٽالپرن جي صاحبي ۾ دليل خان مگسي جوڙايو ۽ ڪن چوڻين پٽاندڙ دليل ڪوٽ ميرن جي ڪنهن ڪوٽوال اڏرايو هو. مطلب ته عوامي ۽ مقامي روايتون ۽ بزرگن جون چوڻيون سڀ ان ڳالهه تي بضد آهن ته هي ٽالپر دور جو قلعو آهي”.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 160) تي دليل ڪوٽ/دهليل/دليل ديرو جي حوالي سان لکي ٿو ته “هن قديم قلعي بابت سنڌ جون تاريخون اڪثر خاموش آهن، جنهنڪري هن قلعي جي پراڻي تاريخ مختلف ڏند ڪٿائن ۽ عوامي روايتن جي لٽ ۾ لٽجي پنهنجي اهميت وڃائي رهي آهي. اسان جي محققن به هن ڏس ۾ مٿاڇري قلم کڻڻ کانسواءِ ڪا جوڳي کوجنا نه ڪئي آهي”. ساڳي صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “هن قلعي متعلق ڪي عوامي روايتون به ملن ٿيون، پر اهي ڏند ڪٿائن کان وڌيڪ حيثيت نه ٿيون رکن. جهڙوڪ ڪن روايتن موجب هي قلعو ٽالپرن جي هڪ نواب مير دليل خان ٺاهرايو هو. ٻيءَ روايت موجب هي قلعو ٽالپري دور ۾ دليل خان مگسي ٺهرايو هو. هڪ روايت موجب هي قلعو ميرن جي ڪنهن ڪوٽوال ٺهرايو هو”.
ڪتاب “سنڌ عرب دور” (ص 248) تي لکيل آهي ته راؤڙ، بهرور ۽ دهليله جي قلعن کي عرب فوج بارود ۽ نفطه جي ذريعي بنياد کان ئي اڏائي ڇڏيو هو. جنهن سبب اهي ماڳ ڌرتي توڙي تاريخ تان هميشه لاءِ مٽجي ويا. ان حساب سان موجوده نوابشاهه واري قلعي کي ميرن جي دور وارو قلعو سمجهڻ گھرجي. مون پهرين به لکيو ته اسان وٽ ساڳي نالا هئڻ سبب به تاريخ ۾ ڪافي مونجهارو آهي. دهليله ڪوٽ ۽ دليل ڪوٽ لفظ ڪافي ملن جلن ٿا جنهن سبب اسان جي تاريخ مونجهاري جو شڪار آهي. جڏهن ته تاريخي ماڳ دهليله جيڪو محمد بن قاسم فتح ڪيوان جا آثار جتي مون بهرور جو قلعو لکيو يعني ٻروسر ڪالوني جي اوڀر پاسي، ان کان تقريباً ٻن ميلن جي مفاصلي تي اتر طرف ڳوٺ مولوي تاج محمد ٻرڙوجي بلڪل ويجهو اڄ به ڪنهن قديم ماڳ جا آثار ملن ٿا. پرائمري اسڪول مولوي تاج محمد ٻرڙو بيٽ غلام الله ۾ آڪٽوبر 2015ع کان منهنجي دخلڪاري (پوسٽنگ) آهي. روزانو اسڪول اچڻ وڃڻ وقت منهنجو ان علائقي مان گذر ٿيئي ٿو. ڳوٺ جي نيڪ مرد چاچا جيئند ٻرڙي سان گڏجي ٻه ٽي دفعا ان سڄي علائقي جو مشاهدو ڪيو آهي. بقول چاچا جيئند جي ته جيڪي آثار اسان ننڍپڻ ۾ ڏٺا هئا، اهي به هاڻي ناهن رهيا. وڏي ڳالهه بقول چاچا جيئند جي ۽ مقامي ڳوٺاڻن جي ته صدر ايوب خان جي دور ۾ بلڊوزرن ۽ ٽريڪٽرن جي ذريعي زمينون صاف ڪيون ويون هيون ان ۾ به ان ماڳ کي ڪافي نقصان رسيو هو.
چاچا جيئند ٻڌايو ته اهي آثار تقريباً ميل کن تائين پکڙيل آهن. ڪافي علائقي تي زمينون آباد ٿي ويون آهن ته گھر به ٺهي ويا ۽ مال جا وٿاڻ به. ان ماڳ تي پراڻي جو دور جو ٺڪراٽو ڪافي مقدار ۾ ملندو هو، باقي ٻيو ڪوبه آثار نٿو ملي. زمين ڪلراٺي ٿي وئي آهي جنهن سبب رهي سهي ڪثر پوري ٿي وئي. بقول چاچا جيئند جي ته جڏهن برسات پوندي آهي ته باقاعده ڪنهن غرق ٿيل شهر جا آثار ڏسي سگھجن ٿا. جيڪي مون خود به برسات کانپوءِ ڏٺا آهن.
چاچا جيئند ٻڌايو ته انهن پَٽن مان اسان کي سون، چاندي، ٽامون ۽ ٺڪر جا ٿانون مٽ، جنڊ ڪافي مقدار ۾ ملندا رهيا آهن. اڄ به جيڪڏهن آرڪيالاجي وارا ان ماڳ جي کوٽائي ڪن ته ڪافي لڪل رازن تان پردا کڄي سگھن ٿا.
فتحنامه سنڌ (ص 288) تي لکيل آهي ته محمد بن قاسم دهليله جي قلعي جو ٻه مهينا گهيرو ڪيو. جڏهن قلعيوارا تنگ ٿيا ته پاڻ جنگ جي تياري ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي ٻارن کي ٻاهر موڪلي ڇڏيائون، جيڪي منجهل نهر مان پار ٽپيا. ساڳي صفحي تي حاشيه ۾ لکي ٿو ته “اصل ۾ آب منجهل”.
منهنجي رهائش ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري تي آهي جڏهن ته اسڪول منهنجي گھر کان تقريباً 5 ميل پري اولهه طرف آهي. اڌ رستو پڪو ۽ جابلو علائقو آهي جڏهن ته اڌ رستو ڪچو ۽ علائقو به ڪچو ۽ ڪلراٺو آهي. رستي ۾ ڳوٺ سومار جوکيو، ڳوٺ بچل جماري، ڳوٺ صالح ڪاتيار، ڳوٺ الهبچايو ڪهيو ۽ نيازي فارم اچن ٿا. (نيازي فارم کي مقامي ماڻهو ايس پي وارو واڙو به سڏين ٿا). ٻرڙن جي ڳوٺ کان اوڀر طرف نيازي فارم آهي ۽ نيازي فارم جي اولهه طرف اڄ به ڪنهن وڏي نهر جا آثار ڏسي سگھجن ٿا. هاڻي ته ڪو درياءَ يا نهر ته ناهي رهي البته ان سڄي ماڳ کي مقامي ماڻهو “منڃر وارو لڙ” چوندا آهن. منجهل ۽ منڃر ٻئي هڪ ٻئي جون بگڙيل شڪلون لڳن ٿيون. سنڌي لفظ منڃر ئي آهي پر جڏهن اسان جي تاريخ عربي ۽ فارسي زبان ۾ لکي وئي ته ان ۾ منڃر جي متبادل منجهل لفظ استعمال ٿيل آهي يا منجهل مان ڦري لفظ منڃر ٿيو آهي.
منڃر يا منجهل نهر لاءَ محترم عبدالرشيد گبول پنهنجي ڪتاب “ساڪرو ان جا ماڳ ۽ ماڻهو” (58) ۽ محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 94) تي هن ريت لکن ٿا ته “قديم زماني ۾ سنڌو درياءَ جو وهڪرو انهن ٻن ٽڪرين، درس ابراهيم ۽ شاهه حسين جي ٽڪري جي وچ مان گذرندو هو ۽ اتي هڪ دريائي پتڻ به هوندو هو. اوڀر طرف درياءَ جي وهڪري جا آثار اڄ به موجود آهن، جيڪي اڳتي هلي غلام الله روڊ سان ملن ٿا”. درگاهه شاهه حسين جي ڏاکڻي پاسي اڄ به هڪ ڍنڍ آهي جنهن کي مقامي ماڻهو “منڃر ڍنڍ” چوندا آهن.
درگاهه شاهه حسين، نيازي فارم کان ٿوري مفاصلي تي اتر طرف آهي ۽ جنهن کي مٿين ليکڪن درياءَ لکيو آهي اهو قديم دور جي هڪ نهر هئي جنهن کي اسان جي تاريخي ڪتابن منجهل نهر لکيو آهي. نيازي فارم جي اولهه وارو پاسو سڄو ڪچو آهي جڏهن ته اوڀر وارو پاسو جابلو علائقو آهي. ان واڙي جي لڳ جابلو علائقو ڪافي فاصلي تائين ڳاڙهو آهي جنهن سبب مقامي ماڻهو ان کي “ڳاڙھو منهن” چوندا آهن. ٿي سگھي ٿو ته اتي ڪو پتڻ يا بندر ٺهيل هو ۽ ڳاڙهو پٽ سرن جي ڪري ٿيو هجي. ڪجهه وقت اڳ ۾ جڏهن ان فارم جي پاسي ۾ اسپتال ٺاهي ويئي ان لاءِ فارم جي اوڀر پاسي کان بلڊوزرن جي مدد سان مٽي کنئي وئي ته تقريباً 8 فٽن تائين ڳاڙهو پٿر ئي نڪتو. آرڪيالاجي کاتي وارا جيڪڏهن کوٽائي ڪن ته شايد ڪافي لڪل راز سامهون اچي سگھن ٿا.
ڳوٺ تاج محمد ٻرڙو کان اوڀر پاسي ڪجهه مفاصلي تي ڳوٺ پير محمد اگهيم آهي. جڏهن اتي پهتاسين ته هڪ تمام اوچي ڀٽ (دڙو) ڏسڻ لاءِ مليو. مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق ته اسان جا وڏا چوندا هئا ته اتي ڪو ڪوٽ يا قلعو غرق ٿيل آهي. ڇو ته ان ڀٽ يا دڙي واري زمين تان اڄ ڏينهن تائين به ٺڪر جون شيون، سرون ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه ملندو رهندو آهي. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ٻروسر ڪالوني جي اڀرندي پاسي نهائين، ڳوٺ تاج محمد ٻرڙو جي پاسي واري ميدان توڙي اگهيمن وارو ڳوٺ تائين انهن ٻنهي قلعن بهرور ۽ دهليله کي ڳولي سگهجي ٿو.
“ٺٽي جي سيڪ کاڌل ۽ لوڻاٺي زمين ۾، بنان مرمت ۽ سنڀال جي ٻه سئو ورهيه ڪٿي ٿا آثار رهي سگهن؟” (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص 89)
ڪتاب سنڌ جا قديم آثار (ص 44) تي مترجم (محترم عطا محمد ڀنڀرو صاحب) حاشيي ۾ لکي ٿو ته “هن حقيقت کان به آگاهي ضروري آهي ته راؤڙ فقط حفاظتي قلعو ڪونهي پر هڪ راڄڌاني جو قلعو آهي ۽ دارالسلطنت جو بچاءُ آهي. ان ڪري سندس چوڌاري ڪيترن قلعن جي موجودگي جا امڪان به هوندا، جن مان ٻيٽ جو قلعو به هڪڙو آهي”. ٿي سگهي ٿو ته اهي قلعا راؤڙ جي بچاءُ لاءِ هجن.
نيازي فارم جي اتر طرف ڳوٺ بچل جماري آهي جڏهن ته ڏکڻ ۾ ڳوٺ الهبچايو ڪهيو ۽ ڳوٺ صالح ڪاتيار آهن. نيازي فارم جي اوڀر طرف ٿوري مفاصلي تي ڳوٺ محمد سومار جوکيو آهي. سومار جوکيي ڳوٺ جي ويجهو ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري آهي ۽ سيمنٽ فيڪٽري جي پاسي کان هڪ جابلو يا پهاڙي سلسلو آهي، جيڪو ڪلان ڪوٽ تائين پکڙيل آهي ۽ ڪلان ڪوٽ جو قلعو ئي پراڻي دور وارو برهمڻ آباد آهي جنهن کي محمد بن قاسم ڇهه مهينا جنگ ڪرڻ کان پوءِ به ڪجهه ڪتابن مطابق دوکي سان ته ڪجهه ڪتابن مطابق قلعي وارن جي همت هارڻ سبب فتح ڪيو. دوکي سان انڪري جو ڪتاب لکن ٿا ته راجا ڏاهر جي گھرواري لاڏي جنهن سان محمد بن قاسم نڪاح ڪيو ان جي معرفت قلعو فتح ڪيو يا موڪو پٽ وسايي جي معرفت قلعو فتح ٿيو. جڏهن ته قلعي وارن ڇهه مهينا جنگ ڪئي آخرڪار غذائي کوٽ سبب مجبور ٿي امان وٺي قلعي جا دروازا کولي ڇڏيائون.